بدلجي وئي آهي تاريخ!
هروڀرو دل جُهونگارڻ تي ٿيندي آهي
اونداهي ڪمري ۾ چاسينگرجنءَ چمڪي
پوءِ اُها ٻِيڙي به وِسامي ويندي آهي
تارن جي آنن، پائولين، آڌيلن سان
رات چنڊ جو رپيو ڄڻ ته مٽيندي آهي
سانوڻ رُت ۾ ساڻ نه هوندي آهين سائڻ
ڏهه ڏهه ڀيرا مُند ميارون ڏيندي آهي
تيز هوا کي شايد ٻيو ڪو ڪم ناهي
مهل
ڪُمهل اچي در کُڙڪائيندي آهي
آءٌ نه ڄاڻان سَگَهه سُگهڙ فطرت جي الاءِ
ڪهڙي رڱ سان پوپٽ پَرَ رڱيندي آهي
جيون اِنءَ پيا گهاريون آڳ پيا لهرايُون
آڳ ته لهندي ناهي چڙهندي ويندي آهي
هوءَ جا مُرڪي در کوليندي هئي مون لئه، سا
ڪُرڪي کنڌي جو ڪاڳر کوليندي آهي
اِها سٽ لکندي
’مَلي جا پئي آهه دانگيءَ جيان رات، اولهه ۽ اوڀر
۽ ڏکڻ ۽ اُتر‘
اها سِٽَ لکندي
اِئين اوچتو سوچِيم:
’ته اِن ۾ ڀلا رات جو ڏوهه ڪهڙو!؟
ته اِن ۾ ڀلا آهه دانگيءَ جو ڪهڙو قصور؟!
اِهي استعارا ڪڏهن کان مروج ٿِيا؟!
ڪنهن ڪِيا!؟
سُرسهڻي
(بيت)
داستان پهريون
1
جَرَ جِي جهاجهَه جتي، جانارن جي جُوءِ ۾،
ڇوليون گوليون ٿي لڳيون، توڏيءَ تانگهه تِتي،
هئي هُتي نه هِتي، سِيرَ هئي ۽ سوهَڻي!
2
گهڙو کڻي گِهڙِ، گَهرُ وَرُ گهورون گهورِ ڙِي،
مَلي کٿوريءَ انگڙا، ٽانگر وانگر ٽِڙِ،
تاري وانگي کِڙِ، تارُ تري هُن پارُ ٿي!
3
جهاڳي جهاڳَ اَجهاڳَ، سُهڻي اُکَتِي سِيرَ مان،
مٿان وسي ٿو وَڏَ ڦڙو، اندر ساڳي آڳَ،
هَتَ وس آڳَ نه واڳَ، سڀڪجهه ساهڙَ هَٿَ ۾!
4
ڇنڊي سين نه ڇِمِي، هيءَ جا آڳ عشق جي،
ٽَڙ ٽَڙ ٽهڪان ٽهڪندي، ٽهه ٽهه مِينهُن ٽِمي،
جنءَ جنءَ جُهڙُجِهمي، تنءَ تنءَ ڀڙڪا باهه جا!
5
سهسين سُکائُون، باسُون باسيم ڪيتريون،
ٻِن کي ٻَن ڏئي هڪ ٿِيون، ساڄن آئُون،
لهرين ۾ لائون، لهنديس محب مِهارسين!
سُر سهڻي
(وائي)
سِڪَ جو سيني مَنجُهه، ساهُڙَ! واهَڙَ ٿو وَهي،
تُڙڳيو تُڙڳي سُوهَڻي!
ڏَمُ اُهوئي، ڏيهُه اُهوئي، ڏيهُه مِڙوئي ڏَنجُهه،
تُڙڳيو تُڙَڳي سُوهَڻي!
هِيرَ هندورو، سِيرَ سدوري، وِيرَ اُنهيءَ
وَنجُهه،
تُڙڳيو تُڙڳي سُوهِڻي!
پارُ پُرڻ لئه، تارُتري اِيئن، جيئن تري ڪو
هنجُهه،
تُڙڳيو تُڙڳي سُوهَڻي!
