سيڪشن: شاعري

ڪتاب: زرد مِٽِي

باب:

صفحو:2 

ھو جو انت آتما تائين سنڌڙيءَ جندڙيءَ جو ئي آھي- ھُن وٽ سنڌيت جا انيڪ رنگ آھن. ھُن جي شاعريءَ ۾ urbanization  جي رنگ ۾ به سنڌيت تجلا ڏي ٿي. ھُن جي بيتن، واين، ڪافين ۽ گيتن ۾ اڄ جي ماڊرنٽيءَ جي دور ۾ سنڌ جو ڪلاسيڪيت جو رنگ ھڪ انوکي تجلي ٿو ڏي، ته سندس ڳاج ۽ سھرا وري سنڌ جي لوڪ رنگ جون سِڪُون ٿا لاھين ۽ وڏي واڪ چتائن ٿا ته امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جون جَڙون ھُن ڌرتيءَ سان جُڙيل آھن ۔

طويل نظم لکندي شاعر جو ساهه ٽٽڻ لڳي ٿو ۽ هُو هُڦجي وڃي ٿو ۽ هٿواڙيون هڻڻ شروع ڪري ٿو. ان ڪري صحيح معنيٰ ۾ هڪ طويل نظم لکڻ هر شاعر جي وس جي ڳالهه ناهي. امداد حسيني پنهنجي شاعريءَ جي شروعات کان وٺي طويل/وڏا نظم لکيا آهن. جهڙوڪ:

”حملو، بدلو، فرياد، روشنيءَ جو سفر ۽ ٻيا. ان ريت سندس ٻين مجموعن ۾ ڪيترائي طويل نظم آهن جهڙوڪ: ”ڪرڻي جهڙو پل“ ۾ ”اپيل“ نظم. ان نظم جي وڏي ۾ وڏي مڃتا اِها آهي ته ”اپيل“ کي محمد ابراهيم جويي صاحب 2000 ۾ ”پمفلٽ“ جي صورت ۾ پنج سو ڪاپيون ڇپارايون ۽ ان کي سنڌالاجيءَ ۾ مظهر الحق صديقي/ شوڪت شوري جي دور ۾ امداد حسينيءَ سان ملهائجندڙ هڪ پوري ڏينهن جي موقعي تي عوام ۾ ورهايو ۽ چيائين اهو پمفلٽ ”آءُ سڄي سنڌ ۾ ورهائينددس.“ ان ريت سندس شهر آشوب ”شهر“ جيڪو صرف هڪ شهر جي تباهيءَ جو نوحو ناهي، پر هڪ پوري سڀيتا، ۽ ان جي تاريخ جي تباهيءَ تي صدين تي ڦهليل هڪ ايپڪ آهي. ۽ هُو پنهنجي سٽن ۾ سڏڪي ٿو:

”جنهن کي تون تاريخ چئين ٿو
ڇو نه انهيءَ کي چيخ چئين ٿو
جيڪا اڌنڙي جي اندر
جيڪا اڌ نڙيءَ کان ٻاهر
رهجي وئي آ ڇو نه لکين ٿو!“

سو هڪ ايپڪ لکندي امداد حسيني پهرين سِٽ کان وٺي آخري سِٽ تائين. نظم جي اڻت ڪڙي سان ڪڙي ملائيندي هڪ ڊگهي زنجير جوڙي ٿو. جنهن ۾ واقعا، ڪردار، ويساهه گهاتيون، ظلم، ڏاڍ، جبر، ڏک، ڪاوڙ، ڪروڌ جون ڪيفيتون نظم ۾ صحيح وقت تي اڀرن ٿيون ۽ شاعر کي هڪ شڪتيوان جي روپ ۾ آڻيندي. ڪٿا جي پرٿا کي طاقتور ڪن ٿيون. ۽ شاعر پنهنجي شاعراڻي شڪتي کي ڀرپور نموني اظهاري ٿو. هڪ ايپڪ لکندي امداد حسيني شروع کان آخر تائين نظم جي فڪري، تخيئلاتي، تصوراتي تازگيءَ کي تُز ٻوليءَ سان جوڙي رکڻ جو ڪرشمو ڪري ٿو. هُو نظم ”روٽس“ جي ابتدا ئي ”ڏک“ جي اونهي فلسفي سان ڪري ٿو. ۽ ان ”ڏک“ کي طاقت ۾ بدلائڻ جي سگهه رکي ٿو. دنيا جي ادب ۾ ”ڏک/ ٽرئجڊي/Tragedy جو اعليٰ مرتبو آهي ۽ هو پنهنجي شاعريءَ کي جادوئي، حقيقت نگاري وسيلي اُوچ پدوي عطا ڪري ٿو.

ان نظم ”روٽس“ جي ”اونهي پاڙ“ ڌرتيءَ جي پاتالن تائين وڃي ٿي ۽ جنهن جا ”ڏار آڪاس ڇُهن“ ٿا. ۽ تاريخ جي ان ”تناورِ درخت“ تي ”پرهه پکيئڙا لات لنون“ ٿا. ۽ جنهن ۾ ڦل ۽ ڦُل ٿين ٿا. ۽ ڳالهه اتي ئي نٿي کُٽي، اهي ”وڻ-ماڻهو“ اڃا به اعليٰ مقصد ۽ انسان ذات جي اڻ کُٽ ڪرتويه لاءِ پاڻ کي وقف ڪن ٿا:

”دين ڌرم جا ڀيد ڀلائي
ذات پات جا فرق مِٽائي
پانڌيئڙن کي ڇانوَ ڏين ٿا!“

اهي وڻ سمان ماڻهو ڪو به ڀيد ڀاوَ نٿا رکن ۽ بنا ڪنهن ذات پات ۽ رنگ نسل جي فرق جي پانڌيئڙن کي ڇانوَ ڏين ٿا. ان پوري نظم ۾ ٻوليءَ جي نجپڻي سان گڏ، ٻيون انيڪ حسناڪيون آهن, جهڙوڪ: خيال جي خوبصورتي، فڪر جو اَڇُتو پڻ، تصور ۽ تخيئل جي اُڏام، نظم جي خيال کي شروع کان آخر تائين موتين جي سري جيان، سرلتا سان جوڙي رکڻ. انسانيت ۽ آفاقيت جو اعليٰ ترين پيغام: امن، خير چڱائي، ڀائپيءَ جو پيغام پنهنجي شاعريءَ وسيلي انسان ذات کي ارپڻ. انسان هن دنيا ۾ امن چڱائي، ڀائپيءَ جي اعليٰ مقصدن جي پورائي لاءِ آيو آهي. ان نظم ذريعي سنڌين جي رحم دل سڀاءُ سنڌ جي سڀيتڪ سونهن جا انيڪ دل ۾ پيهي ويندڙ چٽ چٽيا آهن.

