اسد جمال پلي
مقدمو
هن مقدمي کي اسين ٻن عنوانن ۾ ورهايون ٿا: (الف)
شاعر جو مختصر تعارف (ب) ديوان بابت
شاعر جو تعارف: محترم محمد عمر معمور يوسفاڻي ولد
حاجي محمد يوسف پلي، 25- جنوري 1929ع تي ڳوٺ حاجي
پير محمد پلي (پنجوئي) ضلع عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.
ابتدائي ڄمار ۾ ٻه درجا سنڌي ۽ ابتدائي مدرسي جي
تعليم جا ڪجهه سال پڙهي پوءِ تعليم جي سلسلي کان
منقطع ٿي ويو ۽ ٻهراڙي جي طور طريقن موجب ٻني-
ٻاري جي ڪِرت سان لڳي ويو. ڪجهه سالن بعد ٻيهر
تعليم جي منقطع سلسلي ڏانهن موٽ کائي 1952ع ۾ سنڌي
فائنل فرسٽ ڪلاس پوزيشن سان پاس ڪيائين. ان کان
پوءِ اديب فاضل سنڌي (ٻيو نمبر) 1959ع ۾ اديب فاضل
اردو 1964ع ۾، بي.اي 1970ع ۽ منشي فاضل فارسي
(پهريون نمبر) 1970ع ۾، ايم.اي سنڌي (گولڊ
ميڊلسٽ)، 1973ع سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. سنڌ
يونيورسٽي جي رڪارڊ موجب پاڻ پهريون پرائيويٽ
شاگرد هئو، جنهن گولڊ ميڊل حاصل ڪيو.
پاڻ 3- نومبر 1954ع تي پرائمري استاد طور پنهنجي
نوڪري شروع ڪيائون، بعد ۾ سيڪنڊري استاد، ايجوڪيشن
سپروائيزر، م.د اورينٽل ڪاليج حاجي محمد عالم پلي
۾ اعزازي طور سنڌي جا ليڪچرار ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ
بورڊ ۾ سنڌي جا سبجيڪٽ اسپيشلسٽ پڻ رهيا.
پاڻ 1945ع کان شاعري شروع ڪيائون ۽ 1950ع کان نثر
۾ لکڻ جي ابتدا ڪيائون. لوڪ ادب جي سهيڙ 1956ع کان
۽ تحقيق جو ڪم 1960ع کان شروع ڪيائون. تصنيفات جي
سلسلي ۾ ٽوٽل سندن 89 ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ نظم جا
36 ۽ نثر جا 53 ڪتاب آهن.
محترم معمور يوسفاڻي لڳ ڀڳ نظم ۽ نثر جي مڙني صنفن
تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندن پسنديده موضوع،
مذهبيات، لطيفيات، لسانيات، گرامر، تاريخ،
جاگرافي، ڪلچر، آثارِ قديمه، لوڪ ادب ۽ تنقيد هئا.
ان کان علاوه هڪ سفرنامو ۽ ڪيتريون ئي طبعزاد
تحريرون، طنز ۽ مزاح ۽ سماجي اصلاح سندن تخليقن ۾
شامل آهن.
علمي ادبي جدوجهد ۽ خدمت طور ڪيترائي علمي ادبي
مقالا، ادبي ڪانفرنسون، مشاعرا ۽ سيمينار منعقد
ڪرايائون. پنهنجي وقت جي تمام گهڻين علمي ادبي
تنظيمن جا ميمبر رهيا ۽ ڪافي تنظيمون پاڻ
ٺاهيائون. جيڪي به تنظيمون پاڻ ٺاهيائون ان طرفان
نه صرف ڪانفرنسون ۽ مشاعرا منعقد ڪرايائون. بلڪ
سندن رهبري ۽ رهنمائي ۾ ڪيترا ڪتاب پڻ شايع
ڪرايائون. اهڙين تنظيمن جي وڏي لسٽ مان بزمِ علم و
ادب صوفي فقير، بزمِ طالب الموليٰ شاخ پٿورو ۽
بزمِ طالب الموليٰ شاخ صوفي فقير، بزمِ طالب
الموليٰ سنڌ، سنڌي ادبي سنگت، اداره نوائـﻶ ادب
ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي، مهراڻو اڪيڊمي سنڌ،
گرهوڙي يادگار ڪميٽي، ٿرپارڪر ڪلچرل سوسائٽي،
ٻارڙا پبليڪيشن عمرڪوٽ، سنڌ لطيف ادبي مجلس، محمد
بن قاسم ادبي سوسائٽي، صائم اڪيڊمي ٽنڊو جان محمد،
چانڊيا پبليڪيشن- دڙيلو، رهبر ادبي سوسائٽي تنظيم
فڪر و نظر سنڌ، قاصر اڪيڊمي ميرپورخاص، تاج اڪيڊمي
جُهڏو ۽ لاڙ ميوزم بدين خاص آهن.
