همزبان ڇڏ هاءِ گهوڙا، ٿي پريشان غم نه ڪر،
درد، غم هي آهي باقي ڏينهن مهمان غم نه ڪر.
ڏس ڏکن جا ڏينهن هاڻي پيا وڃن ٿيندا پري،
جلد توکي ٿيندو حاصل سک جو سامان، غم نه ڪر.
ديس ۾ آهي اچڻ واري بهارِ جاودان،
ان طرح برپٽ مڙيئي ٿيندا بستان، غم نه ڪر.
چند گهڙيون هي خزان مهمان آهي، ان کان پوءِ،
”فصل گل ايندو، وطن ٿيندو گلستان غم نه ڪر“
ڇو وساري پاڻ کي تون ڏس پڇين ڏاهن کان ٿو،
درد تنهنجي جو ته آهين، تون ئي درمان، غم نه ڪر.
اختتامِ دورِ زحمت بعد اي
’معمور‘
ڄاڻ،
رحمتن جو جلد نازل ٿيندو باران، غم نه ڪر.
27-2-1957ع
اوطاق: پير موسيٰ جان سرهندي
*
جيڪي ڪيا تو قول، سي پار!
مجبور کي هيئن ڪيم تون مار.
ايڏو نه رهه مون کان پرين دور،
ڪجهه ڏينهڙا مون سان اچي گهار.
هن ڀر نٿو پهچي سگهان، هاءِ!
جلدي اچي ڪر تار مان پار.
ويڙهي ويو دردن جو طوفان،
ڏي ڪو دلاسو دل کي دلدار.
تنهنجو ئي مزدور
معمور،
تنهن ڏي سڄڻ، وک وصل جي وار.
رديف – ”ڙ“
جبل جهاڳ سي ڪن، لڳي جن کي جهڙ،
ڏسن ڪين واٽون ونگيون، ور وڪڙ.
مسلسل عمل ڪن، سي منزل رسن،
پڄن ڪين هرگز ٿا ڳالهين جا ڀڙ.
ڪرڻ هيس هيڻن تي ناهي چڱي،
ڪڏهن ڪين چئبا بهادر بگهڙ.
تمنا سدائين، نه رک وصل جي،
وري واهوندن تي ڏين کير بڙ.
نه لاچار تي آهه آچار ڪوئي،
جتي کان پري سي، لڳل جن کي جهڙ.
نه جائز مٽڻ آهه محفل اها،
هجن جت سياڻا ۽ سالڪ سگهڙ.
مٺا تنهنجي نالي کان منهن ٿيو مٺو،
وڌم وات ۾ ڄڻ ڪا مصريء جي تڙ.
سڄڻ يار توکان ڦريا سي ڦُريا،
اهي پار پيا، جي لڳا تنهنجي لڙ.
سوا تنهنجي سائين، سهارو نه آهه،
تون آڌار، اولو، اجهو، اوٽ، اڙ.
اهي ئي مسرت کان
’معمور‘
ٿيا،
هليا جيڪي توڏي ٻڌي حب جي هڙ.
31-3-1961ع
حيدرآباد (روپ محل‑ٽنڊو ولي محمد)
*
نه طاقت رکن ۽ هڻن خالي ڊاڙ،
اهي پنڌ ڪهڙو ڪندا منجهه پهاڙ.
رهن ”بشر“ سان ڀَل سڄي زندگي،
طبيعت نه بدلائي سگهندا ”بگهاڙ“.
رهن ٿا خوشيء کان سي وانجهيا سدا،
دغا جن جي دل ۾ ۽ سيني ۾ ساڙ.
نه تيسين ڪو خطري کان سگهندو ٿي پار،
برائيء جي جيسين پٽيندو نه پاڙ.
رهج درميانو ته ڇيهئون ڇٽين!
سڪي ٿو سرو ڏس، وڃي ٻڏيو لاڙ.
سڃاڻپ اٿئي عاشقن جي اها،
مٿي تي ٻرن مچ، اندر ۾ اماڙ.
مزو ناهه
’معمور‘
محبن سوا،
سڄڻ ريء هتي هيئن جيئڻ آهه جاڙ.
11-8-1959ع
ڳموري تعلقوعمر ڪوٽ
*
هَيا! ڇڏ حرص ۽ هڙ هڙ،
لچائي، لوڀ ۽ لڙ لڙ.
ڪو ڌاري ڌيان، ڌيرج ڪر،
نه ورندئي ڪي منجهان ور وڪڙ.
فضيلت ماٺ ۾ آهي،
ڪري ٿو بي حيا بڙ بڙ.
