سيڪشن: شاعري

ڪتاب: زرد مِٽِي

باب:

صفحو:5 

سهڻا سائين

 

اِئين سدائين

مون سان ئي ڇو ٿيندو آهي؟!

ڊوههُ ڪيو جنهن ودروهه ڪيو

ڏوهه اُهوئي ڏيندو آهي

ديس دروهي، ڪُوڙو ڪانئَر

اُلري اُڀري ايندو آهي

جنهن کي سُونهون سمڌو هوندم

سو ته نهوڙي نيندو آهي

سهڻا سائين

ائين سدائين

مون سان ئي ڇو ٿيندو آهي؟!

جنهن جي ٿوهر هٿ ۾ خنجر

سومون ڏانهن سڃيندو آهي

جنهن کي امرت پياريو هوندم

زِهر اُهو آڇيندو آهي

سَو ٿورن مان هڪڙو ٿورو

پَٽَي ڪو نه مڃيندو آهي

جنهن کي پاکر پهرايم، سو

کاڻو کَلَ کليندو آهي

منهنجا سائين

جِيين سدائين

اِئين سدائين

مون سان ئي ڇو ٿيندو آهي!؟

جنهن کان پو جو مِلندو آهي

پَل ۾ وڇڙي ويندو آهي

سهڻا سائين

ائين سدائين

مون سان ئي ڇو ٿيندو آهي!؟

سُهڻا سائين

جِيين سدائين

....وڪڻي ڇڏيائون!

 

حَسين آرزُو کي به وڪڻي ڇڏيائون،

جوان جستجُو کي به وڪڻي ڇڏيائون!

مقدّس شهيدن جو آهي لهُو پر،

مقدس لهُو کي به وڪڻي ڇڏيائون!

پُڇو مئڪدي جو نه احوال يارو

بچيل هاؤ هُو کي به وڪڻي ڇڏيائون!

اڱڻ ڇا، اڱڻ منجهه پوکي وڏن جا،

انهي نازبُوکي به وڪڻي ڇڏيائون

اُها سنڌ جنهن جا رهيا سِجَ سلامي،

اُن آئينه رُو کي به وڪڻي ڇڏيائون!

 

مان ڇا آهيان

 

تون ڇا آهين؟ مان ڇا آهيان!

تون ساگر، مان دريا آهيان!

ٿورن لفظن منجهه چوان جي،

تو بن يَر! بي معنيٰ آهيان!

هيڏي ساري جڳ ۾ تنهنجي،

هوندي سُوندي تنها آهيان!

راتَ چئي ويئي سپني ۾،

مان ئي تنهنجي سپنا آهيان!

هونئن ته هڪ ريکا آهيان، پر،

تنهنجي هٿ جي ريکا آهيان!

توڏي ايندڙ، توڏي ويندڙ،

سائڻ سارا رستا آهيان!

ها، سنڌيءَ جي ڪَوِتا آهيان،

للاٽَ تي ڄڻ ليڪا آهيان!

سندڙي تنهنجو عاشق صادق،

آهيان آهيان، هاها آهيان!


...ماڻهو آهيون پاڻ!

 

ڏکڻ اُتر ناهيون

اولهه اوڀر ناهيون

پاڻ ته ماڻهو آهيون

مِلي سگهون ٿا جڏهن به چاهيون!

ڌڙ ڌڙ دل جي ڌڙڪڻ آهيون، ڌوڙ ته ناهيون پاڻ

سَچُ ته بيٺو نَچُ ووسائين ڪوڙ ته ناهيون پاڻ

نديءَ ڪنارا ناهيون

اُڀ جا تارا ناهيون

پاڻ ته ماڻهو آهيون

مِلي سگهون ٿا جڏهن به چاهيون!

چڙهندي لڙندي، لڙندي چڙهندي ڇايا ناهيون پاڻ

رڳو وڃڻ جي لءِ ووسائين، آيا ناهيون پاڻ

اُس ۽ مِينهُن ته ناهيون

رات ۽ ڏِينهُن ته ناهيون

پاڻ ته ماڻهو آهيون

مِلي سگهون ٿا جڏهن به چاهيون!

جڳ ۾ جڳ مڳ جڳ مڳ جيون- جوتي آهيون پاڻ

اُجري تن ۾ من جو اَڻَمُلُهه موتي آهيون پاڻ

ديش وديش ته ناهيون

زير ۽ پيش ته ناهيون

پاڻ ته ماڻهو آهيون

مِلي سگهون ٿا جڏهن به چاهيون!