کين ڪافي علمي ادبي انعام ۽ سرٽيفڪيٽ مليا، انهن
جي به طويل لسٽ آهي. جن مان، پراڻ ادبي ايوارڊ،
لوڪ ادب ايوارڊ رهبر ادبي ايوارڊ، هجري ايوارڊ،
عالمِ لطيف ايوارڊ ۽ سندن وفات بعد شاهه عبداللطيف
ايوارڊ خاص آهن.
معمور صاحب، صاحبِ فن ۽ استاد شاعر هئو. غزل ۾
سندن استاد سيد گل حسن شاهه مجذوب عمرڪوٽي هئو.
سڄي سنڌ ۾ سندن ادبي شاگرد جو وڏو تعداد آهي. ڪجهه
مشهور ادبي شاگردن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
’شام‘، محترم ولي سروري، ولي محمد وفا پلي، رحيم
بخش قمر لاکو، الله بچايو ’مشتاق‘ آريسر،
عبدالواحد ’عاصي‘ هڪڙو، تاج محمد ’تاج‘ هاليپوٽو،
حنيف عاطر، زاهد ڪنڀار، محمد منٺار هوت، غلام حيدر
غمدل سيال (صاحبِ ديوان)، قاضي عبدالرحمٰن
هاليپوٽو (صاحبِ ديوان)، العبد راهي، لياقت
جوڻيجو، مير اصغر ٽالپر، دين محمد سجاڳ، سيف خالد
يوسفاڻي، احمد خان ڪيريو، نم ناز، ثاقت آريسر،
منظور شاهه ۽ راقم سميت ٻيا به جهجها نالا آهن.
اگر انهن جي لسٽ ٺاهبي ته تعداد محتاط اندازي موجب
هڪ سؤ کي وڃي پهچندو.
پاڻ نه صرف نظم پر نثر جي معياري تحقيقي اصلاح پڻ
ڪندا هئا. م.د اورينٽل ڪاليج ۾ ايم.اي سنڌي جي
ڪيترن شاگردن کي پاڻ آخري سال جي چوٿين پيپر ۾
مونوگراف لکايائون ۽ نوان محقق تيار ڪيائون. سنڌي
ادبي بورڊ جي، ڊاڪٽر نبي بخش خان جي سربراهي ۾
ٺهيل لوڪ ادب اسڪيم لاءِ جهجهو مواد سهيڙيائون،
جيڪو لوڪ ادب اسڪيم جي مختلف ڪتابن ۾ موجود آهي.
ان کان علاوه بدين ثقافتي ميلي، سنڌ پراونشل ميوزم
جي هنرن جي ڪانفرنس، شاهه ولي الله اڪيڊمي، ڀٽ
ثقافتي مرڪز، ٿرپارڪر ڪلچرل سوسائٽي ۽ ٽماهي مهراڻ
جي مشاهير نمبر لاءِ نه صرف پاڻ تحقيقي مقالا
لکيائون بلڪه پنهنجي ڪيترن ئي شاگردن کان ڪافي
سارا تحقيقي مقالا لکايائون، جيڪي مختلف ڪتابن ۾
شايع ٿيل آهن. سندن حياتي ۾ تمام گهڻن علمي ۽
تحقيقي مقالن کان سواءِ جيڪي ڪتاب ۽ ڪتابي سلسلا
پاڻ شايع ڪيائون اُهي هيٺ ڏجن ٿا:
(1) آڏي ڍال مَ ڍار (نطم)، (2) پکن منجهه پساهه
(نظم)، (3) ستا اُٿي جاڳ (نظم)، (4) ڏاهر (نظم)،
(5) مذهب ۽ تصور ڪائنات ترجمو، (6) مهراڻو (ڪتابي
سلسلو)، (7) امراڻو (ڪتابي سلسلو)، (8) ڏيهي ڏور
(ڪتابي سلسلو).