امداد حسينيءَ کي Roots لکڻ لاءِ انسپائريشن ”Roots“ ڏني. مون هاڻ جڏهن اهو مهاڳ پئي لکيو ته مون چاهيو پئي ته ٿورو Search ڪري Google تي Alex Haley بابت معلومات وٺان جنهن امريڪا جي شيدين جي غلاميءَ کي هڪ شخص Tobby ۽ Kunta ڪٽنب جي حوالي سان تاريخ کي ڇاڇوليو هو ان لاءِ هن 1760 کان برطانوي Troops جي ريڪارڊ کي ڇاڇوليو هو. ۽ 1976 ۾ Alex Holey اها پوري ڪٿا Document ڪئي ۽ لکي. ان ڪتاب جون پندرهن ملين ڪاپيون ڇپيون ۽ ايلڪس هيلي جي ڪتاب Roots  کي 1977 ۾ Pullitzer Prize Special Award ان ريسرچ تي مليو. آمريڪا جا اهي شيدي جن دردن، پيڙائن، ظلمن ۽ ڀوڳنائن مان گذريا هئا. ۽ ايلڪس هيلي پنهنجي ”ڏاڏي“ کان اهي آکاڻيون ٻڌي، هُو پنهنجي اصل جي پنهنجي جڙن جي تلاش ۾ جُنبجي ويو هو ۽ وڏو تاريخي ڪم ڪيو هو.

امداد حسينيءَ جي سموري Inspiration هن کي پڻ پنهنجي ڏاڏيءَ کان ملي. ۽ هُو تاريخي کوجنائن جي گهراين جي اونهي ۾ اوهري ويو. امداد حسينيءَ جي هڪ اعليٰ ايپڪ لکڻ جي خواهش کي مهمير ملي ۽ هو سنڌ جي شاندار اتهاس کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اتمتا عطا ڪرڻ ۾ جُنبي ويو هڪ Heroic Poem ئي هڪ سچي ۽ genuine شاعر جي پدوي عطا ڪري ٿو. اهڙي اعليٰ هيروئڪ نظم کي اوهين هڪ اونهي اننت سمنڊ سان ڀيٽي سگهو ٿا. جنهن جي، اونهائيءَ ۾ سوين خزانا آهن ۽ ڪيئي نوان جهان پوشيده آهن. اهو شاعر اعليٰ ترين، بلند ترين، مشڪل ترين ۽ خوبصورت ترين احساسن کي ڇهڻ جي شڪتي رکي ٿو ڇو ته سمورن انساني حواسن کي ڇهي سگهڻ جي سگهه ئي هڪ نظم کي Heroic Poem بڻائي ٿي. Heroic Poetry لاءِ Pleiade لکي ٿو:

“The epic is a vast and magnificient
narration, a world in itself, where is men
things and thoughts are wondrously mirrored.”

(J.E.Spingarn- A history of Literary Rennainsance 2012)

امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو زرد مِٽي دراصل هن مِٽيءَ جي مڻيا جي ڪٿا آهي. هن ڌرتيءَ جي سادن، سودن، مسڪين مٽيءَ هاڻن ماڻهن جي درد ڪٿا آهن. ان درد ڪٿا جي شاعر جو هانءُ چيري نڪتل صدا آهي.

ايڪويهين صديءَ ۾ بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ سازشون، جنگيون، ويڙهاند، دهشتگردي، فرقيواريت، استعماريت، لاقونونيت ۽ سماج ۾ پکڙيل تشدد جي روين کان هر حساس دل هيسيل ۽ هراسيل آهي. ۽ خاص ڪري هڪ حساس دل شاعر لاءِ ههڙا خوفناڪ ۽ وحشي منظر جيءُ جهوريندڙ آهن ۽ ههڙي هيڻي حال جي عڪسن جو امداد حسينيءَ جي شاعريءَ ۾ اچڻ فطري آهي. انهن اجگر جهڙن عڪسن کي چٽڻ لاءِ هن وٽ هڪ نئون Narrative آهي. سنڌ جو Narrative ۽ هُن ان کي چٽڻ لاءِ هڪ نئون انداز بيان اپنايو آهي ۽ هڪ نئون تخليقي شعور اُجاگر ڪيو آهي. هن پنهنجو نئون شعري گرامر متعارف ڪيو آهي. هُن وٽ پنهنجو Aesthetic Imitation آهي. هن وٽ ٻوليءَ جي مهارت، ٻوليءَ جي نغمگي، ٻوليءَ ۾ جادوئي حقيقت نگاري ڀرڻ جي سگهه ۽ صلاحيت آهي. هڪ وڏ شاعر بلاشبه پنهنجي خيالن کي حيرت انگيز نغمگي ۽ ردم سان سجائيندو ۽ سينگاريندو آهي ۽ لفظن جو شان وڌائيندو آهي. ان کي اعليٰ تخيئلاتي پرواز عطا ڪري سگهندو آهي. هن ان ذري گهٽ مُني صديءَ ۾ لکين لفظ لکيا آهن، لکين لفظ پڙهيا آهن ۽ هو ڄاڻي ٿو ته شاعريءَ جا موضوع، ڪردار، احساس، جذبا، ڏک، سُک، ملڻ جدائي، انتظار، وهم، وسوسا ظلم توڙي جبر سڀ ڪجهه هڪ شاعر جي آس پاس موجود آهي. قومي ۽ بين الاقوامي ٽرئجيڊيز کان شاعر جو شعور گهڻو ڪجهه حاصل ڪري ٿو .. ۽

