ڇپائيندڙ پاران
امداد حسيني جديد سنڌي شاعريءَ جو وڏو نانءُ رهيو
آهي. جنهن ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ جي ابتدا ڪئي ۽ سٺ
جي ڏهاڪي ۾ سندس اعليٰ ۽ ارفع شاعري جيڪا صحيح
معنيٰ ۾ جديد فڪر سان ٽمٽار هئي، تنهن کين صفِ اول
جي شاعرن ۾ آڻي بيهاريو. تڏهن کان وٺي پاڻ سنڌي
شاعريءَ جي ميدان ۾ پنهنجي پوري قد ۽ مد سان بيٺل
نظر اچن ٿا. اڄ جڏهن پاڻ هِن جھانِ فاني مان
لاڏاڻو ڪري وڃي ابدي آرامي ٿيا آهن، تڏهن به هُو
پنهنجي سَرجيل تحريرن جي صورت ۾ اسان جي درميان
زنده آهي.
هيءُ ڪتاب ”زرد مِٽي“ امداد حسينيءَ جي شاعراڻي
زندگيءَ جو شايد آخري ئي ڪتاب آهي، جيڪو سنڌي ادبي
بورڊ جي مانواري چيئرمين عزت مآب مخدوم سعيدالزمان
’عاطف‘ صاحب جن جي حڪم تي بورڊ طرفان شايع ڪرائڻ
لاءِ کانئن گھرايو ويو ۽ پاڻ هميشه جيان فراخدليءَ
اظهار ڪندي مسودو بورڊ کي ڏياري موڪليو. جنهن جي
ڪمپوزنگ ۽ پروف ريڊنگ جو ڪم بورڊ طرفان ڪرايو ويو.
پر ان دوران امداد حسيني صاحب شديد عليل ٿي پيا ۽
پاڻ 27- آگسٽ 2022ع تي وڃي پنهنجي مالڪِ حقيقي سان
مليا. جنهن بعد سندن ڪتاب ”زرد مِٽي“ جي پروفن تي
فائنل نظرثاني ڪرڻ ۽ مقدمو لکڻ ۾ ڊاڪٽر سحر امداد
صاحبه بورڊ سان سهڪار ڪندي رهي. جنهن لاءِ ادارو
سندن ٿورائتو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي مانواري چيئرمين صاحب ۽
پبليڪيشن ڪاميٽيءَ اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي
ته، سنڌ جي قديم شاعرن سان گڏوگڏ جديد شاعرن جي
ڪلام کي به شايع ڪري منظرعام تي آڻجي. ان سلسلي ۾
سنڌ جي مَهان شاعر امداد حسيني صاحب جي
شاعريءَ جو هيءُ حَسين گُلدستو ”زرد مِٽي“ بورڊ
طرفان ڇپائيءَ پڌرو ڪري رهيا آهيون.
سنڌي ادبي بورڊ جي مانواري چيئرمين عزت مآب مخدوم
سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت
اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. هن
ڪتاب
”زرد مِٽي“
جو
بورڊ طرفان
پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب
مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپي ۽
سرپرستيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري
رهيو آهيان.
توقع آهي ته، اسان جي هيءَ ڪاوش جديد شاعريءَ سان
چاهه رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.
27- جمادي الاول 1444هه
سيد سڪندر علي شاهه
22- ڊسمبر 2022ع
سيڪريٽري
زرد مِٽي
نرڙ تي مَلي رَتُ ريٽو
تِريءَ تي رکي زرد مِٽي
قسم کڻ ته اڄ ڏينهن کان پوءِ جي تون مڃڻ کي
مڃيندين
۽ اِن زرد مِٽيءَ سان پنهنجي مِٽيءَ کي مڃيندين!
ارپڻ
سِنڌ جي سِينڌ جي زرد مٽيءَ جي نالي!