هنن اَٺن ڪتابن کان پوءِ سندن وفات بعد هيٺيان
ڪتاب شايع ٿيا:
(1) ست سورهيه ڏهه ڏاتار، (2) لطيف جا ٿر تان
ڀيرا، (3) ڍوليو ڍٽ ڌڻي، (4) ڀٽائي جو مطالعو، (5)
سنڌ ۾ شاهه ولي الله جا همعصر بزرگ، (6) ڪائو
ڪمايوم، (7) مُهراڻي جا مور، (8) مُهراڻي جو مير،
(9) پنهوارن پچار، (10) پکن منجهه پساهه (ٻيو
وڌايل ڇاپو).
ان کان پوءِ سندن سوانح جي مطالعي تي هيستائين
هيٺيان ٻه ڪتاب اچي چڪا آهن: (1) بيباڪ شخصيت
(الله بچايو مشتاق آريسر) ۽ (2) جيڏو سج سهاءُ
(مرتب: اسد جمال پلي).
معمور يوسفاڻي صاحب کي جيڪو پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت
سان پيار هئو ان جو اظهار قلم کانسواءِ هڪ ميوزم
جو سامان گڏ ڪري پڻ ڪيائين. پاڻ پنهنجي سر ۽
پنهنجن دوستن جي مدد سان ڪافي سارو قديم سامان
جنهن ۾ ڀَرت جا نمونا، سِڪا، ماپ تور جا اوزار ۽
ٻيون شيون گڏ ڪري ان کي ”پلي ميوزم“ جو نالو
ڏنائون. هن ميوزم ۾ هڪ بين الاقوامي نمائش ۾ ٽن
ڏينهن لاءِ ڪيائون. ان کان پوءِ هڪ نمائش وري
ميرپورخاص جي هڪ جشن ۾ ڪيائون. هن وقت اهو سڀ
سامان ڪنهن مناسب ’بلڊنگ‘ جي انتظار ۾ سندن
پونئيرن وٽ محفوظ آهي.
معمور صاحب وٽ ڪلهوڙا دؤر کان وٺي پنهنجي بزرگن جا
ڪيترائي قلمي مسودا ۽ بعد ۾ ڇپيل ڪتاب موجود هئا،
جنهن ۾ پاڻ خاطر خواهه اضافو ڪري هڪ لئبرري تيار
ڪيائون. هن وقت الحمدلله سندن ڳوٺ ۾ هڪ عاليشان
لئبرري موجود آهي، جنهن ۾ روزبروز ڪتابن جو اضافو
ٿيندو ٿو رهي. پاڻ 24- ڊسمبر 1993ع تي فجر مهل ڄام
شورو ۾ وفات ڪيائون ۽ سندن تدفين پنهنجي ڳوٺ حاجي
نبي بخش پلي ضلع عمرڪوٽ ۾ ٿي.
ديوان بابت: سنڌي شاعري ۾ فن ۽ فڪر جي لحاظ کان
ديوان معمور جي هڪ خاص حيثيت ۽ اهميت آهي. معمور
صاحب 1945ع ۾ سورنهن سالن جي ڄمار کان شاعري شروع
ڪئي. روايتي طور پنهنجي ذات ’پلي‘ کي ابتدا ۾ تخلص
طور استعمال ڪيائون. شاعري ۾ سڀ کان اول مولود
شريف لکيائون. شايد ان ڪري به ته پاڻ سنڌ جي صفِ
اول جا مولودي ۽ اڳواڻ هئا. ڪجهه مولودن ۾ پنهنجو
نالو ’عمر‘ به تخلص طور ڪم آندائون. بعد ۾ جڏهن
ڪافيون لکيائون ته ’معمور‘ تخلص استعمال ڪيائون.
غزل جي شاعري ۾ ’خالد‘ ۽ ’غمناڪ‘ تخلص ڪتب
آندائون. ڪجهه وقت بعد ’غمناڪ‘ تخلص اردو شاعري
لاءِ مخصوص ڪيائون ۽ مستقل طور معمور جي تخلص سان
’معمور‘ ٿي ويا.
کين سنڌي نظم جي لڳ ڀڳ پنهنجن خواه پراين سڀني
صنفن تي مڪمل عبور حاصل هئو. مولود، بيت، ڪافي،
وائي، غزل، مثنوي، هائيڪو، ترائيل، سانيٽ، آزاد
نظم کانسواءِ ڪيترائي معرڪ آزاد نظم پڻ لکيائون.
