ڀؤ ويو تن، برهه جي جن پيتي ڀنگ،
نينهن جو نعرو هڻي، ڇڏيائون ننگ.
سک سمهن ساعت نه هڪڙي سوزمند،
ڏيل جن جو ٿيو ڏهيون منجهه ڏک جي ڏنگ.
دل جي ديري ۾ رکن ٿا دائما،
صبر سان سوڙها ڪيو سورن جا سنگ.
لئون جِي لائِي گڏ ڪريو، ورڇيو ونڊين،
قرب جي ڪمدار سان ڪنهن ڍار ڍنگ.
سر وڍائڻ مهل سرها ٿا رهن،
نينهن جا نادان سي نانگا نسنگ.
هونءَ ته ڪيئي دم دليريءَ جو هڻن،
پر پچن ٿا پڙ ۾ پروانا پتنگ.
محفلِ جانان ۾ پهچن ٿا اهي،
جيڪي دل تان دور ڪن دوئيءَ جا دنگ.
جن جو ڪم ’ڀَونڪڻ‘ ۽ بس ’ڪان ڪان ڪرڻ‘،
ڇا ڪندا ڪنهن کي اهي، ڪنٽور، ڪنگ.
خودبخود مسموم ٿي ٿا مات ٿين،
جن جي دلين ۾ دغا ۽ زهر زنگ.
ڏينهن منجهه آ رات، ۽ منجهه رات ڏينهن،
کول اکيون ڏس عجب قدرت جا رنگ.
چنڊ تي جيڪي چڙهن ٿا، تن کي ڀي،
ور ڏيو، ويڙهيو وجهن وارن جا ونگ.
برق، بادل، باد، بجلي، مينهن، موج،
حسن جا هر سو هزارين روپ رنگ.
حسن جي مڪتب ۾ حاصل ٿين ٿا،
عشق جا اوکا اکر، الفت جا انگ.
سِرن واري سُر جي آهي سخت گهرج،
”ڪاش چارڻ بنجي ڪي چورين چنگ“
ڏيهه ۾ ناهي ڏياچن جي ڪمي،
”ڪاش چارڻ بنجي ڪي چورين چنگ“.
منزلِ مقصود ڏي
’معمور‘
هل،
روڪ توکي ڇا ڪندا هي رنگ ڍنگ؟
6-6-1960ع
صوفي فقير
رديف – ”ڳ“
پوي سَهڻو ٿو دک، ديدار کان اڳ،
نه هرگز ايندو هٿ، گل خار کان اڳ.
مزو، ميٺاج، لذت زندگيءَ ۾،
نه آهي عشق جي آزار کان اڳ.
انهيءَ انڪار کي اقرار ڄاڻج،
ٿيو انڪار جو اقرار کان اڳ.
ويو جو وقت، سو واپس نه ورندو،
ڪري ويچار وٺ، تڪرار کان اڳ.
معافي من ڪري مشفق مدايون،
”نه روء اي دل، سزاءِ يار کان اڳ“.
نه هل
’معمور‘
مرضيءَ محب جيءَ ري،
سپاهي ڇا ڪندا سالار کان اڳ.
29-3-1958ع
پٿورو
رديف – ”گهه“
سدائين آ سڄڻ سردار جي تانگهه،
اٿي ويٺي، اکين جي ٺار جي تانگهه.
گذاري يادگيري ۾ گهڙيون پيو،
هنئين ۾ آ، هنئين جي هار جي تانگهه.
جتي پئي واس ورتم، بلبلين جيئن،
انهيءَ گلشن، انهيءَ گلزار جي تانگهه.
مبارڪ ۽ منور آهه سا دل،
رهي جنهن دل ۾ ٿي دلدار جي تانگهه.
مئل دليون جياري ٿي سدائين،
مٺي محبوب مڻيادار جي تانگهه.
رسائيندي وڃي هڪ روز آخر،
مٿي منزل، يقيناً يار جي تانگهه.
مدامي منهنجي من ۾ آهه
’معمور‘!
پڪي پختي پرينءَ جي پار جي تانگهه.
6-4-1961ع
صوفي فقير
*
نه ڪا سرت ساڃهه، نه ڪا آهه سگهه،
وڏا ڪين چئبا، وڌي ٿيا جي ڏگهه.
گلالن جي ڊوڙ آهه، گل سينءَ رڳو،
ٻُڌائين صراف هيرن جا اگهه.
هو سينگار سر جو، هو ڍونڍن جا يار،
هنجن ساڻ ڪهڙي ڪندا ريس ٻگهه.
ڌڪا ڌارين جا شرافت نه آهه،
چون تنهن کي چرٻو چلن جنهن سان چگهه.
جي
’معمور‘
مهندار ملت جا هئا،
وڏا پيٽ ڪيائون، وڌايائون گگهه.
9-8-1959ع
گاڏي ۾ ڳوٺ ايندي
رديف – ”ڱ“
جنهن جي پچار، ماکيءَ جي لار، تنهن سان پيار جو
سڱ،
ڪڪرن جي ڪار، تاريڪ غار، اکڙين جي ٺار جو سڱ.
ڪونجن قطار، ٿيندي نه ڌار، ڪن ڀل هزار حيلا،
تارن جي واٽ، منجهه باهه لاٽ، دلدار يار جو سڱ.
گفتار يار، بجليءَ جي ڌار، ڇيڙي ستار ڪنهن ڄڻ،
روڪي ٿي راهه، موهي ٿي شاهه، گردن سان دار جو سڱ.
ماريءَ جومنڊ، دلين جو ٻنڊ، ڪڪرن مان چنڊ نڪتو،
اي قربدار، ٿي اچ تيار، آ جيت هار جو سڱ.
غم جا غبار، ساري ڄمار، جنهن کان اپار مليا،
تنهن ساڻ آهه، منجهه بره باهه، ساري ڄمار جو سڱ.
ٿي ڪيم هوڙ، پرجهي پروڙ، ڇا سچ ۽ ڪوڙ آهي،
گهڙيون ٻه چار، آهي بهار، ڪهڙو بهار جو سڱ؟
اي بي لغام، ڪڇ ڪيم خام، مولا جي نام، بس ڪر!
پرين جي ريت، پختي پريت، ڌڻ سان ڌڻار جو سڱ.
’معمور‘
مور، توکان حضور، ٿيندو نه دور ڪڏهن!
تو سان اي يار! دل جا قرار، آهي ڄمار جو سڱ.
14-4-1961ع
صوفي فقير
*
کڻ سمر سورن جو ۽ نانگو ٿي نِڱ،
هل وڄائي، سوز واري سُر جو سِڱ.
پهچندو منزل تي، مشڪل مان لنگهي،
درد وارو ڪو ڌنيرَ، ڌوڌاٽ، ڌِڱ.
پارکو پارن تي سڀ جي پرک ڪن،
ڪو نه هوندو آهه، ڪنهن جي سر تي سڱ.