all the things poetically treated become Poetry جي مصداق هو اسان کي اهو سڀ ڪجهه پنهنجي  Poetic Powerسان پنهنجي شاعري ۾ پلٽي ٿو ۽ اسان کي پنهنجي اعليٰ شاعراڻي شعور سان موٽائي ڏي ٿو. دراصل هو پنهنجي شعور جا سلا پنهنجي هم زبانن جي ذهن ۾ پوکي ٿو. نيٺ به ... هڪ ڏينهن اهي سوچون سايون ٿينديون، تبديلي اَوس ايندي... نيٺ ته سُکَ جو سورج اُڀرندو. امداد حسينيءَ جهڙو شاعر پنهنجي شاعري کي معنائن کان اڳتي وشال تصور، ڪلپنا جي گهرائي، فڪري اُڏام، ٻوليءَ جي جادوئي معنويت جي منڊ ۾ منڊي ٿو.

سنڌي ادب کي امداد حسينيءَ پنهنجي شاعريءَ وسيلي بي بها ۽ املهه صنفن جو خزانو ارپيو آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ نظم، آزاد نظم، بي قافيه نظم، نثري نظم، مختصر نظم، طويل نظم، گيت، غزل، بيت، وائي، ڪافي، دوهو، سورٺو، بي قافيه دوها، سهرا، ڳاج، مورا، ترائيل ۽ ٽيڙو جي روپ ۾ ڪيئي ستارا ادب جي آڪاس تي ٽانڪيا آهن. پر هن جي من ۾ ”مها ڪاويه“ (epic) لکڻ جو خواب هو، جو هن ”شهر“ ۽ ”روٽس“ جي صورت ۾ پورو ڪيو. هن مجموعي ۾ هونئن ته سندس سموري شاعري سون ۾ تورڻ جهڙي آهي پر خاص ڪري ”روٽس“ هڪ نئون اتهاس جوڙي ٿو.

هونئن ته شاعريءَ جون سڀئي صنفون ڏکيون آهن. جيڪي بقول امداد حسينيءَ جي: ”آڱرين جي بُلن کان به وڌيڪ آهن.“ پر انهن سمورين صنفن ۾ ”بيت“ جي صنف سنڌي ٻوليءَ جي مزاج وٽان آهي ۽ نج سنڌيت جي رنگ جي حوالي سان هڪ ڏُکي/ مشڪل صنف آهي. جيتوڻيڪ سهل پسندن لاءِ بيت محض ٽن قافين کي ڦٻائڻ جي نالو آهي. پر، شاهه لطيف جي ڀران رهندي، سڀني پارين سهڻو بيت چوڻ ۽ وري ان ۾ پنهنجي انفراديت به قائم رکڻ مشڪل آهي. امداد حسيني بلاشبه شاهه سائينءَ جي ڀران رهندي، پنهنجي انفراديت قائم رکندي، سڀني پارين سهڻا بيت لکيا آهن. جنهن جو عاليشان مثال هن مجموعي ۾ شامل سندس ”سُر سهڻي“، ”سُر مارئي“ ۽ ”سُر ڪيڏاري“ جا بيت آهن. امداد جو ڪمال اهو آهي ته هُو جيترو نئون آهي اوترو ئي پراڻو به آهي. هن جي بيتن جي ٻوليءَ جي حسناڪي، ان ۾ موجود ڇند جو استعمال، ان ۾ خيال ۽ معنويت جي گهرائي، سندس بيت جو سمورو Structure ۽ ان ۾ ٻوليءَ جي ساخت، ان جي لئي، آهنگ ۽ ان جو نجپڻو ۽ ان ۾ ڪلاسيڪيت جو اُهاءُ شاهه لطيف جي ڀران رهي به شاهه سائينءَ کان مختلف بيت چوڻ ئي امداد حسينيءَ جي انفراديت کي پڌرو ڪري ٿو:

”کنهبا پائيندياس، آئي پرڻي راتڙي
ويهي سرتين وچ ۾ منهن مَرَڪائيندياس،
رِڻ ۾ رانيئندياس، ڳاڙهي ڳڀرو گهوٽ کي.“

(امداد حسيني، سُر ڪيڏارو)

ان بيت ۾ ٻوليءَ جو نجپڻو ۽ اصليت ۽ ٻوليءَ جو حسن ڌيان لهڻي، ان سان گڏ خيال جي علويت. هڪ اعليٰ ترين خيال کي ۽ تصور کي بيان ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ به اعليٰ درڪار آهي. ان بيت جا ٽيئي قافيه سنڌي ٻوليءَ جي ساختيات کي ڪيڏي نه سونهن بخشين ٿا: ”پائيندياس، مَرَڪائيندياس ۽ رانئيندياس“ انهن لفظن جي Structure جي حسن سان گڏ انهن جو اندروني حسن، آوازن جي نغمگي، معنائن جي حسناڪي، سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳياڙين ۾ پڇاڙين (Prefixes & suffixes) جو خوبصورت استعمال سنڌي ٻوليءَ کي جيڪا وشالتا عطا ڪري ٿو. اهو شايد عام ماڻهو بلڪه ڪنهن عام شاعر جي سمجهه کان به ٻاهر آهي. انهن ٽن قافين ۾ استعمال ٿيل هر هڪ لفظ ۾ ”ٽه _ لفظي- معنيٰ“ کي هڪ لفظ ۾ سمايو ويو آهي. مثال طور ”پائيندياس“ جو مطلب آهي ”آءُ پاڻ پائينديس“ ۽ ڇا پائينديس؟. ”کنهبا!“ ڳاڙها ڪپڙا/ ڳاڙهو وڳو! ڇو ته: ”آئي پرڻي راتڙي“ ان پوري مصري ۾ ”آ، اَي، اين، اِي“ سُر جو استعمال ان سِٽ ۾ جا نغمگي ڀري ٿو، اهو ان جي معنيٰ کي ’دو آتشه‘ ڪري ٿو. اهڙي نموني اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ”مُرَڪ“ لفظ جو استعمال عام آهي. جيڪو به هاڻ اسان جي سهل پسند ماڻهن ”مسڪرائڻ“ ڪري ڇڏيو آهي. پر لفظ ”مَرَڪَ“ لفظ ورلي استعمال ٿيندو آهي. ”فخر، غرور، عزت، آبرو“ جي معنيٰ ۾، سو ان ورلي استعمال ٿيندڙ لفظ جي Superlative ڊگريءَ جو شاعريءَ ۾ استعمال هاڻي هن دور ۾ (ٻوليءَ بگاڙ واري دور ۾) ماڻهن جي سوچ کان مٿانهون آهي. امداد حسينيءَ جي: ”سُريلي بيت“ جي سِٽ ۾ اهو لفظ ”مَرڪائيندياس“ لاشعوري طور، بيحد فطري نموني ۽ بيحد سرلتا سان اچي ٿو ۽ بنا ڪنهن ڪوشش جي فِٽ ٿئي ٿو. شاعر جو ”لاشعوريت“ سان ٻوليءَ جو استعمال، شعر جي معنويت کي ان جي نغمگي، سرلتا، فطري پڻي جي احساس کي اُڀاري ٿو. جيڪو ئي شاعر جو تخيئل، تصور ۽ مقصد آهي.

