ڇپائيندڙ پاران
غزل رومانيت کانسواءِ اُمنگن ۽ احساسن جي به عڪاسي
ڪري ٿو، جنهن وسيلي اندر جو آواز لفظن جي روپ ۾
سونهن ۽ سرهاڻ جا نوان رنگ ظاهر ڪري ٿو. سنڌي
شاعريءَ ۾ غزل کي خاص اهميت حاصل رهي آهي ۽ سنڌ جي
ڪيترن ئي معروف شاعرن هِن صنف تي طبع آزمائي ڪري،
غزل کي جِلا بخشي. انهن ۾ خليفو گل محمد هالائي
سنڌي غزل جو هڪ ڄاتل سڃاتل شاعر آهي ۽ سندس غزلن
جو مجموعو ”ديوان گل“ جي نالي سان مشهور آهي. ان
کانسواءِ مير عبدالحسين خان ’سانگي‘ جي غزلن جو
مجموعو ”ديوان سانگي“ ۽ سيد غلام محمد شاهه ’گدا‘
جي غزلن جو مجموعو ”ديوان گدا“ به سنڌي غزلَ جا
اهم ديوان ليکجن ٿا.
خليفو گل محمد هالائيءَ جي سنڌي الف- بي وار ديوان
جوڙڻ جي روايت قائم ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي ڪيترن ئي
شاعرن پنهنجي غزلن جا ديوان جوڙيا، جن مان ”ديوان
معمور“ به هڪ آهي.
جنهن جو شاعر سنڌ جي مشهور و معروف شخصيت معمور
يوسفاڻي صاحب آهي. جيڪو ڪنهن تعارف جو محتاج نه
آهي ۽ سنڌي ادب لاءِ ڪيل سندن اَڻ ڳڻيون خدمتون
ڪنهن کان ڳُجھيون ناهن. يوسفاڻي صاحب جھڙو بهترين
نثرنگار هو، تهڙو ئي سٺو ۽ پختو شاعر به هو. سندن
غزلن تي مشتمل ”ديوان معمور“ جناب ڊاڪٽر اسد جمال
پَلي صاحب مرتب ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو.
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي اهڙن
علمي ۽ ادبي
شہپارن
کي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ شروع کان ڪوشان
رهندو پيو اچي. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري
چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي
خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي
رهيا آهن.
سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ
طرفان
اڻڇپيل مسودا اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام
تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽي جي ميمبر
صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي
ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا ويا آهن.
انهيءَ سلسلي کي مدنظر رکندي سنڌ جي هن عظيم سخنور
معمور يوسفاڻي جي غزلن جو مجموعو ”ديوان معمور“ کي
بورڊ طرفان شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ به اِن سلسلي
جي ڪڙي آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي
مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن جي ايامڪاري ۽ رهنمائيءَ ۾ شايع ڪري
سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.
توقع آهي ته، هيءَ ڪاوش شاعريءَ سان دلچسپي رکندڙن
وٽ مڃتا ماڻيندي.
16- ربيع الاول 1442هه
سيد سڪندر علي شاهه
03- نومبر 2020ع
سيڪريٽري
معمور يوسفاڻي
(25- جنوري 1929ع – 24- ڊسمبر 1993ع)
مرحوم معمور يوسفاڻي جي آخري آرامگاهه
لطيف نگر- عمرڪوٽ
انتساب
محترم ’معمور يوسفاڻي‘ صاحب
جو هيءُ ديوان سندن محسن، ساٿي ۽ سنڌ جي نامياري
شاعر
جناب عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي صاحب
جن جي نالي منسوب ڪندي انتهائي مسرت ۽ خوشي محسوس
ٿئي ٿي.
- اسد جمال پلي
ولي محمد وفا پلي
اعتراف
مون لاءِ اِهو خوشي جو موقعو آهي ته ”ديوانِ
معمور“ شايع ٿي رهيو آهي، سنڌي شاعري جي موجوده
دور ۾ سندن استادانه حيثيت مُسّلم آهي. تنهن کان
انڪار نٿو ڪري سگهجي. معُمور صاحب جا ٻين شاگردن
جي مقابل مون تي وڌيڪ حق ٿين پيا. هڪ ته وٽن
پڙهيم، ٻيو شاعري جي ابتدائي تعليم به کانئن ئي
ورتم. اڄ جيڪا ادبي دنيا ۾ پذيرائي اٿم تنهن ۾ ڪٿي
نه ڪٿي معمور صاحب جو هٿ ضرور آهي. انهيءَ سان گڏ
’ڪريم‘ جو رنگ به سندم شعر ۾ ڪٿي نه ڪٿي نظر
ايندو. ساڳي تسلسل ۾ راڄ محمّد جو ذڪر به ان ڪري
ضروري آهي ته مون کي تاريخ ۽ دينيات سان گڏ خاص
طور سنجيده ادب پڙهڻ ڏانهن متوجهه ئي راڄ محمّد
ڪيو.