سڙي ناڙي ته دونهون ٿئي،
سڙن ٿا سر، ته ڪن ٺڙ ٺڙ.
مٿاهينء کان جَهڪي تي ڏس،
ڪِري پاڻي ڪري ڪڙ ڪڙ.
اهو بادل وسي گهٽ ٿو،
گهڻي ٿو جو ڪري گڙ گڙ.
نه ٿي
’معمور‘
تون ماندو!
ڀلي تاڙو ڪري تڙ تڙ.
21-7-1959ع
حيدرآباد
رديف – ”ز“
آبُ جيئن ساحل کي پائي روز روز،
تيئن پيو غم دل کي کائي روز روز.
ڏاڍ واري آگ سان، هو ماهرو،
دل جليء کي پيو جلائي، روز روز.
ياد ان کي شل رهان، پوءِ دلربا،
ڀل جفا سان آزمائي، روز روز.
ڀل ڪري هو ڏاڍ ۽ ڀل درد ڏي،
ڀل نوان دونهان دکائي روز روز.
ياد ڀلجي ڀي نٿو جيڪو ڪري،
ياد ان جي ٿي ستائي روز روز.
درد ئي درمان منهنجو ٿي پيو،
دل کي پيو زنده بنائي روز روز.
ٿو گذاريان زندگي
’معمور‘
هاڻ،
درد، غم جا گيت ڳائي روز روز.
6-10-1957ع
پٿورو
رديف – ”س“
منهنجي خطا نه ڏس تون، تنهنجي عطا کي ڏس!
پنهنجي ڪيل پرين تون، وعدي وفا کي ڏس!
تنهنجي ئي هجر ۾ٿي بيحال، در بدر،
سختيون ستم سهان پيو، منهنجي رضا کي ڏس!
سورن جي بوجهه ۾ ڀي، لب تي آ تنهنجو نانء،
تنهنجي جفا کي ڏس ۽ منهنجي وفا کي ڏس!
تنهنجي ئي در سوالي، جو آهه رات ڏينهن،
سائين خدا جي نالي، انهيءَ گدا کي ڏس!
هڪ سرڪ لئه ستائڻ، تنهنجو نه شان آه،
سختي ڇڏي اي ساقي، پنهنجي سخا کي ڏس.
مڃيان ٿو حرف مون ڏي آهن هزار، پر،
ڪجهه تون به جاني پنهنجي جور و جفا کي ڏس.
’معمور‘
وڄ وانگر، منزل ڏي وک وڌاء،
هرگز نه راهه جي تون، رنج و بلا کي ڏس!
27-7-1957ع
پٿورو
رديف – ”ش“
ناخدا کي جيئن رهي طوفان ۾ ساحل جي تلاش،
مونکي تيئن ظلمت ۾ آهي، ماهه ڪامل جي تلاش.
منهن ڏسان محبوب جو ۽ ٿي وڃان مخمور مان،
ڪيتري مدت کان آهي، اهڙي محفل جي تلاش.
جت قدم سڄڻن رکيا، سا خاڪ اطهر ٿي وئي،
چشم نابينا کي هردم آهه ان گل جي تلاش.
جيئن اچن ٿا سور سر تي، تيئن وڌي ويراڳ ٿو،
ان ڪري مون کي مدامي، آه مشڪل جي تلاش.
جي طلبگار آهين موتين جو ته کڻ اڳتي قدم،
هڻ ٽٻيون اونهي ۾ اونهيون، ڪر نه ساحل جي تلاش.
تون ئي منزل، تون ئي راهي، ووڙ ٻي
’معمور‘
ڇڏ،
پاڻ ۾ جهاتي وجهي ڪر پنهنجي منزل جي تلاش.
7-9-1957ع
پٿورو
رديف – ”ص“
ڪيئن ڀلا وسري سگهي، سا راز واري رات خاص؟
جڳ ستي جنهن ۾ ڪئي سون، بره واري بات خاص!
ڪنهن به ويلي تون نٿو وسري سگهين، اي ماهرو!
صبح سانجهي توکي ساريان، تنهنجي وائي وات خاص.
نيڻ نيڻن سان ملائي، دم انهيءَ وئين دل کسي،
ڪين وسرن ٿا سڄڻ، لِکَ سئين اهي لمحات خاص.
ياد تنهنجيءَ ۾ حياتيءَ جون گذاريان ٿو گهڙيون،
عشق تنهنجو، تنهنجي الفت، تنهنجي تاري تات خاص.