سرتين، سهيلين، هڪ جيڏين جي وچ ۾ فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري ويهڻ، منهن تي فخرمنديءَ جي احساسن کي سجائي ويهڻ جي تمنا ڪيڏي نه خوبصورتيءَ سان سِٽ ۾ سمائي آهي اسان جي گُڻونتَي شاعر امداد حسيني!

ٽن سٽن جي ان بيت جو آخري قافيو آهي: ”رانيئندياس“ ڪيڏاري جو اهو بيت پنهنجي معنيٰ جي گهرائيءَ ۾ هڪ يگانو بيت آهي. هڪ سورهيه، سرواڻ، بهادر، وريام جو جنگ جي ميدان ۾ شهادت ماڻڻ جي جذبي جي شدت کي ان کان وڌيڪ سهڻي ڍنگ ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.

”پرڻي راتڙيءَ جو کُنهبا پائڻ، سرتين جي وچ ۾
ان سورهيه شهيد جي نؤورنيءَ جو فخر وچان
مُنهن مَرَڪائڻ، رڻ ۾
_ جنگ جي ميدان ۾
ڳاڙهي ڳڀرو گهوٽ کي رانئڻ- خون ۾ لال سرخ
_ 
ڳاڙهو ڪرڻ
_ يعني ڌرتيءَ تان سر گهورڻ، قربان ٿيڻ_
شهادت ماڻڻ
_ ڳاڙهي گهوٽ ٿيڻ کان وڌ ٻيو مَرَڪڻ ڇا هي!“

آءُ هِتي بيت جي حسن تي اوهان کي هرکائڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ بيت هِتي بنا ڪنهن تشريح ۽ ٽيڪا ٽپڻيءَ جي ڏينديس. جيئن آءٌ انهن تي هِرکي پئي آهيان تيئن ئي شايد اوهين به هرکي پئو! ڇا ته حسين بيت آهن ”سر مارئي“ منجهان:

”رويو رئان رَتُ، ڌويو ڌئان اکِڙيون
سالم رکيم ست کي، سوئي سارو سَتُ
سندو سائن ڀت، وينديس کينديس کيت سين!“

ان بيت جا لفظ، معنيٰ ۽ سُر هڪ ٻئي ۾ ڪيئن رلمل آهن. ان کي جي اوهين محسوس ڪري سگهو! “کيت” جو نالو بيت ۾ امداد سائين ڪهڙي سهڻي نموني آندو آهي.

”کٿِي کُٿِي مَرُ هوءِ ، پَٽُ نه ان سين پاڙيان
ريشم تي ريجهي وڃان، آءٌ نه اهڙي جوءِ
آڌيءَ رُوحُ رتولَ ۾، ريهون ڪريو روءِ
جن جي آهيان جيئري، تن جي ٿينديس موءِ
اڳي توڙي پوءِ، اُسهڻ آهه ملير ڏي!“

۽ هو جنهن ديس جو آهي، اتي ان ديس واسين جو حال ڪهڙو آهي؟ مثال طور سندس نظم ”اي وطن“ جون اوپننگ لائينون آهن:

”ڄڀ ماڻهن جي ڪپيل ڪاڪڙي کان آهه متان
سڀ چُپ چاپ ائين ڄڻ ته هجن ڀِت ڪائي
سا به چاپوڙا لٿل، سا به ڪلر جي کاڌل
پوءِ او ٻار هجي، مڙس هجي يا مائي.“

  (اي وطن)

اهڙي پيڙيندڙ ۽ دردناڪ ڪيفيت توڙي منظر کي بيان ڪرڻ لاءِ نه رڳو لفظ پر محاوراتي ٻوليءَ جو استعمال ان ڪٿا جي شدت کي وڌائي ٿو. ان نظم ۾ شاعر نوان استعارا ۽ تشبيهون ڪتب آنديون آهن: ”مک ليمائي“ سندن ... کين هجي ڄڻ ”سائِي“ اها سکڻي تشبيهاتي ٻوليءَ جي حُسناڪي ناهي. بلڪه ”ڪَوڙِي حقيقت” آهي. جنهن جو زهر نڙيءَ چيريندو وڃي ٿو.

”نيڻ چهرن تي چِدن جيئن کڻي هي ماڻهو
ڪيئن نه پيا ڏينهن ڏٺي جو به هٿوراڙيون ڏين!“

بي جان، بي روح، انڌيون اکيون _ ڄڻ ماڻڪين جي جاءِ تي ”چِدا“ هجن. اها تشبيهه ڪيڏي نئين پرفيڪٽ ۽ درد ڏيندڙ آهي! ان نظم جي سِٽ سِٽ ۾ سمايل سُور شاعر پنهنجي شاعريءَ جي هر صنف ۾ ڀرڻ ٿو چاهي. ۽ هڪ نظم لکڻ ٿو چاهي. سڀاڻي جي لاءِ!

