رديف – ”جهه“
نه سل سور ڪنهن سان، نڪي ڪڇ ۽ ڪنجهه،
نه ڏي ڪنهن کي، پنهنجي محبت جو منجهه.
رکن ٿا ”وفاِ واٽ“ ۾ هو روا،
ڏکوين تي ڏاٻڙ، ڏمر، ڏاڍ، ڏنجهه،
سڄن سڏ انهيءَ جا، وڃيو نيٺ ٿا،
چڙهن جن جي واهر ٿا وريام ونجهه.
لکن جو ڌڻي، مور نه لاکيڻو سڏبو،
نه جنهن ۾ لحاظ ۽ لياقت نه لنجهه.
گهرين جي ٿو
’معمور‘،
ماڻهو ٿيڻ،
سڄڻ ساڻ محبت ۾ رهه صبح سنجهه.
3-1-1960ع
صوفي فقير
*
نه ڪي مال ۽ مالدارن جي ٻاجهه،
فقط آه درڪار يارن جي ٻاجهه.
چڪورن جي چت ۾ رهي چنڊ ٿو،
طلب ڪين ڪن ٿا، هو تارن جي ٻاجهه.
ڪڏهن ڪين قابو، ڪنن ۾ سو ٿئي،
اگر ڪنهن تي آهي، ڪنارن جي ٻاجهه.
اتي قتل ۽ قيد ڪوڙين ٿين ٿا،
جتي ”تيغِ ابرو“ ۽ وارن جي ٻاجهه.
اهو مال ڪهڙو پياريندو کير؟
نه جنهن ڌڻ تي هوندي ڌڻارن جي ٻاجهه.
ڪندي ڇا ڀتر ڀور، خرخام جي،
جي
’معمور‘
آ ماهپارن جي ٻاجهه.
4-10-1959ع
صوفي فقير
رديف – ”ڃ“
اچي سهڻا سڄڻ سائين! گهڙي مستن سان گهاري وڃ،
پياسن کي پيالا پرت وارا ڪي پياري وڃ!
گذاريون زندگي ڪيئن رات ڪاري ٻاٽ ۾ توريءَ،
مٺا اچ ٿورڙو مرڪي، اچي محفل اجاري وڃ!
دليون مرده ۽ افسرده، مٿان ڄڻ موت آ طاري،
”مسيحائيِ جهان، قم چئي، وري مردا جياري وڃ!“
طلاطم خيز لهرون، ڪن جا ڪڙڪا ۽ اڪيلائي،
مدد ڪر ناکوا، اچ هن ٽٽل ٻيڙي کي تاري وڃ!
هميشه لئه وڃان مسحور ٿي، مان تنهنجي جلوي کان،
خدارا کڻ اکيون مون ڏي، نظر ان سان نهاري وڃ!
رهان
’معمور‘
۽ مسرور، ساقي سا نظر گهرجي،
ضرورت ناهه ساغر جي، کڻي ٻڪ سان پياري وڃ!
12-5-1957ع
صوفي فقير
*
ديدار سڄڻ يار، پسائي ته ڪڏهن وڃ،
اکين سان اچي اکيون، ملائي ته ڪڏهن وڃ.
سورن جي مٿان سور، ٿيم هجر ۾ حاصل،
اچ بار غمن جا هي، هٽائي ته ڪڏهن وڃ.
وعدن تي وهاري، تو سڄي عمر ستايو،
هڪ ڀيرو اچي پاڻ، ڀلائي ته ڪڏهن وڃ.
مدت کان اٿم آس رکي تنهنجي اچڻ جي،
اوٽي تي اچي پير گهمائي ته ڪڏهن وڃ.
موڳا ٿا رهن مست سوا تنهنجي سڄڻ يار،
محفل ۾ اچي موج مچائي ته ڪڏهن وڃ.
قاتل جو نياپو هي رسيو آ، ته اي ”خالد“،
”مقتل ۾ اچي ڪنڌ ڪپائي ته ڪڏهن وڃ“.
رديف – ”چ“
آهه جت درڪار سودو صاف سچ،
ڪين هرگز ايندو ڪم ات ڪوڙ ڪچ،
ٿو نچڻ چاهين، اگر اسٽيج تي،
پردي داري کي ڇڏي، نانگو ٿي نچ.
راند تنهنجي آ، رڳو هٿ کي مَٽاءِ،
هڻ ٻه ياراهون، وڃي هڪ ڌڪ سان رچ.
