سچل سرمست ۽ صوفي مراد فقير
ڪنڊڙي جي ڪلتارن ۾ روحل فقير کان پوءِ صوفي مراد
فقير جو نالو اهميت رکي ٿو. هن به روحل فقير جيان
وحدت جي
وائي
ورنائيندي حقيقت جي واٽ تي سفر ڪيو ۽ سلوڪ جي راهه
۾ پيدا ٿيندڙ پنهنجيون سموريون ڪيفيتون اظهاريندو
ويو. سندس والد جو نالو
محمد حيات زنگيجو هو، هي روحل فقير جو ويجهو عزيز هو. ٻنهـــيءَ
جــــــــــي عمر ۾ ڏهن ورهين جو تفاوت هو. زباني
روايت مــــــــوجب مراد فقير 56-1155ھ/43-1742ع ۾
جنم ورتو. روحل فقير جو هم مشرب هو. پنجاب مان
لڏپلاڻ وقت روحل سان گڏ سنڌ آيو. سندس ننڍپڻ،
تعليم ۽ زندگيءَ متعلق اعتبار جوڳو احوال هٿ نه ٿو
اچي. البته سندس ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته مراد
فقير سنڌي، سرائڪي کان سواءِ عربي، فارسي ۽ هندي
زبانن تي مڪمل دسترس رکندو هو (1).
مراد فقير ننڍي هوندي کان ئي روحل فقير سان گڏ
رهيو. صوفي روحل جڏهن پدمات جي پٽ تي گوشه نشيني
ٿيو هو تڏهن به مراد فقير ساڻس گڏ هو. جيئن فرمائي
ٿو:
ور پسي پدمــــــــــــــــــــات جي، ٻن حاوا
هــــــــــــــــالار،
جي هون هيڪاندا يار، ته ڏکيا ڏينهــــــن نه
ساريان.
(2)
مراد فقير، صوفي روحل فقير سان سير و سفر ۾ به شريڪ رهيو. هن روحاني فيض به روحل
فقير کان ئي حاصل ڪيو. ڪلهوڙن جي زوال واري دور ۾
جڏهن روحل فقير ٽالپرن
جو طرفدار
ٿيو ته مراد
فقير به صوفي
روحل جيان ميرن جو حامي ٿي بيٺو. مدد خان پٺاڻ جي
يلغار کان متا ثر ٿي مراد چيو:
ماري ”مدد“ ڪو دو ڪرو، ڇوڙ وڃي
يهودي يزيد ميان.
(3)
روحل فقير جڏهن ڪنڊڙيءَ ۾ اچي آباد ٿيو هو ته
مير سهراب خان ٽالپر کيس ڪوٽڏيجيءَ ڀرسان ڪوٽلي ۾
ڪجهه زمين ڏني هئي، جيڪا زمين مراد فقير آباد ڪئي.
پروفيسر لطف الله بدوي، مراد فقير جي آخري سالن
بابت هڪ واقعي جو ذڪر ڪيو آهي. ان موجب: ڪوٽلي لڳ
هڪ سيد، شڪرالله شاھ رهندو هو. هن فقيرن ڏانهن
ماڻهن جي رجوعات ڏسي، ساڙ وچان انهن خلاف
ڪارروايون شروع ڪيون. مراد فقير شروعات ۾ اهي
زيادتيون صبر ۽ شڪر وچان برداشت ڪيون پر قصو گهڻو
اڳتي وڌندو ويو. شاھ صاحب، فقير جي زمين تي قبضي
لاءِ حيلا هلائڻ شروع ڪيا. نيٺ
مراد فقير بدلي جو سوچيو پر روحل فقير سڀني فقيرن
۽ مراد کي اهڙي عمل کان روڪيو ۽ هدايت ڪيائين ته:
”فاني شين لاءِ وڙهڻ ڇاجو؟ مرد اهو آهي جنهن
پنهنجي نفس سان وڙهي ان کي زير ڪيو“. مراد فقير
مرشد جي ان ڳالهه جي تعميل ڪندي خاموشي اختيار ڪئي
پر ان ڳالهه جو مٿس گهرو اثر ٿيو ۽ بيمار ٿي پيو ۽
سنه1211ھ/1796ع ۾ وفات ڪيائين ۽ ڪوٽلي ۾ آرامي آهي
(4).