اها محض شاعري ناهي، اها سچائي آهي جنهن کي شاعر نظم ڪيو آهي. ۽ نظم لکندي شاعر لکن جو سوال اٿاري ٿو:

”جتي ٻوڙا ٿا رهن آءٌ صدا ڇا ته ڪريان!
جتي ڪردار ڪشي ٿي وئي آهي ڪردار
اُتي ڪردار ڀلا آءٌ ادا ڇا ته ڪريان؟
ڇا ڪريان ڇا ڪريان ڇا ته ڪريان؟“

هيترا سارا سوال آهن جيڪي اسان جي چوڌاري ٻُرن ٿا پيا؟! ۽ تڏهن ئي شاعر ان جي حل ڏانهن وک وڌائي ٿو. اهو جو صرف هڪ شاعر ئي ڪري سگهي ٿو_ تَخليق!

”ڇو نه ڪا لات لنوان پرهه کي ويجهو آڻيان
بيت يا گيت رچيان، رات چئي ٿي مون کي
جو سڀاڻي ٿي وڃي تنهنجي هٿن ۾ ميندي
ڪو ترائيل ٿئي تنهنجي نرڙ جي ريکا
ڇو نه ٽيڙو ئي کڻي ٽانڪيان وارن ۾ سندءِ
ڏات سوغات ڏيان، ڏانءُ کڻي ڀيٽ ڪريان
جو سندءِ پير پشم پير جي جهانجهر ٿي وڃي
ڪو غزل ڇو نه چوان تنهنجي ڪنول نيڻن لءِ
سِٽ اهڙي لکان تولاءِ جا ساگر ٿي وڃي
منهنجا آڌار وطن، اي منهنجا مهندار وطن!
يار تولاءِ لکان ليک ته ڪهڙا ليکا؟
 

ڇو نه هڪ نظم لکان آءٌ سڀاڻي جي لاءِ
سِڄ ورڻ تنهنجي مٿي جو اهو جهومر ٿي وڃي!
 

شاعريءَ کي ڪهڙو نه اعليٰ ارفع ۽ بُلند تصور عطا ڪيو آهي شاعر! شاعري اصل ۾ آهي ئي اها- اعلي مقصد- پنهنجي وطن جا نيڻ نقش سنوارڻ جو خيال به هڪ سونو خيال آهي.

امداد حسيني شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو ياد حافظ آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سٺ جي ڏهاڪي کان وٺي اڄ تائين شاهه سائين جي ڪلام، ان جي موضوع، تصور، تخيل، فڪر ۽ ڪردارن کي اعليٰ مقصدن لاءِ سدائين آندو آهي. شاهه سائينءَ هزارن سالن جي قديم نيم تاريخي عشقيه قصن کي اعليٰ مقصديت لاءِ ڪتب آندو آهي. اها ڳالهه انگريزي ادب جا نقاد پنهنجن شاعرن جي حوالي سان پڻ مڃن ٿا:

“The ancient poet according to Wilson, did not spend their time inventing meaningless fables, but used the story merely as framework for contents of ethical, philosophic, scientific or historical import. The poets are infcat, wise men, spiritual legislators, reformers, who have at heart the redressing of wrongs. They hide their true meaning under the veil of pleasant fables. This theory of poetic art, one of the common places of the age, may be described as the great legacy.”

(J.E.Spingarn, A history of Literary cryticism  in the  Rennainsance P:262)

شاهه سائين ”سُر يمن ڪلياڻ“ ۾ ”موکي متارا“ جي قصي جو مختصر بيان اهڙي ئي اعليٰ مقصدن لاءِ ڪيو آهي. ”متارا“ اصل ۾ ست جوڌا جوان، بهادر، سورهيه، ويڙهاڪ ۽ وريام آهن. اهي سالن پڄاڻان موکيءَ جي ميخاني تي اچن ٿا ته ”پروڪي پيار!“. ان نظم ”متارا“ ۾ هُو ان ئي Inspiration جي آڌار تي اڄ جي ”متارن“ کي Symbolise ڪري ٿو. اهو مڪمل نظم گهڻي ڌيان سان پڙهڻ جُڳائي_ سو، شاعر امداد حسيني هڪ Storyteller وانگر متارن جي ڪهاڻي کڻي ٿو _ اڄ جي دور جي ڪهاڻي _ جنهن کي سمجهه ۾ اچي اِها ڪهاڻي! ان نظم ۾ narration ۽ ڊائيلاگ گڏوگڏ هلن ٿا:

پهريون متارو ڄڻ پاڻ سان ڳالهائي ٿو:

جندڙي به آهي وِهُه وِٽي وانگي!
 

انهيءَ تي ٻيو متارو ٽهڪ ٿو ڏي:

(ٽهڪ سُڏڪي جو پڙاڏو ٿو لڳي)
هيءَ راتڙي موکيءَ جي مڌ شالا لڳي ٿي!
 

۽ ٽيون متارو جهونگاري ٿو:

”جندڙي وِهُه وِٽي آهي مگر پيئڻي ته آهي
ائين چئي اڌ وِهُه وِٽي خالي ڪري ٿو چوءِ ٿو“

(هاڻي هِتي هي لفظ ”چوءِ ٿو“ ٺيٺ لاڙي لهجو آهي، جيڪو سائينم جو ”گهرو لهجو“ پڻ آهي)

۽ ڪيڏي وڏي ڳالهه چوي ٿو:

 

”اڌ رات وِچ ۾ آهه ڇِپ وانگي

اُها ڇاتيءَ سان ٿيلهي ڏينهن ڪرڻو آهي اي ساٿي!“

اهو ڇِپ ڇاتيءَ سان ائين ٿيلهڻو آهي جيئن

Sisyphus وڏي ڇِپ کي ٿيلهيندي

ٽَڪَر ٽاڪيندو هو!“

نظم هيستائين ته اوهان کي سمجهه ۾ يقيناً اچي ويو هوندو. هِتان کان نظم هڪ نئون پاسو ورائي ٿو:

”اسان دل آهه ڇو لاٿي؟

اُهو ڇپجي نه ڇپجي پر

اڃا سِڄ جي سواگت لاءِ هڪڙو نظم لکڻو آهه شاعر کي

اڃا اوڀر کي لڳڻي لاک آهي باک بکڻي آ

ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمور تائين هير گُهلڻي آ

۽ ٻارن کي اڃا اسڪول وڃڻو آهه اي ساٿي

اسان دل آهه ڇو لاٿي؟“

شاعر پنهنجن great warriors جي تعظيم نه ڪندو ته پوءِ ٻيو ڪير ڪندو؟ سڊني شاعري کي The highest form of human wisdom چئي ٿو. شاعر اهو عظيم شخص آهي جو ان ”عقل ۽ عرفان جي اعليٰ ترين علم جو سرجڻهار آهي. هُو شاعر جو ڇاتيءَ سان ان رات جي ڇپ کي ٿيلهي ٿو ۽ ٽڪر ٽاڪي ڏينهن آڻڻ لاءِ جتن ڪري ٿو ۽ جو سِڄ سواڳت لاءِ نظم لکي ٿو!