شڪر آخر نيٺ منهنجو بخت بالا ٿي ويو،
مهر سان محبن کان مليا، بره جا برڪات خاص.
مر اهي مرڪن سدا،
’معمور‘
مستانا ۽ مست،
جن کي حاصل جڳ ۾ ٿئڙا، درد جا درجات خاص.
26-5-1959ع
ڳموري تعلقو عمرڪوٽ
رديف – ”ض“
خادم آهيان ديس جو، پوءِ دلربا سان ڇا غرض؟
ڪنهن جي ساره ۽ ثنا، ڪنهن جي گلا سان ڇا غرض؟
يار پنهنجي جي ڪيان ڇو؟ غير وٽ ويهي گلا،
هو رهي هر دم هيئين ۾، گڏ جدا سان ڇا غرض؟
يار جي صحبت ۾ گذري، زندگي جا پُر بهار،
هِير سا آهم هيئين ۾، هِن هوا سان ڇا غرض؟
اي طبيبو گل ٿيڻ تي آ حياتيءَ جو ڏيئو!
موت جي سڪرات واري کي دوا سان ڇا عرض؟
سير ۾ سختيون ڏٺم، آيو نه ڪو امداد لئه،
غرق ٿي ٻيڙي جڏهن، پوءِ ناخدا سان ڇا غرض؟
ملڪ، ملت جي محبت ۾ رهان
’معمور‘
ٿو،
مون کي ساغر ۽ صراحي جي صدا سان ڇا غرض؟
27-9-1955ع
صوفي فقير
*
جتي آهه ساون ۽ نيرن جو فيض،
اتي ناهه ملن ۽ پيرن جو فيض.
”جو ڏاڍو سو گابو“ جو دستور آه،
اهيرن تي آهي، سهيرن جو فيض.
لهڻ بعد ٻڌجن ڪٿان ڪين ٿا؟
وزارت سان آهي وزيرن جو فيض.
نگهه هڪ سان ڦٽجن، هزارين دليون،
اهو آهه چشمن جي تيرن جو فيض.
لڪا ٿا ڀُڻن لوڪ ۾ لعل ڪئين!
فنا ناهه جڳ ۾، فقيرن جو فيض.
ڪري ماٺ
’معمور‘،
محفل مان ڀڄ!
هينئر ٿو هلي هت حميرن جو فيض.
11-6-1959ع
”روڻجو“ تعلقو کپرو
رديف – ”ط“
هجي انڪار يا اقرار جو خط،
مٺو ڀانيان، مٺي منٺار جو خط.
سراهيءَ جا سوين مڻ ساڻ آڻي،
سڄڻ سائينءَ سندم سردار جو خط.
سٽون سڪ جون، اکر الفت جا اڪريل،
هنيون ٿو نئي، هيئين جي هار جو خط.
دکن، دردن جي دنيا ۾، دکين لئه،
دلاسو آهه، دلبر يار جو خط.
ڪري
’معمور‘
ٿو مُردن کي زنده،
مٺي محبوب مڻيادار جو خط.
8-4-1961ع
صوفي فقير
رديف – ”ظ“
رهين رندن سان ميخاني ۾ جي هڪ رات اي واعظ!
وساريين ڪفر ۽ ايمان جي تون بات اي واعظ!
حسينن جي ڪشش کي ۽ تصور کي ڪمال آهي،
جتي وسري ۽ اسري ٿي، خدا جي ذات اي واعظ!
سڄڻ سان گڏ گذاريم چند گهڙيون ميڪدي ۾ جي،
وساريان ته به نٿا وسرن، اهي لمحات اي واعظ!
سڄڻ جو سوز، غم ۽ ياد، آهن منهنجي لئه ڪافي،
نه گهرجن مون کي تنهنجا فيض ۽ برڪات اي واعظ!
نه ڀلجي ڀي ڪري ٿو ياد، جيڪو دم گهڙي ڪڏهن،
انهيءَ جي آهه راتيان ڏينهن، وائي وات اي واعظ!
ٻڌان ڪيئن وعظ تنهنجو، وقت ناهي، ڇڏ پچر منهنجي!
رهن ٿا دائما دل تي، سوين فڪرات اي واعظ!
محبت جي ملي
’معمور‘،
محبوبن کان مَئه جن کي،
اهي ميخوار مستانا، نه ٿيندا مات اي واعظ!
14-6-1959ع
صوفي فقير
رديف – ”ع“
ڪين محفل محب جي ۾ ٻار شمع،
آهه ٻارڻ ڏينهن جو بيڪار شمع.