شاعري:
صوفي مراد فقير پنهنجي دور جو وڏو شاعر هو. هن
سنڌي، سرائڪي کان سواءِ فارسي ۽ هندي ۾ به شعر چيو
آهي. فارسي ۾ سندس هڪ ننڍڙو ديوان۽ سنڌي ۾ ”عشقيه“
نالي سان هڪ رسالو موجود آهي (5). جڏهن ته هندي
ڪلام جي حوالي سان پروفيسر بدوي ”پريم گيان“ کـــي
مـراد فقير جي تصنيف ڄاڻائي آهي (6). جڏهن ته
”پريم گيان“ صوفي روحل فقير جي تصنيف ڄاڻائي ويندي
آهي (7).
صوفي مراد فقير جو سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام
پروفيسر لطف الله بدوي پنهنجي ڪتاب ”ڪنڊڙيءَ وارن
جو ڪلام“ ۾ ترتيب ڏنو آهي. اسان هت مراد فقير جي
ڪلام جي مطالعي دوران مذڪوره ڪتاب ۽ سچل سائين جي
ڪلام جي نموني لاءِ عثمان علي انصاري جو مرتب ڪيل
رسالو مان استفادو ڪنداسين.
مراد فقير جي ڪلام
متعلق پروفيسر لطف الله بدوي لکي ٿو:
”مراد فقير جي ڪلام جو گهڻو حصو سنڌ جي قديم قصن ۽
ڪهاڻين تي ٻڌل ٿو نظر اچي. سندس سنڌي ڪلام جو
ذخيرو ڪــــو ايڏو وڏو نه آهي، مگر روحل فقير جي
ڀيٽ ۾ ڪي قدر زياده نظــــر اچي ٿو. سندس ڪلام ۾
پختگي ۽ رواني آهي. سندس عشقيـــــــــــــه شاعري
اٿاهه درد سان ڀريل آهي“ (8).
مراد فقير جو ڪلام وحدت جي وائيء جي تنوار آهي. هن
عشق، پاڻ سڃاڻڻ، معرفت ۽ فنا جا مضمون ڏاڍي سادي
سودي انداز ۾ بيان ڪيا آهن. عاشق کي پتنگ ٿيڻ جي
صلاح ڏي ٿو. ڇاڪاڻ ته عاشق جيستائين عشق جي باھ ۾
پاڻ کي اڇلائيندو ڪونه، اوستائين هو ان باھ ۾
پچندو ڪون ۽ جيڪڏهن هو آروٽ ئي رهجي ويو ته پوءِ
پنهنجي منزل کي پهچي ڪين سگهندو. صوفي مراد فقير
چئي ٿو:
سَا مَنَ سک ”مراد“ چوي جا پــــــــــــــــر
پتنگــــــــــــن،
اچن اجل سامهان، سر جو ســـــــــــــــانگ نه
ڪــــــــن،
جن کي موت مشاھدو، ســــــــــــــي رتي ڪين رهن،
ساعــــــت سين نه سهن، پـــــــــــــــاڻ برابر
پر جــــــــي
(ص103)
جي ٻاريـــــــن ته ٻار، اندر باھ بــــــرھ
جـــــــي،
مٿين مچ ”مـــــــــــــراد“ چئي، ڪئي پتنگـــن
پچار،
ته جيئري جانب نه مڙي، توڻي حيلا ڪــرين هزار،
دوســـــــاڻــــي درٻــــــــار، ٿا مُوا ڪن
مشاھــــــــــدو.
(ص103)
سچل سرمست، مراد فقير جو پاڙيسري ۽ وحدت الوجود جي
فلسفي جو وڏو شاعر هو. هن وٽ حسن و عشق کان ويندي
طلب، وحدانيت، حيرت، فنا ۽ بقا تائين جا سمورا
مضمون موجود آهن. سرمست سائين ديوان آشڪار ۾ مجاز
۽ عشق جي وستار ڪندي چئي ٿو:
جذ محبت راه، ديگر نيست نيست،
گرچه شهي تاج افسر نيست نيست،
درد ومحنت عشق دان اولي ترست،
ياد کاؤس وسڪندر نيست نيست.