شاعر جو ڪم آهي ته هُو پنهنجي سماج تي ڪڙي نظر رکي، ان جي اوڻاين تي پنهنجي تيز سٽن جو نشتر هڻي، ان جي سهڻاين ۽ چڱاين تي ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان ساراهه جا گُل نڇاور ڪري.

امداد حسيني جو نظم ”پارٽي“ جو موضوع اڻڇُهيل ناهي. پر ان جي هيئت ۽ ٻولي، بحر وزن سان گڏ ”امدد اسٽائيل“ تيز طرار ۽ ڇتو تنقيدي انداز ان کي منهنجي پسنديده نظمن مان هڪ بڻائي ٿو. اهڙا چاپلوس ڪردار ۽ اهڙا ٺلها ٺانگر ٺوڳي اسان جي سماج ۾ پنهنجي ڪرهت آميز ڪردار تي شرمنده به ناهن. امداد حسينيءَ جي مشاهداتي اک ۽ منظر ڪشيءَ جو ڪمال ڏسو:

”ڇٻر تي گلم غاليچا وڇايل
انهن تي ڪرسيون صوفا سجايل
مڙئي مانائتا مهمان آيل
وڏا وِدوان ۽ عالم گياني
اڪابر علم جا، سقراط ثاني
جديد انداز جا باني مُباني
سڀن کان پوءِ مُک مهمان آيو
اُٿي سڀني اُنهي سان هٿ ملايو
گهڻن، منٿون ڪري ڦوٽو ڪڍايو
سڀئي اُن جي اڳيان پويان، ڦريا پئي
ٿڙيا ٿي ٿاٻڙيا ٿي ڪي ڪِريا پئي
هِريل هئا ڪيترا ۽ ڪي هِريا يئي
جڏهن سگرٽ چپن سان اُن لڳايو
ته ڪنهن ٿي لائٽر جلدي جلايو
ته ڪنهن ٿي اِش ٽري اڳتي وڌايو.“

امداد هڪ شاعر آهي _ پر ان جي اندر هڪ Storyteller به ويٺو آهي. هُو پنهنجي ڳوٺ جون، ننڍپڻ جون، ڳوٺ جي ۽ آس پاس جي منفرد ڪردارن بابت جڏهن به ”ڳالهه“ ڪندو آهي يا لکندو آهي_ ته اسين ڄاڻندا آهيون ته هن کي ڳالهه کڻڻ جو ڏانءُ آهي ۽ ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ سندس ڳالهه کي دلچسپيءَ سان ٻڌندا ۽ پڙهندا آهن.

۽ هو چرچائي به زبردست آهي _ هن کي چرچي هڻڻ، جملو فِٽ ڪرڻ ۽ پوءِ ان تي وڏا ۽ کُليل ٽهڪ ڏيڻ، سندس فطرت جو هڪ روشن رخ آهي. پر هتي ان نظم ۾ ڏٺل وائٺل منظر کي هڪ پابند نظم ۾، بحر وزن، قافين جي بندشن ۾ کولي بيان ڪرڻ هڪ نهايت دلچسپ تجربو آهي. اسان جي وڏيرڪي سماج ۾ اسان جي ذهنيت جو حقيقت پسندانه عڪس شاعريءَ ۾ ڏسي ۽ پڙهي هر ماڻهو دل ئي دل ۾ ان تي کلندو ضرور هوندو _ پر ان نظم جي پُڄاڻي وڌيڪ حيران ڪندڙ ۽ مقصديت سان ڀريل آهي، انهن وڏن ماڻهن ۽ چمچن جي فوج ۾ هڪڙو ڪهاڻيڪار ڦاٿل:

مها پرشن ۽ سياڻن منجهه پاڳل
ٺلهو ڪرسيءَ کي ڄڻ سيڙائي ويٺل

”وڏ ماڻهپيءَ جي ان آرٽيفيشل ڪلچر“ ۾ هَڪ سَچَو، سادو سودو ڪهاڻيڪار سماج جو هڪ مس فِٽ، پاڳل ۽ ڪرسي سيڙائي ويٺل ڪردار: مشهور شاعرن، اديبن ۽ ڪهاڻيڪارن کي ڪڏهن ڪڏهن ههڙين محفلن ۾ سندن نالي ۽ ناموريءَ جي ڪري دعوت ڏبي آهي ۽ هو محض تجربي جي شوق ۾ ههڙين محفلن ۾ به هليا ويندا آهن. ۽ ڪهڙو نه فرسٽ هينڊ تجربو حاصل ڪري ايندا آهن! ٽڙڪيل دماغ جون سوچون شاعري ۾ بيان ڪري ٿو. سندس سوچون نظم کي هڪ ڇرڪائيندڙ موڙ ڏين ٿيون ۽ آکاڻي وري هلي ٿي:

”اڃا تقرير ٿيندي _ پوءِ ماني
انهيءَ کان پوءِ ٿيندو راڳ جاني
انهيءَ کان پوءِ مڃبي مهرباني

ڪهاڻيڪار جي من ۾ اَتپن ٿيندڙ چڀندڙ انيڪ سوال:

ڀلا تقرير جي ٿيندي ته ڪهڙي
اُها ئي هوبهو پر سال جهڙي
وري ڦهڪائي هڻندو منهن تي اهڙي
اهي موضوع ورجايل لتاڙيل
اهي ئي لفظ ٿوڪاريل چٻاڙيل
گَٺل پيٺل، ڇَڻيل ۽ ڪنڌ لاڙيل.“

۽ ڪهاڻيڪار کي زندگيءَ جا اهي تجربا ڪهاڻي ڏيئي ٿا وڃن ۽ شاعر کي شاعري:

هي جي ظاهري چهرا لڳن ٿا
ڪهاڻيڪار کي پنا لڳن ٿا
ڪفن جهڙا صفا ڪورا لڳن ٿا
ڪڙاڻ آئي ڦُٽل ڦاٽل چپن تي
ڪهاڻي هو اَوس لکندو انهن تي
ڪفن جهڙن صفا ڪورن پنن تي!