ساڳي وقت سنڌي گرامر ۽ خاص طرح علم عروض تي مڪمل
دسترس حاصل هئي. مون کي ”هڪ ڪچهري ۾ محترم
عبدالقيوم صائب ٻڌايو ته کين ”عروض جا اهڃاڻ“ لکڻ
وقت ڪجهه بحرن جي وزنن ۾ غزل جا اشعار کپيا ٿي
جيڪي معمور صاحب کانسواءِ ڪنهن به شاعر دوست لکي
ڪونه موڪليا. حالانڪه مون سڀني سنڌي زبان جي شاعرن
کي نينڍ موڪلي“. معمور صاحب کي طرح مصرع ۽ في
البديهه شاعري تي به ملڪو حاصل هو. سندن في
البديهه شاعري جو مظاهرو ان وقت عروج تي هوندو هو
جڏهن پاڻ اسٽيج تي انائونسمينٽ ڪندا هئا.
معمور صاحب راڳ جو ڄاڻو هو ۽ خوش الحان هو. اڪثر
مشاعرن ۾ ترنم سان شعر پڙهندو هو ته محفل تي سحر
تاري ٿي ويندو هئي. هن سلسلي ۾ سندن ڇپيل شاعري جي
ڪتابن، پکن منجهه پساهه (ڇاپو ٻيو) ۽ پهنوارن پچار
۾ مڪمل تفصيل موجود آهن.
پاڻ ناري پٽ ۾ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
صاحب جن جي رهنمائي ۽ صدارت ۾ ٿيندڙ سڀني مشاعرن
جا منتظم به رهيا ۽ اسٽيج سيڪريٽري پڻ رهيا. هنن
ادبي ميڙاڪن ۾ پاڻ ڪيترن ئي مقامي ڪهنه مشق ۽ نون
شاعرن کي متعارف ڪرايائون. هنن ادبي ڪانفرنسن ۽
مشاعرن ۾ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين
سان گڏ ڪيترائي سنڌ جا ٻيا مشهور معروف شاعر شريڪ
ٿيندا رهيا جن ۾ سرشار عقيلي، غلام محمد گرامي،
امير بخش امير قريشي، حسين بخش خادم ۽ شبير هاتف
شامل هئا.
پاڻ 1987ع-1988ع واري دؤر ۾ سنڌ ادبي بورڊ جي بورڊ
آف گورنرس جا ميمبر ۽ ٽماهي مهراڻ جي ايڊيٽوريل
بورڊ جا ميمبر پڻ هئا. ان وقت پاڻ هن ديوان جو
منتخب حصو سنڌي ادبي بورڊ جي مسودن ۾ شامل ڪيائون،
هن وقت بورڊ جي چيئرمين سائين مخدوم سعيد الزمان
’عاطف‘ صاحب جي حڪم تحت بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽي هن
ديوان جو مسودو مڪمل ڪرڻ لاءِ منهنجي حوالي ڪيو.
آئون هن ديوان جو مڪمل نسخو پهريائين ترتيب ڏيئي
چڪو هئس ۽ محترم ولي محمد وفا پلي جي مشاورت سان
هن ديوان تي مقدمو جناب عبدالقيوم صائب کان لکرايو
هئو. هيءُ ديوان مون بعد ۾ ڪمپوز ڪرائي پبليڪيشن
ڪميٽي جي چيئرمين محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب ۽
ميمبر جناب نواز علي شوق صاحب جي حوالي ڪيو. جن
محترم چيئرمين صاحب مخدوم سعيد الزمان عاطف صاحب
کان منظوري وٺي، بورڊ جي پبليڪيشن شعبي ۾ ڇپائي
لاءِ ڏنو.
هيءَ ديوان جنهن زماني ۾ لکيو ويو تڏهن اڃان ’ڦ‘،
’پ‘ کانپوءِ ۽ ’ج‘ کان پهرين لکبو هو، هتي انهيءَ
ترتيب کي برقرار رکيو ويو آهي.