        وو وو ووءِ ميان

 

وِسريوءِ لوءِ اَلوءِ مِيان

وو وو وو وو ووءِ مِيان

 

تورِيءَ هي جي راتيون آهن، راتيون سي ڄڻ ڪاتيون آهن،

رانول تولئه روح اسان جو، رڙيون ڪريو روءِ ميان

وو وو وو وو ووءِ ميان!

هر ڪا وَرَ سين واڳي ساڳِي، آءٌ اڪيلي، آءٌ اَڀاڳي

سيڄ سُڃيءَ تي ڦٿڪان سَٿڪان، کيس وڃي ڪو چوءِ ميان

وو وو وو وو ووءِ ميان!

رانئڻ ماڻڻ جي رُت آئي، سِڪ ٿي ”سانول“ سرس سَوائي

وسري ويئڙيءِ، قول جي ڪيڙيءِ، شابس توکي هوءِ ميان

وو وو وو وو ووءِ ميان!


منهنجو پنهنجو!

 

هي جو منهنجو پنهنجو آهي

ساڳي ٻولي ڳالهائي ٿو

پر جو منهنجي پاڙن کي

پاڻيءَ وانگر پائي ٿو

 

مان جو سائي وڻ وانگي

پکي پکڻ ۽ جناورن کي

ماڙهوءَ ڇيڙوءَ هر ساسيءَ کي نِٽهڻ اُس ۾

ٿڌڙي ٿڌڙي ڇانوَ ڏيان ٿو

۽ هي وڻ ويڙهيءَ جنءَ ويڙهي

منهنجي ساري ساوڪ چُوسي

مون کي پورو ڍڍر ڪري ٿو

پوءِ ڪهاڙا آڻي منهنجي

انگ انگ کي ڌار ڌري ٿو

منهنجو ٿُڙ (ڌڙ) چوٽي (سِر)

ٽاريون ٽارَ (ٽنگون ۽ ٻانهون)

ڍير ڪري، گاسليٽ هاري

۽ پو اُن کي تيلي ڏيکاري

ڀڀڙ ڪري هي هَٿَ سيڪي

ڌارين ڪارهيندن کي آڻي!

اٺور ڦاڙهو سِجي ٿئي ٿو

جنگل ۾ ڄڻ منگل ٿئي ٿو

 

۽ هي منهنجو پنهنجو

ڌارين سان ٻِٽ ٿي کائي پِي

نشي ۾ ڌُتِ ڌمال وجهي ٿو

۽ هُو تاڙين جي ڦهڪي ۾

هسٽيريائي ٽهڪ ڏين ٿا

هاها هاها هاها هاها!

 

۽ هي پاڻ وڻائڻ ڪارڻ

’سائين‘ رڳو چوائڻ ڪارڻ

ناڻي، زور زبردستيءَ سان

ڌرتيءَ ڄائي نارِ گهرائي

ڌارين آڏو پيش ڪري ٿو

”بلڪل نئين نڪوري آهي

ڀيڻسان ڇا ته ڇوري آهي!“

کينهونءَ وانگي هٿ کان

هوءَ ٻئي هٿ اُڇلجي ٿي

باداميءَ جنءَ ڇلجي ٿي!

ڌرتيءَ ڄائي، نارَ نماڻي

بگهڙن جي گهيري ۾ ورتل

هيسيل هرڻي ساڻي وساڻي

انگ لڪائڻ ۾ پوري

لامارا ڏيندڙ ڳجهن کان

پاڻ بچائڻ ۾ پوري

ڀرساڻ پيل ۽ لوڊ ٿيل

ڀڙڪو ڏئي بندوق کڻي ٿي

گهوڙي تي آڱر ٿي رکي

ٿو هُن جي مُک تي تيج بَکي

ٺاٺا ٿو جهنگل گونجي!

پُڇاڻو!

 

ڇِڪي زنجير پيرن جو

هڻي ڦٽڪو پُٺن تي هُو پڇي ٿو:

”اوهين آزاد آهيو يا نه آهيو؟!“

 

ندي پِي، سمنڊ تي قبضو ڪري

گهر، کيتَ ساڙي هُو پُڇي ٿو:

”اوهين آباد آهيو يا نه آهيو؟!“

اُهو نينهن آهي

 

 

ڪڏهن رات آهي، ڪڏهن ڏينهن آهي،

سدائين جو آهي اُهو نينهن آهي!