جهڙو منهن آ، تهڙي گهرجي مار ٿي.
آزمايل آهه باديءَ لاءِ هڱ.
مرد سو ’معمور‘،
’مُردو‘ جنهن جو آهه،
رت ريا ۽ موه مشڪون، لوڀ لڱ.
7-6-1961ع
صوفي فقير
رديف – ”ل“
سک، سراهيون سڀ ڇڏي، سوغات آندو سور دل،
دم نه گهاريو ٿي سگهي، دردن کان هاڻي دور دل.
لوڪ جا طعنا ۽ مهڻا، سور، ڏک سنسار جا،
دائما دلبر جي لئه مڙئي ڪيا منظور دل.
همنشينو! ڇا ٻڌايان؟ زندگيءَ جي ماجرا،
”تيز گهورن سان فسون گر، ويو ڪري مسحور دل“.
گهرج ظلمت ۾ نه هاڻي روشني جي آ مونکي،
مہ لقا جو منهن ڏسڻ سان ٿي وئي پر نور دل.
جن سان گذريا زندگيءَ جا چند لمحا پر بهار،
ياد ۾ انجي مدامي ٿي رهي
’معمور‘
دل.
1-9-1957ع
صوفي فقير
رديف – ”م“
منهنجو پرين ۽ منهنجو پيارو پڌرو هوت هزارن ۾،
اڀ تي رات جو روشن ڄڻ ڪو آهي چنڊ ستارن ۾.
نانگ جو ڏنگيل بچي سگهي ٿو، مانگ جو ڏنگيل ڪين
بچي،
واسينگن جي وهه کان وِتِرو، زهر آ زلفن ڪارن ۾.
ميلو منٽن جو هو جنهن سان، مان اهو محبوب ملي،
جنهن سان الفت، عشق ويو ٿي، اکين جي هو اشارن ۾.
دل به وئي، دلدار به وئڙو، حاصل ٿئڙو ڪين وصال،
آهي اوڻائي ڪا اصلي، شايد منهنجن پارن ۾.
ڏکڙن آهي ڏيل ڏکويو، ڏٺڙم ڏولائن جا ڏينهن،
ڏونگر ڏورڻ ڏاج مليو ٿم، ڏنجهن ۽ ڏهڪارن ۾.
آهن ساڻي سور سدائين، ساعت هڪڙي ناهه سرور،
سهسين سختيون سرتي سٽڪن، ساوڻ، سرء، سيارن ۾.
گل به اهي، گلزار به ساڳي، موسم ساڳي آهه، مگر،
”واء وري ڪو اهڙو ويو، جو ڪانهي موج بهارن ۾“
مينهن منداتي ڪيون ملاريون، مگر ملالت مٿان نه
وئي،
شايد اڄ
’معمور‘
نه آهي، موج بهار ملارن ۾.
27-11-1954ع
صوفي فقير
*
ڪو اهڙو وري واء ويو آهه وطن ۾،
باغن ۾ بهار آهه، نه خوشبوء گلن ۾.
بلبل جي بجا باغ ۾ اڄ ڪانگ ۽ چٻرا،
مورن جي مٺي لات نه چڻ ڀڻ سا چمن ۾.
ساڻيهه مان، سانگين مان وئي هاء سَراهي!
جهانگين جي رهي ناهه سا جهونگار جهنگن ۾.
مضمون ۾ سا موج نه ڪو شعر ۾ سو سوز،
۽ ناهه بهاري ڪا اڳين بزمِ سخن ۾.
بلبل جي سنگت ۾ تو صداقت جا ڏٺي ٿي،
رک ڪين تمنا تون اها زاغ و زغن ۾.
سنسار سندا سور، ستم ڪهڙا سڻايان،
طاقت نه رهي منهنجي زبان ۾ نه دهن ۾.
’معمور‘،
ڏسان موج ۾ غدار وطن جا،
۽ ملڪ جا غمخوار سدا غرق غمن ۾.
6-11-1955ع
صوفي فقير
*
سگهو موٽ ساجن وري تون وطن ۾،
سوا تنهنجي ناهي بهاري چمن ۾.
سڄڻ تو سوا ڪيئن گهڙي گهاريان،
حبيبا هيون منهنجو تنهنجن هٿن ۾.
بيان درد هجرت ٻڌائڻ جي لاءِ،
نه طاقت آ منهنجي زبان ۾ دهن ۾.
جڏهن تنهنجي آمد جي پوندي پچار،
خزان ۾ به ايندي بهاري چمن ۾.
تمنا اوهان سان ملڻ جي پرين،
سدا محب
معمور
جي آهه من ۾.
01‑06‑1955ع
صوفي فقير
*
ملي دوکي جو دونهون
ٿو
هوس
وارين
هوائن
۾،
سچو آرام آ پنهان رڳو رب جي رضائن ۾.
رهيو جن جي لبن تي، دل تي هر دم رب جو نالو،
اُهي ڪنهن پر ڪري سگهندا نه غيرن جي غفائن ۾.
امارت آهي سا، جنهن ۾ جهڪن ٿا چنڊ ۽ تارا،
ٿيو ڇا جي نميا ماڻهو حڪومت جي هلائن ۾.
اُهي ئي زندگي پنهنجي بنائي ويا سجائي جي،
توڪل ۾ ٻڌي ترهو، رهيا قابو قضائن ۾.
اهي ئي سڀ آهن بزرگ، اُهي اوليا آهن،
رهن ٿا روز شب جي پنهنجي والي سان وفائن ۾.
جڏهن رب کي پڪارين ٿا، اڙانگي مان اُڪارين ٿا،
اثر مولا رکيو آهي فقيرن جي دعائن ۾.
خزائن کي ڏسي هر گز نه ڊڄ بلبل تحمل ڪر،
بهار ايندي اها مخفي خبر آهي خزائن ۾.
نه وڃ تون عيش کي اوڏو، جتان ڪئين اوک اُسرن ٿا،
ملي آرام ٿو البت فقيري جي خزائن ۾.
پڪارڻ تنهنجي وس آهي، ٻڌڻ ڪم آ ڪريمن جو،
گذارج زندگي ساري سڄڻ آڏو سدائن ۾.
اميرن سان گذارين پيو، غريبن کي ڌڪارين پيو،
اڙي غافل رکيو ڇاهي، جهان جي هن جفائن ۾.
نه رک تون ڀروسو ڪنهنجو نه رک تون آسرو ڪنهنجو،
فقط اُميد رک
معمور
شافي جي شفائن ۾.
*
ڇڏي جي لڏ لڄ پنهنجي پيا لالچ لچائي ۾،
ٿين حاصل جٺيون ۽ ڦِٽ پين منهن ڌوڙ ڇاهي ۾.
ٿين غدار جيڪي قوم سان ۽ ملڪ پنهنجي سان،
اُنهن کي سوڀ حاصل ڪين ٿيڻي آ خدائي ۾.