(9)
(محبت کان سواءِ ڪابه راهه، راهه نه آهي ۽ محبت نه ڪرڻ
واري انسان جو مثال اهڙو آهي جيئن ڪو بادشاهه هجي
پر ان جي مٿي تي تاج نه هجي.
عشق ۾ جيڪو ڏک ۽ رنج برداشت ڪرڻو پوي ٿو اهو گهڻو
بهتر آهي ۽ اهڙي لذت
ڪيڪائوس ۽
سڪندر جي ذڪر ۾ به نه آهي).
سرمست سائين بنيادي طرح مجاز؛ کي اها واٽ سمهجي ٿو
جنهن سان درست حقيقت جي ڄاڻ ملي ٿي ته انسان
پنهنجي اندر جي دنيا ۾ ڪيترو ڪجهه پاڻ کان ئي
پوشيدهه رکيو ويٺو آهي. جڏهن اندر ۾
اندر جي
ڪائنات
کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جي اک کلي ٿي ته پوءِ ئي هُن کي
انهن سڀن رازن جي سڌ پوي ٿي جن جي
باري ۾ اُن
کان اڳ اُن کي ڪابه ڄاڻ نه هوندي آهي پاڻ تي غور
ويچار کان پوءِ سالڪ پنهنجو رتبو ۽ مرتبو بدلجندي
محسوس ڪندو آهي. درازي شاهه چوي ٿو:
پيهي پر وڙيم، تان پنهون پاڻ ئي آهيان،
پاڻ ئي منجهان پاڻ کي، هي پڙ لاءُ پيوم،
صحيح ڪن ڪيوم، ته غير گمان اٿي ويا.
جي تو ڄاتو پاڻ، آئون ٻيو ڪي آهيان،
ڪندءِ غرق گمان، ڳهلا انهي ڳالهه ۾.
اتي مرا د فقير عاشق کي چوي ٿو ته ا ندر
مان
ٻيائي جي ڪٽ لاھ ته هر سو جانب جو جلوو
پسندين، ڇاڪاڻ ته هر نظر ۽ منظر ۾ حق موجود آهي.
صوفي چئي ٿو:
جي تو سڪ پرين جي، ته نا حق ڏور مَ ڏور،
”هو الاول، هو الآخر“ جــيئـــــــــن سو نيڻ نور،
”هو الظاهر، هو الباطــــــــن“ هر دم آھ حضور،
ٻيا سڀ فند فتور، ماري ڪڍ ”مـــــــــــراد“ چئي.
(ص104)
جي تون عاشـــــــــــــق آهين، وڃي سور وهاءِ،
سدا ســــڪ پريــــــــــــــن جي، اندر روح
رهاءِ،
اکين منجهه ”مراد“ چئي، ڪر جانب جي جاءِ،
پل پل ۾ پيو پاءِ، سر مون سپريــــــــــــــن جو.
(ص104)
سالڪ
جي من تان جڏهن ٻيائي جي ڪٽ لهي وڃي ٿي ته پوءِ ان
تي اهو راز عيان ٿئي ٿو ته خدا ۽ انسان جي وچ ۾
ڪابه وٿي نه آهي. حق سمنڊ آهي ۽ سالڪ بوند جو
قطرو، جيڪو سمنڊ ۾ ملي جذب ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ هو هر
طرف هر منظر ۾ فقط ان ذاتِ واحد کي ڏسي ٿو. ڇاڪاڻ
ته هن جي هستي جي حيثيت مٽجي چڪي آهي ۽ هاڻ ڪو
وجود آهي ته فقط ان حقيقي ذاتِ جو. جيڪا اول به آ،
ته آخر به آ. ظاهر به آ ته غائب به آ. ان صورت ۾
عاشق سالڪ ڪهڙي ريت پنهنجي هجڻ کي محسوس ڪندو جڏهن
پنهنجي وجود جي اندر مان 'مان' جو بُت ڀڃي ڀورا
ڪجي ٿو ته پوءِ هستي جو ڪوٽ ڊهي ٿو. ٻيائي مٽجي
وڃي ٿي اکين تان اونداهه لهي وڃي ٿي ۽ هر طرف نور
جو چمڪو پسجي ٿو. اهڙي حالت ۾ سچل سائين جيڪو چئي
رهيو آهي اهو درست آهي پر اها هستي ۽ جذب جي حالت
آهي جنهن ۾ سپردگي جي ڪيفيت طاري آهي ۽ ان سرمستي
انداز ۾ سرمست سائين چئي رهيو آهي:
هر کجايم من خدايم من خدا
تاچه شد پوشيده امرازد ورد اين خاڪي قبا.