ٽِيون ماڻهو!

 

 

ماءُ پئي پُٽ سان ڳالهائي

(آءِ پيڊ تي

ڏيکاري هڪ تصوير)،

ڪُنڊ لڳي ٿي ڪيڏي پياري!

پڙدي جي ڇا ڳال ڪجي؟

صوفي جو ته جواب نه آهي

پرهِي اُن تي

جيڪو ماڻهو ويٺل آهي

وکريل وار اَڀوڳا

ميرا گهنجيل ڪپڙا

شيوِ وڌيل

هرو ڀرو به اُداس هجڻ جو پوز هنيل

روئي ٿو يا مُرڪي ٿو؟

مُرڪي ٿو يا روئي ٿو؟

چوئي به ٿو يا چُپ آهي؟

چُپ آهي يا چوئي ٿو؟

ڄٽاڻڪِي لُڪ سان

سو ڪير آهي؟

پڻهين ته ناهي!

 

جندڙي وِههُ وٽي آهي

توسان مون جا رات ڪَٽِي آ،

اُن ۾ ڄڻ هڪ عُمر ڪَٽِي آ!

واٽَ سڄي آ واسِي پيئِي،

هوءَ هتان کان متان مَٽِي آ!

ماڻهن پورا سبق پَڪا ڪيا،

مون هڪ سِڪ جي سِٽَ رَٽِي آ.

توبن ساڄن اِنءَ ٿو ڀاسي،

جندڙي ناهي وِههُ وَٽِي آ!

عمر برابر گهٽجي ويئي،

سِڪَ ته پوءِ به ڪانه گهَٽِي آ.

سورج لکيل آهي اُن تي،

منهنجي هٿ جا پِرهه پَٽِي آ.

سسئيءَ جو ڪنهن سَڱُ سڃاتو؟

ٻانڀڻ ٻيٽي، پيءُ کَٽِي آ.

ڪپڙي جنءَ ٿو ماڻهو ڌوپي،

وقت نه آهي ڄڻ ته کَٽِي آ!

تون جي آهِين ساڻ ته سائِڻ،

نِٽهڻ اُسَ به ڄڻ ته ڇَٽِي آ.

جنهن نه ڏٺو هو هڪڙو ڀيرو،

اَکِ انهي تان ڪانه هَٽِي آ!

ماڻهو ٿي ڙي

 

 

ماڻهو ڇو ٿو مارين؟ ماڻهو ٿي ڙي ماڻهو ٿي!

ٿَڃ مان جيڪو رَتُ ٺهيو آ، ڌُوڙ ڌُڌڙ تي ڇو ٿو هارين؟

ماڻهو ٿي ڙي ماڻهو ٿي!

ڌڪارجي ويندين هر دل مان، ڌڪار دل ۾ ڇو ٿو ڌارين؟

ماڻهو ٿي ڙي ماڻهو ٿي!

ڏاڍن جي بَڇَ ڪرڻ تي ڇو، ڏاڙهي ڏيهه سڄو ڏهڪارين،

ماڻهو ٿي ڙي ماڻهو ٿي!

ايڏو نه ٿي ڪڙو!

 

 

ٿُوڪارجي وڃين متان، ايڏو نه ٿي ڪڙو

ڳيهي نه ڪو وڃئي متان، ايڏو نه ٿي مِٺو

ايڏو نه لِڪ جو پاڻ به ڳولي سگهين نه پاڻ

ايڏو به وائکو نه ٿي، جو ٿي وڃين ڏٺو!

غزل

 

 

پَلَڪَ جَهلَڪَ جو ميلو آهي،

پوءِ هرڪو ئي اڪيلو آهي!

رات پريتما، ڏينهن پريتم،

سانجهه ملڻ جو ويلو آهي!

آءٌ به اُن جو حصو آهيان،

جو ماڻهن جو ريلو آهي!

آهي پَڌرو پَٽُ لڳو پيو،

نقشي ۾ جو ٻيلو آهي!

آهه گُرو گهنٽال اُهو جو،

هُو به انهيءَ جو چيلو آهي!

ڪيڏانهن به وڃڻو ڪو نه اٿس،

نڪتو پوءِ به سويلو آهي!

جيون آهي سڀ کان پنهنجو،

سو پڻ ڄڻ ماٽيلو آهي!

