راهه مشڪل، رڻ ۽ رائو، اڙ نه اوٽ،
آ گهڻو منزل پري، اٿ ڪر ڪا چوٽ.
ڪيم ويساهين سو کائي واٽ ۾،
پنڌ جنهن کي آهه ڪرڻو اوٽ موٽ.
جنگ، جوڌا، جهڙپ سان جهٽيو رَسن،
ٿا ٽلن ٽيڙيءَ سان، ٽُڪرن توڙ، ٽوٽ.
عشق مرشد جو، نه منزل جي تلاش،
رءُ ڪريو رانڀاڙ ڪن ٿا، کايو روٽ.
سڏ ڪندي ڀي، ڪين سکڻي ڏي ڏسن،
ات سلامي سئو ٿين، جت سئو جا نوٽ.
جاچي جوچي پير کڻ ۽ وک وڌاء!
”ڌار“ دنيا جي وجهي ٿي گهايو گهوٽ.
ڀر سگهو
’معمور‘
پيپر، ٿي کڙو!
ٿين هاڻي ٿا هتي، سهڻن جا ووٽ.
19-5-1959ع
حيدرآباد سنڌ.
نه بوتل انهن جي جهلي سگهندي جهٽ،
پين جيڪي ٿا مهل تي مَئهِ جا مٽ.
’تنن- تن‘ سان جا نظم گوئي ٿيي،
نه آ شاعري، آه لَفظن جي رٽ.
رياضي جو ماهر نه ٿي سگهندو سو،
نه ڄاڻي جو تقسيم ۽ جوڙ، ڪٽ.
حڪيمن جا حيلا نه هلندا اتي،
جتي درد دل جو ۽ فرقت جا ڦٽ.
سکر ۽ سياڻا ڪڇن ڪين ات،
جتي جَهَل ۽ ٻيو هڻن ڄاڙ ڄٽ.
اٻوجهن کي ۽ جاهلن کي هميشه،
ڀلائين ٿا ڀوپ ۽ ڀان، ڀٽ.
خزانو فقط علم آ لازوال،
ملي جت سو جڏهن وڃي وٺجي وٽ.
برائي بلا آ، پري تنهن کان رهه!
سڪي پوک سا ٿي، لڳي جنهن کي لٽ.
نه مايا تي
’معمور‘
ڪر ڀروسو!
ڪڏهن ڇٽ پٽن تي، ڪڏهن پٽ تي ڇٽ.
22-5-1959ع
”ڳموري“ تعلقو عمرڪوٽ
کڻي هيج جو هر، اٿي کيڙ کيٽ،
ڪَتيءَ کي ڪمائج، رکي چت ۾ چيٽ.
توڪل جو ترهو ٻڌي تار ۾،
بکون ڏي بدن کي، نه لالچ تي ليٽ.
جي اڪرڻ ٿو چاهين تون عالمپناهه،
سِگهو ڀڄ، متان ٿي وڃن بند گيٽ.
سمنڊ جا سوين روپ آهن، سنڀال!
ڪٿي نار، ڪٿ ڪن، ڪٿي راس، ٻيٽ.
حرامي، حلالي نه ٿيندو ڪڏهن،
پچي راس ٿئي، ته به مٽي آهه ميٽ.
گهڻو کاڄ ڏئي ننڊ، ڀرتي ڪري،
هيا ڇڏ هٻڇ کي! ڀري کاء نه پيٽ.
وڏائي کان
’معمور‘
پاسو ڪري،
کڻي هٿ ۾ هلجان، تون نوڙت جو نيٽ.
25-5-1959ع
صوفي فقير
رديف – ”ٺ“
لَها، بي لها ٿا لڳن جن کي لَٺ،
انهن جي بدن تي ئي، بنجن ٿا بَٺ.
عمل اڻ ميا آخرت لئه کپن،
ڪٿي ڪاٽي سگهبا، رليء هڪ ۾ رَٺ.
