سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ديوان معمور

باب:

صفحو:10 

رديف – ”ء“

 

دل تي غم جا بار باري، هاء هاء!

جر اکين مان آه جاري، هاء هاء!

 

منهن مٽي ويو ماهرو، مارو ڪري،

مون بلاشڪ راند هاري، هاء هاء!

 

من اچي موٽي ڪڏهن، ڪنهن ريت سان،

”آسرو ۽ انتظاري، هاء هاء!“

 

قافلو ويو ڏور نڪري، ڪيئن ڪجي؟

راهه مشڪل، رات ڪاري، هاء هاء!

 

ڪهڙي منهن سان، منهن کڻي، مرڪي هلان،

يار سان مون پت نه پاري، هاء هاء!

 

هاج موچاري نه ٿي ’معمور‘ ڪا،

وئي اجائي عمر ساري، هاء هاء!

19-4-1958ع

ڳموري

 

رديف – ”ي“

 

سڄڻ سينگار سان آيا، سندن سينگار تان صدقي!

نظر جي ناوڪن ٿا ۽ ڀرون خمدار تان صدقي!

 

سڄڻ جي حسن تي تارا، ڪتيون ۽ شمس شيدائي،

قمر ڪوڙين دفعا آهي، سندم دلدار تان صدقي.

 

قدم نازڪ کڻي جنهن دم، هلي ٿو لوڏ سان لالڻ،

ٿين گهورون گهڻا گس ۾، سڄڻ سردار تان صدقي.

 

سڻي جيڪر، مٺي محبوب مشفق جا مٺا گفتا،

ٿيي بلبل به ان دم، يار جي گفتار تان صدقي.

 

اڙي او بي خبر! عشق ۽ محبت جي حقيقت کان،

پڇين اقرار بابت ڇا؟ اسين انڪار تان صدقي.

 

محبت ساڻ جنهن مشفق ڪيو ’معمور‘ من منهنجو،

انهيءَ جي ناز نخري، جوت ۽ جنسار تان صدقي.

19-4-1955ع

صوفي فقير

*

 

ياد سڄڻن جي ۾ دائم دل هجي!

شورِ دنيا کان ڀلي غافل هجي.

 

تير پنبڻين جا سدا سهندو رهان،

تيغِ ابرو ڀل سندم قاتل هجي.

 

دائما دل جي تمنا آ، اها،

”مان هجان ۽ يار جي محفل هجي“

 

بره ڌارن بيقراري ٿي رهي،

بره جي بارش ڀَلين نازل هجي.

 

ڪاش! جيڪر هجر جي ماريل سندي،

دلربا جي در اڳيان منزل هجي.

 

قرب وارن لئه ڪشالو ڪجهه به ناهه،

صادقن کان دور ڇو ساحل هجي؟

 

دل اُها، ’معمور‘ آهي سودمند،

يار وٽ جا نذر جي قابل هجي.

15-9-1955ع

ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي

*

 

معرفت جي مئي جا ساقي، ڀر ڪي پيمانا ٻه ٽي،

”گڏ ٿيا آهن اچي، مينوش مستانا ٻه ٽي.

 

ڪيتري مدت کان آهيان، تنهنجي محفل ۾ اڃيو،

پنهنجي پياسيءَ کي عطا ڪر، جام رندانا ٻه ٽي.

 

ساري دنيا ميڪدو جيڪر هجي، مان پي وڃان!

ساقيا ڪافي نه آهن، تنهنجا ميخانا ٻه ٽي.

 

يار جي زلفن ۾ آهي، قيد ڪنهن عاشق جي دل،

جو سنواريندي ڀڄي پيا، اڄ آهن شانا ٻه ٽي.

 

شمع سوزان صبح دم هڪ آه سان گل ٿي وئي،

همسفر محفل ۾ هئا، باقي ڪي پروانا ٻه ٽي.

 

گل ٽڙيا پئي، بلبلين نغما چيا پئي هر طرف،

ڪين پسجن تنهن گلستان ۾ ٿا ڪاشانا ٻه ٽي.

 

سنڌ جي ادبي فضا، مدت کان محوِ خواب هئي،

پر خوشا قسمت ملي ويا، اڄ ڪي فرزانا ٻه ٽي.

 

شعر جا گلدستڙا ’معمور‘ اڄ ٺاهيا عجيب،

موتئي، نرگس، چنبيلي ساڻ ريحانا ٻه ٽي.