 

اکيون پورب پار ڏي

 

پاڻ لِڪي پاڻ کان، پاڻ کي ٿي کا توم،

سِيرُون سيرُون ٻُڪَ ۾، پاڻي پئي پاتوم،

ڄاڻي جي ڄاتوم، ته ڪجهه به ڄاتم ڪِينَڪِي!

 

رستا حيدرآباد جا، جنءَ ڪا ڦَٽَ اُکيڙَ،

ٽرئفڪ ماڙهو تِن مٿان، جيئن مکين جا ميڙَ،

ڌِڪا ٿاٻا ٿيڙ، کائيندو هَل اوڪوي!

 

اکيون پُورب پارَ ڏي، رکيون سَڃي مُون،

جِتان ايندين تُون، صبح جيان او سپرين!

 

پِرهه ڦُٽيءَ جي ويرَ، آئي ٻانگ مسيت ۾،

هِيرَ گهُلڻ جي هيرَ، مَٽِي نه آدجڳاد  کان!

ساڻ آهي پوءِ به

 

 

ساڻ آهي پوء به پَريُون پارُ ٿيندو ٿو وڃي،

ڇو الائي ڏور مون کان يارُ ٿيندو ٿو وڃي!

اُڄُ ڪلهه هُو گل منجهان گلزارُ ٿيندو ٿو وڃي،

ڪنهن نه ڪنهن سان پَڪَ هُن جو پيارُ ٿيندو ٿو وڃي!

تنهنجي در تي پهرئين سَٽِ جو سَٽيوئي ڪونه ٿيو،

سچ پُڇين سو سِر ڪُلهن تي بارُ ٿيندو ٿو وڃي!

پوء اُهو صحرا هجي، دريا هجي، ساگر هجي،

عشق ئي آهي اُهو ڌُو پارُ ٿيندو ٿو وڃي!

پهرئين ڀيري ڏسڻ سان پيارُ تو سان ٿي ويو،

ڪنءَ چوان توکي ته توسان پيارُ ٿيندو ٿو وڃي!

ڇا ڪريان ۽ ڪنءَ ڪريان توصيف هُن جي اي ميان،

هڪ ڄڻو آهي مگر سنسارُ ٿيندو ٿو وڃي!

پهرِيان مون کي رُئاڙي، پوءِ ٽِشو پيپر ڏنئين،

غم ڏئي پهرين مٿان غمخوارُ ٿيندو ٿو وڃي!

هُن مڃيو ملتان مڪي کان درازا ديسَ کي،

شڪر آهي دهريو ديندارُ ٿيندو ٿو وڃي!

شاعري ”امداد“ جي، توڙي هجي سا عاشقي،

هُو جتان لنگهندو وڃي بس خوار ٿيندو ٿو وڃي!

اَڄُ ئي آهه

 

 

اَڄُ ئي آهه جو به ڪجهه آهي

ڪنهن سڀاڻي تي اعتبار نه ڪر

اُٿُ ۽ مئي جو چراغ روشن ڪر

ڪنهن سڀاڻي تي اعتبار نه ڪر! 

اِنهيءَ وائيءَ وَرُ...

 

 

اچو ته پنهنجي لاوارثيءَ جا وارثي ڪريون

هڪ ڪو سو لڙڪ لاڙيون، ٿڌي آهه ڀريون!

اچو ته پنهنجي نڌڻڪائيءَ جا ڌڻي ٿيون

امرت سمجهي زهر پيون

جاڙ ئي سهي پوء به جِيُون!

اچو ته

پنهنجي لاتعلقيءَ کي به تعلق چئون

نادانيءَ کي دانائي چئون

نابينائيءَ کي بينائي چئون!

اچو ته

پنهنجي غلاميءَ کي آزادي سڏيون

برباديءَ کي آبادي سڏيون

۽ غميءَ کي شادي سڏيون!

اچو ته

هر رهزن کي رهبَرُ سمجهون

ديوار هجي به ته دَرُ سمجهون

ٿوري ۾ اهو ته انهي وائيءَ وَرُ سمجهون!

کنوڻ کِلي ته...

 

 

کِنوڻ کِلي ته لڳو، تُون ڪٿي کِلي آهين،

وٺو جي مِينهُن ته ڀاسيو، اچي مِلي آهين!