حياتيء جو هي فلسفو آهه، ٻڌ،
مرڻ ۽ جيڻ جا اٿئي پهر اٺ.
نه ڪر ٽاڻ، ٽيڙي، وڏائو ۽ واڏ،
ڪرايو ڪُنن ۾، هزارن کي هٺ.
اٿئي مهل
’معمور‘،
مڙسيء جي هي،
اجل ايندو، ڏيندو نه وهنوار وٺ.
25-10-1959ع
حيدرآباد سنڌ.
منهنجي نوڙت، صبر ۽ هي ماٺ ميٺ،
محب کي مون وٽ نمارائيندي نيٺ.
جي ڪڙو ٻوليو قريبن، ڇا ٿيو؟
نوڪرن کي آه گهٽ وڌ چوندو سيٺ.
ويو سکن جو ساءُ سارو ۽ سرور!
ٿي جڏهن کان آ ڏکن سان ڏيٺ ويٺ.
حال دل جو اوريان، ڪهڙي طرح،
يار اردو دان ۽ مان سنڌي ٺيٺ.
مڙ مٺائن کان ملذذ ۽ مٺي،
هاء ڙي
’معمور‘!
هن جي هيٺ ڦيٺ.
26-10-1959ع
حيدرآباد سنڌ.
رديف – ”ث“
موٽ جاني جيءَ جيارا، الغياث!
بر ۾ آهيان بي سهارا، الغياث!
ناهه ترهو، تو سوا ڪو تار ۾،
اچ پرين پارس پيارا، الغياث.
سير جي سختين سٽن ۾ آهيان،
ويا وڪوڙي، مڇ متارا، الغياث.
ڪن ۾ قابو، قيد آهيان، ڪيئن ڪيان؟
ڏور ويا رهجي ڪنارا، الغياث.
رات ڪاري، تيز لهرون، سيءَ مند،
ٻيا مٿان ڪيا مينهن مارا، الغياث.
ست ڇڏي ويو ساٿ، ساڻا لڱ ٿيا،
ڪيئن لنگهينديس گهيڙ، گهارا، الغياث.
هيڪلن سان ٿي اچي حامي حبيب!
ساٿ ويو ۽ ساٿي سارا، الغياث.
تو سوا منزل تي رسندا ڪين ڪي،
محب هي
’معمور‘
پارا، الغياث.
24-4-1956
صوفي فقير
رديف – ”پ“
ذڪر نيڪيء سندو نه آهي پاپ،
ته به چڱو آهه، سا ڪجي چپ چاپ.
ڪنهن جو جيڪر ٿيڻ گهرين ٿو ڪجهه،
ٿيين ٻيٽو متان، ٿجان ڀل ٻاپ.
عورتن ڪاڻ ڍَڪ آهي ايئن،
جيئن ڪه شمع جي لاءِ آهي لاپ.
شمع جهولن جهڪن ۽ طوفان ۾،
سا وسامي ٿي، جنهن کي ناهي لاپ.
پاڻان وڌ ٻئي کي گهرڻ، آهي ڏکيو!
ٿا چون ”آپ مَرندي گهوريو ٻاپ“.
ڏور
’معمور‘،
ڪم بري کان رهه!
سڏجي پاپي ٿو سو، ڪري جو پاپ.
3-9-1958ع
ٽنڊو محمد خان
اڃ اندر جي کان ويا ٿي خشڪ چپ،
دلربا درڪار آ، پاڻيء جي لپ.
ڪين هرگز ٿا ڏنگڻ کان سي رهن،
جي ڇڏيئي ڇوڙي ڪلهن تي سياه سپ.
تنهنجي آمد جو ٻڌي، جيڪو جڏهن،
ڏي مسرت کان انهيءَ جي دل ٿي ٽپ.
ريت ڪهڙيء سان رسان، منزل تي مان،
وچ ۾ گاڏي، چوطرف آ چيڪي گپ.