3-6-1957ع

صوفي فقير

*

 

مونکي ستايو جن آ جورو جفا ڪري،

خوش هونُ شل سدائين، دل ٿي دعا ڪري!

 

منزل آ حسن و عشق جي ساڳي ۽ گس جدا،

هو ابتدا ڪري ٿو، هي انتها ڪري.

 

تن کي او منهنجا سائين! ڏوهي سڏين ٿو ڪيئن؟

تنهنجي عطا ڏسي جي ويٺا خطا ڪري.

 

هن جي پسند آهي، هن کي نه روڪيو!

ايئن جي هو خوش رهي ٿو، ڀل پيو گلا ڪري.

 

تابع ٿي، سر جهڪائي، ڇا لاءِ سوچجي!

ڇا ناخدا ٿو چاهي؟ ڇا ٿو خدا ڪري!

 

منزل ڏي وک وڌائي، ’معمور‘ ٻي نه سوچ!

چاهي وفا ڪري ڪو، چاهي جفا ڪري.

*

 

رهي مغموم ٿي ڇا کان، دلِ نادان خدا ڄاڻي؟

ڪڏهن ٻيهار موٽي ٿيندي، سا شادان خدا ڄاڻي!

 

قرار آهس نه ڪنهن ويلي، سدا بي چين ٿي گهاري،

الا ڪنهن جو لڳو ٿس خنجرِ مزگان، خدا ڄاڻي!

 

بهار آئي، لهي وئڙا غمن جا بار، دنيا تان،

مگر منهنجا نه پورا ٿين ٿا ارمان، خدا ڄاڻي.

 

نه سمجهي ٿو سگهان ڪي مان، نه هو سرچي نه سمجهائي،

سبب ڪهڙي سڄڻ آهي؟ خفا مون کان، خدا ڄاڻي!

 

وساري جنهن ڇڏيو ورهن کان آهي، منهن مٽي بلڪل،

انهي لئه آهه ڇو هردم هنيون حيران؟ خدا ڄاڻي.

 

ٿيو ’معمور‘ محبن ريءَ مريضِ لادوا آهيان!

ڪڏهن دلدار ٿيندو درد جو درمان، خدا ڄاڻي!؟

8-6-1957ع

پٿورو

*

 

دنيا ۾ عشق ريءَ ٻيو واپار ڇو ڪجي؟

ري ذڪر يار جي ٻيو اذڪار ڇو ڪجي؟

 

دنيا سان دل اڙائي، دلبر کان دور ٿي،

پاڻهي ئي پاڻ پنهنجو لاچار ڇو ڪجي؟

 

تن، من ۽ جان آهن، جانب جي لئه جڏهن،

تڏهن سڄڻ کان سر جو انڪار ڇو ڪجي؟

 

غيرن جي آڏو ويهي، دلدار يار جي،

فرقت ۽ درد، غم جو اظهار ڇو ڪجي؟

 

’معمور‘ نيٺ آخر هلڻو اتي ئي آهه!

منزل کان دور ويهي ويچار ڇو ڪجي؟

10-5-1957ع

اوطاق پير موسيٰ جان سرهندي

*

 

اڱڻ منهنجي اچين اي ماهرو تون مهربان بنجي!

وڃي تاريڪ بستي دل جي هڪدم ضوفشان بنجي.

 

چوان ڇا فيض ۽ برڪت؟ سندئي دستِ حنائي جو،

پوي ٿو زهر قاتل ڀي، شراب ارغوان بنجي.

 

شهيد تيغ مونسان همسري ڪهڙي ڪندا؟ جو مان،

سندئي چشمِ غزالان جو ويس تيرِ نشان بنجي.

 

ڪندي مان داستانِ درد جون داهون، سندئي در تي،

جهان جي داستان خاطر، ويس هڪ داستان بنجي.

 

تمنا ٿي وڃي پوري، نه حاجت ڪا رهي باقي!

پيالو پرت جو محبوب، ڏي ڪو مهربان بنجي.

 

نه ڪر سايو پري هڪ پل، پرين پرواني پنهنجي تان،

سوا تنهنجي سڄڻ سائين، پوان ٿو نيم جان بنجي.

 

صدائون سڻ، سڄڻ ڪر مهر، ڪا ’معمور‘ مذنب تي،

پڪاري پيو سندئي در جو، غريب و ناتوان بنجي.