نه رهه موڳو ۽ غافل بي خبر اُن بيحيائن کان،
رهن ٿا روز شب جي لور لانبٽ لائوچائي ۾.
نه ٽوٽي ٿي، نه همٿ ڇڏ، رڳو ٻه ٽي قدم کڻ اُٿ،
”نه هاڻي دير آهي سنڌ جي جلوا نمائي ۾“
اڃان ڀي جي پٽيندين ڪين اک
معمور
موڳا تون،
ته پوءِ ڄاڻج هميشه لاءِ هڄي ويندين تون هائي ۾.
10‑07‑1958ع
حاجي نبي بخش پلي
*
گڏ رهي جن سان گذاريم، زندگي
آرام ۾،
ياد ان جي ٿي ستائي، مون کي صبح و شام ۾.
اڄ اهي رستا، گهٽيون ۽باغ ڀانيان بر مثال،
ڪين ساعت سک اچي ٿو، گلبدن ريءَ گام ۾.
موڪلاڻي ڪئي مسرت، ڏک اچي ڏيرو ڏنو،
وقت سڀ گذري ٿو هاڻي درد ۽ آلام ۾.
اي هوا، اي بوند، بارش، برق، بادل، اي بهار!
سڌ سڄڻ جي ڪا ڏيو مون کي خدا جي نام ۾.
مدعا من جي فقط
’معمور‘
محبن سان هئي،
ٿو رکڻ ڀانيان غلط، اهڙيون اميدون عام ۾.
20-5-1956
اوطاق پير موسيٰ جان سرهندي
*
هر طرف جاچي ڏٺو مون، هن سڄي سنسار ۾،
فائدو ئي فائدو آ، عشق جي واپار ۾.
يار جي نوري نگاهن، جو ڪجي ڪهڙو بيان،
جنهن جي سامهون ٿين، سو پئي جيت بدلي هار ۾.
ڦوڪ، ڦيڻي، منڊ، منتر، مسمريزم، جفر ۾،
سو اثر ناهي، ڏٺو مون جو نگاهه يار ۾.
شق جگر منهنجو ويو ٿي، هڪ نظر جي تير سان،
موڪلائي وئي خوشي، ڪِرِيُس غمن جي غار ۾.
جيڪو هو
’معمور‘
سو، مهجور حيران ٿي ويو،
سوچ ۽ ويچار مليا، ورهه جي وهنوار ۾.
11-1-1955ع
چِليهَه
*
تار پنهنجي نه رک ٻي ڪهين تار ۾،
دائما يار جي رهه طلب تار ۾.
بااليقين يار دلدار ڌاران سندئي،
ڪونه لهندو ٻيو سار سنسار ۾.
جيئن ڏکن پوئتان شادماني اچي،
رمز تيئن ڄاڻ تون هن جي انڪار ۾.
هجر جي غم سهڻ سان ملي وصل ٿو،
ڇو، ته گل ٿو رهي دامنِ خار ۾.
ڪين ڪي لطف سو جيت ۾ ٿو ملي،
جو مزو ٿو رهي هوت سان هار ۾.
عشق ۾ يار سان خوب ٿي ڏي ۽ وٺ،
دل ڏئي درد ورتو مون واپار ۾.
ڪين
’خالد‘
بهاري ملي سا ڪٿي،
جا بهاري ملي ڪوچئه يار ۾.
7-12-1958ع
ڳموري
رديف
– ”ن“
پڻي پيزار پرين جي، لڱن لائڻ لڳو آهيان،
ڪجل وانگي اکين ۾ خاڪ سا پائڻ لڳو آهيان.
ڏسي سورن جي سايي کي، اڳي دل ٿي ڪيون داهون،
مگر هاڻي ته سورن کي به سمجهائڻ لڳو آهيان.
وڇوڙي جي زماني ۾، رهيا مون ساڻ جي ساٿي،
انهن سورن، دکن، دردن جا ڳڻ ڳائڻ لڳو آهيان.
وڇوڙي يار جي ۾، درد جو مٺڙو مزو ماڻي،
ورونهه جو وڻج ۽ واپار ورجائڻ لڳو آهيان.
حياتي سڀ ڪيم سوڙو، ڏکن، سورن جو سرمايو،
نفعي، نقصان جوغم هاڻ مان کائڻ لڳو آهيان.
مدايون ميٽ، اي مشفق مٺا،
’معمور‘
مذنب جون،
ٻڌي هٿڙا سندئي در تي مان ليلائڻ لڳو آهيان.
5-10-1955ع
جهوڪ (ميرانپور)
*
جڏهن محبوب سان مليس، نظر پهتي نظر تائين،
نظر جا تير پهتا منٽ ۾ دل کان جگر تائين.
نظر جي تير سان گهايل، ڪري مجروح محبوبن،
خبر جي لئه نه ماڻهو موڪليو ڪو بي خبر تائين.
وصالِ يار خاطر زندگيءَ جون انتظاريءَ ۾،
ڳڻي تارا وهايم راتيون ساريون سحر تائين.
پڪاريندي پڪاريندي غمن سورن ۾ گهاريندي،
”وڃي آخر ٿيو حاصل شرف، دلبر جي در تائين“
عزيزو هيءَ وصيت پارجو منهنجي، خدا ڪارڻ!
رهان محروم جيڪر وصل کان پويين پهر تائين.
دلِ ويران، شهيدِ ناز جو لاشو لَٽڻ کان اڳ.
ڪرم سان ڪانڌيو هلجو کڻي، گوهر جي گهر تائين.
ڏسي
’معمور‘
جي مڙهه کي، ڀلائيءَ سان ڀلو جاني،
ڀري پيرا هلي من يار گورستان جي در تائين.
1954ع
صوفي فقير
*
نوان قرب ۽ قرب وارا نوان،
اشارا نوا ۽ ڪنارا نوان.
حيادار چهرو، گلابي بدن،
پکي پيهي آيا پيارا نوان.
هڻي تير نيڻن جا گهايو سڄڻ،
ٻريا دل تي ٻارڻ ۽ ٻارا نوان.
فلڪ دل جو روشن ٿيو، رنگ کليا،
مليا جڏهن تارن سان تارا نوان.
ڪڏهن مرڪ مٺڙي، ڪڏهن ڪنڌ هيٺ،
نئين نينهن جا نت نظارا نوان.
ڇڪڻ پاڻ ڏي ڇرڪ، ڇڏ ڇڏ ۽ ڇا؟
ٿا مارين ماڻن جا مارا نوان.
رسڻ، راه بدلڻ، رکائي ۽ روڪ،
ملي ويا غمن جا غبارا نوان.
محبت ۾
’معمور‘
مدت کانپوءِ،
ملي ويا سڄڻ جا سهارا نوان.
1969ع
حيدرآباد
*
ٿو کسي دلدار دليون، هڪ نظر جي تير سان،
جيئن کٽي ميدان غازي مرد ڪو شمشير سان.