تنهن کي ويڄن جون وڄائون ڇا ڪنديون؟
سوگهو ورتو جنهن کي آ فرقت جي تپ.
جت سچو سائين اچي ڪورٽ ڪندو،
ڪين هلندا، ات سندئي ڪوڙن جا ٻپ.
ڪنهن طرح ڀي ڪين ٿئي ٿو ڪامياب،
جو وڃايو ٿو وِهي،
’معمور‘
مَپ.
29-10-1959
حيدرآباد سنڌ.
ٺاهوڪا ۽ بت ۾ ڀريل جوان جوپ،
ٿا هلن ڏس چاڙهيو اکڙين تي کوپ.
ڀاڻ واري ڀون ڀلي، پر ڀون اها،
جنهن ۾ مورن، ساوڙي، مکڻي ۽ ٽوپ.
جهڙي ڀون آ، ڪر عمل اهڙو اتي،
”سوڙهه“ ڪٿ ۽ ”ڇٽ“ ڪٿي ۽ ڪٿهين ”روپ“.
ڇو نه هو ساڙهيون ٻڌي سينگار ڪن،
ٿا اسين انگريز بنجي، پايون ٽوپ.
مرد حاڪم عورتن تي مر هجن،
ساسرون هيٺان، مٿان رکجن ٿا ڪوپ.
نينهن ڌاران، نيهن جو نالو نه وٺ!
نينهن وارن کي لڳن منجهه نينهن نوپ.
سڪ سان
’معمور‘
سڀڪو ڪم ڪجان،
عشق ڌاران ٿيندي عملن ۾ نه اوپ.
12-12-1968ع
صوفي فقير
رديف – ”ڦ“
رڍ جي اڳيان راڳ ائين، جيئن دڙ ۽ دِڦَ،
بت نه سڻندو بات ڪائي، ٿي نه کِڦَ.
”سو ڍريا ۽ سو وريا“ آ جنهن جو حال،
آهون دانهون ان جي آڏو، جهڙي گِڦَ.
سنگدل ۽ تنگدل کان رهه پري،
سخت ۽ سوڙهي جتيءَ کان پئي ٿي لِڦَ.
ڪاوڙيل کي ڦير هٿ، ٻچڪار ڪر!
ٺاهجي ماني ٽٽل ٿي، ساڻ ٿِڦَ.
عاجزن اڀرن سندو آڌر ٿجي،
ڀت مٿي ئي ٿيندي آ ڇيڻن جي ٿڦ.
شوق ٿئي
’معمور‘
جيڪر شعر جو،
چئو سخن سچ جو سدا، ٻي ڪر نه دڦ.
21-10-1959ع
حيدرآباد سنڌ.
هجر جي صدمي کان روئي، ٿي نه راڦ،
درد سانڍج دل ۾، ڪڍ ٻاهر نه ٻاڦ.
مور چورن تي ۽ مورن تي اٺور،
هل سياڻپ ساڻ سوچي، هڻ نه لاڦ.
ڪم تڪڙ وارو ٿو اڻپورو هجي،
ڌار ڌيرج، ڌيان تون، ڇڏ هاڦ هاڦ.
من ٿئي مقصود حاصل مام ڪنهن،
آخري دم تائين، ڏيندو رهج ڦاڦ.
جو ڏٺئي
’معمور‘،
سوئي ڪر بيان،
شيخ وانگر ڪر اجائي ڪين داڦ.
7-2-1960ع
صوفي فقير
رديف – ”ج“
جي ٿيڻ چاهين ٿو ڪجهه، انسان ٿج!
جي نيڻ چاهين ٿو گڏ، تان نيڪي نج!
ٿو ڀلو چاهين، ڀلوڪر، سڀ سندو،
دشمنن سان ڀي برائي ڪيم ڪج.