سِڪَ جو سيني مَنجُهه، ساهُڙَ! واهَڙُ ٿو وهي
تُڙڳيو تُڙڳي سُوهڻي!
حيدرآباد جا منگهه
ويا لٽجي لَنگَهه،
ڳاٽي جنءَ ڪَٽجي ويا،
حيدرآباد جا منگَهه!
چوري ٿيندي ڇو نه؟
ڪُتن جي باهوڙَ تي-
ڀاڳيا جاڳيا ڪونه!
ماڙُهو هُو آهي،
وفا ڪندو ڪنهن ساڻ ڇو؟
ڪُتو هُو ناهي!
جڏهن به...!
جڏهن به ڪوئي ڪٿي ڪُٺو،
منهنجو هانءُ مُٺو!
جڏهن به ڪوئي ڦاهي چڙهيو،
منهنجو ڳاٽو ٽڙڪيو!
جڏهن جڏهن ڪنهن وِهُه پيتو،
منهنجو اندر اَڌَ ٿيو!
جڏهن به ڪنهن کي ڇُرو لڳو،
منهنجو هَٿ ڪُک ڏانهن وِيو!
ڪابه عبادتگاهه سَڙي،
اک مان رَت جي بُوند ڳَڙي!
باهه ڪتبخانن ۾ ڀڙڪي،
ڏيل ڏري پيو ٽڙڪي ٽڙڪي!
....رات مُلاڪا تيار جي!
ڇَڙپِيسَ جي مشين هلي پئي پريان ڪٿان،
ڇَڙَپِيس جي مشين جو آواز پيو اچي!
تنها اُداس رات ملاڪا تيار جي
(جنهن کي لکيو اياز ”ملاقاتِ يار“ هو!)
تارا اکيون ڇنڀي رهيا هئا آسمان تان
سڀ دوست گهر وِيا ته وِيا چنڊ پڻ کڻي
مسڪين، ساز، نِم ۽ گدا، حيدري، نظير،
شبير ۽ سعيد ۽ غازي ۽، ملوڪ، داغ،
سڀ دوست پنهنجا شعر ٻڌائي هليا ويا
راڳي پُنهون سمهي رهيو يڪتارو پڻ سُتو،
۽ ڪِرڙ لالٽين جي وٽ کي جهڪو ڪري-
هُن کي وٺڻ وِيو ته، اڃا ڪو نه هو وريو!
۽ رات جنءَ لڙي ته لڙيا لڙڪ ماڪ جا
۽ ايئَن ڀاسيوم ته هي وقت، فاصلو
ٻاهر ته ڪجهه به ڪونه هو ڌرتي نه آسمان
تارا نه چنڊ، دوست، نه ڪا شاعري، نه هوءَ
جيڪي به هو ته هو اُهو اندر ۾ بس رڳو
اُن پَل الاءِ ڪيئَن اِئين اوچتو لڳو:
ڇَڙپِيسَ جي مشين ته دل ۾ هلي پئي
’ڇڙپِيَس جي مشين ته دل ۾ هلي پئي
ڇڙپِيسَ جي مشين جو آواز پيو اچي
سُڏڪو پڙاڏجي جو رهيو هو پريان ڪٿان!‘
سُر مارئي!
(بيت)
داستان پهريون
1
جنين پَهه نه پَهِي، تَنَ تنين لاءِ تانگهيو،
ڪُٺيءَ مُٺيءَ جي ڪُڙم مان، آيو ڪونه ڪَهِي،
اُڀريا سِڄَ لَهِي، لوئي هَڏُ نه لاهِيان!
2
رويو رُئان رُتُ، ڌويو ڌُئان اکڙيون،
سالم رکيم سَت کي، سوئي سارو سَتُ،
سندو سائُن ڀَتُ، وينديس کينديس کيتَ سين!
3
ٿريچاڻي ٿَرُ، سَڏَ پڙاڏي وانگيان،
سُڀان، هيل، نه پَرُ، وڇڙي وڇڙن ڪينڪي!
4
ماڙين ۾ ماڙيون، تن ۾ به ماڙيون،
هَرهَر هُرن هانو ۾، ويڙهه، ولرَ، واڙيون،
طوق ڀڃي تاڙِيون، ويندس- رهنديس ڪينڪي!