”اها سنڌ جي سينڌ جي زرد مِٽي
ڪڏهن چنڊ آهي
ڪڏهن سڄ آهي
سلام آهه ان زرد مٽيءَ کي جا آخري سچ آهي!“
- سيد امداد حسيني
ڊاڪٽر الياس عشقي
ٻه اکر
منهنجي حالت اهڙي ڪانهي جو ڪا وڏي تقرير ڪري
سگهان، پر بيمار هئڻ جي باوجود اچي حاضر ٿيو
آهيان، جو تقريب اهڙي آهي، اهڙي دوست جي آهي، اهڙي
ڪتاب جي آهي، جو ماڻهو رهي نه سگهيو. ڳالهه اها
آهي ته ڏهه سال ٿيا جو آءٌ بيمار آهيان ۽ گهر ۾
قيد آهيان. ڏهه ڏينهن ٿيا جو مون کي خيال آيو ته
گهڻا ڏينهن ٿيا آهن جو مان ڪتابن جي دڪان تي نه
ويو آهيان، سو مان ڪوشش ڪري ڪتابن جي دڪان تي
ويندس، ڌيءَ کي چيم جيڪا مون کي وٺي وئي. سنڌي
ڪتابن جي اسٽال تي ويس ته ڏٺم ته امداد حسينيءَ جو
ڪتاب ”هوا جي سامهون“ رکيو آهي، اکين ۾ نور اچي
ويو. ڏاڍي خوشي ٿي، ڇو جو امداد جو پهريون ڪتاب
”امداد آهه رول“ جڏهن ڇپيو ته مون کي نه مليو. مون
رسالن ۾ پڙهي پڙهي امداد حسينيءَ جو ڪلام ڏٺو، پر
ڪتاب ۾ ڇپيل امداد جي ڪلام ڏسڻ کان محروم رهيس-
سو، اهو ڪتاب (هوا جي سامهون) وٺي گهر آيس ۽ سوچيم
ته پڙهندس رات جو- پر اهو ڀلجي ويس ته مان پڙهي
نٿو سگهان! ڇو جو اڄڪلهه مون تي بيماريءَ جو جيڪو
حملو ٿيو آهي، ان ۾ نڪو لکي ٿو سگهان، نڪو پڙهي ٿو
سگهان! بهرحال، مون سوچيو ته مان ٿورو ٺيڪ ٿيان ته
ڪتاب جو مهورت مان ڪندس.
ٻه ٽي ڏينهن ٿيا جو مون کي دعوتنامو مليو ته مهورت
ٿي رهيو آهي ۽ مون سوچيو ته ضرور ويندس. امداد کي
ٽيليفون ڪري چيم ته مان ضرور ايندس- ۽ ٿورو
ڳالهائيندس به.
مون کي فخر آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا جيڪا ٽي جديد
شاعر آهن- اياز، تنوير ۽ امداد ٽنهي سان منهنجي
دوستي رهي آهي. ٽنهي سان گهڻي ويجهڙائي رهي آهي.
پر انهن ٻن جو مان احترام ڪندو آهيان. پر امداد
سان مان محبت ڪندو آهيان.
امداد منهنجي خيال ۾، ڪي ماڻهو ٿي سگهي ٿو ته مون
سان اتفاق نه ڪن، پر اهو منهنجو خيال آهي ۽ پڪ آهي
مون کي، انهيءَ چوڻ ۾ ڪا هٻڪ ڪانهي ته امداد سنڌي
شاعريءَ جو پهريون ۽ آخري جديد شاعر آهي. اياز وڏو
شاعر آهي. تنوير دوست شاعر آهي- وڏو شاعر آهي؛ پر
انهن ٻنهي شاعرن کي مان جديد شاعر نٿو سمجهان. اهي
روايتي شاعريءَ جا تمام وڏا شاعر آهن. هنن جو ڪوبه
مَٽُ ڪونهي. هنن جو نالو سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾
لکبو- پر مان جيڪا ڳالهه ڪريان ٿو ته امداد جديد
شاعر آهي، سا رڳو انڪري نه ته مون کي امداد سان
محبت آهي.
امداد جڏهن شاعري ڪئي ته مون ڏاڍي غور سان هن جو
ڪلام پڙهيو. انهيءَ ۾ مون اهڙي ڳالهه ڏٺي، جيڪا
ڪنهن به سنڌي شاعر ۾، نه هتي پاڪستان ۾ ۽ نه
هندستان ۾، ڪنهن وٽ ڏٺي هئي. مان انهيءَ جي ثابتي
اوهان جي سامهون پيش ڪندس. انشاء الله-
امداد شايد ڀلجي ويو آهي. اوهين هتي ويٺا آهيو،
اوهان سڀن به شايد امداد جي اُها شاعري وساري ڇڏي
آهي- پر مان امداد کي ياد ڏياريندس ته تون انهيءَ
امداد جو، انهيءَ نوجوان امداد جو، جنهن جو مان
ذڪر ڪريان ٿو- تون ٿورو پاڻ سوچ ته اهو ڪهڙو زمانو
هو، جڏهن تو ”حملو“ جهڙو نظم لکيو هو. اڄ مان چئي
سگهان ٿو ته سنڌي شاعريءَ ۾ نه اڳي ڪو اهڙو نظم
هو، نه اڄ آهي- مان ڇو ٿو چوان ته اهو آهي جديد
نظم؟ اهو مان اوهان کي ٻڌائيندس.
امداد حسينيءَ جو اهو زمانو هو جڏهن هن شروعات
ڪئي. پوءِ وري ون يونٽ جو سلسلو هليو. اسان جي سڄي
شاعريءَ جو رخ بدلجي ويو. وقت جي تقاضا هئي- ٺيڪ
آهي هڪڙي movement هلي
ٿي. نئشنل موومينٽ هلي ٿي. ٺيڪ آهي، وقت جي ضرورت
هئي.