(10)
(آئون هر جاءِ تي آهيان، هر هنڌ آهيان، آئون خدا
آهيان، آئون خدا آهيان، ڇا ٿيو جيڪڏهن مون عشق جي
ڪري خاڪي لباس (مادي جسم) پائي ورتو آهي).
ٻانهو ڀانءَ مَ پاڻ توهين مالڪ ملڪ جو
”لاخير في عبدي“ اهو ئي اٿئي اُهڃاڻ
الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ،
سچو سائين هڪڙو، ناهي شڪ گمان.
(ص 82)
صوفي مراد به سالڪ جي ان فنا جي مقام جو قائل آهي
پر خود به فنا
في الله آهي تڏهن ته هو به سچل سائين وانگر ڏاڍي بي باڪ انداز سان چئي رهيو
آهي:
تون آهين، تئن پرين سان، جئين پاڻي ۾ ماڪ،
ڦوڙا ئــو فراق، توتي ڪونهي مور ”مراد“ چئي.
(ص106)
تون آهين تئن پرين سان، جئن پاڻي ۾
پـــــــــــــــارو،
هي پس مَ پسارو، جو آهي مڙو محب ”مراد“ چئي.
(ص106)
تن پريـــــــن، من پريــــــن، چت پرين، دل
يــــــار،
انـــــــــــــــــــدر ٻاهر سپـــــــــــــرين،
وٿ نه آهي وار،
اکين منجهه ”مراد“ چوي، ٻيو ڪونه قريبن ڌار،
جاڏي ڪريان نهار، تاڏي سڄڻ پسان سامهـــــــان.
(ص106)
مراد فقير وحدانيت جو بيان ڪندي پنهنجي
پاڙيسري
سچل سرمست وانگيان بي باڪ بڻجي ويو آهي.
وحــــدت جن وجود، ڪعبو
تــن
جو ڪوڏيــــو،
سي ڪنهن کي ڪن
سجود، جي پاڻ ”مراد“ مَڪو ٿيا.
(ص106)
جن کي منجهه معراج، آهي حج ”مراد“ حضور جو،
سي مڪي جا محتاج، ڪامل ٿين ڪينڪـــــي.
(ص106)
مراد فقير پنهنجي سرائڪي ڪلام ۾ پڻ ساڳيو وحدت
الوجود وارو فڪر پيش ڪيو آهي. پير مغان جي هٿان
جڏهن مراد شوق جو شراب پيتو ته سندس چوڏهن طبق
روشن ٿي ويا. چئي ٿو:
جنهن ڏينهن پير مغان دے
هٿون شوق شــراب پيئوسي،
تنهن ڏينهن يار يقين ٿيا، سڀ دل دا شـــڪ لٿوسـي،
چوڏهن طبق ٿيوسي روشن، اڪـبر حـــج ڪيتوســي،
پر ٿيا
ديدار
”مراد“
جڏهان ڪر،
ھے
ســر عرض رکيو ســـي.
چايا،
'سچل' ٿي
قربان اُنهان تون، جنهان آڪي جوش جڳايا
(11)
صوفي مراد فقير توڙي درازي شاهه جوڳين بابت پڻ شعر
چيو آهي جنهن ۾ هنن ڪوڙن جوڳين جي نفي به ڪئي آهي
ته سچن لاهوتين سان پنهنجي اڪير به بيان ڪئي آهي.
سچل سائين ڪوڙن ۽ ٺڳ ڄوڳين جو ذڪر ڪندي چئي رهيو
آهي.