معمور صاحب جي ديوان اچڻ تي ڪريم ۽ راڄ محمّد جو
ذڪر ڪري گويا ويراني ۾ بهار جي آمد جو اهتمام پيو
ڪريان. مون کي نه ئي عروض تي عبور آهي نه ئي آءٌ
پنهنجي ڪا راءِ ٻئي تي ٿڦڻ ٿو چاهيان. بهترين راءِ
قاريءَ جي هئڻ گهرجي. جي منهنجي ڪجهه لکڻ سان
معمور صاحب جي شاعرانه قدوقامت ۾ ڪو اضافو ٿئي ته
منهنجي منافقت ڄاڻجو ۽ جي منهنجي شاعري بابت
لاعلمي سان سندس شاعري بابت ڄاڻ ۾ ڪو دم نڪري ته
منهنجي جهالت ڄاڻجو.
آءٌ ڪجهه لکڻ لاءِ ’اسد‘ صاحب جي حڪم جو پائبند ٿي
پنهنجي استاد کي محض عقيدت جا گُل پيش ٿو ڪيان.
معمور صاحب جي شاعري تي ڪنهن استاد ۽ ماهرِ فن کي
لکڻ کپي ها. هاڻي معمور صاحب جي جوڙ جا استاد شاعر
به راهه رباني وٺي چڪا آهن، جهڙوڪ ڊاڪٽر محمد
ابراهيم ’خليل‘ ۽ سردار علي شاهه ذاڪر. اڃان به
سندن فن ۽ فڪر تي عبدالقيوم ’صائب‘ صاحب ئي لکي
سگهي پيو.
ٿُلهي ۽ ٿوري، ويچاريءَ سين وڙ ڪيو.
(شاهه)
عبدالقيوم ”صائب“
مهاڳ
(”ديوان معمور“ تي سرسري نظر)
ديوان معمور، محترم پياري دوست محمد عمر معمور
يوسفاڻيءَ جي الف بي وار ترتيب سان تيار ڪيل، غزلن
جو مجموعو آهي. محترم معمور شاعريءَ توڙي نثر،
تقرير توڙي تحرير ۽ محفلن ۾ ڀرپور حصو وٺندڙ توڙي
محفلون سينگاريندڙ شخصيت جو مالڪ هو. جيڪو 25
جنوري 1929ع تي ڳوٺ پير محمد پلي، تعلقي عمرڪوٽ ۾
پيدا ٿيو ۽ ڀرپور حياتي گذارڻ بعد 24 ڊسمبر 1993ع
تي سول اسپتال ڄام شورو ۾ وفات ڪيائين. کين سندن
ڳوٺ لطيف نگر ۾ دفن ڪيو ويو جتي هو ابدي طور آرامي
آهي.
سنڌ جي ڌرتي پنهنجا سپوت پيدا ڪرڻ ۾ سدائين سڀاڳي
۽ سرهي رهي آهي. معمور يوسفاڻي به ان جي سپوتن مان
هڪ واکاڻ جوڳو انسان هو. جنهن ٻين ميدانن، سماجي،
مذهبي وغيره ۾ پاڻ ملهائڻ سان گڏ شاعريءَ جي ميدان
۾ به هڪ سرهي گل وانگر ٽڙي ملڪ واسي ڇڏيو. هت هن
جي غزل نويسيءَ بابت ڪجهه تبصرو پيش ڪجي ٿو.
غزل جو عام طور تي مطلب آهي، زال ذات سان گفتگو ۽
روح رچنديون ڪرڻ، پر غزل پاڻ کي ان مفهوم تائين
محدود ڪين ڪري ڇڏيو، بلڪه وقت جو ساٿ ڏيندي پاڻ ۾
هر دور جي مضمونن ۽ عنوانن کي سمائي نه رڳو پاڻ کي
زنده رکيو پر زنده دليءَ جو پڻ ثبوت ڏنو. اهو ئي
سبب آهي جو اڄ تائين غزل، ادب جي هڪ جيئري جاڳندي
صنف رهي آهي.