جيترا به اسان جا ليڊر صاحبان آهن، سياسي صاحب
آهن، انهن ڪجهه نه ڪيو. اها جيڪا جنگ هئي، اها
رائٽرس، ليکڪن ۽ شاعرن اها جنگ لڙي- ۽ اُن کي
کٽيو. اهو زمانو هليو ويو، پر اڄ تائين اهو سلسلو
هلي رهيو آهي. اهي موومينٽس ان لاءِ هلن ٿيون،
جڏهن پنهنجي وجود کي خطرو محسوس ڪندا آهن- ته
پنهنجي وجود کي قائم رکڻ لاءِ تحريڪون هلائيندا
آهن. هلو، ٺيڪ آ، ترقي پسند تحريڪ آهي- اها به
سنڌي ادب جي ۽ اردو ادب جي به، برصغير جي، ننڍي
کنڊ جون جيتريون به ٻوليون آهن، انهن جي ادب جي
وڏي تحريڪ هئي؛ پر تحريڪ ۾ هڪ خوبي هوندي آهي،
جيڪا ان جي طاقت به هوندي آهي ته ان جي ڪمزوري به
هوندي آهي ته اها ”محدود“ ڪري ٿي. اُها پنهنجي
اغراض ۽ مقاصد تائين محدود هوندي آهي- پر جڏهن
اُها پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺندي آهي ته اُن جي
اها طاقت ختم ٿيندي آهي ۽ نعريبازي شروع ٿيندي
آهي- ۽ نعريبازيءَ تي ختم ٿيندي آهي.
امداد جو اهو جيڪو زمانو هو، جنهن جو مان ذڪر ٿو
ڪريان، انٽرنئشنل ٿنڪنگ (Inter national thinking) جو-
بين الاقوامي سطح جي ٿنڪنگ (Thinking) جو
زمانو هو، جيڪو ان کان اڳي به ڪونه هو، ان کان
پوءِ به اُها ڳالهه شروع نه ٿي آهي- ته امداد کي
مان وري چوندس ته پنهنجي انهيءَ زماني کي تون وري
ياد ڪر! انهيءَ امداد کي پنهنجي تصور ۾ آڻ، ته هو
ڇا ڇا چاهيندو هو- ڪهڙا هن جا خيال هئا ۽ هن ڇا
لکڻ ٿي چاهيو! مان سمجهان ٿو ته اهو ڪتاب جيڪو مان
پڙهي نه سگهيس ۽ انشاء الله جڏهن مان ٺيڪ ٿيندس ته
ضرور پڙهندس ۽ لکندس به- ته انهيءَ جو خيال ڪر.
مهرباني ڪري پنهنجو اهو لاڙو، جيڪو محدود نه هو،
جنهن ۾ انٽرنئشنل ٿنڪنگ هئي، بين الاقواميت هئي،
آفاقيت هئي، انهيءَ سلسلي کي وري شروع ڪر.
مون کي پڪ آهي ته هن نئين مجموعي ۾ اهڙو ڪلام ضرور
هوندو، جنهن ۾ اُهو جيڪو نوجوان امداد آهي، اُن جا
خيالات ضرور هوندا-. مان اوهان جو وڌيڪ وقت نه
وٺندس- نه ئي مون ۾ طاقت آهي. مان جيڪو سنڌي
شاعريءَ جو ترجمو ڪيو هو اردوء ۾- پنجويهن ٽيهن
شاعرن جو- ان ڪتاب(1) ۾
مون ان نظم ”حملو“ جو ترجمو ڪيو هو، اصل ڪتاب ته
مون کي نه مليو، پر مان اهو اردو ترجمو اوهان جي
خدمت ۾ پيش ڪندس- انهيءَ عرضداشت سان ته جيڪو نظم
اردو ترجمي ۾ اچي ايترو forceful ٿي
سگهي ٿو، اهو نظم سنڌيءَ ۾ ڪهڙو هوندو! مان اهو ٿو
چوان ته هي انٽرنئشنل نظم آهي- بين الاقوامي
خيالات آهن هن ۾ ۽ هي محدود ڪونهي- ۽ اصل امداد
اهوئي آهي، جيڪو اهڙا نظم لکي ٿو:
شب کے شبخون میں اک تیرہ شبہی کا خنجر
دہر کے سینئہ بیدار میں حسبِ معمول
وار
بھرپور تھا، پیوست ہوا قبضی تک
روکے خاموش ہوئی گنبدِ مسجد میں اذاں
میوزیم میں کہیں اوندھی گرمی گوتم کی شبیہہ
نے شکستہ ہوئی، نوحے تھے نہ نغمے باقی
جام زہراب کا یونان کے دانا نے پیا
ایک ماں گرجے کے دروازے کے آگے آکر
کوڑے میں ڈال گئی اپنے گناہوں کا حساب!