مال تي ۽ مرتبي تي، ملڪ تي،
ڪيم بانور ڪر، ”ٻه پاڇا آهه سج“.
ٻڙڪ ٻولي، ڪم ڪچو ڪريين متان،
سورَ سيني ۾ سڀئي سانڍي رکج.
ٿئي ندامت کان متان هو شرمندو،
محب کي
’معمور‘،
ڏوراپو نه ڏج.
21-1-1960ع
صوفي فقير
مهر تنهنجي هر مصيبت جو علاج،
تنهنجو درسن، دردِ فرقت جو علاج.
جنهن ڪئي تقدير پيدا، تنهن ڪيو،
ڪنهن جي هٿ ۾، ڪنهن جي قسمت جو علاج.
وصل جي مرهم سوا سنسار ۾،
ڪونه آهي، آگِ الفت جو علاج.
راهه انساني تي آڻڻ لاءِ، صرف،
جام هڪ آ، شيخ حضرت جو علاج.
پڪ سان، برباد سو ٿيندو سگهو،
ملڪ جنهن ۾ ناهه غربت جو علاج.
مهر ڪر
’معمور‘
تي اي مهربان،
تنهنجي صحبت، منهنجي وحشت جو علاج.
11-9-1959ع
حيدرآباد سنڌ.
رديف – ”ڄِ“
ويو حاڪمن ۽ اميرن جو راڄ،
ڏسون بس ٿا، ٽيرن مٽيرن جو راڄ.
جتي هو ڪمال اڳ، اتي آ زوال،
رلن راڄواڙا، بجيرن جو راڄ.
سکر ۽ سياڻي جي ناهي پڇا،
هينئر آهه ساون ۽ نيرن جو راڄ.
اَهيرن تي ڪنهن جي ٻڏي ڪين اک،
سڀت آ سگهارن، سهيرن جو راڄ.
اتي بڻجي اسلام، اصنام ٿو،
جتي آه ملن ۽ پيرن جو راڄ.
نه
’معمور‘
ايندي ترقي اتي،
هلي پيو اڃا جت حميرن جو راڄ.
9-4-1956ع
ميرپور خاص
سو نه هٿ ايندو سُڀان، جو آهه اڄ،
ور کڻي، ڀيڙي مٺيون بس ڀڄ ڙي ڀڄ.
ڀل اچن طوفان، واچوڙا، جهڪون،
پير پختا جهل، پڪو ٿي، ڪيم کڄ.
نفس امّاري جي آمنا مڃ نه مور،
ڇڏ هوس ۽ حرص ۾ هرگز نه هڄ.
ڪوڙ، سچ، نيڪي بديء کي رک ايئن،
آڻِ چانور، تهه، ريون ٽاري ٿو ڇڄ.
منهن ڪڙو
’معمور‘
ڪنهن سان ڪيم ڪر،
جو رهائي راڄ سان، سو چون رڄ.
17-1-1960ع
ڄام شورو
ايندو مون وٽ محب مڻيادار اڄ،
ٿيندو مهمان مهربان منٺار اڄ.
هوت جي هيڏانهن اچڻ جو هُل ٻڌي،
دل مٿان هلڪو ويو ٿي بار اڄ.
ٻاجهه سان ٻانهيءَ کي نيندو پاڻ سان،
هٿ وٺي هو هوت هينئڙي ٺار اڄ.
ور جي ڪارڻ، ور کڻي، واڪا ڪري،
ور ۾ ڪنديس ورهه سان وهنوار اڄ.
گس جهلي، گيسي ڪنديس گوهر اڳيان،
من ڪري مون تي ڪرم ڪوهيار اڄ.
نفل شڪراني جا پڙهنديس نياز سان،
وٽ وراهينديس ورائي وار اڄ.
من مسرت ۾ ويو
’معمور‘
ٿي،
ٿيندو دلبر يار جو ديدار اڄ.
14-7-1957ع
ڳموري |