پورب پنڌ نه آهي، ڪڏهن ڪاپڙين کي،
جت ماڻهن
ميڙاڪو ٿئي، ساجوٺي جوڳين جاءِ،
سامي سر سواءِ سودو ڪن نه ڪو ٻيو.
(ص 289)
جيڪي سچي سڪ کان حقيقت جي تلاش ڪرڻ ۽ ڀيٽڻ نڪتا
آهن سي سرمست سائين جي نظر ۾ لاهوتي آهن ۽ جيڪي ڪن
چيرائي ماڻهن کي گهمراهه ويٺا ڪن سي جوڳي آهن جيڪي
وجود جي اصليت کي سمهجي نه ٿا سگهن اهڙو فرق بيان
ڪندي سچل سائين چئي ٿو.
جوڳي جائون جال، پر لاهوتي لنگهي ويا،
هو ملي ويڙا حال ۾ هي قابو مٿي قال،
هي هي منهنجي
حال، جو حال نه ٻيو هٿ مون.
(ص 288)
صوفي مراد فقير به اهڙن ٺڳ جوڳين جي نندا ڪئي آهي:
نانگا ڇڏ نه ننگ، ٿو لائين رک لڱن کي،
توکي چوس چوسڻ
جي، رام نه لڳڙي رنگ،
مايا ساڻ ”مراد“ چئي، ڪوڙو ڪيو ڪُسنگ
ڌوئي ڌوڙ نسِنگ، ويئي لڄا نڪري.
(ص 125)
اُتي صوفي مراد سچن لاهوتين جي حالت بيان ڪندي چئي ٿو:
گيان گنگا، دل دوراڪا، ڪايا ڪاسي جن،
سي پورب ۽ پڇم جا ڇاکون پنڌ ڀڃن،
ماري من
مراد
چئي، ٿاريءَ تن تيرٿ ڪن،
سي نگا ناٿ
پسن، جن کي گڏيو گرُ گر نار ۾.
(ص125)
ترڪ ڏٺائون تن کي، مار ڪيائون من،
سي پايو بديهي ٿيا، ويئڙا منجهه وطن،
لامڪان ”مرا“ چئي ڪيا آسڻ آڌوتين.
سي نت
نانگا ناٿ پسن، جي واحد
وحدت
۾ ٿيا.
(ص 126)
سچل سائين به اهڙن لاهوتين جي ساراهه ڪئي آهي جيڪي
حق جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ نڪتا آهن جيڪي هن ظاهري
وجود جي اصليت کان چڱي ريت واقف آهن ۽ هنن کي خبر
آهي ته ڊگهي سفر کان پوءِ گرو / رهبر جي معرفت
پورو پورو ڌيان گيان حاصل ٿيندو. تنهن ڪري لاهوتي،
سرمست سائين کي وڌيڪ عزيز آهن. چئي ٿو:
گنگا کان نه گذر آهي ڪنين ڪاپڙين جو،
ڪڏهن لوڪ نه لڙيا سدا تن سفر،
آهي نام مشر، انهن آڌوتين جا.
(ص 287)
جوڳين آهه نه
جنگ، هن سلوڪي سڀ سان،
جيجان هن جهان ۾، هن طريلا تنگ،
ڪنهن جي رتا
رنگ، ماڻڪ منهن مشعلا.
(ص 289)
مراد فقير جو سنڌي ڪلام پرتاثير آهي. هن جي رسالي
جي طرز تي سُر وار چيل ڪلام ۾ سندس بيت جذبات سان
پُر آهن. جن ۾ پڻ وحدانيت جي ڳالهه ڪري ٿو. ”سسئي
پنهون“ جا بيت وري سوالن جوابن ۾ پيش ڪيا اٿس. هن
کان پهرئين سنڌي شاعري ۾ بيتن ۾ اهڙو انداز اختيار
ڪيل ناهي. البته سرائڪي ۽ پنجابي شاعري ۾
هير رانجهي تي چيل بيتن ۾ هير ۽ سهيليون، هير ۽
ماءُ جا سوال جواب موجود آهن. جڏهن ته سچل سائين
وٽ اهڙو انداز اسان کي ملي ٿو. صوفي مراد فقير
سسئي جي احوال ۾ بيتن ۾ سوال جواب چئي.