شہر کے لاش کو ڈھانپا تھا سیہ چادر نے
روحِ انسان پہ چھائی ہوئی تاریکی قبر
ہر طرف پھرنے لگے درد کے تنہائی کے دیو
شہر کی گلیوں کو سنسان سمجھ کر آئے
کتنے ویرانی و خاموشی کے چور اور ڈاکو
سرد اور تیز ہوا دیتی ہے در پر دستک
کوئی انساں ہو تو ہو شہر کے ماتم میں شریک
یا کوئی چیخ کہ ہو جشنِ جہنم میں شریک
ٹوٹتا تھا در و دیوار پہ چُپ کا جادو
اپنے ہی گوشت کو خود نوچتے پاگل کتے
بیوہ چورنگی پہ استادہ تھا اندھا سگنل
ڪو لکي سگهي ٿو اهڙيون سٽون؟
چاپ قدموں کی نہ جانے تھی کہاں سوئی ہوئی
جانے دم توڑ گئے چوڑیوں کے راگ کہاں
کتنے سینوں میں کہاں بجھ گئیں دل میں شمعیں
چشمے آنکھوں کے خدا جانے کہاں خشک ہوئے
نہ کہیں حسن و حقیقت، نہ کہیں سوز نہ ساز
ہار سنگھار چتاؤں میں جلے راکھ ہوئے
اور خدا جانے کہاں گم ہوئے اس شہر کے لوگ
کس جگہ تھم گئے رقاصہ کے مدہوش قدم
مضطرب رقص کہاں، جاگتے سوتے ہنستے
کب سسکتے ہوئے کس قید میں خاموش ہوئے
جاگتے رنگ کہاں سوگئے، کس سے پوچھیں
ہُوا خوشبو کا جگر چاک کہاں، کون بتائے۔
شاہراہوں پہ کہیں سڑتے گٹر
کی بدبُو
ایسا دوزخ کا اندھیرا ہے کہ دم گھٹتا ہے
چشمِ ساقی میں خدا جانے کہاں اشک بھر آئے
کس نے ایسے میں خدا جانے کہاں جام اُلٹا۔
رات جلاد تھی پیتی ہی رہی جامِ شراب
رات قاتل بھی تھی، مردود بھی تھی، قہر بھی تھی
رات ظالم بھی تھی، صیّاد بھی تھی، زہر بھی تھی
رونے والا، نہ کوئی اشک بہانے والا
تھا کوئی شہر کی میّت نہ اٹھانے والا
- ڪو لکي سگهي ٿو؟-
غسل اس لاش کی میت کو اب آکر دے کون
ڏسو جيڪو ڪلام ترجمي ۾ اچي پنهنجو اهڙو فورس
برقرار رکي سگهي ٿو. مان چوان ٿو ته هي اهڙو نظم
آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڪهڙي به هنڌ،
ڪهڙي به فورم تي، ڪهڙي به زبان جي شاعرن آڏو ان کي
پيش ڪجي ته هرڪو ان جي درد کي محسوس ڪندو. اهائي
ان نظم جي عظمت آهي- اهو آهي امداد حسيني.
دل ته چئي ٿي ته اڃا به گهڻو ڪجهه چئي ماڻهو- پر
همٿ به ڪانهي ۽ وقت به ڪونهي. انهيءَ ڪري مان
امداد جي توجهه ان موضوع ڏانهن ڇڪايان ٿو- ۽ وري
به چوندس ته هن جو اصل ميدان، هن جو اصل فڪر، هن
جو اصل لاڙو بين الاقواميت ئي آهي. انڪري مان هڪ
ڀيرو وري به چوان ٿو ته امداد حسيني سنڌي ٻوليءَ
جو اڄ تائين هڪڙوئي جديد شاعر آهي- ۽ مان نٿو
سمجهان- بلڪ مان ته چوان ٿو ته امداد حسيني
پهريون ۽ آخري جديد شاعر آهي سنڌيءَ جو.
مون اوهان صاحبن جو گهڻو وقت ورتو- معاف ڪندا- ۽
مان ٿورائتو آهيان ته مون کي موقعو ڏنو ويو ته
منهنجا جيڪي خيالات آهن، سي مان اوهان جي خدمت ۾
پيش ڪريان- شڪريو. مان اوهان جو ٿورائتو آهيان جو
اوهان ڏاڍي توجهه سان مون کي ٻڌو.
ڊاڪٽر سحر امداد حسيني
مھاڳ
امداد حسيني جا ڪرمچي ڳاڙها اڇا گُل گيت
اوھان ڪڏھن پُورب جي ھُن اُوچي، اٽل، اَڏول جبل
مان ڦُٽي، ماٿرين ڏانھن ڊوڙندڙ، ڇَل ڇَل ڪري
وھندڙ، ڇوھه ڀريل ان سنڌو کي ڏٺو آھي؟ اھو سنڌو جو
پربت پربت، واديءَ واديءَ، رڻ پٽ رڻ پٽ، برپٽ
برپٽ، رُلندو رُلندو، ڀٽڪندو، ڀٽڪندو، ٿر بر ٿر
بر، جھر جھنگ جھاڳيندو، ڏاڍ جو ھر ڏونگر ڏاريندو،
نيري گھري سمنڊ ۾ اچي ڇيهه ڪندو آھي۔ ھا، اھو
درياھه جيڪو ديوتائن جي جَٽائن مان ڦُٽي نڪتو آھي.
