جتي ماه رو، ماه تابان رهن ٿا،
اتي قيديِ زلفِ پيچان رهن ٿا.
جتي محب چشمي غزالان رهن ٿا،
اتي مست چاڪِ گريبان رهن ٿا.
جتي حسن جا شاهه، شادان رهن ٿا،
اتي غرق چاهِ زنخدان رهن ٿا.
جتي آ سرِ بام، سهڻو سڄڻ،
اتي ذڪرِ ڪاڪل جا ڪوشان رهن ٿا.
جتي سک، راحت ۽ آرام آهي،
اتي درد ۽ سور مهمان رهن ٿا.
سڪونت جتي ماهرو محب جي،
اهي ماڳ محلا چراغان رهن ٿا.
معنبر، معطر زمين آه سا،
جتي دوست دلبر درخشان رهن ٿا.
بهانا، ڀڄڻ، جهوت، ڏوران ڏسڻ،
حسينن جا هي عام احسان رهن ٿا.
اتي آهه ’معمور‘
منزل اسان جي،
سڄڻ يار، جت نور افشان رهن ٿا.
(اداره نوائ ادب جو مشاعرو)
اڃا روح حيران پريشان رهن ٿا.
اڃا گهر اميدن جا ويران رهن ٿا.
اڃا سور جا ساز، سامان رهن ٿا،
اڃا درد، غم در تي دربان رهن ٿا.
اڃا شعر تي آه، حاڪم جو قبضو،
اڃا جي حضوري سخندان رهن ٿا.
اڃا سيئن روان آه، رسمِ فرنگ،
اڃا نوجوان عام عريان رهن ٿا.
اڃا حسن وڪجي پيو، عام جام،
اڃا جسم سهڻن جا رقصان رهن ٿا.
انهيءَ حال هوندي به البت اڃا،
ڪٿي ڪي دلاور درخشان رهن ٿا.
تمنا عدو جي نه ٿيندي تمام،
اڃا هت ڪيئي مردِ ميدان رهن ٿا.
اڃا اهڙا عاشق به موجود آهن،
جي جورو جفا تي به نازان رهن ٿا.
نه مايوس
’معمور‘
ٿي هيئن هرگز،
اڃا اهلِ دل ڪيئي انسان رهن ٿا.
اُتي رهندا سلا هرگز نه ساوا،
پَٽيل آهن، ٿيا جت پوءِ ڍاوا.
گهڻن جو اڄ ٿيو ايمان آهي،
مکڻ، مانيون، مٺايون، مال، ماوا.
وِڏوڙن تي ڪبو ويساه ڪهڙو؟
چغلخورن جو ڪم چورت ۽ چاوا.
اڃا تائين، پيا وٺجن ۽ وڪجن،
ڪي ملان، پير، ٻانڀڻ، ٻوڌ، ٻاوا.
نه ماسو، ته به سڏايو سير سهڪن،
هو ڳڀرو ڳاڙهه واتا، ڪالهه ڄاوا.
هو ليلائون لڪن آخر ڪٿي؟ ڪيئن؟
ويا ٿي ڪرڪلو، جڏهن ڪجاوا.
ملي انصاف ڪهڙي ريت آخر؟
اگهاڻا احمقن وٽ ڪچ، ڪاوا.
اڻاون سان پيا اٽڪون ۽ اڙجون،
نٿا سنڀرون سنوان، سوڌا سڻاوا.
ميارون غير تي
’معمور‘
ڪهڙيون؟
جڏهن پنهنجا ٿيا آهن پراوا.
22-2-1969ع
هوندو پلي
مٿي دل درد جا دوڌٽ ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا،
ٿين ٿا گوڙ ۽ گوگهٽ، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.
ڪشالا ڪاڻ ڪوهياري، ڪيون ڪوهن ۾ڪوڪارون،
اچن آڏا جبل، برپٽ، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.
اڙانگو پيچرو اوکو ڏنگيون واٽون ورن واريون،
ڏٺم ور ڪاڻ ور ونگ وٽ ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.
ڪيم سڏ ڪوڪرا سهسين پڙاڏا ڪن پيا موٽي،
ٻڌم وڻڪار ۾ واڄٽ ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.