تغزل:
غزل جي جان وري تغزل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي
قرب ڪرڻ ۽ غزل چوڻ، سو عشق ۽ عاشقي، قرب ۽
قربائتيون روح رچنديون غزل جون بنيادي وصفون ۽
ڳالهيون آهن. معمور جو ديوان به اهڙين ڳالهين کان
پري ڪونهي. شاعر چوي ٿو:
اچارڻ اکر عشق جو آهه سوکو،
مگر ڳالهه آهي ڳري ڙي، ڳري ڙي.
تنهن هوندي به هو قرب جي پڙ ۾ پير پائي صنم جي ثنا
۾ لڳي وڃي ٿو.
حيادار چهرو، گلابي بدن،
پکي پيهي آيا پيارا نوان،
ڪڏهن مرڪ مٺڙي ڪڏهن ڪنڌ هيٺ،
نئين نينهن جا نت نظارا نوان.
عام طور تي پياري جي چهري کي چنڊ سان تشبيهه ڏيئي
پيش ڪيو ويندو آهي مگر معمور ته ڳالهه ئي ٻي ٿو
ڪري. چي:
خطرو گرهه لڳڻ جو رهي جنهن کي ٿو سدا،
سو چند ڪيئن ٿو پهچي، سڄڻ جي شباب کي.
تجلي ڏسي يار جي حسن جي،
لڪو بادلن ۾ وڃي آهه چنڊ.
هيءَ به شاه لطيف واري فڪري واردات ٿي، جنهن ۾ چنڊ
جي ذات کي پرينءَ سان پاري نٿو سگهجي.
جيڪو قرب جي ڪڙي ۾ اڙيو سو وڇوڙي ۽ وصال جون
ڳالهيون به ڪندو.
دلربا، دلدار، دلبر يار کان،
ڌار گهارڻ زندگي آهي عذاب.
پر اها به خبر اٿس ته:
اتي قتل ۽ قيد ڪوڙين ٿين ٿا،
جتي تيغ ابرو ۽ وارن جي ٻاجهه.
هجر ۾ ”معمور“ هر دم ٿا رهن،
چشم گريان، شق جگر سينو ڪباب.
اڃان به اڳتي عاشق زار جي حالت ڏسو:
وڇوڙي جي زماني ۾، رهيا مون ساڻ جي ساٿي،
انهن سورن، دکن، دردن جا ڳڻ ڳائڻ لڳو آهيان.
جدائي جي غمن ۽ سورن ۾ سوچڻ به مشڪل آ،
اکين کي آب هارڻ کان، رڳو روڪڻ به مشڪل آ.
جڏهن سورن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هوندو آهي، ته
عاشق ويچارو انهن کي به سمجهائڻ لڳندو آهي ۽
پنهنجيءَ دل کي ويهي ڏڍ ڏيندو آهي.
ڏسي سورن جي سايي کي، اڳي دل ٿي ڪيون دانهون،
مگر هاڻي ته سورن کي به سمجهائڻ لڳو آهيان.
زماني جي ٻين سورن، سزائن انقلابن کان،
ڊڄان ٿو ڪين، ماري ٿو، مگر هي هجر، غم تنهنجو.
هاڻي هن يار جي شوخي به ڏسو:
اڃا اهڙا عاشق به موجود آهن،
جي جورو جفا تي به نازان رهن ٿا.
هن جو پنهنجي پياري سان خطاب ڪرڻ جو انداز به
پنهنجو آهي:
تن کي او منهنجا سائين! ڏوهي سڏين ٿو ڪيئن؟
تنهنجي عطا ڏسي جي ويٺا خطا ڪري.
۽ دنيا وارن کي ٿو چوي:
هن جي پسند آهي، هن کي نه روڪيو،
ائين جي هو خوش رهي ٿو، ڀل پيو گلا ڪري.
حالانڪه هن جي لاءِ اها ڀونءَ به ڀلاري آهي، جتي
يار رڳو پير رکيو آهي:
جت قدم سڄڻن رکيا، سا خاڪ اطهر ٿي وئي،
چشم نابينا کي هر دم آهه ان گل جي تلاش.
يار جا ڪارا ڊگها وار ۽ واسينگ جا ور وٽ ۽ ڏنگ به
غزل کي کنيو بيهن ٿا ۽ انداز بيان کي هٿي ڏين ٿا.
معمور به اهڙي اسلوب کان ڪٿي ٿو پاڻ پلي سگهي. هو
چوي ٿو:
ڪين هرگز ٿا ڏنگڻ کان سي رهن،
جي ڇڏيئي ڇوڙي ڪلهن تي سياه سپ.