11-9-1956ع

پٿورو

*

 

ڪيا عشق آگم، وري ڙي، وري ڙي!

وري لڙڪ آيا، تري ڙي، تري ڙي!

 

ٿيا سور سونهان، ڪيا درد دونهان،

پيا دل تي ٻارڻ، ٻري ڙي، ٻري ڙي!

 

نهاريندي واٽون ۽ تارا تڪيندي،

ويا ڪيئي ٽاڻا، ٽري ڙي، ٽري ڙي!

 

ميارون ۽ مهڻا، وڇوٽيون ۽ ويڇا،

بنا موت وڃبو، مري ڙي، مري ڙي!

 

اچارڻ اکر عشق جو آه سوکو،

مگر ڳالهه آهي، ڳري ڙي، ڳري ڙي!

 

ويو وقت ’معمور‘، سورن ۾ گذري،

نه ساعت سکن جي سري ڙي، سري ڙي!

*

 

هينئر محفل کي مستيءَ جي نه آ درڪار اي ساقي،

کپي ٿي سرڪ سا، جنهن کان هلون هوشيار اي ساقي!

 

صراحي، جام ۽ مئي جا ڀڃي مٽ، ماٽيون مڙئي!

اٿي الله اڪبر چئي! کڻي تلوار اي ساقي!

 

چئي تڪبير جو نعرو، حجازي مئي جي مستيءَ سان،

اچي ڪر اهلِ محفل کي، وري بيدار اي ساقي.

 

ڇڏي غيرن جي رسم و راه کي، اونڌاه ڪارين کي،

اها ڪا ريت هل، جنهن سان وڃن آزار اي ساقي.

 

ڏنڊو، ڪونڊو، جَمن، صافي ۽ ننڍڙي ڀنگ جي ڳنڍڙي،

هتان هي پنهنجي رندن جو کڻي وڃ بار اي ساقي.

 

ڇڏائي هٿ منجهان تلوار، وسڪيءَ جو پيالو ڏئي،

نه ڪر ’معمور‘ کي مجبور ۽ لاچار اي ساقي!

20-2-1958ع

صوفي فقير

*

 

خدا آهي، ڪه ناهي؟ زندگيءَ جو امتحان آهي،

مگر انجي پرک جي لاءِ، هي سارو جهان آهي.

 

خدا آهي، انهيءَ جو هي بشر واضح نشان آهي،

خدائيءَ جي گواهي، هيءَ زمين ۽ آسمان آهي.

 

اهو اول، اهو آخر، اهو باطن، اهو ظاهر،

سندس موجودگي سنسار ۾ هر هنڌ عيان آهي.

 

خدا کي جن سڃاتو، سي خدا وارا ويا بنجي،

چون ٿا سي، خدا بي مثل آهي، لامڪان آهي.

 

خدا جي حڪم تي جيڪي هليا، تن ماڻيا ماڻڪ،

خدا جو سنهن، خدا وارن تي مولا مهربان آهي.

 

خدا جي هن خدائيءَ ۾ رهن ’معمور‘ ٿا سيئي،

محمد مير مدني، جن جو ميرِ ڪاروان آهي.

 

*

 

حاصل ڪرڻ گهران ٿو مان اهڙي حساب کي،

ڏسندو رهان سدائين رخِ ماهتاب کي.

 

شڪوه شڪايتون ۽ ميارون مري ويون،

پورو ڪيو مون جڏهن وفا جي نصاب کي.

 

پرواهه نه مون کي آهي، زماني جي ڏاڍ جي،

آيس ڇڏي مان پوئتي سک ۽ عذاب کي.

 

خطرو گرهه لڳڻ جو رهي جنهن کي ٿو سدا،

سو چنڊ ڪيئن ٿو پهچي، سڄڻ جي شباب کي.

 

دنيا سڄي جهڪي ٿي سڄڻ يار جي اڳيان،

چئلينج ڪيئن ڪري ڪو سندم انتخاب کي.

 

’معمور‘ هٿ ٻڌي ۽ جهڪي، احترام سان،

منهنجا سلام چئج تون عاليجناب کي.

*

 

رهيو ناهي چمن ۾ اڄ، اڳوڻو رنگ و بو باقي،

رهي بيمار بلبل جي، نه طاقت گفتگو باقي.

