سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ديوان معمور

باب:

صفحو:5 

 

اي دلِ مجروح عاشق چال تنهنجي آ عجيب،

درد جو درمان خود ۽ ٿو پڇائين ٻيا طبيب.

 

يادگيريءَ يار جيءَ کان دم گهڙي رهه دور ڪيم،

رک تصور ۾ سدائين نازنين، نازڪ نجيب.

 

جي سچائي آهه تو ۾، تان سچو ڄاڻج پرين،

ڪر نه ٻي پرواهه ڪا، ڀوري ڀتر ڀل بد رقيب.

 

سمجهه سالڪ ”فاذکروني“ جو اشارو، ڪر عمل،

تون حبيبن جو، ته حامي ڄاڻجان تو سان حبيب.

 

ڇو ڪرين وڻڪار ۾ واڪا، وندر ڇو ووڙيين؟

ڏس پروڙي پاڻ کي، تان آهه ڪوهيارو قريب.

 

سڀ ڇڏي سنسار جا، ’معمور‘ لاڳاپا ۽ لَههَ،

رهه سڄڻ سان ايئن سچو جيئن آ گلن سان عندليب.

24-5-1955

صوفي فقير 

رديف – ”ٻ“

 

ٿين جيڪي رائي ۾ ٿا رويو رِٻَ،

اهي ڇا لنگهيندا، اڇي ٿر جي ڊٻ؟

 

متان سوکو سمجهي، وجهو پڙ ۾ پير!

اٿو بره باري بلا، ٻوڦ، ٻِٻَ!

 

ڪرن ڪنڌ ڀر ڪيئي ڪونڌر، ڪنواٽ،

جڏهن يار جاني ڏئي جِهڙٻ، جهِٻَ.

 

تڏهن ئي اکين تان ٿا پردا لهن،

لڳي ٿي جڏهن دل کي دردن جي دِٻَ.

 

جڏهن نفس اوجهڙ ڏي آرو ڪري،

جهلي واڳ قابو، ڇڪي ڏي تون ڇِٻَ!

 

حسينن ڏي ’معمور‘، تڪڙو نه وڃِ!

متان بنجي تون، اتهين ڪانگن ۾ چِٻَ.

5-11-1959ع

صوفي فقير

اچي جنهن کي ٿي عشق جي ڌوڻ ڌُٻَ،

ٿين تنهن جي دل تي، ٿا دردن جا دُٻَ.

 

مٿاهون ڏسي پاڻ، بانور نه ڪر!

بنا مينهن ڏس آسمانن ۾ اُٻَ.

 

سڳا ڀاء آهن، ڪميڻو ۽ ڪانگ،

ڪري ڪانگ ”ڪان ڪان“ ۽ هو ”لوء لُٻَ“.

 

رکج پير پختا، هلج هوش سان،

منڊيل چو طرف ڏس، هو ڳاريون ۽ ڍُٻَ.

 

ڏنگائي سبب ٿي، هڻي ڌڪ ڪمان،

خطرناڪ ايئن سمجهه ڪٻڙي جي ڪُٻَ.

 

ڀلي ڀون نه ’معمور‘ چئبي اها،

ڇٻر ڇاڙ جا ٿا، جتي ٿين ٿُٻَ.

19-4-1959ع

صوفي فقير

رديف – ”ڀ“

 

بهارن جي سوڀ ۽ نظارن جي سوڀ،

رهي هر طرف حسن وارن جي سوڀ.

 

ڦڪا ٿا ٿين، تڏهن ”ٽم ٽم“ ٿا ڪن،

ستارن تي آهي، ستارن جي سوڀ.

 

جڏهن ڪن مان ڪشتي، سلامت اچي،

تڏهن چئبي آهي، ڪنارن جي سوڀ.

 

اڍائي گهڙيون آهه، ڄٽ جي ڄمار،

هميشه نه رهندي، هچارن جي سوڀ.

 

سڄڻ کي ملن صبر وارا وڃيو،

رهي ڪين ٿي بيقرارن جي سوڀ.

 

سڄڻ مام سمجهي، سڏي پاڻ ڏي،

ته چئبي اکين جي اشارن جي سوڀ.

 

ٿو هر ڪو ٻڌي هٿ، حسينن اڳيان،

مگر آهه ’معمور‘ پارن جي سوڀ.

12-12-1968ع

صوفي فقير

 

ٿهرجي ويهه جاء هڪ تي، هڄ نه هَنڀُ،

ماٺ ڪر اختيار، گابي جيئن نه رَنڀُ.

 

ٿي سڌو، هڪ هنڌ کڙو ٿئي ٿو جڏهن،

گهر سڄي جو ٿو اٺائي بار ٿَنڀُ.

 

سک سبق پاڻيء کان تبديليء سندو،

ڪوسو گرميءَ ۾ رهج، سرديء ۾ ٺَنڀُ.

 

دل جي داغن کان، نه دل ڪمزور ڪر،

سور جي لئه، آخري حيلو آ ڏَنڀُ.

 

آدميء جو آ سهارو عشق ايئن،

جيئن اڏامڻ لئه پکيءَ کي آهه کَنڀُ.

 

کاڄ جي ’معمور‘ هي آهي تميز،

کڻ گره ننڍڙا هميشه، هڻ نه جَنڀُ.

24-4-1959

حيدرآباد سنڌ.

وار ڪن، هر وار گڏجيو، وار سڀ،

مار ڪن ٿا، بڻجي زهري مار سڀ.

 

مهرباني عشق جيء سان جڳ مٿي،

ڪن حڪومت حسن وارا يار سڀ.