عاشق کي اها به ڄاڻ آهي ته ڪاري نانگ جو ڏنگيل ته
بچي سگهي ٿو پر سينڌ واري بلا جي ڏنگيل جو بچڻ
محال آهي يعني عاشق ويچارو جي هڪ ڀيرو وٺجي ۽ وٽجي
پيو ته پوءِ عمر کي ويو:
نانگ جو ڏنگيل بچي سگهي ٿو، مانگ جو ڏنگيل ڪين
بچي،
واسينگن جي وه کان وترو، زهر آ زلفن ڪارن جو.
اهڙن ورتلن کي ڪير ٿو بچائي سگهي، اهو وري به
محبوب پاڻ خود مسيحا بڻجي، قم چئي، مردا جياري ته
ممڪن آهي باقي ٿيو خير:
دليون مرده ۽ افسرده، مٿان ڄڻ موت آ طاري،
مسيحاءِ جهان، قم چئي، وري مردا جياري وڃ.
عاشق ويچارو جڏهن هر طور تي عاجز ٿي آهون ٿو ڀري
تڏهن ڌرتي به ڌٻيو وڃي ۽ وري جڏهن راتين جو دانهون
ٿو ڪري ۽ ٿڌا ساهه ٿو ڀري ته ان جي اثر کان آسمان
کي به ڏڪڻي وٺيو وڃي:
ٿو اچي فرياد فرقت کان زمين ۾ زلزلو،
آسمان لرزي وڃي ٿو، نالئه شبگير سان.
نه رڳو عاشق جو اهو حال ٿئي ٿو پر محبوب کي به
جڏهن وره جو ويراڳ ٿو وٺي ته ان کان سينڌ، سرمون،
هار سينگار، سڀڪجهه وسريو وڃي. اهڙي صورتحال جو چٽ
چٽڻ کان به ”معمور“ رهي نه سگهيو آهي. آخر ته هو
شاعر آهي ۽ شاعراڻي چٽساليءَ جو ماهر آهي:
ورهه ايندي ئي وڃايو ٿو ڇڏي،
سينڌيون، سرما، سڳيون، سينگار سڀ.
ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته ”معمور“ وري به اهڙو خوش قسمت آهي
جو يار کي ياد آهي.
محفل ۾ حسينن جي، هي ”معمور“ اوهان جو،
وسريل هو، مگر يار جي وارو نه ڪرين ها.
تنهن هوندي به هن جي آخري آرزو ۽ خواهش آهي ته:
آرزو آ، موت کانپوءِ من ٿئي ”معمور“ کي،
در اڳيان دلدار دلبر يار جي، تربت نصيب.
دلبر/دوست:
”معمور“ پنهنجن دل گهرين دوستن ۽ انهن دلبرن، جن
سان راتين جو ويهي رهاڻيون ڪيون اٿس تن کي به ڪين
وساريو آهي. سو به غزل جي انداز ۾ اسلوب ۾، جا
ڳالهه ڏيکاري ٿي ته هن کي غزل جي انداز بيان ۽
اسلوب تي ڪيڏو نه عبور حاصل هو:
مزو ناهه ”معمور“ محبن سوا،
سڄڻ ريءَ هتي هيئن جيئڻ آه جاڙ.
حالانڪه:
ياد ڀلجي ڀي نٿو جيڪو ڪري،
ياد ان جي ٿي ستائي، روز روز.
ڇاڪاڻ جو:
ڪيئن ڀلا وسري سگهي سا راز واري رات خاص؟
جڳ ستي جنهن ۾ ڪئي سون، بره واري بات خاص!
۽ اهڙو رازدار جڏهن مهمان ٿي ايندو آهي ته ”معمور“
لاءِ هر طرح بهاري ٿيو وڃي.
جي اچي ”معمور“ هو مهمان ٿئي،
ٿي وڃي هڪدم بهاري هر طرف.
سچ آهي ته دل گهريا دوست جڏهن مهمان ٿي ايندا آهن
۽ هڪٻئي سان ويهي حال ونڊيندا آهن ته واقعي اهڙي
ئي ڪيفيت ٿيندي آهي. جنهن جو چٽ ڏنل شعر جي مختصر
لفظن ۾ چٽيو ويو آهي. جڏهن وري معمور پاڻ اهڙي
دوست وٽ لنگهي وڃي ٿو ته اڳلو به هيئن ٿو مرحبا
ڪريس:
مرحبا، معمور کي جو ائين چئي!