5
کَٿي کُٿي مَرُ هوءِ، پَٽُ نه اُن سين پاڙِيان،
ريشم تي ريجهي وڃان، آءٌ نه اهڙي جوءِ،
آڌيءَ رُوحُ رَتولَ ۾، ريهون ڪريو روءِ،
جن جي آهيان جيئَري، تن جي ٿينديس موءِ،
اڳي توڙي پوءِ، اُسهڻ آهه ملير ڏي!
6
ننگ تڪي جو راڄ جا، راڄ- ڌڻي سوڪِيئَن؟
رکوالو جو راڄ جو، هاڻو ٿي پئي هِيئَن!
ڪري ڪو به نه اِيئَن، جِيئَن ڪئي تو سومَرا!
سُر مارئي
(داستان ٻيو)
1
ڦوڳ نسورو ڦوڳُ، ڄَڻُ ڪُڄَڻَ ڪنهن ماءُ جو،
روح رڳوئي روڳُ، ڪُوڙو ڪانئر نِرلڄو.
2
جنهن ٿالهيءَ ۾ کاءِ، ٽُنگ به اُن ۾ ئي ڪري،
جيءَ ۾ جايون جي ڏِيَنِ، تن جو جيءُ جلاءِ،
سجدي جهڙو هنڌ جو، ٿُڪَ اُتي اُڇلاءِ،
ٻُڪَ ٻُهَرَ جاپاءِ، پاڻهي پنهنجي ٻُوٿ ۾!
سُر مارئي
(داستان ٽيون)
1
ساڙي ماڙيون ساڙيان، کانئي ٻاريان کاڄَ،
هِت هِنيُون وِجهلي، هُتي، ريهون ڪن ٿا راڄَ،
ڪَوڙين ڪاڄُ سُڪاڄَ، ڪنديس پنهنجي ڪُڙم سين!
2
پَٽُ پٽيهَر پَٽُ، ڇُهان ته ڇِيهُون ٿي وڃان،
ڏاڏاڻن جي ڏيج جي، کَٿِي کُٿي سِرڇَٽُ،
مُور نه مارُوءَ مَٽُ، مارُو مِڙنِي کان مٿي!
3
مارُو مِيرُ، مَلِيرُ، ساريو، ساريو سارِيان،
سَرتين جو مون ڏي مُڪو، تُنڪو جهڙو تِيرُ،
ساري مِينهَن ملير تي، نيڻين سُڪو نه نِيرُ،
انگُ رکيم اهڙو اَڇو، جهڙو اَڇو کِيرُ،
اَڌو اَڌُ اَڌِيرُ، سَرِيرُ هَڏُ نه سُڌير ڙي!
4
هيءِ هيءِ ڌارَ ڌنارَ کان، آنءُ ڌَريان ڪنءَ
ڌِيرُ،
پُوريان پٽيان اکڙِيون، نڪريو اچي نِيرُ،
مارو، ميرُ، مليرُ، وسري وسريا ڪينڪي!
5
هِيءَ جا مينديءَ مَهڪَ، مَهڪِي آهه مَلِيرَ کان،
چِيرَ ڏئي وئي چَهڪَ، هيءِ هيءِ منهنجي هانوَ کي.
سُر مارئي
(وائي)
ڄارين ڄائي، ساڳي سائي، آءٌ اُهائي مارُئي!
مَلِيرُ، مارُو، جيڏِيُون، ٻِي سڀ ڳالهه اَجائي،
ساڳي سائِي-
آءٌ اُهائِي مارُ ئِي!
سانگيئڙن جي سِڪَ اَلا، ڏينهُون ڏِينهَن سَوائي،
ساڳِي سائِي-
آءٌ اُهائي مارُئي!
ڪوٽ نِپَٽِ اوندهه عمر، سڀ ساڻيهه سُهائي،
ساڳي سائي-
آءٌ اُهائي مارئي!
پِٽِيا!