بَجا دل جان هوتن کان سوين سورن سندا سامان،
مليا
معمور
منجهه مٽ سٽ ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.
11‑09‑1950ع
پٿورو
حڪم - حبيب مليو، اچو ڇو ۽ ڇا سوا!
محفل ۾ اچبو آهه، ته، اف ۽ الا سوا.
آخر ڪيوسون فيصلو، پنهنجي رضا سوا،
رهنداسون بزمِ يار ۾، چون ۽ چرا سوا.
قانونِ عشق ۾ ٿو ملي درد لازمي،
سا زيست ڪهڙي آهه، جا رنج و بلا سوا؟
زخمِ جگر، فراق، غمِ دل ۽ تشنگي،
”سڀ ڪجهه مليوسون يار کان، مهرو وفا سوا“
بي خوابي، انتطار ۽ اوجاڳو، آسرا،
”سڀ ڪجهه مليوسون يار کان، مهرو وفا سوا“
آگم اکين تي، برهه جا بادل، ۽ رت جا لڙڪ،
”سڀ ڪجهه مليو سون يار کان، مهرو وفا سوا“
دردن مان لطف پورو ٿو حاصل تڏهن ٿئي،
دردن کي رکجي پاڻ سان دارون، دوا سوا.
هن جي جفا ۽ جور کان، ڇڏبو وفا کي ڪين،
سا انجمن به ڪهڙي، جا اهل وفا سوا.
الفت جي رسم و راهه ۾، چورڻ نه آ روا،
ذڪرِ فراق و وصل کي ماهِ لقا سوا.
زخمِ جگر مان خون امالڪ وهي هليو،
دستِ حبيب کي ڏسي رنگِ حنا سوا.
هر هر سٽائي سينو، چڪائي ڦٽن کي خوب،
حاصل بقا ڪبي سا، هجي جا فنا سوا.
شب روز در تي يار جي سائل ٿي گهاربو،
آهي نه ڪو علاج، سڄڻ جي سخا سوا.
جنهن ڏي نگاهِ لطف سان هڪ ڀيرو ٿا ڏسن،
بنجي سو بادشاهه ٿو، ظلِ هما سوا.
بيمارِ عشق تي اي مسيحا ڪا مهر ڪر!
آهي نه ڇوٽڪارو، اوهان جي عطا سوا.
اُڀرن هزارين شمس، قمر ڪوڙين مَر پيا،
ظلمت نه ٿيندي دور ڪا تنهنجي ضيا سوا.
عاصي ڏسي عجيب، ڌڪاري نه در تان ڇڏ،
تنهنجي عطا به ناهه ڪا، منهنجي خطا سوا.
ساري ڄمار يار، سوالي ٿي جي رهيا،
ڪنهن ريت رهندا ڪين، اهي التجا سوا.
’معمور‘
کي نه روڪ، صدائن کان اي سڄڻ!
سائل به ڪنهن جي ڪڏهن، سري آ صدا سوا.
26-9-1962ع تي لکيل
(اداره نواءِ ادب جي انعامي
مُقابلي ۾ اول نمبر آيل)
رديف – ”آ“
دور منزل، راهه مشڪل، رهنما ڪوئي نه آ،
ڪيئن وڃن مشڪل ٽري؟ مشڪلڪشا ڪوئي نه آ.
رات ڪاري، تيز طوفان، ڪيئن ڪناري سو رسي؟
جنهن جي ڪشتيءَ جو ڪُنن ۾ ناخدا ڪوئي نه آ.
زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ آزمائي ڏس کڻي،
همزبان هر هنڌ سَوَ، پر همنوا ڪوئي نه آ.
عشق جي آزار جو ۽ هجر جي بيمار جو،
يار جي درشن سواءِ دارون دوا ڪوئي نه آ.
مہ لقا، مشڪل ۾ آ
’معمور‘
تنهنجو! مهر ڪر!
جنهن جو حيلو ۽ وسيلو توسوا ڪوئي نه آ.