فن ۽ فڪر ۾ معياري ۽ مهذب شاعري جو هيءَ ديوان
پنهنجي مواد ۾ تمام گهڻا موضوع رکي ٿو. خاص طرح
لغت، زراعت ۽ ٻهراڙي جي راندين ۽ ماحول مان ورتل
استعارا ۽ تشبيهون، مئڪده جو روايتي ماحول جيڪي
اڳتي هلي ساقي اعظم جي هٿان آبِ ڪوثر جي عنايت ٿو
ڪري، حڪمت ۽ ٻهراڙيءَ جا ڌنڌا ڌاڙيون، شاعري جون
صنعتون، رديف ۽ ڪافيا، شاهه جي رسالي جي موضوعن جي
ترجماني، اعليٰ انساني خصلتن سچ ۽ ڪوڙ سان گڏ امر
۽ نهي جا اشارا به هن ڪلام ۾ موجود آهن. پنهنجي
قوم کي سجاڳي جو سڏ، نوجوانن جي تربيت ۽ کين توحيد
۽ رسالت جي حڪمن جو گس سونهائڻ کان پوءِ پنهنجي
تهذيب ۽ ثقافت سان پيار ۽ سماجي براين کان نفرت ۽
دوريءَ جو تاڪيد به هن ڪلام ۾ زوردار طريقي سان
ڳالهائي ٿو. موسمن جا وقت ۽ تبديليون ۽ اسلامي
تصوف جا رنگ به هن ڪلام ۾ جهلڪن ٿا. انشاء الله
اسين ڪوشش ڪنداسين ته هنن موضوع تي دؤر حاضر جي
نامور شاعرن کان تفصيلي مضمون تحرير ڪرائي هن
ديوان جي رهبر طور هڪ ٻيو ڪتاب پڙهندڙن کي پيش
ڪريون.
آخر ۾ عبدالقيوم صائب ۽ ولي محمد وفا جي لاءِ
دعاءِ مغفرت بعد سڀني مهربانن جو شڪريو جن هن ادبي
ڪم جي تڪميل ۾ اسان جي مدد ڪئي. سيف الله خالد
جنهن هن ديوان جي پروفن ڏسڻ ۾ تعاون ڪيو. سنڌي
ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي سڀني ميمبرن،
سيڪريٽري، پبليڪيشن ڪميٽي جي ميمبرن، پبليڪيشن
شعبي جي ذميوارن ۽ خاص طرح بورڊ جي مانواري
چيئرمين محترم مخدوم سعيد الزمان عاطف جي مهرباني
جنهن جي سعيي ۽ تاڪيد سان هيءَ ڪم تڪميل تي پهتو.
شاعري جي محفلن ۾ سنڌ جا شاعر سڀئي،
ٿا چون آهن غزل معمور تنهنجا پي طرح.
(معمور)
ديوانِ
معمور
رديف — ”الف“
ڪر عنايت ۽ عطا، منهنجا خدا،
بخش ڪر منهنجي خطا، منهنجا خدا.
تون اجهو ۽ آسرو سڀ خلق جو،
ناهه تاري تو سوا، منهنجا خدا.
ڪونه ڪو احسان، ڪنهنجو ٿو کپي،
ٿي کپي تنهنجي رضا، منهنجا خدا.
توڪنان سڀ سور، ڏک ٿا ڏور ٿين،
مهربان مشڪل ڪشا، منهنجا خدا.
تنهنجي در تي آهيان اميدوار،
سڻ عرض ۽ التجا منهنجا خدا.
مرض هن ’معمور‘
مذنب جي سندو،
تون ئي دارون، تون دوا، منهنجا خدا.
12-12-1968ع
صوفي فقير
داستان
ڪهڙا چوي دل، دوست جي دستور جا،
شيوهِ جورو جفا جا، درد جا ناسور جا.
لوه تي ليڪو، پٿر تي چٽ چٽو، تيئن ٿي ويا،
منهنجي دل تي گهاوَ آهن، گلبدن جي گهور جا.
ڇڏ طبيبن تات، ويڄن وات، هل هوتن طرف،
محب ڏيندا نيٺ مرهمَ، نيهن جي ناسور جا.
جي نه ڪنهن کان ميٽيا، سي پڪ سان ويندا ڇٽي،
هڪ نظر دلدار جي سان، چاڪ چڪنا چور جا.
ان ڪري شڪوي شڪايت کان رهان مان باز ٿو،
ڏِين مهڻا محب کي، ماڻهو متان
’معمور‘
جا.