 

وياسون ختم ٿي، جي ظاهري ظالم هٿان، ڇا ٿيو؟

ڪهاڻي پنهنجي رهندي هت هميشه هوبهو باقي.

 

پياريئي جيترو جاني، وڌي اڃ اوترو ويئي،

”اٿي کڻ جام اي ساقي، اڃان ٿم آرزو باقي“.

 

ندين جو ۽ ڍنڍن جو فرق ظاهر آهي، سمجهي ڏس!

اهي ئي ڪامياب آهن، رکي جن جستجو باقي.

 

نه آ درڪار دنيا جي، نه اونو آخرت جو ڪو،

تصور ۾ رهيو ’معمور‘ کي آ ماهرو باقي.

10-9-1955ع

صوفي فقير

*

 

جفا کان نه جا دل خفا ٿي سگهي ٿي،

انهيءَ کان هميشه وفا ٿي سگهي ٿي.

 

رقيبن سان گهارڻ مريضن کي مارڻ،

جفا جي به ڪا انتها ٿي سگهي ٿي.

 

سگِ در کي در تان ڌڪاري ڇڏڻ،

جفا اهڙي جاني روا ٿي سگهي ٿي؟

 

مريضِ جدائيءَ تي اي ماهرو!

ڀلائي ڪا راههِ خدا ٿي سگهي ٿي!

 

پرين رخ تان پردو هٽائڻ سان تنهنجي،

يقين آ، قيامت بپا ٿي سگهي ٿي.

 

پياسن کي جيڪر سڪائيندين ساقي،

جهان ۾ وري ڪربلا ٿي سگهي ٿي.

 

نه ڪر غير سان ذڪر محبوب جو،

اها گفتگو ڀي گلا ٿي سگهي ٿي.

 

غمِ هجرِ ’معمور‘ جي مه لقا،

نه درسن سوا ڪا دوا ٿي سگهي ٿي.

24-4-1956ع

صوفي فقير

*

 

جهان  حسن ۾ ٿيو، حسنِ جانان لاجواب آهي.

سڄڻ جي سونهه جي سارهه، ثنا پڻ بي حساب آهي.

 

فقط بادل جي پردي روشني خورشيد جي گم ڪئي،

تجلّي روئيِ جانان کان جلي ويو ڏس نقاب آهي.

 

پرينءَ سان چنڊ ڀيٽڻ کان اڳي اي آسمان، هو ڏس!

ڏسي محبوب جي رخ کي لڪي ويو ماهتاب آهي.

 

ادا ڙي، عطر جي خوشبو، همه ٿو هيچ ڀانيان مان،

پگهر محبوب جي سان مٽ نه مشڪ آهي، گلاب آهي.

 

رهن انڪار ۾ اقرار جون رمزون سدا مخفي،

نه ٿي مغموم اي عاشق، مليو جيڪر جواب آهي.

 

سنواري زلف، سامهون ٿي مٺا ٿو منتشر ڪريين،

ڪڏهن بي پردگي آهي، ڪڏهن پردهِ حجاب آهي.

 

مٺا ’معمور‘ کي مارڻ، جيارڻ، پوءِ وري مارڻ،

نٿو سمجهان سڄڻ سائين، اهو ڪهڙو حساب آهي؟

10-10-1955ع

صوفي فقير

*

 

حقيقت نه تنهنجي بيانن ۾ آهي،

بناوٽ نه منهنجي فسانن ۾ آهي.

 

مئل دل کي جا چڻنگ، موٽي جياري،

اها درد جي داستانن ۾ آهي.

 

سراهي سگِ در پرينءَ جي کي جيڪا،

بهاري نه سا باغبانن ۾ آهي.

 

املهه عشق جهڙو ڪو جوهر جهان ۾،

نه دنيا سڄيءَ جي خزانن ۾ آهي.

 

اهو ڪيئن بچائي سگهي، دل، جگر،

نگاهن سندي جو نشانن ۾ آهي.

 

نه ’معمور‘ سا موج ميلاپ ۾ آ،

مزو جو سڄڻ جي بهانن ۾ آهي.

7-10-1955ع

حيدرآباد

*

 

خوبروين کي ڏسي خندان نه ٿي،

خوار ٿيندين، خير گهر، خواهان نه ٿي.