تنهنجي اوچي ڳاٽَ

 

 

ڳڀرو تنهنجي اُوچي ڳاٽَ،

ٻاٽَ واٽَ ۾ ٻاري لاٽَ!

 

هڪ ئي سِٽَ - سريءَ جا لفظ،

سيّد، ڀِيلَ، ٻروچ، سماٽَ!

 

هيڏي هوڏي ڪنڌ مَ ڦيرِ،

لڳندءِ لوڻي ڀَرُ لپاٽَ!

 

سندڙي تنهنجو نِينهُن نبارُ،

باقي آهن مِڙ هٿ ناٽَ!

 

ساهڙ ڪارڻ سُهڻيءَ لاءِ،

ڪهڙا گس ۽ گهيڙ ۽ گهاٽَ!

 

ڀاسي سِڌي سڄڻ جي سينڌ،

جوڙي کيڙي جيڪا جاٽَ!

 

ايندا ايندا پِرهه پياڪ،

ميخاني تي وسندي ماٽَ!

سمنڊ کي پس:

 

تو نِکٽ آهن ڏٺا ڪو ننڊ ۾؟

سمنڊ کي پَس اُو ڪڏهن آهي سُتو!

ميل جو پٿر ته ڪونه آهين ڀلا،

جو رڳو هڪ هنڌ پيو هوندين کُتو!

وَڏ ڦُڙا ڪيڏا وٺا تون جَڙ بنا،

بُنڊَ وانگي پَٽَ تي آهين پِيَلِ!

بي ڪفن، بي غسلِ، چُرپُر کان سواءِ،

ڪنهن مُئل جنءَ کَٽَ تي آهين پِيَلِ!

ذهن جنءَ هر وقت جاڳين ڇو نه ٿو؟

نبض وانگي ڇو نه ٿو ڌڙڪِي اُٿين!

گاج ٿي گج گج گجي گجگوڙ ڪر،

وِڄُ وانگي ڇو نه ٿو ڪڙڪِي اُٿين؟

ڇا بهار آئي نه پنهنجي مُند تي؟

ڇا رُسِي بيهي رهيا جَهرڻا ڪڏهن!

ڇا هوائن ساهه کي روڪي ڇڏيو؟

واچ جا بيٺل ڏٺئِه ڪانٽا ڪڏهن!

سِڄُ ڪانو ڏسي چڙهي آيو مٿي،

تون اڃا تائين سُتل ڇو هنڌ ۾؟

وقت وانگي ڇو نه ٿو اڳتي وڌين؟

پيرَ سُونهَنِ ٿا سدائين پنڌ ۾!

29.8.1994
 

مَتارا!

متارو وِههُ وٽيءَ مان ڍُڪ ڀري

ڄڻ پاڻ سان ڳالهاءِ ٿو:

”جندڙي به آهي وِههُ وٽيءَ وانگي!“

اُنهي تي ٻيو متارو ٽهڪ ٿو ڏي (ٽهڪ سُڏڪي جو پڙاڏو ٿو لڳي)

”هيءَ راتڙي موکيءَ جي مَڌ شالا لڳي ٿي!“

ٽِيُون جيڪو متارو هو انهي جهونگاريو شايد، ته:

”جندڙي وِههُ وَٽِي آهي مگر پيڻي ته آهي.“

اِنءَ چئي اڌ وِهُه وٽي خالي ڪري ٿو، چوءِ ٿو

”اڌ رات وچ ۾ آهه ڇِپ وانگي

اُها ڇاتيءَ سان ٿيلهي ڏينهن ڪرڻو آهه اي ساٿي!

اسان دل آهه ڇو لاٿي؟

اُهو ڇپجي نه ڇپجي پر

اڃا سِڄ جي سواڳت لاءِ هڪڙو نظم لکڻو آهه شاعرکي

اڃا اوڀر کي لڳڻي لاک آهي باک بکڻي آ

ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمور تائين هير گهُلڻي آ

۽ ٻارن کي اڃا اسڪول وڃڻو آهه اي ساٿي

اسان دل آهه ڇو لاٿي؟“

متارا وِههُ وَٽيون هٿ ۾ کڻن ٿا

نينهن جو نعرو هڻن ٿا

وِههُ وَٽيون هڪ ڳيت سان خالي ڪري

سَچَ سوني سِڄَ جي سواڳت ڪرڻ جي لاءِ

مَڌُ شالا منجهان نڪري وڃن ٿا!