ڪو به چُچڪار ڪري يا نه ڪري
پوء به تنهنجي اِها پُڇَ لوڏَ
هڪ هَڏي لاءِ جيين- جاڙَ جيين
۽ سڄي عمر رهين نُوسيندو
گند جي ڍير مٿان
۽ ڪڏهن سمجهه نه آئي توکي
ته اِها
زندگي صرف اِهائي ناهي
زندگي صرف هڏي لءِ ناهي
زندگي ماس ۽ رت آهه ۽ دل آهه- اُها ڌڙڪي ٿي
۽ دماغ آهه- اُهو سوچي ٿو
پر ڪڏهن سوچ نه آئي توکي
ته اِها
زندگي صرف اِهائي ناهي!
ٻيون ته سڀ ڳالهيون تو۾ اُهي ساڳيون ئي ڪُتي
واريون آهن ليڪن
تون وفادار به اي ڪاش هجين ها پِٽيا!
هيئن غدارنه اي ڪاش هجين ها پِٽيا!
مارُو منهنجا مِٽَ!
(ٽيڙو)
ڪمرو کوري جيئَن،
جِهرڪيَ آنا ڦوڙيا-
پکو هلايان ڪيئَن!
سپنا واڳي ساڳي،
سُتو پيو آ ڀاڳيو-
ڪُتو ٿو جاڳي!
سُجهي نه ڪائي سِٽَ،
ڪوري ڪاڳر تي لکيم-
”مارُو منهنجا مِٽَ“!
پيار جو قصو
اِهو سُٺو ئي ٿيو پنهنجو پيار جو قصو،
اڃا شروع ٿيو هو ته ختم ٿي به وِيو!
مِلڻ کلڻ، اُهو ڳالهيون ڪرڻ، رُسڻ پرچڻ،
الاءِ پيار به هو يا اُهو ٻِيو ڪجهه هو!
ٻه چار ڳيت غزل، نظم، زخم، ٻَٽڙي لڙڪ،
مليو اوهان کان اهوئي ته سو به گنج مِليو!
ڪڏهن به هارَ نه مڃجو انهن انڌيرن کان،
ڏيي جي لاٽَ جيان ئي تمام رات جَلو!
گُلن جا هارَ کڻي، سِڄَ جي سواڳت لاءِ،
نه ٿا هَلو نه هَلو، پر ٻه ٽي وِکون ته هلو!
زمين اُتي ئي هئي، آسمان اُتي ئي هو،
اسين مِلي نه سگهياسين، ته فرق ڪهڙو پيو!
ڀڳو جي ٿانءُ ته بازار مان ڳنهي سگهبو،
ڀڳو جي هانءُ ته اُن لاءِ آ اُپاءَ به ڪو!
اُهو ئي ڏينهن، اُها شام ۽ اُهائي رات،
بس ايترو اهو وستار آهه جيون جو!
سُکُ پَسين شل
سنڌڙي!
(سورٺا)
ساڻو ساڻو سَنڌُ، لِڱ لِڱ ٿڪ کان چور ڙي،
ڪو نه پُڄي ٿو پَنڌُ، رات پُڄي وئي ڏينهن کي!
ڊوهُه ڪيو تو ڊوهُه، دَلا پنهنجي ديس سان،
ڪوهُه لِڪائين ڪوهُه، ٻُوٿاڙي ۾ ٻُوٿ کي
اڄ ۽ ڪلهه جي ناهه، مِٽيءَ سان هيءَ مائِٽِي،
ازل ڪنان اڳ آهه، جَڙ اُنهي سان جيءَ جي.
گهوڙا گهوڙا هاءِ، گَهل ڌارين سان پانهنجا،
ڏاڍا ڏُکَ ڏٺاءِ، سُکُ پَسين شل سنڌڙي!
مُور مَ لاهج نَٿَ، او نوورني نَڪَ مان،
ساک ڏني هيءَ سَٿَ، گهوٽئين گهاءُ نراڙ تي!
هَٿَ سندن ڪشڪولَ، هي جي راڻا راڄ جا،
گهوڙا گَهلَ اَٻولَ، ويري ٿيئڙا واهِرو!
چُوهڙا ۽ چمارَ، پورهيت پگهر واسنئان،
غدّارين غدّارَ، تن سان ڪنءَ مان ڀيٽيان!