محب سان ميلاپ جي، جي سڌ اٿئي،
عشق جي آتش ۾ پروانو ٿي پچ.
حرف مان ٺهندي حڪايت، هوش ڪر،
ٿيندي ٿيندي، ڳالهه بڻبي نيٺ ڳچ.
روشني درڪار ٿيندي رات جو،
من ۾ ٻاري ڇڏ محبت جو ڪو مچ.
جنگ ڌاران ڪين بازي جيتبي،
مڙس ٿي، ميدان تي
’معمور‘
اچ!
27-9-1959ع
صوفي فقير
*
سڀ ويون اڄ واهون، اچ!
محب موٽي پاهون اچ!
لڳ ڌڻيءَ دلبر ٻڌي،
عاجزن جون آهون، اچ!
محب مشفق تو اڳيان،
ٿو ٻڌان ٻئي ٻانهون، اچ!
ڪيئن ڪيان؟ ڪيڏانهن وڃان؟
گم ويون ٿي راهون، اچ!
بي وڙن تي ڀال ڪر!
اي سڄڻ اوراهون اچ!
سڻ سڄڻ
’معمور‘
جون،
درد واريون دانهون، اچ!
6-7-1955ع
ڳموري تعلقه عمرڪوٽ
رديف – ”ڇ“
مري ڪين سگهندا محبت سان مڇ،
هنن جي جهلڻ لاءِ منڊجن ٿا رڇ.
ذري ڪم ڪرڻ تي، ذري ڳالهه تي،
ڪري هل هنگامون، ڪڏي هڻ نه ڪڇ.
بري نفس کي ايئن منجهائي، ڏي مار،
وڏيرو ڪري جيئن ٿو هاريءَ تي بڇ.
ڏسي ڏيک دنيا جو، ڀلجي نه پؤ!
سو رڻ آهه، ڀانيئي جا پاڻيء جي اڇ.
مٿاهين تي
’معمور‘،
پهچن اُهي،
لڀن جن ۾ لئون سان لياقت ۽ لڇ.
20-9-1959ع
صوفي فقير
رديف – ”ح“
مون ڪئي سڄڻ جڏهن کان منظور تنهنجي مدح
دنيا سڄيء جو ٿي ويو دستور، تنهنجي مدح.
سڀ ڪنهن کي تنهنجي وائي، سڀ ڪنهن جي دل ۾ تون،
شاهن سان گڏ ڪري پيو مزدور تنهنجي مدح.
نعتون، غزل، قصيدا، ڪافيون ۽ ڳيت، بيت،
منهنجي ڪري ئي آهي، مشهور تنهنجي مدح.
بيمار لئه شفا تون، هر درد جي دوا تون،
مغموم کي ڪري ٿي مسرور تنهنجي مدح.
مخمور ٿيندي محفل، دک درد دور ٿيندا،
جنهن دم ڪندو اي جاني
’معمور‘
تنهنجي مدح.
31-3-1956ع
پٿورو
*
سور صدما سئو سٺم، پر سور تنهنجا ٻي طرح،
پور ٻيا ڀي ٿا پون، پر پور تنهنجا ٻي طرح.
چاڪ دل ۽ چاڪ سينو، آهه دامن چاڪ چاڪ،
پر گريبان چاڪ چڪنا چور تنهنجا ٻي طرح.
ڪڏهن تارين، ڪڏهن مارين، ڪڏهن مرڳو ماٺ ۾،
ساري دنيا کان سڄڻ دستور تنهنجا ٻي طرح.
حال جا، ڪي مال جا، ڪي ناز جا مغرور مست،
پر گهمن مستيء ۾ ٿا مخمور تنهنجا ٻي طرح.
مهرباني ڪنهن جي، ڪنهن تي، ڪيتري ٿي، ڇا ٿيو؟
تو نوازيو جن کي، سي منظور تنهنجا ٻي طرح.
شاعريءَ جي محفلن ۾، سنڌ جا شاعر سڀئي،
ٿا چون، آهن غزل
’معمور‘
تنهنجا ٻي طرح.
9-7-1957ع
صوفي فقير
*
تون چؤ! توسان ڪريان وعدي وفا ڪهڙي طرح؟
حڪم تنهنجو اي سڄڻ آڻيا بجا ڪهڙي طرح؟
مان گهران ٿو وصل پر تون هجر جو ٿو حڪم ڏئين!
