سهڻي صلاح:
”معمور“، غزل جي بي مقصد شاعري ڪا نه ڪئي آهي. هن
اُن جي ذريعي ڏاڍا سهڻا سبق ۽ صلاحون ڏنيون آهن،
جن هن جي غزل کي بامقصد بڻائي ڇڏيو آهي، هو چوي
ٿو:
ٻيا گس، ڳليون، رند، راهون ڇڏي،
جا منزل رسائي، اها وٺجي واٽ.
۽ ان ڏس ۾ پير سنڀالي کڻجي ۽ ورنه دنياوي حرص و
هوس جي تلوار جي ڌار، ڪيترن ئي گهوٽن کي گهائي
ڇڏيو:
جاچي جوچي پير کڻ ۽ وک وڌاءِ!
ڌار، دنيا جي وجهي ٿي گهايو گهوٽ.
هو اها تلقين ٿو ڪري ته هٺ ۽ وڏائي کان به پاسو
ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو ان هزارن کي ڪُنن ۾ ڪيرائي
ڇڏيو. تنهن ڪري نياز نوڙت سان هلڻ گهرجي:
وڏائيءَ کان ”معمور“ پاسو ڪري،
کڻي هٿ ۾ هلجان، تون نوڙت جو نيٽ،
نه ڪر ٽاڻ، ٽيڙي، وڏائو ۽ واڏ،
ڪِرايو ڪُنن ۾، هزارن کي هٺ.
هن ائين به چيو آهي ته اي انسان تون پاڻ غريب
هوندي به زردار سان ياري رکڻ ۽ ساٿ نباهڻ جو پيو
سوچين سو اجايو آهي ڇو جو غريبن ۽ اميرن جو ساٿ
ٺهي ڪو نه ٿو تنهنڪري جي ڪجهه ٿيڻ چاهين ته انسان
ٿيءُ ۽ جي دنيا مان ڪجهه کڻي وڃڻ ٿو گهرين ته
نيڪيءَ جي دولت ساڻ کڻي وڃ:
تمنا نه ڪر يار زردار جي،
غريبن سان ڪهڙو، اميرن جو ساٿ،
جي ٿيڻ چاهين ٿو ڪجهه، انسان ٿج!
جي نيڻ چاهين ٿو گڏ، تان نيڪي نج!
1965ع واري جنگ بابت هي شعر، اڄ جي جنگي جنتا لاءِ
به هڪ سبق آهي. چي مڙس ٿي ميدان ۾ لهو باقي منٿون
ميڙون ڪري ڪرڻ سان وقتي طور ڪانئرن وانگر جنگ کان
پاسو ڪري ته سگهبو پر اها جيتي ڪانه سگهبي. سياست
جي اها راند نفرت ته پيدا ڪري سگهي ٿي پر سوڀ ۽
جيت هرگز حاصل نٿي ٿي سگهي تنهن ڪري اي اقتدار جا
صاحبو! اهڙي روش اختيار ئي نه ڪريو جو اوهان لاءِ
عوام ۾ نفرت جاڳي پوي:
جنگ ڌاران ڪين بازي جيتبي،
مڙس ٿي، ميدان تي ”معمور“ اچ!
وڃي نيٺ نفرت جا پيدا ڪري،
اها راند هرگز نه يارن سان کيڏ.
۽ جيڪو، اقتدار جو صاحب اهڙي راند ڪندو، تنهن جو
ملڪ برباد ٿي ويندو ڇاڪاڻ جو ان ۾ غربت جو علاج
ڪيو ئي ڪونه ويندو آهي:
پڪ سان، برباد سو ٿيندو سگهو،
ملڪ، جنهن ۾ ناهه غربت جو علاج.
اهڙي ملڪ ۾، غريب، غريب تر ٿيندو ويندو آهي ۽ مٿس
سڌي يا اڻ سڌي ٽئڪسن جي ڀرمار ٿيندي ويندي آهي.
هونئن به اقتصاديات جو اصول آهي ته جنهن ملڪ جي
غريب عوام لاءِ روزگار مُهيا ڪرڻ لاءِ رٿائون عمل
۾ نه آنديون وينديون ۽ رڳو مٿس ڳاٽي ڀڳا ٽئڪس پيا
مڙهيا ويندا سو نيٺ برباد ٿيندو. اهڙو عوام جڏهن
ٽڪر ڀور لاءِ به محتاج ٿيندو آهي ته مجبوريءَ ۾
پڃري ۾ پوڻ ئي قبول ڪندو، ڇو جو اتي وري جهڙو تهڙو
مانيءَ ڳڀو ته ملي ويندو پر ان مان اهو نتيجو ڪڍڻ
ته اهي آهن ئي قيد جي لائق ۽ پڃري سان هريا مريا
پيا آهن سا ڳالهه غلط آهي، بلڪ اها حڪومت جي
ناڪامي ۽ عوام جي بيوسي ۽ مجبوري آهي:
هو بيوس ۽ مجبور آهن پيا،
نه پڃري سان ڄاڻج اسيرن جو ساٿ.