جنھن کي ”اباسين“ پڻ چون ٿا. اباسين يعني دريائن
جو پِيءُ
:
”سنڌو سڏن ٿا جنھن کي اباسين پڻ چون
جو سُرڳ مان وھي ٿو دريائن جو پِيءُ آ !
۽ پاڪ پُستڪن ۾ اُنھيءَ جو بيان آ
اتھاس ۾ سو مئي مھراڻ نانو سان
سنڌين جي عظمتن جو جُڳن کان نشان آ
انسانذات لاءِ سڀيتا جو شان آ
جو ماءُ جيئن مھان، دياوان پِيءُ جان
مھراڻ
جو ٿڌي مٺى پاڻيءَ جو سمنڊ آ
سنڌين ليءِ جنھن جو آب به آبِ حيات آ“
ھيءَ سون ورنيون سِٽون امداد حسينيءَ جي شھرہء
آفاق نظم ”شھر“، شھرِ آشوب جون آھن. ان دريا شاھه
”سنڌو“ جي مھما ڳائيندڙ سِٽون جيڪو ”مانسروور“ کان
لَڪ لتاڙيندو اچي ٿو ۽ پنھنجي ”سنڌو ساگر“ سان ملڻ
لاءِ ماندو آھي. جنھن جون ڇوهه ۾ ڇُلندڙ ڇوليون،
آتيءَ ڇاتيءَ جان پيار جي ھڪ پَل لاءِ ازل کان
لُڇي ڦٿڪي رھيون آھن، پنھنجي سمنڊ ۾ سمائڻ لاءِ۔
سنڌوءَ جون اُھي ڇوھه ۾ ڇُلندڙ ڇوليون مانسروور
کان ڪھنديون ”سنڌو ساگر“ سان ملڻ لاءِ مانديون!
ھڪ ڪلاڪار جو من به ان ڇوھه ۾ چُلندڙ ڇوليءَ جيان
آھي۔ ڪوي جي من جي مانسروور مان ڦُٽي نڪتل ”ڪويتا
ڪلا“ مڪملتا جو جنون کڻي آنت بحر جي تلاش ۾
سرگردان ”سنڌو“ جيان نسورو سچ آھي. ڌرتيءَ جو
پھريون ۽ پويون سچ!
ھڪ سچي شاعر جي شاعري ۾ پَل کي بہ معنيٰ آھي، سانت
جو ھڪ پَل،
pause/
اڌ دم،کن جنھن ۾ جُڳ سمائجي وڃن. ھُن جي شاعريءَ
جي پَل اَپَل کي به معنيٰ آھي، ھڪ گھري ۽ اونھي
معنيٰ — ڇا ھُو خود اھو پَل ناھي؟
پَلُ
—
کَن
—
دَم
پَلَڪ جھَلَڪ جو ميلو آھي
پوءِ ھر ڪوئي اڪيلو آھي!
اڄ مان اوھان کي ان ”پَل“ جي ڪھاڻي ٻڌائينديس جو
ڦھلي ته ڪائنات ۽ جي سمٽي ته ٽُٻڪو/شونيه!
شونيتا جي ان فلسفي موجب:
آھيان ۽ ناھيان
ھجڻ نه ھجڻ
being & not being
جي وچ ۾ ھڪ ڪلاونت ڪوي جي ۽ ان جي ڪلاونتڪ ڪويتا
جي بس اھائي ۽ ايتري ئي ڪھاڻي آھي
:
اسان جو اھو ڪلاونت ڪوي، اسان جو اھو راڻو مينڌرو
آھي امداد حسيني
!
اسين ڌرتيءَ جي جنھن ڪُنڊ ۾ رھون ٿا پيا،
اُتي ھڪ ’ڪاڪ محل جو ٽڪساٽ‘ آھي
.
مَنڊَ مَنڊيل آھن
_
سھڻن مَکوٽن ۾ ڏائيڻيون لڪيل آھن،
گجگوڙ ڪندڙ ديو دل دھلائين ٿا،
آڪاس کي ڇُھندڙ سامونڊي لھرون آھن
آدم بُو آدم بُو آدم ڪندڙ ڀيانڪ آواز آھن
پر مينڌرو ڪاڪ محل جي ان سموري ٽڪساٽ کي سمجھي ٿو
وڃي. پنھنجي ڏاھپ سان ڪاڪ محل جي سموري ٽڪساٽ کي
ٽوڙي ٿو ڇڏي! ۽ پنھنجي مقصد جي مُومل ماڻي ٿو!