پنهنجو هي قصو مٺا ٺهندو ڀلا ڪهڙي طرح؟
تون سهارو زندگيءَ جو! درد جو درمان تون!!
زندگي ٿيندي بسر توکان سوا ڪهڙي طرح؟
برهه جي بيمار جي هن طالبِ ديدار جي،
تنهنجي درسن کان سوا ٿيندي دوا ڪهڙي طرح؟
ويجهو ٿيندي ٿيندي، ايندي وصل واري واٽ تي!
اوچتو ٿئين پنهنجي ’خالد‘
کان خفا ڪهڙي طرح؟
3-9-1959ع
صوفي فقير
رديف – ”خ“
شوخ دل ۽ شوخ منهن، گفتار شوخ،
شوخ يارن جا مڙئي اطوار شوخ.
سنگدل سختيء کان ايندا باز ڪيئن؟
آب اونهي جا ئي آهن آر شوخ.
وصف محبوبي جو هيءُ آهي ڪمال،
وار ڪنئرا، پر انهن جا وار شوخ.
درد، غم، دوري، ڌڪا، ديوانگي،
قرب جي دنيا جا ڪاروبار شوخ.
هڪڙي گهر جا ڀاتي، هڪ جهڙا ڪٿي؟
نرم نازڪ گل ۽ آهن خار شوخ.
دم نه هڪڙو ٿا ٿين در تان پري،
يار جي درشن جا دعويدار شوخ.
آزمائش جي ڪري
’معمور‘
ٿا،
درمندن سان رهن دلدار شوخ.
17-9-1959ع
ڳموري تعلقو عمرڪوٽ
*
آيو سنبري هو نصيحت ڪاڻ شيخ،
جام هڪ سان بڻيو جوهر-جاڻ شيخ.
ٽاڻَ، ٽيڙي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيا،
ديد پسندي ئي ويو ٿي داڻ شيخ.
ساري جڳ جا ملان قاضي مر اچن،
ميڪدي کان ڪين مڙندو هاڻ شيخ.
ڏيندو ڪاوڙ مان هو فتويٰ ڪفر جي،
ٿي پيو سو کانڌ جي آ کاڻ شيخ.
هٿ ٻڌيو، گوڏا ڀڃيو، ساقيءَ جي در،
روز شب ڏس ڪيئن ڪڍي پيو ڪاڻ شيخ.
منتظر ۽ ملتجي ميخاني ۾،
ٿو رهي
’معمور‘
مستن ساڻ شيخ.
1-8-1958ع
حيدرآباد
رديف – ”د“
مٺا مهربان مہ لقا ٿي مدد!
مصيبت ۾ مشڪلڪشا ٿي مدد!
تون آڌار، اولو، اجهو، اوٽ، اڙ،
نه تاري اٿم، تو سوا، ٿي مدد!
وئي واٽ گم ٿي، نه ساٿي نه ساٿ،
وسيلا ۽ حيلا ويا، ٿي مدد!
ويو ڪاروان، رس اچي راهبر،
سڻي سائلن جي صدا، ٿي مدد.
مصيبت ۾
’معمور‘،
توکي سڏيو،
پڙهي ”ربنا آتنا“، ٿي مدد!
4-8-1957ع
صوفي فقير
*
نحس ڏينهڙا ختم ٿي ويا، وقت آيو آ سعيد،
مهر سان محبن ڪيا پورا اچي وعدا وعيد.
ميٽجي ويا هجر جا سڀ حرف، وريو وصل واءَ،
سي قريب آهن سڄڻ، جي ٿي رهيا بيحد بعيد.
جادو چئجي، يا ڪرامت چئجي، يا ڪو معجزو،
زاهد آمدِ محفلِ جانان که، آن جامهء دريد.
تنهنجي آئي ئي ٿيا ميلا، وڇوڙا دور ٿيا،
مرحبا صد مرحبا، صد مرحبا، اي روزِ عيد.
وصل جي واپار ۾ ڪاغذ قلم کي ڇا ڪبو؟
هائو گهرجي ٿي حبيبن جي، نه گهرجي ٿي رسيد.
ڪونه گهرجي ٿي طبيبن جي دوا
’معمور‘
ڪا،
درد وارن کي فقط درڪار آ دلبر جي ديد.
10-4-1959
صوفي فقير
رديف – ”ڌ“
نه سوکي ڪرڻ آ ستارن جي سڌ،
هيون ٿي گهري حسن وارن جي سڌ.