وطنيت:
شاهه لطيف رحه به چيو آهي ته حيف تني کي هوءِ، وطن
جن وساريو، سو ”معمور“ غزل ۾ به وطن کي ڪو نه
وساريو آهي. هو چوي ٿو:
ملڪ، ملت جي محبت ۾ رهان، ”معمور“ ٿو،
مون کي ساغر ۽ صراهي جي صدا سان ڇا غرض؟
”معمور“ جا هي شعر پڙهو ۽ ملڪ جي موجود فضا ۽ حالت
تي به غور ڪريو. اوهان ائين محسوس ڪندا ته هن هي
ڪلام ڄڻ ته هن دور جي حالتن کي نظر ۾ رکي لکيو
آهي. حالانڪ ائين ڪونهي بلڪه اهو شعر جي صداقت جو
اثر آهي:
تمنا عدو جي نه ٿيندي تمام،
اڃا هت ڪئي مردِ ميدان رهن ٿا.
اڃا اهڙا عاشق به موجود آهن،
جي جورو جفا تي به نازان رهن ٿا.
”معمور“ وڄ وانگر، منزل ڏي وک وڌاءِ،
هر گز نه راهه جي تون رنج و بلا کي ڏس.
حياتيءَ جو هي فلسفو آهه ٻُڌ،
مرڻ ۽ جيئڻ جا اٿئي پهر اَٺ.
اٿئي مهل ”معمور“، مڙسيءَ جي هيءَ،
اجل ايندو، ڏيندو نه وهنوار وٺ.
انهن شعرن ۾ وطن جي حب ۽ جهاد توڙي مڙس ٿي مصيبت
کي منهن ڏيڻ جو جذبو ڀريل آهي، چي رب تي رکو،
گهڻائيءَ ۽ عدد کان نه ڊڄو.
تون آڌار، اولو، اجهو، اوٽ، اڙ،
نه تاري اٿم، تو سوا، ٿي مدد!
مصيبت ۾ ”معمور“ توکي سڏيو،
پڙهي ربنا آتنا ٿي مدد!
جڏهن دشمن ملڪ تي چڙهائي ڪري ايندو آهي يا اهڙا
آثار پيدا ٿيندا آهن، ته زندگيءَ جي ڪاروان کي
صحيح سمت ۾ وڌائڻ لاءِ ڪنهن رهبر ۽ اڳواڻ جي ضرورت
پوندي آهي. معمور کي به اهڙي رهبريءَ جو احساس
آهي. مطلب ته شاعر هر نقطه نظر کان سڄاڻ آهي. هو
رڳو وڙهڻ ۽ جيئڻ جو رمز شناس نه آهي. هو چوي ٿو ته
اي عجيب! تون جيڪڏهن منهنجي اهڙي قافلي جو اڳواڻ
اچي ٿين ته آئون جيڪر منزل مقصود تي جلدي رسي
وڃان. هتي شعري قرينو ٻڌائي ته اي! عجيب جو اشارو
حضور سرور ڪائنات ڏانهن آهي. ڇاڪاڻ جو جن جو ڀروسو
رب پاڪ تي آهي، تن جي واهر، وسيلو ۽ اڳواڻ حضور ﷺ
جن کانسواءِ ٻيو ٿي نٿو سگهي، شعر آهي ته:
حياتِ ڪاروان جلدي رسي مقصودِ منزل تي،
عجيبا! گر اچين، تون منهنجو مير ڪاروان بنجي.
ان هوندي به دنياداريءَ جي لحاظ کان جڏهن ملڪ وارا
ئي پنهنجن جو ساٿ نه ڏيندا آهن ته انهن جو اهڙو
حال ٿيندو آهي جهڙو ميرن جو ٿيو:
وڃائي سڄو ملڪ ويٺا تڏهن،
ڇڏيو جڏهن ميرن هو ميرن جو ساٿ.
۽ سدائين هڪجهڙيون حالتون ڪو نه ٿيون رهن تنهن
لاءِ چيو اٿس:
نه بي تاج بنجي، تون افسوس ڪر،
هميشه نه رهڻو آ هيرن جو ساٿ.
انهن مڙني احساسي ڪيفيتن جي ڄاڻ هوندي به هن کي
پنهنجي وطن، ٻولي، رسمن ۽ رواجن يعني تهذيب و تمدن
سان بي پناهه پيار آهي. ايتري قدر جو چوي ٿو ته
وطن جي مٽي به مڻيي/ موتيءَ تي نه مٽائج متان
ڌاريا کلن:
مٽيءَ تي موتي، متان مٽايين، مٿانءِ دنيا متان
کلايين،
وطن جي ٻولي، وطن جون رسمون رواج آهن وطن جي زينت.
هيءَ به شاهه لطيف رحه واري ڳالهه آهي ته سيڻ نه
مٽائج سون تي.
حقيقت حال:
دنيا سکن جي سيج ته آهي ئي ڪانه، ڏينهن پٺيان
راتيون ۽ سکن پويان ڏک ته لڳا پيا آهن. معمور به
دنيا ۾ ڏک توڙي سک ٻئي ڏٺا ۽ ان تجربي جو هن
پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت وستار ڪيو آهي:
ويو وقت ”معمور“ سورن، ڏکن ۾،
نه ساعت سکن جي سري ڙي، سري ڙي.