ڦٽل ڦاٽل چپ امداد حسيني جو بنهه پنهنجو استعارو آهي، جيڪو هڪ تخليقڪار جي نه رڳو ظاهري پر اندروني ڪيفيت کي به اظهاري ٿو. انهن ڦٽل ڦاٽل چپن تي آيل اها ڪوڙاڻ ان سموري آرٽيفشل ڪلچر تي نفرت جو اظهار آهي. اهي ڪردار ڪهاڻيڪار لاءِ محض پنا آهن ڪفن جهڙا صفا ڪورا پنا!

اهڙا انيڪ منظر ۽ ڪردار آهن. جن هن ڍونگي سماج جي بي وقعتي کي اڃا به وڌايو آهي. تن کي امداد حسيني پوري بڇڙاڻ ۽ اُگراڻ سان پڌرو ڪري ٿو:

اسان راهه جو خضر جنهن کي ڪيو
انهيءَ ئي اسان کي نهوڙي نيو!
(جيوٿا ائين جي)

۽ اهڙي ئي هڪ راهه جي خضر جي نهوڙي نيئڻ جي هڪ ڊگهي داستان کي پنهنجي هڪ دوهي جي محض ٻن سٽن ۽ اَٺن لفطن ۾ هُن ڪيڏي نه ڀرپور طنز سان بيان ڪيو آهي:

 

”سيڻ مٽائي ڇيڻ تي، سُک کسي ڏک ڏيئي،
سِير وهائي چوءِ ٿو: هُن کان ڀُل ٿي ويئي!“

ههڙي Blunder ۽ ويساهه گهاتي تي هڪ حساس شاعر رت جا ڳوڙها ڳاڙي سگهي ٿو. ۽ ان کي نظم ڪري سگهي ٿو. ايئن هو پنهنجي گهري ۽ اعليٰ شعور ۽ اونهي سوچ جا سَلا پنهنجي هم زبانن جي ذهن ۾ پوکي ٿو، ان يقين سان ته هڪ ڏينهن اهي سوچون سايون ٿينديون، وڌي وڻ ٿينديون، ٻُور جهلينديون ۽ نيٺ ته تبديلي ايندي ۽ سُک جو سُورج اُڀرندو.

هو پنهنجي شاعريءَ ۾ لاشعوري طور معنيٰ جون گهرايون ڀريندو آهي. وشال تصوريت، فڪر جي اُڏام، معنويت جو اونهو، اننت سمنڊ هو پنهنجي سِٽن ۾ سمائيندو آهي. ائين امداد حسينيءَ جهڙي مثالي شاعر جي شاعري هڪ پڙهندڙ کي تصور، ڪلپنا ۽ اَڇهين ڪيفيتن جي مَنڊ ۾ منڊي ٿي.

امداد حسينيءَ جي مختصر نظمن ۾ پڻ معنيٰ جون ڪيتريون گهرايون آهن. ان کي سمجهڻ لاءِ پهرين سندس هيءُ مختصر نظم پڙهو: نظم جو عنوان آهي ”چنڊ تارو ته ڏي!“

”زمين ڇاڙڪيءَ جيتري ئي سهي
انهيءَ مان لنگهڻ لاءِ چارو ته ڏي
چَتي جيترو آسمان ئي سهي
انهيءَ ۾ به ڪو چنڊ تارو ته ڏي!“

چئن سٽن ۽ چوويهن لفطن جو اهو مختصر نظم پنهنجي اندر هڪ وشال تاريخ ۽ تاريخ جي جبر کي سمايو آهي. ان ۾ آيل لفظ ”ڇاڙڪي، چارو، چتي“ ڪيترا نه عام لفظ آهن، پر جيڪي هاڻ اسان سنڌين کان به وسرندا پيا وڃن _ انهن بيحد عام ۽ سادن لفظن کي امداد حسيني ڪيڏو خاص الخاص بڻائي ان ۾ گهريون ۽ وسيع معنائون ڀري ٿو. ڇاڙڪيءَ جيتري زمين ۽ ڇاڙڪيءَ جيترو آسمان!! پر ان ۾ به لنگهڻ لاءِ رستو ۽ آسمان تي ڪو چنڊ تارو ته ڏي! ٻيو اسين گُهرون به ڇا ٿا؟!پر، سُهڻا سائين! ائين سدائين مون سان ئي ڇو ٿيندو آهي؟!

ديس دروهي ڪوڙو ڪانئر

اُلري اُڀري ايندو آهي

جنهن کي سُونهون سمڌو هوندم

سو ته نهوڙي نيندو آهي!

              ....

جنهن جي ٿوهر هٿ ۾ خنجر

سو مون ڏانهن سَڃيندو آهي

جنهن کي امرت پياريو هوندم

زهر اهو آڇيندو آهي

سهڻا سائين

ائين سدائين

مون سان ئي ڇو ٿيندو آهي!