جي پچڻ چاهيو ٿا، پروانئو اچو!
انجمن ۾ آهه گهڙيون چار شمع.
عشق جي ڪورٽ ۾ پروانن کان اڳ،
آهه قربانيءَ جي دعويدار شمع.
تيل، وَٽِ، گولي جي هوندي خواهه مخواه،
جا ڪري ”ڦڙ ڦڙ“ نه اهڙي ڌار شمع.
جا هميشه روشني ڏيندي رهي،
من ۾ ڪا
’معمور‘
اهڙي ٻار شمع.
17-6-1959ع
صوفي فقير
*
الوداع، اي يار جاني الوداع!
دل سان ناهي، آ زباني الوداع!
اي پرين توکان سوا سنسار ۾،
زهر هوندي زندگاني، الوداع!
راتيون سڀ توسان هو راز و نياز،
ڏينهن مڙئي تنهنجا ڏاني، الوداع.
دم گهڙي سڀڪو رهيو، هليو وڃي،
جڳ جو چرخو آهه فاني الوداع!
هي غزل، هي ڳيت، ڪافيون، مرثيا،
تنهنجي آهي ترجماني الوداع!
اي سڄڻ جا سوز، غم، اي انتظار،
اي ڪرم، اي ڪامراني، الوداع!
موڪلائي، تو چيو
’معمور‘
کي،
”محب تنهنجي مهرباني، الوداع“
30-3-1961ع
حيدرآباد
رديف – ”غ“
ويون بلبليون، ٿي ويا ڀينگ باغ،
سراهيءَ جو ڪٿهين نه پسجي سراغ.
ڪندا مور کيڙا هئا، ڊيلن سان جت،
اتي زور آهن زاغن سان زاغ.
ڊگها مرد موٽا، متارا سوين،
لڀي ڪونه ليڪن لياقت جو لاغ.
ڦٽو بخت، بيحال بڻجي پيس،
ويو هوت هليو، ڏئي دل کي داغ.
تڏهن ڪهڙي
’معمور‘
ڪوشش ڪبي،
نه وس ۾ رهيا جڏهن دل ۽ دماغ.
12-7-1959ع
صوفي فقير
رديف – ”ف“
نه وعدو وفا ڪن، هجي تن کي حيف،
دغا تي دغا ڪن، هجي تن کي حيف.
سڏائين عاشق، مگر ڏک ۾ ٿا،
سڄڻ جي گلا ڪن، هجي تن کي حيف.
وفادار مان ۽ سڄڻ بي وفا،
اها چون چرا ڪن، هجي تن کي حيف.
محبت جي دنيا جا واجب، فرض،
نه ٿا جي ادا ڪن، هجي تن کي حيف.
ڏينهان رات شڪوو شڪايت ڪري،
خفا کي خفا ڪن، هجي تن کي حيف.
محبت جا پروانا بڻجڻ کان پوءِ،
جي درسن قضا ڪن، هجي تن کي حيف.
جي محبوب،
’معمور‘
پارن مٿي،
نه لطف و عطا ڪن، هجي تن کي حيف.
17-7-1959ع
صوفي فقير
دور غم جو آه طاري هر طرف!
آه ڇانيل رات ڪاري هر طرف!
ڪيئن وڃي درشن ڪريان دلدار جو،
چغل ۽ چنڊال چاري، هر طرف.
يار جي آمد جو آهي هل هليو،
آه تهدل ٿي تياري، هر طرف.
ماڳ اچڻو آه موٽي مہ لقا،
آه اڻ تڻ انتظاري هر طرف.
مينهن آئي، محب شايد موٽندا،
وات وائي وصل واري هر طرف.
جي اچي
’معمور‘
هو مهمان ٿي،
ٿي وڃي هڪدم بهاري هر طرف.
13-5-1959ع
حيدرآباد
رديف – ”ق“
جنهن کي مليو جامِ عشق،
سو پيو منجهه دامِ عشق.
سوئي آهي ڪامياب،
جنهن مڃيا احڪامِ عشق.
نانءَ ان جو عام ٿيو،
جنهن تي آيو گامِ عشق.
حج ان جو حق آه،
جنهن ٻڌو احرامِ عشق.
سو نه نڪري سگهندو مور،
آيو جو منجهه دامِ عشق.
ياس، حسرت، درد، سور،
ٿو ملي انعامِ عشق.
عقل جا لومڙ ڀڄن ٿا،
ڏسنديئي ضرغامِ عشق.
ابتدا آسان آهي،
آ ڏکيو انجامِ عشق.