جڏهن هن جي ڏکن سان ڏيٺ ويٺ ٿي، تڏهن سکن جو ساءُ
۽ سرور ٿي وسري ويس:
ويو سکن جو ساءُ سارو ۽ سرور!
ٿي جڏهن کان آ ڏکن سان ڏيٺ ويٺ.
پر اها ڳالهه تڏهن ٿي جڏهن هن زماني جي ڏاڍ جي
پرواهه نه ڪري، سک ۽ عذاب جي احساس کي ئي پٺن پاهه
اڇلائي ڇڏيو.
پرواهه نه مون کي آهه، زماني جي ڏاڍ جي،
آيس ڇڏي مان پوئتي سک ۽ عذاب کي.
انهيءَ هوندي به صاف چئي ڏنائين:
سنسار سندا سور، ستم ڪهڙا سڻايان!
طاقت نه رهي منهنجي زبان ۾، نه دهن ۾.
جيتوڻيڪ مٿس اها ڪيفيت به گذري آهي:
رات ڪاري، تيز لهرون، سيءَ مند،
ٻيا مٿان ڪيا مينهن مارا، الغياث.
هيءَ حافظ شيرازيءَ واري ڳالهه آهي:
شبِ تاريڪ، ره باريڪ، منزل دور، من تنها،
کجا دانند حال ما، سبڪساران ساحلها.
يا کڻي ائين چئجي ته شاهه لطيف رحه واري سٽ، ”ڪاري
رات، ڪچو گهڙو، مٿان وسي مينهن“ جو هيءُ پڙاڏو
آهي.
ڪو زمانو هو جو شرافت ۽ ڏاهپ، سکر ۽ سياڻي جي
اهميت هئي پر هاڻي انهن کي ڪو پڇي ئي ڪو نه ٿو.
البت جي پڇا آهي ته ڏوڪڙ ۽ ناڻي جي آهي، چي ناڻو
ننگ پال آهي، اهڙي حالت جو مشاهدو ماڻي ”معمور“ به
چئي ڏنو ته:
سکر ۽ سياڻي جي ناهي پڇا،
هينئر آهه ساون ۽ نيرن جو راڄ.
هتي ساون ۽ نيرن کي نوٽن جو نعم البدل ڪري،
استعاره طور پيش ڪيو ويو جو ڪنهن زماني ۾ اسان جي
زماني ۾ نوٽن جا اهي رنگ هئا. جتي اها ڳالهه بڻبي
اتي ماڻهن جي ايمان جي حالت جيڪا ”معمور“ ڏٺي آهي
سا اجها هيءَ آهي:
گهڻن جو اڄ ٿيو ايمان آهي،
مکڻ، مانيون، مٺايون، مال، ماوا.
اهڙيءَ صورت ۾ جي ملن ۽ پيرن جو راڄ ٿيو ته ڍاڪئون
ئي پڪو، ۽ اسلام جي جاءِ تي اصنام نه ايندو ته ٻيو
ڇا ٿيندو.
اُتي بڻجي اسلام، اصنام ٿو،
جتي آهه ملن ۽ پيرن جو راڄ.
حالانڪ سڀڪو ڄاڻي ٿو ته دنيا دم گذر آهي، سڀڪو ڪا
گهڙي گذاريو هليو ٿو وڃي، تنهن هوندي به مٿيان
نظارا عام آهن، دنيا فاني آهي ته ان جو چٽ هن ريت
چٽيو ويو آهي:
زمانو سمورو گذر جو مڪان،
لڏي ويا، ڇڏي ويا، اڏي ڪيئي اوڏ،
دم گهڙي سڀڪو رهيو، هليو وڃي،
جڳ جو چرخو آهه فاني، الوداع.
چڱن جي چڱائي واري اميد، ٺڳن مان نٿي رکي سگهجي
تڏهن ته شاعر چيو آهي:
بلبل جي سنگت ۾ تو صداقت جا ڏٺي ٿي،
رک ڪين تمنا تون اها زاغ و زغن ۾.
اڃا به ڪجهه ڪڙن لفظن ۾ ٿو چئي:
حرامي، حلالي نه ٿيندو ڪڏهن،
پچي راس ٿئي، ته به مٽي آهه ميٽ.
جڏهن شاعر ڏسي ٿو دنيا ۾ اونداه انڌوڪار پڻ انهن
جي مٿان ٿيو آهي جن ڏيا ٻاري سوجهرو ڪيو هو تڏهن
افسوس ڪندي، ڏوراپو ڏيندي، حبيب کي ٿو چئي ته:
جو ديب جلايو، تو هٿن ساڻ حبيب آهه،
سو پاڻ وسائي، هي انڌارو نه ڪرين ها.
”معمور“ جو اولاد صالح آهي. ان ڳالهه ڏي اشارو
ڪندي چوي ٿو:
اهي ئي ٿا دنيا ۾ ”معمور“ سڏجن،
رهي جن سان پٽڙن ۽ کيرن جو ساٿ.