 

ٿو نمائي ناٿ، ناتو نيهن جو،

لئون لڳڻ سان، ٿا وڃن ويچار سڀ.

 

عشق جو لاچار، سو لاچار آهه،

لوڪ جا لاهيو ڇڏي، لاچار سڀ.

 

ورهه ايندي ئي وڃايو ٿو ڇڏي،

سينڌيون، سرما، سڳيون، سينگار سڀ.

 

فضل مولا جو سدا درڪار آهه،

ڇا ٿيو جي يار ٿيا اغيار سڀ،

 

ٻاجهه سائين جي جڏهن ’معمور‘ ٿي،

بس انهي دم ئي لٿا آزار سڀ.

3-8-1959ع

حيدرآباد سنڌ.

 

رديف – ”ت“

گلاب، موتيو، چنبيلي، مروو، رهن ٿا جيئن ڪنهن چمن جي زينت،

غرور، مستي ۽ ناز، نخرو، ٿين ٿا تيئن سيم تن جي زينت.

 

رهي ٿو سڀني شين جو هڪ ٻئي سان واسطو، ڪنهن نه ڪنهن نموني،

ٿئي ٿي خوشبوءِ گلن جي زينت ۽ گل ٿين گلبدن جي زينت.

 

فضول خرچي ۽ عيش، عشرت سبب ئي بدنام آهه دولت،

سجائي موڙي نه بنجي جيسين، نه تيسين آهي ڪا ڌن جي زينت.

 

مٽيءَ تي موتي متان مٽايين، مٿانءِ دنيا متان کلايين!

وطن جي ٻولي، وطن جون رسمون، رواج آهن وطن جي زينت.

 

سپاهي سڀئي ڪسن ۽ ڪسجن، رڳو ٿا جنگين جي موقعن تي،

مگر هي مينوش رند هر دم، ٿين ٿا دارو رسن جي زينت.

 

اي جهوپڙين جا ڌڻي، نه سگهندين رهائي ماڙين جي مورتن سان،

هو چنڊ تارا، ستارا سارا، اصل کان آهن اڀن جي زينت.

 

هڪ ئي نظر ساڻ دل ڦٽي، جنهن قرار کَسيو ۽ غم ڏنائين،

فقط انهيءَ جي ئي ياد هاڻي رهي ٿي ’معمور‘ من جي زينت.

25-12-1960ع

حيدرآباد سنڌ

 

رديف – ”ٿ“

 

رهيو جن سان ساون ۽ نيرن جو ساٿ،

انهن ساڻ ملن ۽ پيرن جو ساٿ.

 

تقاضا هينئر پيشوائن جي آهي،

”هجي شال سيئن ۽ شِيرن جو ساٿ!“

 

ترقي جي بدران، تباهيءَ ڏي ويندو،

نه جنهن ملڪ سان آ وزيرن جو ساٿ.

 

تمنا نه ڪر، يار زردار جي،

غريبن سان ڪهڙو اميرن جو ساٿ.

 

نه بي تاج بنجي، تون افسوس ڪر،

هميشه نه رهڻو آ هيرن جو ساٿ.

 

وڃائي سڄو ملڪ ويٺا تڏهن،

ڇڏيو جڏهن ميرن هو ميرن جو ساٿ.

 

هو بيوس ۽ مجبور آهن پيا،

نه پڃري سان ڄاڻج اسيرن جو ساٿ.

 

اهي ئي ٿا دنيا ۾، ’معمور‘ سڏجن،

رهي جن سان پٽڙن ۽ کيرن جو ساٿ.

9-2-1960ع

حيدرآباد سنڌ.

 

سر مٿي آهي سدا سورن جي سٿ،

جيئن وڻن ۽ پوک تي مڪڙن جي رَٿ.

 

عشق هر انسان جي لئه آه ايئن،

اٺ کي ناڪيلي، ڍڳي جي لاءِ نٿ.

 

عشق ۽ الفت جو اندازو نه پڇ!

ڪانه آهي قرب جي دنيا ۾ ڪٿ.

 

ورهه وارن کي نه هرگز ويڻ چئو!

جڳ ۾ ٻي ڪا ورهه جهڙي ناهه وٿ.

 

هجر تنهنجي ۾ مٺا ’معمور‘ جا،

حال هيڻا ٿا رهن، رک هوت هٿ.

3-2-1959ع

حيدرآباد سنڌ

رديف – ”ٽ“

 

اچي جاء جنهن، عشق جي ٿي اساٽ،

ڪريو ات پون، ڪوڙين ڪونڌر، ڪنواٽ.

 

ٻري باهه جتهين، جلي جاء سا،

ڦٽي ننڊ تن جي، لڳي جن لپاٽ.

 

اهي ئي ڦٻن چور، چوريء ۾ ٿا،

اٿيو رات آڌي، هڻن جي ٿا کاٽ.

 

ٻئن ڪاڻ ”ٻاروهي“ اونڌاهه آهه،

پٽي اک انهيءَ جي، چکي جنهن چماٽ.

 

هي دل جو ۽ دنيا جو دستور آهه،

ڪٿان واهه نڪرن، ڪٿان ٿين ڦاٽ.

 

اهي ڪين هارين ۾ آهن شمار!

لڙي سج سين جي نه کيڙين جاٽ.

 

ٻيا گس، ڳليون، رند، راهون ڇڏي،

جا منزل رسائي، اها وٺجي واٽ.

 

پليو ميڪدي کان نه ’معمور‘ کي،

رهي سو نه سگهندو، چکي جنهن چساٽ.

15-5-1959ع

حيدرآباد سنڌ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org