جنهن کي وارن سان وهاٽيو، ٿو ڪري قابو قريب،
اي طبيبو ڪيئن ڇٽي سو نانگ جي اڪسير سان.
عاشقن جي آه و غم جو داستان آهي گهڻو،
ڪين پورو ٿي سگهي ٿو، خامئهِ تحرير سان.
سوئي لکيو لوڙڻو آ، جو لکيو آ لوح ۾،
وس هلي ٿو ڪين ڪنهن جو ڪاتبِ تقدير سان.
ٿو اچي فريادِ فرقت کان زمين ۾ زلزلو،
آسمان لرزي وڃي ٿو، نالئهِ شبگير سان.
آهون دانهون، التجائون، سڏ سڻي سهڻا پرين،
هوت حامي ٿي اچي، غم درد ۾ دلگير سان.
مهر پنهنجيءَ سان مٺا، اي ماهرو، ماهِ لقا،
مل اچي
’معمور‘
سان ايئن، جيئن ملي کنڊ کير سان.
29-4-1956ع
صوفي فقير
*
ٻڌيون تو رنج راحت جون، فضا رنگين جون ڳالهيون،
ذرا هي ڀي ٻڌي ڇڏ، عاشقن جي دين جون ڳالهيون.
محبت، عشق جي ڪهڙي خبر آ مولوي توکي،
سکيو آهين، رڳو زيرو زبر تنوين جون ڳالهيون.
نبيريندين ڀلا ڪيئن، مسئلا هي عشق جا واعظ!
نه فيصل توکان ٿيون آهن، اڃا ”آمين“ جون ڳالهيون.
نٿو مونکي سڃاڻين تون، شهيدِ ناز مان آهيان،
نه ڪر منهنجي اڳيان هي غسل ۽ تڪفين جون ڳالهيون.
سرو بي جان جي محبوب سان ڀيٽا، معاذ الله،
نه ڪر مون ساڻِ شاعر، يار جي توهين جون ڳالهيون.
ٻين ڳالهين ۾ ڇا پنهنجو؟ ڪبيون آزيون عجيبن وٽ،
سڻي
’معمور‘
من هو ماهرو، مسڪين جون ڳالهيون.
23-10-1955ع
صوفي فقير
*
اڃان وري نه واڳ ٿي، نه واڳ ٿي وري اڃان،
اڃان پري مفاصلو، مفاصلو پري اڃان.
اڃان ڀري نه پير ٿو، سڄڻ وفا جي راهه تي،
وفا جي راه تي سڄڻ نه پير ٿو ڀري اڃان.
اڃا ڪري نه قرب ٿو، چوي ڀُڻو اجهو اجهو،
اجهو اجهو ڀُڻو چوي نه قرب ٿو ڪري اڃان.
اڃان ٽري نٿي بَلا، پڪاريم رڙيون ڪري،
رڙيون ڪري پڪاريم، بلا نٿي ٽري اڃان.
اڃان ذري ذري ڪسون، مسون، مصيبتون ڏسون،
مصيبتون ڏسون مسون، ڪسون ذري ذري اڃان.
اڃان وري نه وير ٿو، سزا جزا ڏسي چڪو،
ڏسي چڪو سزا جزا نه وير ٿو وري اڃان.
اڃا ڀري پيو چٽي پڇي ڏسو غريب کان،
غريب کان پڇي ڏسو چٽي پيو ڀري اڃان.
اڃان کري وڌيڪ پئي نواڻ ۾ نئين ٽهي،
نئين ٺهي نواڻ ۾ وڌيڪ پئي کري اڃان.
اڃا مري نه ميچڙو، پڇي سڙي بچي جيئي،
جيئي بچي، سڙي پچي ته ميچڙو مري اڃان.
*
حسينن جا پڙهندي فسانا حسين،
ڏٺم باغ، بر، ڪک ۽ ڪانا حسين.
کڻڻ سان کُٽا ڪين، ويتر وڌيا،
سندن خال و خد جا خزانا حسين.
گذاريام جي ڪوچئهِ يار ۾،
پون ياد ٿا سي زمانا حسين.
صبحاڻي جا وعدا وري صبح تي،
نه ڀلجن اهي ٿا بهانا حسين.
مٺا مهر ڪر، موٽ
’معمور‘
ڏي!
اڏيون ڪي وري آشيانا حسين.
20-10-1957ع
صوفي فقير
*
مليو دلبر، وڇوڙو ويو، لٿا آزار، ٿيون عيدون،
دلاسا درد وارن کي ڏنا دلدار، ٿيون عيدون.
سراهي صبح کان ئي ڏس، سڄي سنسار ۾ آهي،
اچي ٿي هر طرف کان عطر جي هٻڪار، ٿيون عيدون.
بنيا گلزار گهٽيون گهر، فضا فرحت سان آهي پر،
بهاري آهه بازر ۾، درو ديوار ٿيون عيدون.
خوشيءَ جي خلق ساريءَ ۾ پرهه کان ڏس پچار آهي،
ڪيا سنبهي سويل آهن، سڄڻ سينگار ٿيون عيدون.
ڪيا پيمان هئا پرين، ملڻ جا جيڪي محبوبن،
عجيبن اڄ اهي پورا ڪيا اقرار، ٿيون عيدون.
هيم جا آرزو روز - ازل کان وصلِ جانان جي،
ٿيون پوريون مرادون من، همه هيڪار ٿيون عيدون.
ويو جنجل جدائي جو، وريو آ وصل جو وارو،
نوازيو آ نظر هڪ سان، نگاههِ يار ٿيون عيدون.
ڪيو
’معمور‘
کي منظور محبوبن، ويا سڀ غم،
مليون دلدار سان ديدون، عجب اسرار ٿيون عيدون.
3-6-1957ع
صوفي فقير
*
حال هن پاسي جو ۽ هُن پار جون ڳالهيون ڪريون،
جو اجڙ آهي، اُنهي گلزار جون ڳالهيون ڪريون.
دک وڌي ويو ديس ۾، اي دوستو! آ هر طرف،
دلربا دلدار جون يا دار جون ڳالهيون ڪريون.
سڀ اچو گڏجي وطن جي قوم جي خدمت ڪريون،
ڇو اجايون عشق جي آزار جون ڳالهيون ڪريون.
حال ۾ ڇا حال آهي، حال جو جاچي ڏسي،
”هم نشينو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون.“
ذڪر مئه، مينا ۾ اي
معمور
ناهي ڪو مزو،
”زيب“ سان ڇو زلف زينتدار جون ڳالهيون ڪريون.
07‑08‑1955
سامارو
*
زندگي منهنجي بنايئي، دربدر اي آسمان،
ڌار ڪيڙئي منهنجا مون کان همسفر اي آسمان.
جن سان گهاريم ڏينهڙا گڏ، سي نه ساٿي ساٿ ۾،
حال تن جي کان رهايئي، بي خبر اي آسمان.
قرب جون جن سان ڪچهريون، روز شب ٿينديون هيون،
ڪين پهچي ٿو سگهان، اڄ ان جي در اي آسمان.