رسم فرنگ:
فرنگين جو سنڌ توڙي هند تي نوي سال بلڪ ڪٿي ڪٿي ان
کان به گهڻو وڌيڪ عرصو اثر رهيو آهي. ان اثر نه
رڳو اسان جي علم و ادب کي متاثر ڪيو پر تهذيب و
تمدن تي پڻ ديرپا اثر ڇڏيو آهي. ڪيترا انسان ته اڄ
به برطانيه وغيره ملڪن ۾ وڃي رهيا آهن، جن جا
پويان هن ملڪ ۾ رهن ٿا ان ريت فرنگ جي تهذيب و
تمدن جو اثر ته رهڻو آهي. تنهن هوندي، اهو اثر
محدود آهي جيڪو ڪن کي ڪين ٿو آئڙي. ”معمور“ به
اهڙي اثر جو شاڪي هو ۽ ان کي قبول ڪو نه ڪيائين.
اهو ئي سبب هو جو چيو هيائين ته وطن جي ٻولي،
رسمون ۽ رواج، وطن جي زينت آهن ۽ اسان جي سڃاڻپ
انهن جي ڪري آهي. پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ جڏهن هن
ڏٺو ته فرنگي رسم و رواج اڃا تائين هن مسلم ملڪ ۾
روان دوان آهي ته ان جي نشاندهي ڪيائين.
اڃا سيئين روان آهه، رسم فرنگ،
اڃا نوجوان عام عريان رهن ٿا.
اڳتي هلي چوي ٿو ته:
اڃا حسن وڪجي پيو عام جام،
اڃا جسم سهڻين جا رقصان رهن ٿا.
جڏهن سنڌ وارين پنهنجو لباس ڇڏي ساڙهيون پائڻ شروع
ڪيون جن ۾ جسم جو حصو ڪافي طور تي کليل ۽ اگهاڙو
رهي ٿو ته چئي ڏنائين:
ڇو نه هو ساڙهيون ٻڌي سينگار ڪن،
ٿا اسين انگريز بنجي، پايون ٽوپ.
مطلب ته هن شاعر کي پنهنجي علم و ادب ۽ تهذيب و
تمدن سان قرب ۽ پيار هو ۽ پراڻي ڏيک ويک واري هلت
جي ظاهري رونق کان متاثر نه ٿيو.
محاوره بندي:
محاوري جي معنيٰ آهي پاڻ ۾ ڳالهائڻ. ادبي ٻوليءَ ۾
وري ان جو مطلب آهي اهو ڪلمو يا ڪلام جيڪو لغوي
معنيٰ جي مناسبت يا نامناسبت سان ڪنهن نه ڪنهن خاص
معنيٰ يا مفهوم لاءِ مخصوص ڪيل ۽ ادب جي معيار
مطابق هجي. اهو ئي سبب آهي جو چيو ويو آهي ته جي
ڪنهن عهد جي مخصوص اعمال و اشڪال، طرز زندگي ۽
انداز فڪر جي سڌ لهڻي هجي ته ان وقت جي محاورن کي
ڏسجي. ان ڪري محاورن جي سند، مستند مصنفن ۽ عالمن
جي ٻوليءَ ۽ ڪتابن مان ورتي ويندي آهي. البت ڪن
پراڻن مصنفن ان ڳالهه جو خيال نه رکندي محاوره ۽
اصطلاح کي وچڙائي وڌو. اها غلطي اڳ جي سنڌي سونهن
وغيره ۾ عام ڪئي ويئي آهي جو محاوره کي اصطلاح ڪري
لکيو ويو آهي. پر پوءِ ٻوليءَ جي معيار کي قائم
رکڻ وارن ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏنو پر اڃا به ڪيترا
ليکڪ انهيءَ غلطيءَ کي بي ڌيانيءَ ۾ دهرائيندا
اچن، حالانڪه جڏهن ڪا خاص جماعت، ٽولو يا گروهه
ڪنهن لفط کي ڪنهن خاص معنيٰ ۾ ڪتب آڻيندو آهي ته
چئبو ته اهوان جماعت جو اصطلاح آهي. ”معمور“ صاحب
نه رڳو پنهنجي تر جي ٻوليءَ جو نمائنده ڪردار آهي
پر، معياري ۽ ادبي ٻوليءَ جو پڻ وينجهار ۽ ڄاڻو
آهي. هن جو ديوان به محاورن سان ٽمٽار آهي. مثال
طور محاوراتي ٻوليءَ ۾ ”هار پائڻ“ ته چئبو پر ”گل
پائڻ“ ڪونه چئبو. هتي نموني طور ”معمور“ جي ڪلام
مان محاورن جو استعمال ڏيکارجي ٿو.
سوئي لکيو لوڙڻو آ، جو لکيو آ لوح ۾،
وس هلي ٿو ڪين ڪنهن جو ڪاتب تقدير سان.
هن هڪڙي شعر ۾ لوح جو لکيو. لکيو لوڙڻ ۽ وس نه هلڻ
محاوره آهن. جيڪي ڪاتبِ تقدير يعني رب پاڪ جي
اڳيان انسانن جي بيوسيءَ ۽ مجبوري کي وڌيڪ چٽو ۽
واضح ڪن ٿا ۽ ڪلام ۾ زور پيدا ڪن ٿا.