10-12-1955
صوفي فقير
(نوٽ: هي مشاعرو سرشار عقيلي جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن
۾ شرڪا عبدالرحيم جوڻيجو، غلام محمد گرامي،
اسدالله شاهه، ساجد سرشاري، امير قريشي، بيدل،
راز، لاوطن، جوڳي، ثابت علي شاهه لڪياري، ايوب
فقير، جهنڊل فقير ڪورائي ۽ ولي سروري هئا)
جدائيءَ جي غمن ۽ سور ۾ سوچڻ به مشڪل آ،
اکين جي آب هارڻ کان، رڳو روڪڻ به مشڪل آ.
دکن دردن جي دنيا ۾ ڪنجهڻ ڪرڪڻ به مشڪل آ،
وسن بادل غمن جا ٿا، فقط مرڪڻ به مشڪل آ.
ڪيان ڪهڙي تمنا يار سان خلوت ۾ گهارڻ جي،
جُتي جانب جي آ جِتهين، اتي پهچڻ به مشڪل آ.
چئو ٿا همنشينو! پر سڄڻ جي سامهون ويهي،
بيانِ دل ڪيان ڪيئن؟ ٻول هڪ ٻولڻ به مشڪل آ.
محبت، عشق، الفت جي اڃان منزل مٿي آهي،
جفا هن جي وفا آهي، اهو سمجهڻ به مشڪل آ.
سخن ”محبوب“ جو
’معمور‘
کي وهه جو وڻيو آهي،
”هٿن سان دل ڏنم جنهن کي اتان آڻڻ به مشڪل به آ“
15-9-1955
خانصاحب عطا محمد پلي
رديف — ”ب“
ڪن کي دولت، ڪن کي دلبر، ڪن کي ٻي نعمت نصيب،
عاشقن کي آ هميشه، هاء، غم، حسرت نصيب.
عاشقن جي آهه کان لرزن زمين ۽ آسمان،
خوش نصيب آهيان، جو ٿئڙي عشق جي آفت نصيب.
هجر ۾ حيران هردم، سور جي سٽ ڇا لکان؟
سک، سراهيء جي بجا، رنج ۽ الم البت نصيب.
بيقراري، انتظاريء ۾ گذاريان ڏينهن پيو،
بيڪسي، بيچارگي ۽ بره جي برڪت نصيب.
آرزو آ، موت کانپوءِ من ٿئي
’معمور‘
کي،
در اڳيان دلدار دلبر يار جي تربت نصيب.
24-5-1955ع
صوفي فقير
التجا ٻڌ عاشقن جي، اچ الله ڪارڻ عجيب!
حال پس هڪوار هيڻن جو اچي حاذق حبيب.
ٿو سڪان ساريان، هنجون هاريان هميشه هاء هاء!
هجر ۾ ٿيو حال آ بي حال، بدتر، بد نصيب.
ورهه جا وهلور، ويڙهيندا وڇوڙي ۾ وڃن،
موٽ مشفق ماهرو، ڪرڪا نظر نازڪ نجيب.
درد جو دارون دوا، ديدار تنهنجو دلربا!
عشق جي آزار جي ڪهڙي طبابت ڪن طبيب؟
ڇو ڪرين؟
’معمور‘
کي، مجبور ۽ لاچار ٿو،
پرچ، اچ پيرا ڀري! ڪر قرب، همدردي قريب.
10-8-1954ع
صوفي فقير
ناز سان نازڪ بدن لاٿو نقاب،
ڄڻ ڪڪر مان منهن پسايو ماهتاب.
ٿي سهائو ويو سڄي سنسار ۾،
ڄڻ افق مان آهه نڪتو آفتاب.
سونهن ۾ ثاني سڄڻ جو ناهه ڪو،
حسن حضرت جو جهان ۾ لاجواب.
يار جو جلوو پسي، ٿي وائڙو،
ٿو ڪري لڪ ڇپ اڃان سيئن ماهتاب.
مہ لقا محبوب پنهنجيءَ مهر سان،
آهه ڪيو احسان اڄ عاليجناب.
درد وارن جا ويا ٿي درد دور،
ٿي ويو بيدرد جو خانو خراب.
دلربا، دلدار، دلبر يار کان،
ڌار گهارڻ زندگي آهي عذاب.
هجر ۾
’معمور‘
هردم ٿا رهن،
چشم گريان، شق جگر، سينو ڪباب.
9-12-1954
صوفي فقير |