سندس مقصد جي اِھا ”مُومل“ آھي سندس شاعري!
جنھن جا وَٽس سھسين رُوپ آھن ۽ ڪروڙين ڪٿائون آھن!
”منھنجي سِنڌ جِند تون ئي،
منھنجي جِند سِنڌ تون ئي
چئي جا لطيف مُک سين،
اھا شاعري به تون ئي
منھنجي سِڪ پريت محبت،
منھنجي عاشقي به تون ئي
منھنجي جوڙ جيس جيڏي،
سرتي سکي به تون ئي!“
(سنڌ جند
)
اھا جيڏي، سرتي، سَکِي جنھن لاءِ ئي امداد حسيني
چيو ھو:
تون مون ڏانھن
ڪڏھن به
ڪٿي به
جڏھن به
جٿي به
ڪيئن به
جيئن به
اچڻ گھرين جي
اچي سگھين ٿي!
سو اھا شاعري ئي آھي جا ھُن وٽ ڪڏھن به، ڪٿي به،
جڏھن به، جٿي به، اچي سگھي ٿي۔ ھڪ اڪيلي شعر کان
وٺي مختصر نظم کان وٺي، ھڪ بيت، غزل ۽ ايپڪ تائين
سندس شاعريءَ کي ھڪ اعليٰ مقصد آھي۔ سندس شاعريءَ
جي موضوعاتي گھڻائي، وٽس صنفي وسعت، سندس شاعري ۾majestic
cadence ,
سندس شاعري ۾ ڪوملتا ۽ نرملتا، سندس شاعريءَ جو
جمالياتي جوش ۽ جولان ۽ وجداني آگھي ھُن کي وڏن
تخليقڪارن جي صف ۾ بيھارين ٿيون.
ھُن پنھنجي شاعريءَ ۾ ھن سماج جي براين کي وڏي واڪ
ننديو آھي. ھُن ماڻھن جي وحشي پڻي تي چوٽون ڪيون
آھن:
ٻڍن جا ۽ ٻارن ۽ ماين جا قاتلَ
ڀٽائي جي بيتن ۽ واين جا قاتلَ
ڪميڻا ۽ ڪُوڙا سچاين جا قاتلَ
بُراين جا راکا، ڀلاين جا قاتلَ
*
ھِي معصوم ٿَڃِ پياڪ اصغر جا قاتلَ
ھِي جوڌي جوان سال اڪبر جا قاتلَ
پري کان ئي پڌرا ڊسمبر جا قاتلَ
*
ھِي سرمد جا قاتل ھي دارا جا قاتلَ
ھِي شومبي جا پونير لممبا جا قاتلَ
*
نماڻين نياڻين سياڻين جا قاتلَ
سُھاڳڻ جي نَٿ، نَٿ جي ڏاڻين جا قاتلَ
۽ بِيبِي جيان راڄ راڻين جا قاتلِ!
*
بلاول ۽ صبغت ۽ حيدر جا قاتلَ
ھِي ننگر جا قاتل، ھِي ڀونگر جا قاتلَ
....
ھِي دولا ڀٽيءَ جي ڪبوتر جا قاتلَ
دريا خان جا رُوپلي جا ھِي قاتلَ
ھِي ھوشوءَ ۽ ھيمونءَ ۽ دودي جا قاتلَ
ڀُٽي مرتضيٰ مير جوڌي جا قاتلَ
ڀڳت سنگھ جا ۽ ڪنوَر جا ھِي قاتلَ
انسانيت جي وناش تي ھُن پنھنجي شاعريءَ ۾ پوري
سچائيءَ ۽ بھادريءَ سان سِڌيون چوٽون ڪيون آھن-
اھڙو ھر ڪنھن جو جگر ناھي!ھن مجموعي ۾ سندس ٻه وڏا
۽ ھر لحاظ کان وڏا، اھم ۽ ڪلاسڪ نظم آھن: ”قاتل“ ۽
”روُٽس“ آءٌ جيڪڏھن صرف انھن ٻن تي ئي صحيح معنا ۾
لکان ته ھڪ پورو پُستڪ تيار ٿي ويندو.
امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو ھيءُ نئون مجموعو:
”زرد مِٽي“ دراصل ھن مِٽيءَ جي درد ڪٿا آھي. سندس
شاعريءَ جون جَڙون ھن ڌرتيءَ سان جُڙيل آھن. صدين
کان وٺي اھي درد ڪٿائون ساڳيون آھن ۽ انھن درد
ڪٿائن مان ھانءُ چيري نڪتل صدين جون صدائون ساڳيون
آھن. ھڪڙو سچو شاعر پني تي سکڻا لفظ نٿو لکي پر
تاريخ جي پنن تي اُھا ”رڙ“ اُڀاري ٿو:
”جنھن کي تون تاريخ چئين ٿو
ڇو نه اُنھيءَ کي چيخ چئين ٿو
جيڪا اڌ نِڙيءَ جي اندر
جيڪا اڌ نِڙيءَ کان ٻاھر
رھجي وئي آ ... ڇو نه لکين ٿو!“
امداد حسينيءَ جھڙو حساس شاعر جو جھڙوڪر ”گُوندر
وَلِ جي گُري “ آھي، سو پنھنجي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن
جا اھي رَتُ جا ڳوڙھا ڳاڙي ٿو ۽ ”رَتُ - لُڙڪ -
مَسُ “ سان تن جي لئه سِٽون سرجي ٿو ڇو ته ھو اھو
به ڄاڻي ٿو، ”ڏک سان ڪوي ڪوي بڻجي ٿو“:
”ڏک ئي رَتُ ھاڻن لُڙڪن سان
اَڇي پني تي لفظ لکي ٿو
ڏک سان ڪوي ڪوي بڻجي ٿو.“
(Roots)
سو، ”ڏک“ ئي پرک جي ڪسوٽي آھي. ھو ڄاڻي ٿو ته:
”غم، ڏُک،
pathos, sufferings
ڪنھن به شاعر جي سوچ ۽ تصور کي مھميز ڏين ٿا. ”ڏک
جي فلسفي“ کي يوناني ادب ۾
key skill
بنيادي پرک جو پيمانو ۽
highly effective feature
قرار ڏنو ويو آھي ۽ اسان جي شاھه عبداللطيف سائين
”ڏک سُکن جي سُونھَن“ چيو آھي. امداد سائينءَ
“ Roots”
۾ چئي ٿو:
”روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
ماڻھو ڪيڏا ڏک ڏسي ٿو
جيڪو ماڻھو ھوندو آھي
ڏک اُنھيءَ کي ملندو آھي
جيڪو ماڻھو ھوندو ناھي
ڏک اُنھيءَ کي ملندو ناھي.“
ھڪ شاعر - واقعي شاعر - بلڪ ”سچي شاعر“ کي قدرت
اھا صلاحيت وديعت ڪئي آھي ته ھو پنھنجي شاعريءَ
سان ماڻھن جي من کي ميڻ ڪري سگھي ٿو:
”ڏک ته رُڪَ کي ميڻ ڪري ٿو
ڏک ميڻ کي رُڪَ ڪري ٿو“
يا
”ڏک ته ڏونگر کي ڏاري ٿو
ڏک ته تار منجھان تاري ٿو.“
”ڏک“ جي ايڏي ۽ ائين ساراھه ۽ وياکياڻ اڄ تائين
ڪنھن به شاعر نه ڪئي آھي۔
اھڙيون ”ڏک“ سان ”غم“ سان بلڪ ”فلسفه غم“ ڀريل
ڳالھيون شاعري ۾ فقط اھو شاعر ئي ڪري سگھي ٿو جنھن
جي دل درد سان ڀريل ھجي۔ اسان جي ھُن ”سرجڻھارڪ
شڪتي“ واري شاعر کي ”ڏُک جي پارس“ ڇُھي سون ڪري
ڇڏيو:
”ڏک ته آھي پارس ڪوئي
جنھن سان ماڻھو سون ٿئي ٿو
جيئڻ جيئڻ ڪاڻ جيئي ٿو
سچ چوي ٿو زھر پيئي ٿو!“
اھو شاعر جو سقراط جيان ”سچ“ چئي ٿو ۽ زھر پيئي
ٿو، ان کي ئي اھڙي زندہ شاعريءَ جي سوغات ملي ٿي.
سو، جنھن شاعر کي ”ڏک جي ڏات“ ملي ٿي، سو ئي:
”مِٽيءَ کي من ميت بڻائي
۽ لويارن سين لنءُ لائي
مينديءَ رتڙا گيت رچي ٿو.“
سانول سائين پنھنجي ”شاعريءَ جي مُنِي صدي“ پنھنجي
”مينديءَ رتڙن گيتن ۽ نظمن“ کي ارپي آھي. ھُن جي
شاعريءَ جون ڪرشماتي سِٽون صدين جو سناٽو ٽوڙي،
گُونگن لئه آواز بڻيون آھن، ويرين ڪارڻ وَڍُ ۽
ڏوٿيئڙن لئه ڏَڍُ ٿِيون آھن:
”صدين جو سناٽو ٽوڙي
گُونگن لئه آواز ٿئي ٿو
ھر ڏاڍي جي پيڙھه اُکوڙي
وقت جون لوھيون واڳون موڙي
ويرين ڪارڻ وَڍُ ٿئي ٿو
ڏوٿيئڙن لئه ڏَڍُ ٿئي ٿو!“
امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ فڪري انفراديت، سندس
شاعريءَ جي تڪنيڪي انفراديت سان جُڙيل آھي۔ ھن
”روٽس“ نظم ۾ جيڪي تشبيھاتي، تلميحاتي، استعاراتي،
ساختياتي ۽ اھڃاڻاتي ٻوليءَ جون جيڪي حسناڪيون
سمايون آھن، سي ان نظم جي خيال
thought
، تصور، تخيل ۽ ان جي ساختياتي سٽاءُ، ان ۾ موجود
سنڌي ٻوليءَ ۽ ٻوليءَ جي فطري ردم تي شاعر جي قدرت
۽ دسترس کي ظاھر ڪري ٿي ۽ ان ۾ معنويت جو ھڪ جھان
ڀري ٿي.