لوهه تي ليڪو، پٿر تي چٽ جيئن، تيئن ٿي ويا،
منهنجي دل تي گهاوَ آهن، گلبدن جي گهور جا.
دل تي گلبدن جي گهور اهڙا گهاوَ ڪري ڇڏيا آهن،
جهڙو لوهه تي ليڪو يا پٿر تي چٽ. هتي لوهه تي ليڪو
۽ پٿر تي چٽ محاوره آهن. جي اهي محاوره استعمال نه
ٿين ها ته شعر ۾ ايڏو زور ۽ خوبي پيدا نه ٿئي ها.
اهڙي طرح محاوره زورِ بيان جو ذريعو پڻ آهن.
نه ماسو، ته به سڏايو سير، سهڪن،
هو ڳڀرو ڳاڙهه واتا، ڪالهه ڄاوا.
ماسو نه هئڻ، سير سڏائڻ، ڳاڙهه واتا هئڻ ۽ ڪالهه
ڄاوا هئڻ، سڀ محاوره آهن، جن هن شعر کي پر معنيٰ ۽
زوردار بڻائي واضح طور تي بلند ڪري ڇڏيو آهي. ماسو
نه هئڻ يعني ڪنهن اهميت جو هئڻ سير سڏائڻ يعني
اجايو پاڻ پڏائڻ ”ڳاڙهه واتو هئڻ“ معنيٰ ڳالهائڻ
جي رمز کان ناواقف هئڻ. ”ڪالهه ڄاوا هئڻ“ معنيٰ
ننڍيءَ ۽ ڪچيءَ ڄمار جو هئڻ ڏيکاري ماسي جيتري قوت
نه هوندي سير جيترو بار کڻڻ ڪري همراه سهڪن پيا.
شاعري ۾ ادب شناسي ۽ ڄاڻ انهيءَ جو نالو آهي.
اهڙيءَ ريت جي ديوان ”معمور“ جو اڀياس ڪبو ته اهو
پر معنيٰ ۽ بر محل ڪتب آيل محاورن سان ڀريل نظر
ايندو. هڪ اڌ ٻيو مثال جن ۾ دل تان بار هلڪو ٿيڻ،
هُل ٻڌڻ ۽ پنهنجا پراوا ٿيڻ جهڙا محاورا ڪتب آندا
ويا آهن اهي اوهان به پڙهو ۽ انهن جو چس وٺو:
هوت جي هيڏهن اچڻ جو هُل ٻُڌي،
دل مٿان هلڪو ويو ٿي بار اڄ،
ميارون غير تي ”معمور“ ڪهڙيون،
جڏهن پنهنجا ٿيا آهن پراوا.
صنعتون:
صنايع ۽ بدايع، شاعريءَ جو سينگار آهن، پر اهو
سينگار به جي ڪنهن کي ڪرڻ اچي. ان لاءِ به سليقه
مندي ۽ سڄاڻپ جي ضرورت آهي. ديوان ”معمور“ جو
سرسري اڀياس اهو ڄاڻائي ٿو ته ان جو خالق پنهنجي
شاعريءَ کي مختلف صنعتن سان نه رڳو سينگاري ڄاڻي
پران سينگار جي سڃاڻپ به رکي ٿو. هونئن ته ”معمور“
جي شاعري نين نين تشبيهن، استعارن، اشارن ۽ ڪناين
سان ڀرپور نظر ايندي پر هن مختصر ديوان ۾ به ان ڏس
۾ ڪمي ڪا نه ٿي ڏسجي.
ان سلسلي ۾ ٿوريون ڪي وٿون اوهان آڏو پيش ڪجن
ٿيون.
تشبيهه:
هن ۾ هڪ جنس کي ٻيءَ جهڙو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي،
يعني هڪ جنس جون خوبيون ۽ خصوصيتون ٻيءَ جنس سان
لاڳاپيون وينديون آهن.
مثال طور:
حبيبن جي لبن کان جو وٺي لالي، ٿيو لالا،
رخ محبوب جي همسر، سو گل احمر نه ٿي سگهندو.
مطلب ته جيڪو گل، محبوب جي چپن جي سرخي حاصل ڪري
پاڻ کي لاله يعني ڳاڙهو گل سڏائي ٿو سو انهيءَ جي
رخ جي همسري نٿو ڪري سگهي. هتي محبوب جي چپن جي
سرخيءَ واري خصوصيت کي گل لاله جي ڳاڙهاڻ سان
لاڳاپيو ويو آهي.
سنگدل ۽ تنگدل کان رهه پري،
سخت ۽ سوڙهي جُتي کان پئي ٿي لِڦَ.
اسان جي شاعر هن شعر ۾ جتيءَ جي سختي ۽ سوڙهائپ کي
سنگدليءَ ۽ تنگدليءَ سان لاڳاپيو آهي.
حسينن جي ڪشش کي ۽ تصور کي ڪمال آهي،
جتي وسري ۽ اُسري ٿي، خدا جي ذات اي واعظ!