طالب ديدار تنهنجو شڪريو.
هاڻي دوست رات جو ويهي روح رچنديون ٿا ڪن. جڳ ستو
پيو آهي ۽ مٺڙي ننڊ ۾ آهي، پر هي يار ويٺا هڪ ٻئي
سان حال اورين:
ڪيئن ڀلا وسري سگهي، سا راز واري رات خاص؟
جڳ ستي جنهن ۾ ڪئي سون، بره واري بات خاص.
وقت وڏو ظالم ٿيندو آهي جو اهڙين قرب وارين ڪچهرين
کي به پاسيرو ڪريو ڇڏي ۽ يار هڪٻئي کان موڪلائي
هليا وڃن ۽ موڪلائيءَ مهل ڇا ٿا چون سو معمور کان
ٻڌو:
موڪلائي تو چيو ”معمور“ کي،
”محب تنهنجي مهرباني، الوداع.
ان هوندي به ”معمور“ کي ڪن دوستن کان شڪايت به
آهي:
جي محبوب، ”معمور“ پارن مٿي،
نه لطف و عطا ڪن، هجي تن کي حيف.
جڏهن وري پنهنجا پراوا ٿي وڃن ٿا ته هو دل کي آٿت
ڏيندي چوي ٿو:
ميارون غير تي ”معمور“ ڪهڙيون،
جڏهن پنهنجا ٿيا آهن پراوا.
مئي ۽ مينا جو ذڪر:
مئي ۽ مينا، ساقي ۽ رند، صراحي ۽ پيمانو، مستي ۽
ميخانو وغيره غزليه شاعريءَ جا اشارا، ڪنايا،
اصطلاح ۽ استعاره بنجي چڪا آهن. جيڪي ڪنهن زماني ۾
پنهنجي اصلي ۽ لغوي معنيٰ ۾ ڪتب ايندا هئا.
”معمور“ انهن لفظن ۽ اصطلاحن کي ٻنهي معنائن ۾
استعمال ڪيو آهي. ڳالهه رڳو غور ۽ ويچار توڙي پرک
۽ پرجهه جي آهي. معمور چيو آهي ته:
هينئر محفل کي مستين جي، نه آ درڪار اي ساقي،
کپي ٿي سرڪ سا، جنهن کان هلون هوشيار اي ساقي.
اها ڪهڙي سرڪ آهي، تنهن لاءِ چٽن لفظن ۾ لکيو اٿس:
چئي تڪبير جو نعرو، حجازي مئي جي مستيءَ سان،
اچي ڪر اهلِ محفل کي، وري بيدار اي ساقي.
حجازي مئي يعني اسلامي نظريات جي تلقين ٿو ڪري.
تڪبير يعني الله اڪبر جو نعرو هڻڻ لاءِ ٿو چوي.
محفل وارن کي رواجي شراب جي نشي وارين مستين ۾ غرق
ڪرڻ جي بدران سجاڳيءَ ۽ بيداريءَ جي ڳالهه ٿو ڪري.
ظاهر ۾ مئي ۽ ساقيءَ جي ڳالهه آهي پر شعر جو قرينو
صاف ٻڌائي ٿو ته اهي اشارا ۽ ڪنايا اسلامي تعليم
ڏانهن وٺي ٿا وڃن. هاڻي اهو پڙهندڙ جي پرجهه تي
منحصر آهي ته هو ان شعر مان ڇا ٿو پرائي؟ پاڻ کي
ڪيڏانهن ٿو وٺي وڃڻ گهري. انهيءَ رخ جو هڪ ٻيو شعر
آهي:
صراحي، جام ۽ مئي جا ڀڃي مٽ، ماٽيون مڙئي!
اٿي الله اڪبر چئو! کڻي تلوار اي ساقي.
هتي ”معمور“ ميخاني جو سازو سامان ئي ڀڃي ڀورا ڪرڻ
لاءِ ٿو چئي، سو به ساقيءَ کي ۽ چويس ٿو ته تلوار
کڻ، جو اها وقت جي تقاضا آهي. اهڙي طرح شاعر جي
صلاحيتن کي به پرکڻ جو وجهه ملي ٿو. هو وقت جي
مصلحت پسند اڳواڻن کي ساقيءَ جي نالي ۾ تنبيهه
ڪندي چئي ٿو:
ڇڏائي هٿ منجهان تلوار، وسڪيءَ جو پيالو ڏئي،
نه ڪر ”معمور“ کي مجبور ۽ لاچار اي ساقي.