5-8-1955ع
سامارو شهر
پهريائين رکي پرت، پيارو نه ڪرين ها،
جي قرب ڏنئي، پوءِ ته ڪنارو نه ڪرين ها.
جي ڌار گذارڻ جو ارادو ٿي رکيو تو!
تان اصل کان الفت جو اشارو نه ڪرين ها.
پينگهي جي لڳل پرت، پڄائين ها پيارا!
قهار ٿي، هيئن قرب کي ڪارو نه ڪرين ها.
محفل ۾ رقيبن کي سڏڻ، هاء انهيءَ کان!
مارين ها، مگر يار هي مارو نه ڪرين ها.
جو ديپ جلايو، تو هٿن ساڻِ حبيب آهِ،
سو پاڻ وسائي، هي انڌارو نه ڪرين ها.
وعدن تي ويهي مفت ڪئين مسڪين مري ويا،
انجام رکيئي اڄ، سو ”ٽمارو“ نه ڪرين ها.
محفل ۾ حسينن جي، هي
’معمور‘
اوهان جو،
وسريل هو، مگر يار جي وارو نه ڪرين ها.
1-8-1953ع
صوفي فقير
هٿ نه اچڻو آهه ڪجهه ڀي، هٿ هلائڻ کانسوا،
جوڳي بڻجي ڪونه ڪو، جوڳن پچائڻ کانسوا.
رات ڏينهن سجدي ۾ رهه تون، در اڳيان دلدار جي،
سرفرازي ڪين ملندي، سر نمائڻ کانسوا.
عشق ڌارا، عشق وارن جي نه ڪر هرگز پچار،
آهه مشڪل پرت پرکڻ، پيچ پائڻ کانسوا.
ساهه جو سانگو اٿئي، تان ڇو سڏايين سرفروش؟
سرفروشي ٿئي نه حاصل، سر ڪٽائڻ کانسوا.
غمزدن سان گڏ رهي،
’معمور‘
غم حاصل ڪجان!
زندگي بي سود آهي، غم پرائڻ کانسوا.
16-11-1958ع
صوفي فقير
جيئڻ توڙي مرڻ منهنجو مٺا محبوب توسان آ،
سوا تنهنجي نه منهنجي درد جو ٻيو ڪوئي درمان آ.
سگِ در ٿي گذارڻ ۽ رکڻ بس ڀروسو تنهنجو،
اهو آ منهنجو مذهب ۽ اهوئي منهنجو ايمان آ.
سندئي ديواني جي ديوانگي جيئن ٿڌ ٿئي تيئن وڌ،
اڳي هو چاء دامان هاڻ بس چاء گريبان آ.
سهاري تنهنجي ڌاران اي سڄڻ ساحل تي رسبو ڪيئن؟
طلاطم خيز لهرون، رات ڪاري، تيز طوفان آ.
سندئي جورو جفا ۽ هجر جي صدمن ۽ سورن کان،
فغان آ بند سيني ۾ مگر هي چشم گريان آ.
نه آ معمور کي درڪار دنيا جي نه دولت جي،
هميشه گڏ هجان توسان اهو ئي دل ۾ ارمان آ.
27‑04‑1958ع
صوفي فقير
(دادوي جي طرح مصرع تي لکيل)
نه ديوانن جون دونهيون ۽ نه ديوانا نظر آيا،
سندن جايون مڙهيون ۽ ماڳ ويرانا نظر آيا.
خزاني جي ڪيم جان جاچ ويهي خردبينيءَ سان،
نه رپيو روڪ هو هڪڙو رڳا آنا نظر آيا.
ڏٺو سون انجمن ۾ حال ابتر شمع مسڪين جو،
سڙي ٿي صبح تائين پر نه پروانا نظر آيا.
جتي بلبل جي غلغل ۽ چتن قمرين جي ڪو ڪو هئي،
اهي گلشن، اهي گلزار ويرانا نظر آيا.
فغانِ دل، بيانِ غم ۽ حسن و عشق جا قصا،
ڏٺم جاچي ته سڀ احوال، افسانا نظر آيا.
پيئڻ کان ان ڪري محروم رهيس ميڪدي ۾ مان،
رخِ مهتاب جي اڳيان نه پيمانا نظر آيا.
متان ٿي ميڪدو مسجد پوي، ٿيو خوف رندن کي،
جڏهن معمور ميخاني ۾ مولانا نظر آيا.
01‑03‑1959
صوفي فقير |