هتي حسينن جي ڪشش ۽ تصور جي خصوصيتن کي، خداءِ پاڪ
جي ذات جي ويسر ۽ اوسر سان لاڳاپيو ويو آهي.
استعاره:
استعاره جي لغوي معنيٰ آهي اُڌارو گهرڻ پر ادبي
نقطِ نگاهه کان ائين چئجي ته لفظ جي حقيقي معنيٰ
ڪڍي، اڌاري طور ڪم آڻڻ، جيئن ته:
ڪيو جنهن عشق ۾ حاصل، ڏکن سورن جو سرمايو،
اهو زردار بڻجي ويو، ڪڏهن بي زر نه ٿي سگهندو.
هتي ڏکن کي سورن جو سرمايو چيو ويو آهي. ان ريت
سرمايي جي لغوي معنيٰ، اُڌاري طور وٺي، ڏکن لاءِ
ڪتب آندي وئي آهي.
ڪنايو:
هن جي معنيٰ آهي اشارو ڏيڻ ۽ چٽو بيان ڪرڻ.
محبت جي ميلاپ جي، جي سڌ اٿئي،
عشق جي آتش ۾ پروانو ٿي پچ.
هتي اها ڳالهه اشاري طور ٻڌائي ويئي آهي ته جهڙي
طرح پروانو ڪنهن جي پرواه ڪرڻ کان سواءِ ساهه جو
سانگو لاهي پاڻ کي پختو ٿو ڪري تڏهن وڃي ٿو پنهنجي
مقصد ۾ ڪامياب ٿئي. تهڙي طرح اي عاشق تون به پاڻ
کي پچائي پختو ڪر ته محبوب سان ميلاپ ٿئي يعني هتي
ڪچن جو ڪم ڪونهي.
نعتون، غزل، قصيدا، ڪافيون ۽ گيت، بيت،
منهنجي ڪري ئي آهي، مشهور تنهنجي مدح.
هن شعر ۾ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته
اڳلي جي ساراهه جو سبب شاعر جي شاعري آهي.
تجنيسِ تام:
هن ۾ اهڙا لفظ استعمال ٿيندا آهن جيڪي لکڻ ۾
هڪجهڙا هوندا آهن، معنائون جدا جدا هونديون اٿن.
وار ڪن هر وار گڏجيو، وار سڀ،
مار ڪن ٿا، بڻجي زهري مار سڀ.
هن شعر جي پهرئين مصرع ۾ لفظ وار ٽي ڀيرا ڪتب آيل
آهي پر ٽنهي هنڌن تي ان جي ڌار ڌار معنيٰ آهي. وار
ڪرڻ يعني حملو ڪرڻ، هر وار يعني هر ڀيري يا گهمري،
وار يعني محبوب جا وار ۽ ٻي مصرع ۾ مار لفظ ٻه
ڀيرا ڪتب آيو آهي. مار ڪن يعني پري کان نشانو
بشانو بڻائين، زهري مار يعني زهريلا نانگ.
غلو:
يعني ڪنهن شئي جي حد کان وڌيڪ يا ناممڪن يا عقل ۽
عادت جي برخلاف تعريف ڪرڻ.
ٿو اچي فريادِ فرقت کان زمين ۾ زلزلو،
آسمان لرزي وڃي ٿو، نالئه شبگير سان.
عاشق، معشوق جي وڇوڙي ۾ راتين جو ويهي جيڪي دانهون
۽ واڪا ٿو ڪري تنهن سان ڌرتي ڌٻيو ۽ اُڀ لرزيو وڃي
حالانڪ ائين حقيقت ۾ ٿئي ڪو نه ٿو ۽ نڪي اها ڳالهه
عقل تسليم ڪري ٿو. ان کي ادبي زبان ۾ صنعت غلو
لکيو ويو آهي.
مراعات النظير:
هن کي ”متناسب“ پڻ چوندا آهن. هن ۾ اهڙا لفظ ۽
مضمون جو اهڙو اسباب آڻبو آهي جنهن جو هڪٻئي سان
واسطو رهندو آهي ۽ جن جي وچ ۾ مناسبت هوندي آهي.
هن صنعت جا ٻيا نالا آهن ”متناسب“ ”تناسب“،
”توفيق“، ”ايتلاف“ ۽ ”تلفيق“. ڄاڻن جو چوڻ آهي ته
ان ۾ تضاد نه هجي بلڪ ٻي ڪا مناسبت هجي.
چاڪ دل ۽ چاڪ سينو، آهه دامن چاڪ چاڪ،
پر گريبان چاڪ چڪناچور تنهنجا ٻي طرح.
هن شعر ۾ دل، سينو، دامن ۽ گريبان لفظن جي پاڻ ۾
مناسبت آهي پر منجهن تضاد ڪونهي.
ڪُنن کان ڪنارو ڪبو ڪين مور،
سپون سير ۾ ۽ ڪناري تي ڪوڏ.
هتي ڪُن، ڪنارو، سپون، سير ۽ ڪوڏ سڀني لفطن جي
دريا، سمونڊ جي پاڻيءَ سان ۽ پاڻ ۾ مناسبت آهي پر
منجهن تضاد ڪونهي.