(هڪ سوال)

۽ ان ريت هن مجموعي جي مختصر ترين نظمن مان هي هڪڙو ٻه سٽو نظم سنڌڙيءَ جهڙو ديس (تان آءُ به ڪنهن جو ڪُليات فدا ڪريان ڇا!؟):

جندڙيءَ جهڙي ويس جنءَ ناهي ڪوئي ويس
سنڌڙيءَ جهڙي ديس جنءَ ناهي ڪوئي ديس
.“

ڪيتري نه تز لفظن ۾، پرفيڪٽ سٽاءُ ۾ ٻولي ۽ گهاڙيٽي جي سونهن سميت سون ۾ تورڻ جهڙيون سِٽون – ان ۾ اندروني قافين جو جادوئي سٽاءُ ڌيان لهڻي :

جندڙيءَ

سنڌڙيءَ

۽

ويسُ

ديسُ

پرفيڪٽ نظم لِکڻ لاءِ هروڀرو جي لفاظيءَ جي ضرورت ناهي. وڏو نظم لکڻ سان نظم وڏو نه ٿيندو آهي!  ان نظم ۾ چئن حسين لفظن جي واري ڦيري سان معنويت جو جادو جاڳائڻ معجزو آهي. ۽ جو امداد حسيني ڪري ٿو.

ھو پنھنجي گھري ۽ اعليٰ شعور ۽ اونھي سوچ جا سلا پنھنجي ھم زبانن جي ذھن ۾ پوکي ٿو، ان يقين سان ته ھڪ ڏينھن اھي سوچون سايون ٿينديون، وڻ ٿينديون، ٻُور جھلينديون ۽ تبديلي نيٺ ته ايندي ۽ سُک جو سورج اُڀرندو۔ ھو پنھنجي شاعري ۾ لاشعوري طور تي معنيٰ جون گھرايون ڀريندو آھي. وشال تصوريت، فڪر جي اُڏام، معنويت جو ھڪ اونھو، اننت سمنڊ پنھنجي سٽن ۾ سمائي ٿو۔ ائين امداد حسينيءَ جھڙي شاعر جي شاعري معنائن کان اڳتي تصور، ڪلپنا ۽ ڪيفيتن جي مَنڊَ ۾ منڊي ٿي۔

بند درين ۽ ديوارن جي ھُن پار ڏسي سگھڻ جي سگھ شاعر ۽ شاعريءَ کي ھڪ اڻ لَکي طاقت بخشي ٿي۔ امداد حسيني پنهنجي نظم ”اُماوَس۾ ھُو ”ڪِٺ ۽ ڪاري ۽ ڊگھي اُماوس جي رات“ کي اھڃاڻ طور آڻي ٿو، اھڙي رات جڏھن ”جھُڙ به جُھڙن جھڙو جُھڙ“ ھو، تڏھن شاعر جو ”آخري سگريٽ دُکائڻ“ ۽ ”آخري تيلي ٻارڻ“ جھڙا استعارا اونداھيءَ ۾ روشني ڦھلائڻ جو جتن آھن ۽ اھي سِٽون شاعر جي روشن ذھن ۽ ضمير کي اُجاگر ڪن ٿيون ءٍ شاعر پنھنجي شعور جي روشنائي ماڻھن تائين پھچائي ٿو ۽ :

”اُن سمهء اِيءَ سچائي ٿي اُجاڳر مون تي
جِند پياري ھئِي پر سنڌ به پياري ھئي دوست.“

۽ ان سمي ان سچائي جو اُجاگر ٿيڻ ته : “سنڌ جند “ آھي؛ ۽ ”جند سنڌ“ آھي۔

۽ تڏھن ئي ’پرھه پکيئڙن‘ جو ’مِٺي لات لنوڻ‘، ’مسجد ۾ ٻانگ اچڻ‘ ۽ ’مندر ۾ سنک وڄڻ‘ صبح ٿيڻ جا اُھڃاڻ پڌرا ٿيندا ٿا وڃن. ”ڪاري ڪِٺ رات“ کان ”روشن صبح“ ٿيڻ تائين جو اھو سفر زندگي ۽ موت جو سفر آھي! ۽ ھڪ گڻونتي شاعر وٽ ڪيڏي نه سَرلتا سان ھڪ بامعنيٰ سِٽ، پَٽ جي تند جيان لسارجي ٿي وڃي:

”ٻار سنڀرَڻ لڳا اسڪول جي لءِ گھر گھر ۾.“

”ٻار“ جيڪي سنڌ جي مستقبل جو اھڃاڻ آھن ۽ ”علم“: اسان جي نجات جو آخري رستو آھي_  ۽ نظم جون سَرل سِٽون ھڪ ٻئي پويان تسلسل سان اچن ٿيون ۽ نظم کي پوري ڪلائميڪس ڏانھن کڻنديون ٿيون وڃن .... آوازن جو پھرين ’ھوريان‘ ۽ پوءِ ’چِٽو ٿيڻ‘ ان رات جي آنت جو اعلان، ھُو ’آوازن جي جاڳڻ‘ جي اھڃاڻ سان ڪري ٿو:

”پھريان ھوريان ۽ پوءِ چِٽا ٿيا آواز“

ان ريت ”آواز“ پھرين ”ھوريان“ ۽ پوءِ ”چِٽا“ ٿيندا ٿا وڃن - خود اُھي آواز به زندگيءَ جو اھڃاڻ آھن. ان ”اُماوس جي ڪِٺ ۽ ڪاري رات“ جي وچ ۾ ڪيڏا نه استعارا ۽ اھڃاڻ اچن ٿا، جيڪي فطري طور نظم جي Positivity کي اُڀاريندا، ڪمال جي ڪلوزنگ سِٽن تي اچي پھچائن ٿا: ۽ آخري سِٽ پنھنجي پوري ڪماليت تي نظم کي پھچائي ٿي :

”ري پڇئي پوءِ گھٽيءَ ۾ ويون گُھلنديون ھِيرون.

”۽ چِٽيون ٿي وَيون در جون ۽ درين جون سِيرون !“

”در جي ۽ درين جي ’سِيرن‘ جو چِٽو ٿيڻ، ھڪ عام ۽ سوين ڀيرا ڏٺل عڪس آھي، ان عام عڪس کي شاعر ڪيڏي نه سادگيءَ سان، ڪيڏو نه خاص بڻائي ٿو ڇڏي! اھو اَڇُھيو تصور روشنيءَ جي انڀو لاءِ، صبح جي نويد لاءِ، شاعريءَ ۾ بنا ڪنھن نعريبازيءَ جي سَرل احساسن کي اڀارڻ، ڪنھن معجزي کان گھٽ ناھي ۔

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org