ياد ۾ ان جي گذاريان ساعتون ۽ سال ٿو،
شام کان ويهي اڪيلو، تا سحر اي آسمان.
جيڪو هو
’معمور‘
اڳ، ويران آهي هاڻ سو،
ان جي هي حالت ڏسي ڇڏ، هڪ نظر اي آسمان.
4-5-1956ع
حيدرآباد
*
جن اجهن اولي اچيو ٿا رند روزانا رهن،
شال قائم قرب وارن جا سي ڪاشانا رهن.
سچ جي سرهاڻ سان گڏ حق جي هو هو هجي،
مرد جِتِ مرڪي ستا، سي ماڳ مردانا رهن.
فقر ۽ فاقو فقيرن جو سمر ۽ سوکڙي،
ناهه غربت عيب پر جي شان شاهانا رهن.
باغ سڀ ساڙي خزان آخر ۾ ايءُ اعلان ڪيو،
گل گلابي، موتيو، چنبيلي ريحانا رهن.
ساٿ ساري جي دعا
معمور
هي آهي مدام،
بر ۾ باري شال هي آباد ميخانا رهن.
*
مهر مونتي
مھ
لقا ٿيندي ڪڏهن؟
حضرتا حاجت روا ٿيندي ڪڏهن؟
در مٿي دانهون ڪندي گذري ڄمار،
درد جي آخر دوا ٿيندي ڪڏهن؟
اي سڄڻ، الله لڳ جلدي ٻڌاءِ!
بره جي بارش ڀلا ٿيندي ڪڏهن؟
منتظر مدت کان آهيان، ماهرو!
لِک ڀلا، لطف و عطا ٿيندي ڪڏهن؟
رات ڏينهان جا طلب ۽ تات آهي،
انتظاري دور سا ٿيندي ڪڏهن؟
پنهنجي
’خالد‘
تي خدارا، چؤ کڻي،
خاص خلوت جي عطا ٿيندي ڪڏهن؟
19-1-1960ع
ٽنڊو ولي محمد، حيدآباد.
*
اسين ميخوار مستانا، مري ڄاڻون ۽ جي ڄاڻون،
سدائين سور ۽ سختيون سهي ڄاڻون، رهي ڄاڻون.
ڪڏهن منجهه سير ساڪِن ۽ ڪڏهن آهيون ڪناري تي،
ورهه جي وير ۾ ورتل چڙهي ڄاڻون، لهي ڄاڻون.
جي پنهنجيءَ تي اچون تان پوءِ ڀانيون سمنڊ ڀي
قطرو،
جفا سهندي جدائيءَ ۾ جلي ڄاڻون، هلي ڄاڻون.
تون چوندو رهه اسان ۾ صبر جي طاقت گهڻي آهي،
مٺن سان گڏ ڪڙا گفتا، سڻي ڄاڻون، مڙي ڄاڻون.
نه ڏي تون هجر جا دڙڪا، آهيون واقف وڇوڙي جا،
رهون جي ڏانوَ سان ڏائي، ڪچي ڄاڻون، پڪي ڄاڻون.
ڪڏهن خفقان ۾
’خالد‘،
ڪڏهن آرام ۾ آهيون،
ڪڏهن قاضي، ڪڏهن غازي، ڪُهي ڄاڻون، ڪُسي ڄاڻون.
12-1-1960ع
صوفي فقير
رديف – ”ڻ“
توکي ساريندي ٿي گذري، رات ساري اي سڄڻ،
برهه ڌاران آهه هردم بيقراري، اي سڄڻ.
جاڳندي، ويٺي، ستي، صورت سندئي آ سامهين!
رات ڏينهان آه تنهنجي تات تاري اي سڄڻ.
دم گهڙي درسن ڏيڻ، سامهون اچڻ، پوئتي هٽڻ،
ڪيستائين رهندو هي، دستور جاري اي سڄڻ!
جنهن جي پويان تنهنجي آمد جو رهي ٿو آسرو،
عيش سا اڌ رات واري انتظاري اي سڄڻ!
هاڻ مونکي ناهه دنيا سان غرض ۽ دين سان،
منهنجي لئه ”جَنّٰتُ عَدۡنٍ“ تنهنجي ياري اي سڄڻ!
مهرباني تنهنجي ڌاران، منهنجا مشفق ماهرو،
ڪين کڄندو برهه جوهي بار باري اي سڄڻ!
لطف اهڙو ڪر، جو تنهنجي لطف جي ”لئه“ ٿي وڃي،
ڪر نظر
’معمور‘
تي ڪا مهر واري اي سڄڻ!
1-12-1960ع
حيدرآباد
*
آهه هر دم سونهن جي سردار سان منهنجي رهاڻ،
محب مشفق، هوت هينئڙي ٺار سان منهنجي رهاڻ.
حسن جي سرتاج ۽ سردار سان منهنجي رهاڻ،
دلربا دلدار، دل جي ٺار سان منهنجي رهاڻ.
حسن جي آهي ڪشش يا عشق جو آهي ڪمال،
هت گذاريان ٿو، مگر هن پار سان منهنجي رهاڻ.
راحتن ۽ لذتن سان لنئون نه ڪا لِک سيئن اٿم،
درد سهندي نيٺ ٿيندي، دار سان منهنجي رهاڻ.
ناهه سرمي جي ضرورت، ڪين گهرجي ٿو ڪجل،
منجهه اکين ٿئي، شل پڻي پيزار سان منهنجي رهاڻ.
جنهن جي ڪارڻ سور سهندي، ٿو ملي سک ۽ سرور،
من ٿئي
’معمور‘،
تنهن منٺار سان منهنجي رهاڻ.
10-6-1955ع
صوفي فقير
رديف – ”و“
هميشه ٿو رهي اي دلربا، بي دم کي دم تنهنجو!
اهو ڪيئن غرق ٿئي، جنهن تي رهي هردم قدم تنهنجو!
زماني جي ٻئن سورن، سزائن، انقلابن کان،
ڊڄان ٿو ڪين، ماري ٿو، مگر هي هجر، غم تنهنجو.
ڪندس مان ڏاڍ جي بدران، وفاداري سدا توسان،
ازل جي ڏينهن کان اهڙو کنيو آهم قسم تنهنجو.
جهان ۾، آخرت ۾، قبر ۾ ۽ روز محشر ۾،
رڳو درڪار آهي دلربا، لطف ۽ ڪرم تنهنجو.
نه آهي ڪا تمنا ٻي، فقط هڪ آرزو آهي،
سدائين شل هجي
’معمور‘
تي سايو صنم تنهنجو.
22-9-1955ع
ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي تعلقو عمرڪوٽ
*
خوش نصيب آهيان، جو دل جو پورو ارمان ٿي ويو،
درد منهنجي لا دوا جو نيٺ درمان ٿي ويو.