 

هو اٿئي ظالم، ستمگر، شوخرو،

”هن جي رنگِ ناز تي حيران نه ٿي“.

 

سنگدل کان ڪين حاصل ٿئي ذرو،

سوچ سان هل، سمجهه ڪر، نادان نه ٿي.

 

جنهن کي صورت آهه، سيرت ناهه ڪا،

خوبرو اهڙي سندو خواهان نه ٿي.

 

’زيب‘ جي هي زندگي، دم چار آهي،

موج ۾ ’معمور‘ تون مستان نه ٿي.

10-2-1953ع

صوفي فقير

*

 

هلو! ميخانهءِ دلبر، جو اڳ هو، سوئي اڄ آهي.

اهو ساقي، اهو ساغر، جو اڳ هو، سوئي اڄ آهي.

 

اڃين کي مئي پيارڻ لئه، ميون دليون جيارڻ لئه،

سڄڻ سائين، سخي سرور، جو اڳ هو، سوئي اڄ آهي.

 

شفا، احسان ۽ لطف و عطا ۾ ۽ سخاوت ۾،

دکين لئه دلربا جو در، جو اڳ هو، سوئي اڄ آهي.

 

نظر جون ناوڪون، ۽ تيغِ ابرو، زلف جا بادل،

سڄڻ سان حسن جو لشڪر، جو اڳ هو، سوئي اڄ آهي.

 

زمين بدلي، زمان بدليو، هزارين انقلاب آيا،

”اسان جي عشق جو دفتر، جو اڳ هو، سوئي اڄ آهي.“

 

وڃن پيا مست منزل ڏي، اٿي ’معمور‘ هل ان سان،

اڃان ميخاني جو منظر، جواڳ هو، سوئي اڄ آهي.

26-10-1957ع

پٿورو

*

 

اميرن ڪاڻ راحت ۽ مسرت جي فضا آهي،

غريبن ڪاڻ دم هر ڪوئي ڄڻ وقت قضا آهي.

 

زماني سان وفاداري هميشه ڪن پيا جيڪي،

نه ٿو سمجهان، انهن کان هيئن زمانو ڇو خفا آهي.

 

اجهو، اولو، اٽو، ڪونهي، اگهاڙا لڱ، لنگهڻ گهارڻ،

غريبن جي جهان ۾ رات و ڏينهان ڪربلا آهي،

 

غريبن جو گلو آهن، وڍڻ وارا هي ليڊر سڀ،

”غريبن جو اڄوڪي وقت ۾ حافظ خدا آهي“.

 

ڏٺو سون هر طرف ڏوري، ڪري واڪا رڙيون روئي،

نه دنيادار جي دنيا ۾ دردن جي دوا آهي.

 

ڏکن سورن ۽ سختين جو ڪجي ڪهڙو قصو ويهي،

هيون ’معمور‘ جت موجون، اتي محشر بپا آهي.

6-9-1959ع

صوفي فقير

*

 

بي رخي دلبر جي عادت ٿي وئي،

التجا منهنجي عبادت ٿي وئي.

 

سهندي سهندي سور ۽ صدما، ستم،

نيٺ منهنجي پوري حاجت ٿي وئي.

 

منهنجي حالت کي ڏسي ڪيائون ڪرم،

بيڪسي منهنجي حمايت ٿي وئي.

 

مهر سان منهڙو پسايائون وري،

واهه جا سهڻي سخاوت ٿي وئي.

 

آ وڃي بازار بنگلي سان لڳي،

”حرف مان هيڏي حڪايت ٿي وئي“.

 

ڪيئن ڀلا ’خالد‘ جهان ڏي دل ڪجي،

دل ته دلبر جي امانت ٿي وئي.

9-1-1960ع

حيدرآباد

*

 

خال، خد جي ڇڏ پچر ۽ قصهءِ گل خار کي،

جنهن سان غافل جي کلي اک، لک انهيءَ اشعار کي.

 

ساٿ جو سرواڻ بنجي همت و تدبير سان،

مات ڪر تون ملڪ جي ۽ قوم جي غدار کي.

 

حال ۾ اقدام تنهنجا، تنهنجي لئه آهن مضر،

ڇا نٿو سمجهين سگهين تون وقت جي رفتار کي.

 

تنهنجون مرده محفلون ۽ بي عمل تنهنجا بيان،

حال هي تنهنجو ڏسي، آيو روئڻ اغيار کي.