هو اڃا به گهري ٿو ته پيالو اهڙو ملڻ گهرجي جو دلي
تمنا پوري ٿئي. هتي پيالو هڪ استعارو ٿي ڪم آيو
آهي. جنهن مان مراد آهي ته اهڙي اسلامي تعليم ملڻ
گهرجي جنهن جي ذريعي جهاد واري دلي تمنا پوري ٿئي
۽ مسلمان اسلامي نظريات ۽ تعليم سان سرشار ٿي، سر
تريءَ تي رکي، مڙس ٿي، مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ ميدان ۾
لهي پوي.
ائين به ڪونهي ته هن ان سلسلي ۾ عام شعر ڪونه چيا
آهن، برابر چيا اٿس:
هڪ سرڪ لئه ستائڻ، تنهنجو نه شان آهه،
سختي ڇڏي اي ساقي، پنهنجي سخا کي ڏس،
هٿ ٻڌيو، گوڏا ڀڃيو، ساقيءَ جي در،
روز شب ڏس ڪيئن ڪڍي پيو ڪاڻ شيخ.
واعظ وغيره:
زاهد ۽ واعظ، پير ۽ فقير، شيخ ۽ ملا، رند ۽ رهبر
جي چپقلش به غزل جي شاعري کي ڏاڍو معنيٰ خيز ۽ سبق
آموز بڻايو آهي. ان ڏس ۾ ”معمور“ پاڻ ملهائيندي
گهڻو ڪجهه چئي ويو آهي نموني طور ڪجهه شعر پيش ڪجن
ٿا:
ڪندين ڇا عشق جي گمراهه جي تون رهبري واعظ!
سڄڻ ڌاران ٻيو ”معمور“ جو رهبر نه ٿي سگهندو.
هو واعظ کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته اهڙي سڄڻ جنهن
منهنجي رهبري ڪئي تنهن سان ميڪدي ۾ جيڪي چند
گهڙيون گذاريم سي بنهه ڪونه ٿيون وسرن ڇاڪاڻ جو
اهڙي يار / رهبر سان هڪ گهڙيءَ جي تلقين ۾ منهنجون
ايمان پختو ٿي ويو آهي. حالانڪه تو سڄي عمر زهد،
تقويٰ ۽ عبادت ۾ گذاري ڇڏي ته به ڪجهه به حاصل ڪين
ٿيو:
سڄڻ سان گڏ گذاريم چند گهڙيون ميڪدي ۾ جي،
وساريان ته به نٿا وسرن، اهي لمحات، اي واعظ.
زهد ۾ زاهد گذاري عمر، ڪجهه حاصل نه ٿيو،
يار سان گڏ هڪ گهڙيءَ ۾، پخته ايمان ٿي ويو.
۽ اهڙي طرح ڪيتري مدت جيڪا ديدار الاهيءَ جي تمنا
۽ حسرت هئي سا پوري ٿي وئي ۽ اهو رب جو فضل ۽ ڪرم
چئبو:
ڪيتري مدت کان، درشن جي تمنا ٿي رهي،
بارڪ
الله، فضل ربي، پورو ارمان ٿي ويو.
هو اڳتي هلي شيخ/ مفتيءَ کي مخاطب ٿي، پنهنجي موقف
تي اٽل ٿي بيهندي چوي ٿو ته ميڪشيءَ جي خلاف فتويٰ
ڪڍڻ اجائي آهي. جنهن صورت انهيءَ دوران، عرفاني
نور حاصل ٿيو آهي. اهڙا پياڪ ڪافر نه، بلڪه عارف
آهن، تن جي خلاف ڇا جي ڪري ويهي ٿو فتويٰ ڪڍين!
شيخ صاحب، ڪفر جي فتويٰ، ڪڍين ڇا لاءِ ٿو؟
ميڪشيءَ کان مون کي حاصل نور عرفان ٿي ويو.
هو ميڪشيءَ طرف ڇو لڙيو؟ اهو ان ڪري جو هن کي پيرن
فقيرن، زاهدن ۽ عابدن توڙي ملن ۽ مفتين وٽان ڪجهه
به حاصل ڪين ٿيو سواءِ ڪفر جي فتوائن جي:
ويو فيض پيرن فقيرن منجهان،
بڻي بي اثر آهه ملن جي ٻانگ.
”معمور“ تي هي اثر ڪنهن مجذوب جي صحبتِ يڪ ساعت جو
ٿو ڏسجي. |