يار جي آئي سبب، حاصل جو ٿيو مون کي عروج،
منهنجي لئه پن جو تڏو، تختِ سليمان ٿي ويو.
شيخ صاحب! ڪفر جي فتويٰ ڪڍين ڇا لاءِ ٿو؟
ميڪشيءَ کان مون کي حاصل نورِ عرفان ٿي ويو.
زهد ۾ زاهد گذاري عمر، ڪجهه حاصل نه ٿيو،
يار سان گڏ هڪ گهڙيءَ ۾، ”پخته ايمان“ ٿي ويو.
ڪيتري مدت کان درشن جي تنما ٿي رهي،
بارڪ الله، فضل ربّي، پورو ارمان ٿي ويو.
تنهنجي مئي غمّاز ٿي، ظاهر ڪيو سڀ دل جو حال،
راز جو سيني ۾ پِنهان هو، سو عريان ٿي ويو.
يار جي صحبت ڪري وئي، لوه تي پارس جو ڪم،
دل سيہ ڪافر، منافق ڀي مسلمان ٿي ويو.
ڇا ڪجي ان جي ضيا باري ۽ جلون جو بيان؟
”ذرو ذرو جنهن جي آمد کان درخشان ٿي ويو“
بد رقيبن ڪئين رٿون، حيلا هلايا، وس ڪيا،
مهر ان محبوب جي،
’معمور‘
ذي شان ٿي ويو.
19-2-1956ع
ڳوٺ ”حاجي سانوڻ راڄڙ“ تعلقو سامارو
(هن مشاعري جي صدارت مخدوم محمد الزمان طالب موليٰ
صاحب ڪئي. شريڪ شعراء هئا سرشار عقيلي، غلام محمد
گرامي، اسدالله شاهه، راز، شبير هاتف، مخمور راڄڙ،
مست، دَل، خادم سروري، محمد صالح نهڙي، لاوطن ۽
ٻيا)
*
بيوس ٿي جنهن کان پنهنجو اجڙي چمن ويو،
سوئي وطن ۾ پنهنجي، ٿي بي وطن ويو.
ڪلفت جو واءُ وريو، الفت اُڏي وئي،
ماحول آگ بنجي، ٿي شعله زن ويو.
مجبور انجمن آ، ڏامر جي بوء کان،
محفل مان واس نڪري، مشڪِ ختن ويو.
زاغ و زغن کي ناهي، گل جي پروڙ ڪا،
گلشن مان ذڪرِ سنبل، سوسن، سمن ويو.
هر دم خزان جا حملا، سختيون سهي سهي،
بيمارِ دل جو آخر، اجڙي چمن ويو.
دل جي غمن ڪيو آ، ڪمزور اهڙو، جو،
ڌاڳو به بنجي مون لئه، دارو رسن ويو.
’معمور‘
ڪهڙي ڪريان؟ شعر و سخن جي ڌوم،
دل مان جڏهن ته نڪري، ذوقِ سخن ويو.
2-12-1956ع
صوفي فقير
*
مون ساڻ اڄ منهنجو پرين هو،
نازڪ بدن هو نازنينن هو.
محفل ۾ ٿي وئي روشنائي،
مهمان اڄ ماههِ جبين هو.
ڇو نه گم ٿيندي ڪڙائي،
هر لفظ ان جو انگبين هو.
آيو هلي منهنجي اڱڻ تي،
محبوب منهنجو سو مبين هو.
’معمور‘
جيڪي، مون ڏٺو هو،
سو دلربا ۽ دلنشين هو.
8-9-1959ع
حيدرآباد
*
دلربا دلدار، تنهنجو شڪريو!
اي هيين جا هار، تنهنجو شڪريو!
تنهنجي آمد سان اڱڻ ٻهڪي اٿيو،
اي سڄڻ سردار، تنهنجو شڪريو!
تو پرين پيمان آخر پاريو،
مرحبا منٺار تنهنجو شڪريو!
ياد رهندي دائما تنهنجي وفا،
ساه جا سينگار، تنهنجو شڪريو.
قرب وارا ٻول تو ٻوليا اچي،
بلبلِ گفتار، تنهنجو شڪريو!
ديد ملندي، درد ويا سڀ دور ٿي،
اي اکين جا ٺار تنهنجو شڪريو!
غم ويا تنهنجي پسڻ سان اي پرين!
سڀ لٿا آزار، تنهنجو شڪريو!
هڪ نظر سان، تو نوازيا بي نواز!
يار هينئڙي هار تنهنجو شڪريو!
مرحبا!
’معمور‘
کي جو ايئن چيئي!
”طالبِ ديدار تنهنجو شڪريو“
8-9-1953ع
”سپڙ دل“، تعلقو عمرڪوٽ
*
ٻڌايان ڇا؟ ٻڌائڻ کان وڏو آهي بيان منهنجو،
وڃي شايد فلڪ لرزي، ٻڌي هي داستان منهنجو.
سدا جو باغ هو سائو، گلن جو واس پئي واسيو،
جلائي سو ڇڏيو سارو چمن، بادِ خزان منهنجو.
بهار آئي، بهاري ٿي، سڄي دنيا بهار آهي،
مگر آهي اڃان تائين خزان ۾ گلستان منهنجو.
ويا ويڙهي وڪوڙي واٽ ويندي ساٿ کي دشمن،
پري رهجي ويو منزل کان آهي ڪاروان منهنجو.
هيم جيڪي تمنائون، رهيون سڀ دل جون دل اندر،
ٻڌايان راز ڪنهن کي؟ ناهي ڪوئي رازدان منهنجو.
ويس ويڄن هزارن وٽ، ڌڪا مون دربدر کاڌا،
نه حاصل ٿي شفا ۽ ڇوٽڪارو ڪو ڪٿان منهنجو.
محبت ملڪ ملت جي ڪيس ’معمور‘
مستانو،
اڪيلو راهه ۾ آهيان، نه آيو مهربان منهنجو.
25‑10‑1954ع
هالا نوان
*
ٻڌايان حال ٿو دلدار سان دلڙي لڳائڻ جو،
نتيجو عشق الفت جو پرينءَ سان پيچ پائڻ جو.
ڪري پنهنجو پريتم پهريان، پوءِ ٿي جدا وئڙو،
وڃان ڪيڏاهن؟ چوان ڪنهن کي؟ نه آ حيلو هلائڻ جو.
گهرايو در تي ديوانن کي درشن ڪاڻ، در پوري،
کنيل ٺيڪو اٿس شايد، جگر جيرا جلائڻ جو.
هزارين واعدا ڪيائين، مگر هڪڙو نه پاريائين،
طريقو ڪو سکي کانئس اچي رستو رلائڻ جو.
پڇيو مون ڏينهن هڪڙي دل جهلي، دلدار جانيءَ کان،
سکين ڪنهن کان جفا جاني؟ طريقو هي نٽائڻ جو.
”جفا ناهي“ چيائين ”آهه پرکڻ جو طريقو هي“
”ارادو مون ڪيو آ، عاشقن کي آزمائڻ جو“.