ھُن جي سموري شاعريءَ جو لھجو، ھُن جي ٻولي،
ٻوليءَ کي ورتائڻ جو ڍنگ، رنگ، آھنگ منفرد آھن.
طويل نظم گھاڻي جو گھُمرو ناھي. طويل نظم اونھي ۾
اُھري وڃڻ آھي، ھيرا، موتي، لعل ونڌڻ آھي. جنمن جي
اتھاس کي پني تي اُکيلڻو آھي.
ھُن مجموعي ۾ آيل سموري شاعري ھر لحاظ کان اھم
آھي۔ ان تي لکڻ لاءِ ھڪ پورو ڪتاب ٿو گھرجي. پر
اھو ڪنھن ٻئي ڀيري - اسان جي سنڌ جي اھا سڀاڳي
ڌرتي جنھن کي ”جنمن جو اتھاس“ آھي، صدين جي رَتُ
ھاڻي تاريخ آھي، ان جي نصيب ۾ صدين جا درد به ته
آھن۔ ھو پنھنجي طويل نظم ”رُوٽس“ ۾ ان اتھاس جو
پنو پنو ڪري پلٽي ٿو ۽ ”آڱرين تي رَتُ لڳي ٿو:“
اھو نظم ھڪ تخليقاتي معجزو آھي:
”صدين جي تاريخ انھيءَ کي
پولارن ۾ چيخ انھيءَ کي
اُن جي بند پنن کولڻ سان
آڱرين تي رَتُ لڳي ٿو.“
ھڪ ڪونئري ۽ حساس دل وارو شاعر جِڏھن ”فتوائن جو
وات کليل“ ۽ ۰۰ ”جلادن جا ڪاتُ کليل“ ڏسي ٿو، تڏھن
ئي ھُو صدين جي ظلم ۽ جبر، ڏاڍ ۽ قھر سان ڀريل
روداد کي سمجھي ٿو وڃي، ھُو ڏسي ٿو وٺي ته ”تاريخن
جي ھر صفحي تي“ لفظ نه ”پر ”رَتُ جا ڇنڊا“ چِٽا
نظر اچن ٿا ۔ جِت ”سِٽون سنگينون“ ھجن ... جِت
چوڌار رڳو ”گھاڻا ۽ ٿاڻا“ ھجن:
”تاريخن جي ھر صفحي تي
لفظ نه رت جا ڇنڊا آھن
سِٽون ڄڻ سنگينون آھن
ھر جملي ۾ ڄڻ جيل آھن
پئرائن ۾ گھاڻا آھن
فُٽ نوٽن ۾ ٿاڻا آھن
تن ۾ ننگا اونڌا ٽنگيل
ھيرن جا ڪي رانجھا آھن
ڪنھن مومل جا راڻا آھن!“
سنڌڙيءَ جو اھو ڪلاونت ڪوي، جو ھڪ ڪَوِتا-ڪار آھي
پاڻ بابت پاڻ ئي ٻڌائي ٿو
:
”ھا، مان جو سرجڻھار آھيان
سمئه سمان اَپرم پار آھيان
ماضي، حال ۽ مستقبل جي
سيمائن کان مُڪت آھيان مان
سنڌڙيءَ جو ڪَلونت آھيان.“
ھُو جو سنڌ جي پراچين /قديم اتھاس جو ساکي آھي،
ھُو جنھن سارا ٻول رچيا آھن، ھُو جنھن سڀ رانديون
ٺاھيون آھن، ۽ سڀ رانديون کيڏيون آھن. ساگر جنھن
جا سنگتي آھي، نديون نئيون جيڏيون آھن، ٻيلا جنھن
جا ٻيلي آھن، صحرا جنھن جا سُٻيلي آھن، ڇل ڇل
وھندڙ دريا، جھر جھر وھندڙ جھرڻا جنھن جا آھن جيڏا
سَرتا، ان جو ديس ته پوري ڌرتي آھي، پر پوءِ به ھو
پاڻ بابت ڇا ٿو چئي؟
”ھونءَ ته ھن ڌرتيءَ سرتيءَ تي
منھنجو ديس وديس نه ڪوئي
پوءِ به آنت آتما تائين
آھيان سنڌڙيءَ جندڙيءَ جو ئي.“
|