چنڊ تارو ته ڏي!

 

زمين ڇاڙڪيءَ جيتري ئي سهي

اُنهي مان لنگهڻ لاءِ چارو ته ڏي

چَتيءَ جيترو آسمان ئي سهي

انهي ۾ به ڪو چنڊ تارو ته ڏي!

 

سڀ آواز مري ويا آهن!

 

سَڀُ آواز مري ويا آهن

۽ هوا بند لڳي پئي آهي

وَڻَ وڍجي ويا، ايڪڙ ٻيڪڙ

جي بچيو آهه ته پوءِ

پنهنجي ئي ساهه ۾ سوڙهو آهي

بي ثمر، ڇانو بنا، ٻُورَ بنا

ننگي خنجر جيان ڌرتيءَ تي کُتو پيو آهي

ڪنهن به مقصد کان سواءِ

ڇو ته هن ديس جا رهواسي هاڻ

باهه ٻارڻ جي هُنر کان اڻڄاڻ

(باهه جا آهه جيڻ جو اهڃاڻ!)

موت جي ننڊ سُتا پيا آهن

 

سَڀُ آواز مري ويا آهن

صرف هڪ تِڏَ تنواري پيئي

ٻيو جاڳي پيو شاعر تنها

۽ ائين لڙڪ لڙيءَ ۾ پوئڻ

پاپ آهي ته انهيءَ پاپ سندي

پراسچت لاءِ ته پيڻا پوندس

هِڪَ ئي تِڪَ ۾ ساگر تنها!

 

سنڌڙي جهڙو ديس!

 

جِندڙي جهڙي ويسَ جنءَ، ناهي ڪوئي ويسُ،

سنڌڙيءَ جهڙي ديسَ جنءَ، ناهي ڪوئي ديسُ!

 

ڪاٿي آءٌ ڪتاب رکان

 

ٽيبل تي آ بُوٽ رکيل، ڪاٿي آءٌ ڪتاب رکان؟!

ٻُوٿ مٿان ته نحوست ساڳي، هونئن ته ڏاڍو مَکيل چکيل،

ٽيبل تي آبُوٽ رکيل-

ڪاٿي آءٌ ڪتاب رکان؟!

جو ڳالهائي وِهه اوڳاڇي، ڪاريهر پڻ سندس ڪَکيل،

ٽيبل تي آ بُوٽ رکيل-

ڪاٿي آءٌ ڪتاب رکان!

ڪوڙو ڪانئر نانگو نپٽو، نِرڄو، ٻيائيءَ ٻَکَ ٻکيل،

ٽيبل تي آبوٽ رکيل-

ڪاٿي آءٌ ڪتاب رکان!؟

 

زرد مِٽي!

 

نرڙ تيءَ مَلي رَتُ ريٽو

تري تي رکي زرد مِٽي

قسم کڻ ته اڄ ڏينهن کان پوءِ منهنجي مڃڻ کي مڃيندين

ته ان زرد مِٽيءَ سان جيڪا به مِٽِي سندءِ آهه ان کي مڃيندين!

اِها سنڌ جي سينڌ جي زرد مِٽِي

ڪڏهن چنڊ آهي

ڪڏهن سِڄُ آهي

اِنهيءَ زرد مِٽيءَ کي آديس جا پهرِيُون- آخري سَچُ آهي

اِها زرد مِٽِي اکين منجهه الماس آهي

هڪ اڻمُلُ احساس آهي

اِها زرد مِٽِي، پراچين اتهاس آهي!

اِنهيءَ زرد مِٽِيءَ جا سورج مُکي

ڏيهه پرڏيهه مشهور آهن

اِنهيءَ زرد مِٽِيءَ جو هر گيت آهي گلابي

اِنهيءَ زرد مِٽِيءَ کي ڳائي ته ڏس تون!

اِنهيءَ زرد مِٽِيءَ جي رشتي

رَتل آهه رُت رَتَ جي

اِنهيءَ زرد مِٽيءَ جي ناتي

کٿوريءَ جي خوشبو اٿئي خون ۾!

نِرڙ تي مَلي رَتُ ريٽو

تِريءَ تي رکي زرد مِٽِي

قسم کڻ ته اڄ ڏينهن کان پوءِ منهنجي مڃڻ کي مڃيندين

ته ان زرد مِٽِيءَ سان جيڪا به مِٽِي سندءِ آهه اُن کي مڃيندين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org