مانڊيءَ منڊيو مَنڊُ، بُکئي ڪارڻ مامرو،
چنڊ لڳي ٿو جَنڊُ، تارا داڻا اَن جا!
هيءَ ڪجل جي ڌارَ، هٿ جي ريک نه ٿي اَلا،
تو ته ڪَٽايا وارَ، رات ڪَٽي ٿئي ڪانه ڪا!
هيءِ هيءِ ڙي ساڻيهَه، دوست نه ڪي دانا مليڻه،
ڏوري ڏوري ڏيهَه، ڍُونڍي آيا ڍُونڍَ کي!
روح ته رِيهو ريهَه، ڪيهو ڪِيهه قلوب ۾،
لَڄَ نه جن کي لِيهه، اَٿن مٿن مولهيا!
اِنڊلٺي هِي وَنگُ، ست رنگو آڪاسَ ۾،
اهڙو آرسَ اَنگُ، مينهن ڀِڄايل مُنڌ جو!
اَڻڀو مانيءَ ڀورُ
سَڻڀا سَڻڀا سارُوڻا، اَڻڀو مانيءَ ڀور،
لَڙڪن جو پاڻي آهي، اُڃ جو اور نه ڇور،
اَڻڀو مانيءَ ڀور-
سڻڀا سڻڀا سارُوڻا!
چِت چين، شانتي من جي، چورائي ويو چور،
اَڻڀو مانيءَ ڀور-
سَڻڀا سَڻڀا سارُوڻا!
جُڳ گذريا جو ڊيل ٽلي، نچيو پَڌر تي مور،
اَڻڀو مانيءَ ڀورُ-
سَڻڀا سَڻڀا سارُوڻا!
برسڻي آهي بَرسڻي، گهور گهٽا گهنگور،
اَڻڀو مانيءَ ڀور-
سَڻڀا سَڻڀا سارُوڻا!
گونجي ٿو ڙي گونجي ٿو، سناٽي جو شور،
اَڻڀو مانيءَ ڀور-
سَڻڀا سَڻڀا سارُوڻا
اُهو ڏينهن...!
اُهو ڏينهن جنهن ڏينهن جي لاءِ تون آءٌ راتين جون
راتيون اکين ئي اکين ۾ ڪٽي ٿا ڇڏيون!
اُهو ڏينهن ٿيندو به يا ڪونه ٿيندو؟
لفظ ڇا جي لءِ رئان ٿو؟
چئي ويو هو ته ”بس جهٽ ۾ اچان ٿو“
صدين کان واٽَ جنهن جي پيو ڏسان ٿو!
وري هُن بيوفا جي ياد آئي،
وري دل کي جهلي ويهي رهان ٿو!
پڙهڻ کان ئي سوا ڦاڙي ڇڏي جو،
اُهو ساڳيو ئي خط هرهر لکان ٿو!
ڇپيندو ڪير، پڙهندو ڪير تن کي،
پني تي لفظ ڇا جي لءِ رُئان ٿو!
دُکي سگريٽ ٿو يا ٿي دُکي دل،
فضا ۾ وِٽڙندڙ دونهون ڏسان ٿو!
ائين ”امداد“ لڳندو آهه اڪثر،
مِلان هُن سان ته ڄڻ خود سان مِلان ٿو!
”تنوير“ جي ياد ۾!
رب کي پرِتي
ڌرتي سَر تي
اچو ته اُن تي
پنهنجا پيرَ کُپايون!
ٻاٽَ واٽَ ۾
پاڻ به ٻاري
اچو ته جوت نئين جاڳايون
وشال، اوچي نيري نڀ کي
ڀاڪر منجهه ڀرڻ لاءِ
اچو ته ٻانهون ڦهلايون!
لُڙڪن
هاڻي وِهُه وماٽيل جيون ۾
مُرڪي مُرڪي
اچو ته کنڊ مِلايون!
سنڌڙيءَ جندڙيءَ ڪارڻ
ڪو به ملهائي يا نه ملهائي
اڇو ته پاڻ ملهايون!
”تنوير“ چئي ويو آهي
ڪو به نڀائي يا نه نڀائي
اچو ته پاڻ نڀايون!
|