پياسيء کي کپي پڻ لازمي ٿي،
بجا ٿا چون بره وارن جي سڌ.
پري ٿي پچاريم، ته ڪهڙو گناهه؟
خزان ۾ ڪبي آ، بهارن جي سڌ
تڪڙ ۾ ڪرڻ طمع بي سود آهه،
رهي راهه ۾ رهگذارن جي سڌ.
چئي هو، چوڻ ڏي، نه پرواهه ڪر،
ٻه ٽي منٽ هوندي آ ٻارن جي سڌ.
نه هڪ لعل سان ڪوڏ ڪوڙين پڄن،
ڪُنن ۾ ڪبِي ڪيئن ڪنارن جي سڌ!؟
زماني جي
’معمور‘
زوراوري!
گوئڙ ڪن پيا، گلعذارن جي سڌ.
6-9-1959ع
صوفي فقير
سَنوَنِ کان ئي ملن سڀ کي ٿا وهنوار اڌو اڌ،
سنئين سينڌ سبب ئي ٿا ٿين وار اڌو اڌ.
زماني ۾ چڱن ساڻ برا لازمي هوندا،
گلن ساڻ هميشه ٿا هجن خار اڌو اڌ.
نه داخل جا ٿيي پوک ڪتابن ۾، انهيء جي،
وڏيري کان وٺن ڍل تپيدار اڌو اڌ.
نظر يار سڄڻ جي سان ٽڪر ڇو نه دليون ٿين،
جو طوفان وڻن جا ٿو ڪري ڏار اڌو اڌ.
لڀن يار ٿا دنيا ۾، فقط چند ڪي اهڙا،
اٺايو جي کڻن پاڻ سان آزار اڌو اڌ.
سڄڻ يار کي
’معمور‘،
نه مجبور ڪنداسون،
جو سڪ جي سزا ۾ ٿي ملي مار اڌو اڌ.
13-9-1959ع
صوفي فقير
رديف – ”ڏ“
ڏسي داٻ دڙڪا ۽ دهمان دوڏ،
ڇڏينداسون هرگز نه لاکيڻي لوڏ.
ڪُنن کان ڪِنارو ڪبو ڪين مور،
سپون سير ۾ ۽ ڪناري ۾ ڪوڏ.
سٺا وڙ سنڀالين ٿا سال ۾،
ڀڄن ڀئو بنا پيا، ڀٽن پاس ڀوڏ.
ڪبوتر کان ڪڏهن ڪچو ڪم نه ٿئي،
لچائي لڪيو ڪن، ڊٻن منجهه ٿا ڊوڏ.
زمانو سمورو گذر جو مڪان،
لڏي ويا، ڇڏي ويا، اڏي ڪيئي اوڏ.
نه رک موهه
’معمور‘
مايا سان ڪو،
گڏڻ دل کي دنيا سان، هڏي تي هوڏ.
30-8-1959ع
حيدرآباد
*
نه ٻارن سان کيڏ ۽ نه ڍارن سان کيڏ،
ٿي کيڏاري، غم جي غبارن سان کيڏ.
جي جڳ ۾ ڪرڻ ڪجهه ٿو چاهين، ته پوءِ،
اٿي بس وڃي آبشارن سان کيڏ.
وڃي نيٺ نفرت جا پيدا ڪري،
اها راند هرگز نه يارن سان کيڏ.
ستارن کي ڏسبو، ته بس رات ۾،
نه بي پرده ٿي، پرده دارن سان کيڏ.
ڪڇڻ ۽ پڇڻ جي جتي جاء ناهه،
اتي بس اشارن اشارن سان کيڏ.
ڦٽڻ ۽ ٺهڻ هن جو ڳنڍ ۾ ٻڌل،
حجاتو نه ٿي حسن وارن سان کيڏ.
جي کيڏڻ گهرين راند ٿو سڪّ جي،
اچي محب ’معمور‘
پارن سان کيڏ.
31-2-1959ع
صوفي فقير
رديف - ”ڊ“
ويو بره جي باهه ٻاري ڪو ٻنڊ،
ڀلائڻ سان ڀلجي نٿو باز، ڀنڊ.
پکيڙي سي زلف، سامهون صنم،
منڊيو مثل ماريء جي محبوب منڊ.
تجلي ڏسي يار جي حسن جي،
لڪو بادلن ۾ وڃي آهه چنڊ.