چيم ”دلبر وڻئي تيئن ڪر، مگر مان پيو نباهيندس“
”قسم کايان ٿو اڄ اي بيوفا تنهنجي ستائڻ جو“
ارادو پخته تر جنهن جو، اهو
’معمور‘
ئي آهي،
ڪيو جنهن عهد الفت آخري دم سين پڄائڻ جو.
28-9-1958
ڳموري
*
مقابل محب سان شمس و قمر، اختر نه ٿي سگهندو،
هي شاهِ حسن آ، هن سان ٻيو همسر نه ٿي سگهندو.
ڏيان ڪيئن ڪاٺ سان تشبيهه محبوبن کي، ماعر ٿي،
برابر يار جي قد سان، سرو بي سر نه ٿي سگهندو.
حبيبن جي لبن کان جو وٺي لالي، ٿيو لالا،
”رخِ محبوب جي همسر، سو گل احمر نه ٿي سگهندو“.
عجيبن جي اڳيان خوشبو، وڃائي بوءِ ٿي پنهنجي،
پگهر محبوب جي مٽ عطر ۽ عنبر نه ٿي سگهندو.
ڪيو جنهن عشق ۾ حاصل، ڏکن سورن جو سرمايو،
اهو زردار بنجي ويو، ڪڏهن بي زر نه ٿي سگهندو.
ازل جي ڏينهن کان آهي ڪيو جنهن قيد دلڙيءَ کي،
اهوئي دلربا آ، هاڻ ٻيو دلبر نه ٿي سگهندو.
ڪندين ڇا عشق جي گمراهه جي تون رهبري واعظ!
سڄڻ ڌاران ٻيو
’معمور‘
جو رهبر نه ٿي سگهندو.
29-9-1957ع
صوفي فقير
*
تنهنجي در جا اچي دربان ٿيا، سلطان هزارين مان نه
رڳو،
تنهنجي محبت ۾ مستان ٿيا، انسان هزارين مان نه
رڳو.
ڏسي جلوه گري، ٿي خلق چري، ڇا جن ملڪ، ڇا حور پري،
دلدار اُپٽ درسن جي دري، مستان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجو حُسن پسي حيران ٿيا، تنهنجي خدمت جا خواهان
ٿيا،
تنهنجي قدمن تان قربان ٿيا، پروانه هزارين مان نه
رڳو.
سردار سچا آڌار اجها، محبوبِ خدا، اي ماه لقا،
تنهنجي درشن لئه دلدار مٺا، ڪوشان هزارين مان نه
رڳو.
دک درد جهان مان دور ٿيا، مغموم وري مسرور ٿيا،
مسرور ٿيا،
’معمور‘
ٿيا، شادان هزارين مان نه رڳو.
1986ع
جنوري-فيبروري
*
اگر آهيان اڪيلو ته به روئان ڇو؟
نه آ محبن سان ميلو، ته به روئان ڇو.
وڪوڙي وير ڪيو واڳن حوالي،
ڀڄي ٿيو ڀور ڀيلو، ته به روئان ڇو.
ستل سورن جي سحرا ۾ ڇڏي جي،
ويا ساٿي سويلو ته به روئان ڇو.
غمِ دنيا، غمِ عشقِ بتان کان،
نه واندو آه ويلو ته به روئان ڇو.
چون ٿا دير ۾ آهي درستي،
اٿيس جيڪر اويلو ته به روئان ڇو.
اچڻ سان ميڪده ۾ مون کي
’معمور‘،
حبيبن ڪيو نه ”هيلو“ ته به روئان ڇو.
*
محبوب هو پنهنجو گڏجي رهڻ، ڪجهه ياد اٿم ڪجهه وسري
ويو،
هو ناز ادا پرچڻ ۽ رسڻ، ڪجهه ياد اٿم ڪجهه وسري
ويو.
هڪ طرف اٿيا پئي امنگ نوان، ٻئي پاسي هُئڙا رنگ
نوان،
ڪڏهن ويجهو وهڻ، ڪڏهن ڏوران ڏسڻ ڪجهه ياد اٿم ڪجهه
وسري ويو.
الفت جو زمانو ريت سندئي، ڇا پيار پرک ۽ پريت
سندئي،
ڪڏهن منهنڙو مٽڻ، ڪڏهن پاڻان سڏڻ، ڪجهه ياد اٿم
ڪجهه وسري ويو.
مشڪل ۽ مصائب رنج والم، سورن جا سنيها درد ۽ غم،
جهوريءَ ۾ جهڄڻ تڙپڻ ۽ لڇڻ، ڪجهه ياد اٿم- ڪجهه
وسري ويو.
ميڙيون منٿون ٻڌي، منهن ڦيري ڇڏڻ، غصي ۾ اٿي ٻئي
پاسي وهڻ،
’خالد‘
سان خفا ٿي رنج رکڻ، ڪجهه ياد اٿم ڪجهه وسري ويو.
*
سڄڻ توکان سوا منهنجو وهڻ وهلور ٿي پوندو،
جيئڻ جنجال جهڙو ۽ مرڻ مجبور ٿي پوندو.
ڪندين جورو جفا گر هڪڙو ڀيرو ڪنهن تي اي دلبر،
اهو جورو جفا دنيا جو هڪ دستور ٿي پوندو.
هميشه جي پياريندي پيو مستن کي اي ساقي،
سخاوت ۾ سند ئي نالو مٺا مشهور ٿي پوندو.
ڏسي هلڪو هينئر مرحم پٽيءَ ڌاران ڇڏيندي، تان،
”جگر جو زخم آخر اي سڄڻ ناسور ٿي پوندو“.
سندئي لطف و عطا سان، مهربانيءَ سان، سخاوت سا،
ويو گلشن اجڙ ٿي، سو وري
’معمور‘
ٿي پوندو.
29-3-1958ع تي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب
جي حڪم موجب لنڊن جي مشاعري لاءِ لکيل (صوفي ۾ آمد
18-3-1958ع)
*
جو غفلت ۾ غافل ۽ گيلو ٿيو،
نه محبوب سان تنهنجو ميلو ٿيو.
ويو ساٿ ان کان سڄڻ يار جو،
اٿڻ جنهنجو البت اويلو ٿيو.
ڪُنن ۾ ڪچو ڪيئن ڀلا ڪم اچي؟
پُسيو ۽ ڀڄي ڀور ڀيلو ٿيو.
نڪو هت وهڻ جو ڪيو حڪم هوت،
نه هٿ سان هلڻ جو ڪو هيلو ٿيو.
ٻئن جي وئي سڀ اجائي ڄمار،
کٽيو ان، جو دلبر جو چيلو ٿيو.
نه رک آسرو ڪنهن جو،
’معمور‘
اٿ،
اچڻ ۽ وڃڻ سڀ اڪيلو ٿيو.