 

پير، ملان ۽ وڏيري جي ڀُلائي ڀوت کي،

ساٿ ڏي ’معمور‘ تون ڪنهن ملڪ جي معمار کي.

11-11-1957ع

عمرڪوٽ

*

 

هت هنن وٽ موج کي، ساحل بنايو پيو وڃي،

پر هتي آسان کي مشڪل بنايو پيو وڃي.

 

ڏس وڏيرن جي ۽ رئيسن صاحبن جي دؤر ۾،

بي گناهه عوام کي جاهل بنايو پيو وڃي.

 

شير کي ٻڪري بنايو جيئن فرنگين جي فريب،

تيئن دليرن کي اڃان بيدل بنايو پيو وڃي.

 

پاڻ تي ڀاڙڻ، دليري ۽ توڪل جي بجا،

فردِ ملت کي فقط سائل بنايو پيو وڃي.

 

جام، ساقي ۽ صراحيءَ جي صداءِ سحر سان،

بزم ساريءَ کي رڳو بزدل بنايو پيو وڃي.

 

سر مٿي ’معمور‘ آهي، جن ثقافت جو سوار،

ديس کي بس راڳ جي محفل بنايو پيو وڃي.

4-10-1955ع

جهوڪ سنڌ.

*

 

انجمن ۾ عشق الفت جو قصو اڪثر ملي،

پر غريبن جي نه دردن جو ٿو ڪو دفتر ملي.

 

موٽرن تي ٿا گهمن ”بلٽاڪ“ زردارن جا ڏس،

۽ غريبن کي چڙهڻ لئه ڪين ڪارو خر ملي.

 

ملڪ جو خانو خراب آهي ڪيو فيشن گهڻو،

ڏس گهمي هر جاءِ ٿو، ماڻهوءَ منجهان مسٽر ملي.

 

اجرڪون پهراڻ پٽڪا، عيب ڀانيون ٿا اسين،

ڪوٽ سان گڏ سوٽ نيلامي، مگر مفلر ملي.

 

دل ۾ هڪڙي، وات ۾ ٻي هي سياست جا اصول،

اهڙي حالت ۾ ڀلا ڪيئن ٿو چڱو ليڊر ملي.

 

ٿي وڃي منٽن ۾ ٻيڙو پار ساري قوم جو،

جي مجاهد مهربان ’معمور‘ ڪو رهبر ملي.

1-8-1955ع

صوفي فقير

*

 

نه محفل ۾ گلن خارن ۽ بلبل جو بيان گهرجي،

شجاعت جو دليري جو اسان کي داستان گهرجي.

 

سدا جنهن کي سرافرازي، مٿاهون سو مڪان گهرجي،

رهي روشن سدا ۽ جلوگر جو، سو جهان گهرجي.

 

چمن ويران اجڙ آهي، خزان جو دور آ طاري،

بهاري جلد آڻي باغ ۾ سو باغبان گهرجي.

 

نه گهرجي ٿو وڏيرو، پير، ملان، رئيس، راڄوئي،

مجاهد في سبيل الله هجي، سو نوجوان گهرجي.

 

هڻي تڪبير جو نعرو، اٿي الله اڪبر چئي،

دليون دشمن جون دهلائي، ٿو اهڙو پهلوان گهرجي.

 

نه گهرجي نام جو ليڊر، نه پاٺوڙو نه پوڄاري،

رسائي ساٿ منزل تي، سو مير ڪاروان گهرجي.

 

جڳائي ڪين ٿو ’معمور‘ گهارڻ ملڪ پستيءَ ۾،

ستارن کان گهڻو اڳتي، اسان کي آشيان گهرجي.

10-2-1956ع

صوفي فقير

*

 

وار ڇوڙي يار منهنجو مون تي وار ٿو ڪري،

زهردار تير منهنجي دل مان پار ٿو ڪري.

 

هيڏانهن هوڏانهن ٿو نهاري نازنين هو ناز سان،

هڪ نظر جي تير ساڻ ڪئين شڪار ٿو ڪري.

 

ٿو رسي ۽ پرچي جلد، جلد پرچي ۽ رسي،

هو هميشه عاشقن سان اهڙا آر ٿو ڪري.

 

زندگيءَ جا چند لمحا گڏ گذاري، پوءِ وري،

داغِ هجر کان هو سڀ کي داغدار ٿو ڪري.