تجنيس ناقص:
هن ۾ حرفن جي حرڪتن ۾ اختلاف جي ڪري معنيٰ ۾ به
ڦير هوندو آهي حالانڪ تجنيسِ تام وانگر لفظ لکڻ ۾
هڪجهڙا هوندا آهن.
سڄڻ يار توکان ڦِريا سي ڦُريا،
اهي پار پيا جي لڳا تنهنجي لڙ.
هتي ڦريا جي ڦ هيٺ زير ۽ ڦريا جي ڦ تي پيش آهي ۽
اهڙي طرح لکڻ ۾ ٻنهي جي صورت ساڳي آهي پر زير ۽
پيش جي حرڪتن جي ڪري منجهن معنيٰ جو ڦير آهي.
عڪس:
هن صنعت جي تشريح هن ريت ڪئي ويئي آهي، ڪنهن شعر
جي پهرئين مصرع جا ٻه اڌ هجن، انهيءَ جو پهريون اڌ
ٻئي اڌ جي جاءِ تي رکجي ۽ ٻيو اڌ پهرئين جي جاءِ
تي، ته سڄو شعر ٺهي پوي، هن جو ٻيو نالو آهي صنعت
عڪس و تبديل.
اڃان وري نه وير ٿو، سزا جزا ڏسي چڪو،
ڏسي چڪو سزا جزا، نه وير ٿو وري اڃان،
اڃان کري وڌيڪ پئي، نواڻ ۾ نئين ٽهي،
نئين ٽهي نواڻ ۾، وڌيڪ پئي کري اڃان.
تشبيهه قوي:
هيءَ اها تشبيهه آهي، جنهن ۾ مشبهه (جنهن کي
تشبيهه ڏني وڃي ۽ مشبه به (جنهن سان تشبيهه ڏني
وڃي) موجود هجن پر تشبيهه وارو حرف ۽ شبه جو سبب
ڄاڻايل نه هجي:
سکر ۽ سياڻي جي ناهي پڇا،
هينئر آهه ساون ۽ نيرن جو راڄ.
هن شعر ۾ سکر سياڻي کي ساون ۽ نيرن يعني نوٽن جي
قوت سان ڀيٽيو ويو آهي. شعر ۾ ڀيٽ وارو حرف ۽ ڀيٽ
ڪرڻ جو سبب ڏيکاريل ڪونه آهي.
تضمين:
هيءَ اها صنعت آهي جنهن ۾ هڪڙو شاعر ٻئي شاعر جو
شعر يا ان جي مصرع پنهنجي شعر ۾ آڻي ان جو اطلاع
ڏئي. ان جي ٻي صورت هيءَ آهي ته پنهنجي ڪلام ۾ ڪا
آيت يا حديث يا ڪنهن خاص مشهور قول کي آندو وڃي:
سخن ”محبوب“ جو ”معمور“ کي وه جو وڻيو آهي،
هٿن سان دل ڏنم جنهن کي، اُتان آڻڻ ۾ مشڪل آ.
هن ۾ ”معمور“ صاحب، محبوب سروريءَ جي هيٺئين شعر
جي ٻي مصرع کي تضمين طور آندو آهي:
اُتي ڦاٿو اچي آهيان، جتي ڦٿڪڻ به مشڪل آ،
هٿن سان دل ڏنم جنهن کي، اُتان آڻڻ به مشڪل آ.
هڪ ٻيو شعر آهي:
مصيبت ۾ معمور توکي سڏيو.
پڙهي ”ربّنا آتِنا“ ٿي مدد.
هي مشهور دعائيه ڪلمه ”ربنا آتنا في الدنيا“ مان
ٽڪرو کڻي تضمين ڪيو ويو آهي. هن ۾ صنعت تلميح به
اچي وئي آهي.
ارسال المثل:
ڪنهن بيت ۽ شعر ۾ ڪو مشهور مثال يا پهاڪو آڻڻ کي
شاعراڻي ٻوليءَ ۾ صنعتِ ارسال المثل چيو ويندو
آهي. ان جا ٻيا نالا آهن. صنعتِ ضرب المثل يا
ايرادالمثل. ان جي ڪري شعر جي سونهن وڌي ويندي آهي
۽ اندازِ بيان ۾ زور پيدا ٿي پوندو آهي.
جو ڏاڍو سو گابو، جو دستور آهه،
اهيرن تي آهي، سهيرن جو فيض.
”جو ڏاڍو سو گابو“ هڪ عام پهاڪو آهي جنهن جو مفهوم
سڀڪو سمجهي ٿو، تنهن شعر ۾ اچي بيان ۾ وڌيڪ زور
پيدا ڪيو آهي. هونئن جي رڳو ايترو چيو وڃي ها ته
”اهيرن تي آهي، سهيرن جو فيض“ ته نڪي ڪلام ۾ ايڏو
حسن پيدا ٿئي ها ۽ نه وري بيان ۾ زور.