12-9-1955ع
ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي
*
ڪن کي ته رات ڏينهن، خيال آهي عيد جو،
ڪن کي وبالِ جان وصال آهي عيد جو.
هر سوءِ هُل ۽ هوءَ، رهاڻيون ۽ راڳ روپ،
ڪثرت سان قيل قال، ڪمال آهي عيد جو.
هر شخص شاد باد، ۽ آزاد غم کان آهي،
بازر ۾ جهنگ جهر ۾، هي حال آهي عيد جو.
پرديسي ديسي ڪيئي ڪروڙين اچيو ملن،
پرچن رٺا هزار، هي ڀال آهي عيد جو.
’خالد‘
نه عيد آهي، سڄڻ يار کان سواءِ،
جلوو جمالِ يار، جمال آهي عيد جو.
1-1-1959ع
صوفي فقير
*
نظر سندئي جو اي سڄڻ! ڪو اهڙو وار ٿي ويو!!
”شڪار لاءِ نڪتو هو، سو خود شڪار ٿي ويو!“
يقين ڪيئن ڪيان مان تنهنجي وعدي تي؟ جوٿو ڏسان،
بهار جن کي هئي، انهن جو حال زار ٿي ويو!!
فراق جو هو ذڪر جنهن کي رات، ڏينهن، سو ڄڻ،
رلائي راهه ويندا ڪيئي، رهه گذار ٿي ويو!
”اسين هميشه گڏ گذارينداسون!“ جنهن جو وعدو هو،
زبان پنهنجي تان ڦري، سو خود فرار ٿي ويو!
زمانو سارو
’خالد‘
آهه، محو ذڪر اسان جي ۾،
اسان جو عشق اهڙو عالم آشڪار ٿي ويو!!
22-2-1959ع
بزم طالب الموليٰ شاخ حبيب آباد
*
زماني جي گردش ڏنو اهڙو ڦيرو!
خوشي ويئي گم ٿي، غمن لاتو گهيرو!!
يقين هو ڏنو، پنهنجي ياريءَ جو جنهن،
اهو بيوفا ٿي ڀڃي ويٺو ڀيرو!
نه جالي سگهيو ٿي، پري هڪڙو پل جو،
لڄي ٿي، وهي ٿو پرين سو پرهيرو!
تعاون سکن جو ويو ٿي تمام!
دمايو دکن دل مٿي پنهنجو ديرو!!
وڃائي خزان ساري زينت چمن جي!!
بهاريءَ جو
’خالد‘
نه پسجي ٿو پيرو!
17-11-1958ع
ڳوٺ هوندو پلي
*
مون سان اي محبوب توکي! ائين ڪرڻ، واجب نه هو.
دل کسي، قابو ڪري، پوءِ منهن مٽڻ، واجب نه هو.
منهنجيون ميڙيون، منهنجيون منٿون، منهنجيون آزيون
منهنجا عرض،
بي سبب ائين توکي ٺڪرائي ڇڏڻ، واجب نه هو.
عمر ڀر گڏجي رهڻ جو، تو ڪيو انجام هو،
پنهنجي ان وعده وفا تان ائين ڦرڻ واجب نه هو.
نوڪرن جيئن هٿ ٻڌيو، جنهن حڪم تنهنجو ٿي مڃيو!
تنهن کي پنهنجي در مٿان لوڌي ڪڍڻ واجب نه هو.
”پنهنجي
’خالد‘
جون خطائون بخش ڪر! اي بي وفا!!“
تنهنجي آڏو هٿ ٻڌي، ڇا ائين چوڻ؟ واجب نه هو.
23-10-1958ع
ڳوٺ ڳموري
*
جڳ چوي ٿو، تنهنجو توکان دور اڄ دلبر ٿيو!
مان نه چوندس دور ان کي جيڪو دل اندر ٿيو.
بندگيءَ جي حال بابت، شيخ کي بس هيئن چيم،
”هاڻ بس منهنجي جبين ۽ هن جوسنگ در ٿيو“
مون کي لوڌي پوءِ ڪيائين غير سان خلوت وڃي،
منهنجي دل ۾هاءِ اڄ محشر مٿان محشر ٿيو.
هڪڙي ٻانهين چت ۾ آهي، ٻي ڪري پروردگار،
”غم دل-مضطر نه ڪر! جيڪي ٿيو، بهتر ٿيو“
شڪر! آخر آرزو پوري ٿي
’خالد‘
خير سان،
منهنجي بربادي ٿي ۽ آباد هن جو گهر ٿيو.
9-11-1958ع
ڳوٺ هوندو پلي
*
تيرگي يا روشنيءَ کي، وقت ئي ظاهر ڪندو،
ڪنهن جي غم کي يا خوشيءَ کي، وقت ئي ظاهر ڪندو.
ڇو ڪجي دعويٰ وڏي ۽ ڇو ويهي هڻجن ٻٽاڪ؟!
دشمني يا دوستيءَ کي، وقت ئي ظاهر ڪندو.
تون ڏسي رهندين سگهو! تان تنهنجي آڏو اي سڄڻ!
منهنجي حالِ بيڪسيءَ کي، وقت ئي ظاهر ڪندو.
ڇو ڪيون انڪار ۽ اقرار تي تڪرار اڄ؟
پنهنجي اثبات و نفي کي، وقت ئي ظاهر ڪندو.
-
بزم طالب المؤليٰ-شاخ پٿورو
رديف – ”هه“
ڀروسو جنهن جو هميشه، پيشوا ڪامل ۾ آهه،
ڀل مٿس مشڪل اچن، پر ڪين سو مشڪل ۾ آهه.
درد وارن سان گذاري، درد ڪو دل ۾ اٿار،
زندگيءَ جو لطف سارو، درد واري دل ۾ آهه.
ڪوڏ ۽ موتيءَ جي وچ ۾ فرق آهي، سو پروڙ،
لطف لهرين ۾ لڙهي وٺ، ڇا رکيو ساحل ۾ آهه.
حال منهنجي زندگيءَ جو، ٿو پڇين، تان ٻڌ عزيز!
آ بيابان ۾ قدم، ليڪن نظر منزل ۾ آهه.
جڳ جي شاهي ۾ اها راحت ڪٿي ۽ رس ڪٿي؟
جو مزو ’معمور‘
پنهنجي محب سان محفل ۾ آهه.
11-11-1956ع
هالا نوان
*
ٿي وئي هيءَ منهنجي عادت عام آهه،
رات ڏينهان لب تي اهنجو نام آهه.
موڪلائي ننڊ نيڻن کان وئي،
شڪر جو اهڙو مليو آرام آهه.
خوش نصيب آهيان، جو الفت ۾ ٿيو،
مون کي حاصل درد ۽ آلام آهه.
من ٿئي ميلاپ توسان ماهرو،
موت تائين مون ٻڌو احرام آهه.
تنهنجي ميخاني منجهان
’معمور‘
کي،
”ساقيا درڪار هڪڙو جام آهه“
19-4-1958ع
صوفي فقير |