 

هن جي ريت، رسم رنگ ڍنگ تي ۽ ڳالهه تي،

’خالد‘ آهي جو اڃان به اعتبار ٿو ڪري.

30-12-1959ع

ڳوٺ ڳموري

*

 

رخ يار ڦيريو بس، ظلمات ٿي ويئي!

رنج و الم جي نازل برسات ٿي ويئي!!

 

دل جي تمنا ظاهر ڪيئن ٿئي؟ جو منهن جي هن وٽ.

ناقابلِ شنيدن هر بات ٿي ويئي!

 

وعدي تي وسهي ويٺس، آيو نه وعدي وارو،

تارا ڳڻي ڳڻي بس پرڀات ٿي ويئي!

 

هڪ ذرو حسنِ جانان، هڪ ڀيرو جنهن ڏٺو،

هردم ڏسڻ جي ان کي بس تات ٿي ويئي.

 

دلدار جي روش کان دل جي تمنا ’خالد‘،

دل ۾ رهي رهي اف! بس مات ٿي ويئي!

3-11-1959ع

-

*

 

روئاڙي يا کلائي، آ مٺي منٺار جي مرضي!

ضرورت منهنجي کان پهرين، ضروري يار جي مرضي.

 

يقين سان ٿو چوان مون پنهنجون ڇڏيون سڀ تمنائون!

همه حالت ۾ هاڻي هوت هينئڙي ٺار جي مرضي.

 

بهارِ زندگي، ايندي بدلجي ويئي سورن سان،

يدِقدرت چوان يا دلربا دلدار جي مرضي!!

 

گڏي منجهه گوندرن جي يا ڪري آزار کان آجو!

مٺي محبوب مشفق محب مڻيادار جي مرضي.

 

نه چؤ ’خالد‘، سڄڻ کي، وصل بابت! واٽ وٺ پنهنجي!

اڃان تائين، عجيبن کي اٿئي انڪار جي مرضي.

20-11-1959ع

ڳوٺ هوندو پلي

*

 

مون کان ڌاران، ٻي سان تنهنجي دوست داري، ڇو هجي؟

منهنجي تنهنجي وچ ۾ اهڙي يار گهاري، ڇو هجي؟

 

منهنجي دل ۽ جان جت ۽ منهنجو راز ۽ روح جت،

”ات رقيبِ روسيه جي راڄداري ڇو هجي؟“

 

تون ته منهنجو آهين، منهنجو رهندين هر دم اي سڄڻ،

مون کان ڌاران ٻي ڪهين کي تنهنجي تاري ڇو هجي؟

 

ڪي پين پيا بار بار ۽ ڪي سڪن پيا سڀ ڄمار!

ميڪده ۾ تنهنجي ههڙي ڪاري واري ڇو هجي؟

 

تنهنجو جلوو جابجا آ، تنهنجي هوندي ماهرو!

منهنجي دنيا ۾ سڄڻ هي رات ڪاري ڇو هجي؟

 

”منهنجو خالد آهه“ ائين هو انجمن ۾ تو چيو!

جيڪو تنهنجو آهه تنهن کي انتظاري ڇو هجي؟

16-11-1958ع

بزم طالب المؤليٰ-حبيب آباد.

*

 

ڀروسو جنهن جو هميشه يار ڪامل ۾ رهي،

آخرت ۾ ۽ نه دنيا ۾، سو مشڪل ۾ رهي.

 

تشنه لب مدت کان آهيان، پرت مان پنهنجي پرين،

ڏي پيالو پر ڪري، تان موج محفل ۾ رهي.

 

جي بيان تنهنجو ٻڌڻ لئه، وقت ناهي يار وٽ،

دل سندو ارمان ڀلي پوءِ دائما دل ۾ رهي.

 

ٿي نشانو خنجرِ ابرو جو رهه دلدار وٽ،

”خون جو ڀل داغ هي، دامانِ قاتل ۾ رهي“.

 

آب اونهي ۾ لڀن موتي، ڪناري ڪوڏڙا،

جنهن مزو موجن جو ماڻيو، سو نه ساحل ۾ رهي.

 

ٿي مجاهد مرد تون، ’معمور‘ هل مقصود ڏي،

قرب وارو ڪين ڪو ڀي راههِ منزل ۾ رهي.

10-9-1955ع

صوفي فقير

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org