معمور پنهنجي ڪلام ۾ انگريزي لفظ به ڏاڍي سيبائتي
نموني ۾ ڪتب آندا آهن:
وڃايو منهن جو مزو ’ميڪ اپ‘،
اکيون دوڏ ۽ وار بي زهر نانگ،
ٿو نچڻ چاهين، اگر ’اسٽيج‘ تي،
پردي داري کي ڇڏي، نانگو ٿي نچ.
جت سچو سائين اچي ’ڪورٽ‘ ڪندو،
ڪين هلندا، ات سندئي ڪوڙن جا ٻَپَ.
ٻوليءَ جي ڄاڻ:
معمور ٻوليءَ جي وڏي ڄاڻ ٿو رکي، ڇا محاوره، ڇا
پهاڪا ۽ چوڻيون، ڇا قافيه بندي، ڇا سلاست، فصاحت ۽
بلاغت وغيره هن جي ديوان جي رونق کي وڌيڪ جرڪائي
ڇڏيو آهي.
پکيڙي سي زلف سامهون صنم،
منڊيو مثل ماريءَ جي محبوب منڊ.
مٽيءَ تي موتي، متان مٽايين، مٿانءِ دنيا متان
کلايين،
وطن جي ٻولي، وطن جون رسمون رواج آهن وطن جي زينت.
اي جهوپڙين جا ڌڻي، نه سگهندين رهائي، ماڙين جي
موتن سان،
هو چنڊ تارا، ستارا سارا، اصل کان آهن، اُڀن جي
زينت.
هنن شعرن ۾ نه رڳو سلاست، فصاحت ۽ بلاغت جو رنگ
جرڪي ٿو، پر صنايع بدايع جون رونقون به نظر اچن
ٿيون. وري جتي قافيه بندي ڪئي اٿس اتي نه رڳو
خليفي گل وارو رنگ بکي ٿو پر جديد فارسي گوئي به
کلي اڳيان اچي ٿي. ان ريت هن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي
وڏي خدمت ڪئي آهي.
شعر و شاعري:
شعر ته سڀڪو شاعر جوڙيو وڃيو پار پوي پر ڇا هن کي
اهو احساس آهي ته هوڇا پيو چوي؟ يا کيس ڇا چوڻ
گهرجي. انهيءَ خود احتسابيءَ جي ضرورت معمور کي
بامقصد شاعري ڪرڻ لاءِ اڀاريو. هن ان ڪري سندس دور
جي شاعري بابت نه رڳو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو
آهي پر پنهنجي شعر بابت به اظهار خيال ڪيو آهي.
شوق ٿئي ”معمور“ جيڪر شعر جو،
چو سخن سچ جو سدا ٻي ڪر نه دڦَ.
هن کان جيترو ٿي سگهيو آهي اوترو انهيءَ اصول کي
اڳيان رکي شعرچيو آهي. تنهنڪري ئي سنڌ جي شاعرن هن
کي مخاطب ٿي چيو:
شاعريءَ جي محفلن ۾، سنڌ جا شاعر سڀئي،
ٿا چون، آهن غزل ”معمور“ تنهنجا ٻي طرح.
پر اهڙو به وقت آيو جو هن محسوس ڪيو ته:
مضمون ۾ سا موج، نه ڪو شعر ۾ سو سوز،
۽ ناهه بهاري ڪا اڳين بزمِ سخن ۾.
جنهن ڪري سندس دل ۾ شعر چوڻ لاءِ ولولو ئي نه
رهيو:
”معمور“ ڪهڙي ڪريان؟ شعر و سخن جي ڌوم،
دل مان جڏهن ته نڪري ذوقِ سخن ويو.
وقت ان ريت گذرندو ويو تان جو ڪي باذوق ماڻهو ملي
ويس جن جي ڪري سنڌ جي ادبي فضا جنهن تي عرصي کان
ننڊ طاري هئي ڪر موڙي سجاڳ ٿي ۽ ان کي هو پنهنجي
خوش قسمتي سمجهڻ لڳو:
سنڌ جي ادبي فضا، مدت کان محو خواب هئي،
پر خوشا قسمت ملي ويا، اڄ ڪي فرزانا ٻه ٽي.
۽ ”معمور“ وري شعر جا گلدستا ٺاهڻ کي لڳي ويو:
شعر جا گلدستڙا ”معمور“ اڄ ٺاهيا عجيب،
موتئي، نرگس، چنبيليءَ ساڻ ريحانا ٻه ٽي.
پر وري به هو سنڌ جي شاعراڻي فضا کان مطمئن نظر
نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته صاحبن جي ثنا خوانن ۽ حاڪمن جي
شعر تي قبضو هئڻ ڪري، صحيح ۽ سچي شاعري ڪا نه پئي
ٿي، جنهن جو اظهار هن ريت ڪيو اٿس:
اڃا شعر تي آهه، حاڪم جو قبضو،
اڃا جي حضوري سخندان رهن ٿا.
اڃا محفلن ۾ مزو ڪين آهه،
اڃا صاحبن جا ثنا خوان رهن ٿا.
اهو ئي سبب آهي جو ”ديوان معمور“، غزلن جو ڪو عام
مجموعو نظر نٿو اچي. |