لاعلاج آهي اهو،
جنهن کي آ سرسامِ عشق.
سو ويو ٿي لازوال،
آه جو ناڪامِ عشق.
زندگي سا، جنهن ۾ آه،
صبح عشق ۽ شامِ عشق.
مرحبا!
’معمور‘
نيٺ،
ٿي ويو بدنامِ عشق.
3-4-1961ع
صوفي فقير
نه ڪٿ مستقل آ مڪانِ فراق
جهان ۾ ئي آهي، جهانِ فراق.
ٻڌائي نه سگهبو بيانِ فراق،
وڏو آ گهڻو داستانِ فراق.
ڊهي ڪين سگهندو مڪانِ فراق،
پرين پاڻ آ پاسبانِ فراق.
سجايو انهن جو ئي چئبو سوال،
ڏنو جن کي دلدار دانِ فراق.
اهو عشق جي ڪهڙي پڙهندو نماز؟
ٻڌي جنهن نه ڪڏهن اذانِ فراق.
لڳن ۽ چُڀن، سور ڪن ٿا، مگر،
ڏٺا ڪنهن نه تيرو ڪمانِ فراق.
گراهڪن جي پوندي خبر هاڻ خوب،
سڄڻ آه کوليو دڪانِ فراق.
نه
’معمور‘،
وائي ڪبي وصل جي،
ملي جي وري ارمغانِ فراق.
20-7-1959ع
حيدرآباد
رديف – ”ڪ“
محبوب مٺا، ماهِ لقا، عيد مبارڪ!
دلدار دلي دوست سچا، عيد مبارڪ!
خوشحال رهين شال، ڏسين ڏک نه ڪڏهن ڪو،
اي يار سڄڻ، محب مٺا، عيد مبارڪ.
آواز اسر مهل مبارڪ جو ٻڌو مون،
هيرُن سان ڏني مون کي هوا عيد مبارڪ.
حيران ڪيس هجر، ٿيو حال پريشان،
تقدير ڪيو توکان جدا، عيد مبارڪ.
جنجال جدائيءَ کان وجهان پاڻ ها ماري،
روڪي ٿومگر خوفِ خدا عيد مبارڪ!
توريءَ نه ٻيو آه، جياپو ڪو جهان ۾،
ڪنهن کي مان چوان، توکانسواءِ عيد مبارڪ.
مارين، يا جيارين، يا کڻي ڪين پچارين!
منظور مونکي تنهنجي رضا، عيد مبارڪ!
فاني هي جهان آه، فنا نيٺ ٿي ويندو،
ٿيندي نه ڪڏهن منهنجي فنا عيد مبارڪ.
’معمور‘
جي هن سور ۽ ناسور جو هردم،
دک، درد جو دارون ۽ دوا عيد مبارڪ.
2-7-1954ع
صوفي فقير
رديف – ”ک“
ليي سان لکن جي، تون لاهين ٿو لاک،
سڄي دنيا ڏي ٿي، سڄڻ تنهنجي ساک.
ٿئي دور ظلمت، اچي روشني،
مٺا منهن مان تنهنجي، ڦٽي جڏهن باک.
ڪبا ڪين جيئرن سان شامل اهي،
دليون دونهه جن جون، ٿيا روح راک.
نه دنيا سان دلڙي اڙائج ڪڏهن!
توائي ٿئي سو، تکي جنهن کي تاک.
هڻان وات
’معمور‘
هونءَ هر طرف،
مگر تنهنجي آڏو ڦٽي ڪين ٻاک.
28-3-1961ع
هيرآباد، حيدرآباد
رديف – ”گ“
گدڙ ويٺو گاڌيءَ، قضا ڪن ٿا ڪانگ،
لچن لوفرن جي، لڳي پيئي لانگ.
وسن مينهن پيا، پر چري وس نه ڪوء،
ڊهي ويئيون ڍاڻيون، نه سانگي نه سانگ.
رهيو ڪو نه اولاد ۾ آسرو،
سهارو رهيو ڏوڪرن لاءِ ڏانگ.
وڃايو منهن جو مزو ”ميڪ اپ“،
اکيون دوڏ ۽ وار بي زهر نانگ.
ويو فيض پيرن فقير منجهان،
بڻي بي اثر آه ملن جي ٻانگ.
جو چاهي سو ڪاهي، ڪڇن ڪين ٿا،
هي انسان آهن، ڪه ڇيلن جي ڇانگ.
هزارين هوس ۾ هنيا ٿا وتن،
نه
’معمور‘
آهي محبت جي مانگ.
9-10-1955ع
حيدرآباد |