حياتي سڄي هجر ۾ ٿي گذر،
ڏکن ڏاکڙن جو مليو آهه ڏنڊ.
سگهو مل اچي هاڻ سهڻا پرين!
نه سهجي ٿو سر تي، جدائي جو جنڊ.
ڪري مهر
’معمور‘
مهجور تي،
اچي مل مٺا، ”جيئن ملن کير کنڊ“.
16-10-1955ع
صوفي فقير
رديف – ”ڍ“
پنڻ جي پئي وئي اگر ڪنهن کي اڍ،
ڪندو سوال سهسين، لڳو ايندو ڪڍ.
رهي جڳ جي حالت، هميشه ٿي هيءَ،
ڍِڪون ڍئو جون ڪٿ ۽ ”ڪٿي بک جا وڍ“.
ٻه پاسو وڄي ٿو، هي دنيا جو دهل،
ڪٿي ”تڪ ڌنا ڌن“، ڪٿي ٻولي ”ڍڍ“.
چڪي جنهن چکي، سو نه هرگز رهي،
مُيون ٿيون لهن سي، چڙهن جيڪي گڍ.
وڃج وقت
’معمور‘،
پورو ڪري،
ڏکن ڏاکڙن ۾ ڏئي دل کي ڏڍ.
20-8-1959ع
ڀٽ شاهه
*
ڪڍ نه ٻاهر ٻاڦ، سيني سور سانڍ،
درد دل ۾ برهه سان ڀرپور سانڍ.
ٻور مان مکڙي ٿئي، مکڙيءَ مان گل،
ٿو اگر ميوات چاهين ٻور سانڍ.
سانڍي سپ ٿي مينهن ڦڙو، موتي ٿئي،
پاڻ کي پختو پڪو ڪر، پور سانڍ.
بال گنبذ تي نه بيهڻو آ ڪڏهن،
ڪم ڪچو ڇڏ، ڪين ڪي ڪنٽور سانڍ.
زود رنجي، هجر ۽ جورو جفا،
مسئلا هي من ۾ سڀ
’معمور‘
سانڍ.
14-8-1959
ڍورو نارو
رديف – ”ذ“
نه آ صرف ان جو نظارو لذيذ،
سڄڻ يار جو پار سارو لذيذ.
سندس حرف کهرو ۽ کارو لذيذ،
چري چال، چڻ ڀڻ، چٻارو لذيذ.
اٿڻ، اونگهه، آرس ۽ آرو لذيذ،
نظارو سڄو ننڊ وارو لذيذ.
مٺي جي مٺائي، جي ناهي ڪا حد،
اشارو لذيذ ۽ ڪنارو لذيذ.
سڄي جڳ جي راحت، خوشي، عيش کان،
سڄڻ جي غمن جو غبارو لذيذ.
ڪجي ناز و انداز جو ڇا بيان؟
سندن هر ادا آهه، يارو لذيذ.
محبت جو ٻيلهاڙو کيڏڻ جي لئه،
ڏيڻ ۾ اچي جو، سو ڏارو لذيذ.
خبر چار جنهن سان پوي يار جي،
اها فال وهوا ۽ ڍارو لذيذ.
ڀڄي باهه کان ٿو پري سڀڪو، پر،
محبت جو ٻارڻ ۽ ٻارو لذيذ.
وجهن وصل جي ڪاڻ واجهون ڀلي،
مگر وقت آ ورهه وارو لذيذ.
ٿئي وصل جي واعدي مهل ٿو،
سو
’معمور‘
ماڻن جو مارو لذيذ.
30-11-1959ع
صوفي فقير
رديف – ”ر“
منهنجو هتي توکان سوا آهي ڪير؟
تو جيئن پرين مون کي ٻيو چاهي ڪير؟
ڪنهن لات ۾، ڪنهن تات ۾ مستن جيئن،
طوفان ۾ منزل طرف ڪاهي ڪير؟
اميد وصلِ جام جي، ڇڏيم يار،
ٿوهر منجهان ماکي وڃي لاهي ڪير؟
زخمي دلين کي دلربا، مرهم ڏيج!
ڪنڀر سوا، ٽوڙي، ڳنڍي ٺاهي ڪير؟
صبح و مسا تنهنجو ڪريون ٿا ديدار،
مستن سوا چڙهندو ٻيو ڦاهي ڪير؟
’معمور‘
پڻ مجبور آ، او محبوب!
تو سان هتي، سينو سڄڻ ساهي ڪير؟ |