سوال:
تڙ تڙ تڪ مَ تور، ۽ ڪيچ ڪڄاڙي کي وڃين؟
نڪي هاڙهي هوت ويوءِ، نڪي حب، هنگــــور،
موٽي وڃ ”مراد“ چئي، ڀوري! منجهه ڀنڀــــــور،
ناحق ڏيهه م ڏور، ٿئي دل ۾ ديرو دوست جـــــو.
جواب:
عاشقــــــــــن ائين، ڪين سري ري سڄڻيـن،
موٽڻ جا ”مـــــــراد“ چئي، تون ڪئن ٿو ڏس
ڏئيـــــــــــن،
پـــــــــيالو پريت جـــــــــــــو، جي هٿئون
هوت پئيـــــــــــــن،
ته جانڪو ڏينهن جئين، تان ڪوڪون ڪرين قاف ۾.
(ص 112)
سچل سرمست
جي سنڌي توڙي سرائيڪي ڪلام ۾ سوال جواب وارو انداز
موجود آهي جيڪو دلچسپ به آهي. سسئي پنهون بابت
جهولڻي ۾ اهڙا ڪيترائي بند موجود آهن.
جيڏيون جّت منهنجو آهي جائين،
آءُ تان ويندس اڄ تنهن تائين،
آهيان ٻانهي اُن جي آن ئين،
پاڻون گهٽ ڀينر ٿي ڀائين،
آن کي پلؤ ڳچيءَ ۾ پائين،
دَم دَم درس ڪريج دعائين،
مون کي سڄڻن ميڙين سائين،
ڪيچيئڙن کي پهچان ڪائين،
برهه جي باهه ٻهو ويا ٻاري.
چي ڙي آڏولس، بگهڙ ڪن لوڙا،
تن کون ڪن، ٻئي ٿين ٻوڙا،
ڇؤهون ڇپر ڇني جا ڇوڙا،
تاتي ٿاڪ ٽڪر جا ٽوڙا،
سَهمناڪ سنڊا سي سوڙها،
ڏيون مار مٿي ڏين موڙا،
سي ئي ڏرت ڏورڻ جا ڏوڙا،
ڏينڀو ڏنگ هڻن ٿا ڏورا،
آهين هاڙي منجهه هزاري. (ص 194)
سچل سائين هڪ سرائڪي بيت ۾ سوال جواب واري صنعت جو
خوبصورت ۽ سهڻو مثال قائم ڪيو آهي چئي ٿو:
هڪ ڏينهن ميڪون مرشد اکيا ته 'مين پيالا پيوين!'
آکيم ”اينوين، سائين اينوين!“
اکيس ”آپ سڃاڻڻ ٻاجهون، همدم مُول نه ٿيوين!“
آکيم ”اينوين سائين اينوين“!
”اپڻي ذات لڪا اٿ بيٺين، تيڏا مطلب ٿيسي ڪيوين؟“
آکيم ”اينوين سائين اينوين“!
”موتوا قبل ان تموتُوا: مئي پڄاڻو جيون“
آکيم ”اينوين سائين اينوين“!
آکيس، ”ماريا حلاج نغارا، سچل تون ڀي مارين
تيوين،
آکيم ”اينوين سائين اينوين“!
صوفي مراد
فقير جي شاعري مختصر طور مختلف سُرن مطابق ملي ٿو
جنهن ۾ معرفت، سسئي، سهڻي. نوري، مومل راڻو، عمر
مارئي، ليلا چنيسر، گهاتو سامونڊي، پرڀاتي ۽ پورب
شامل آهن جڏهن ته سچل سرمست وحدت، حقيقت، سسئي ،
مومل راڻو،
عمر مارئي، نوري، هير رانجهي، پورب، جوڳ، سارنگ ۽
مالڪوس تي شعر چيا آهن. صوفي مراد ئي اسان کي سچل
جو همعصر دور جو خيرپور اندر اهو شاعر نظر اچي ٿو
جنهن جو جيتوڻيڪ ڪلام ته گهٽ ملي ٿو پر ان جا
موضوع ۽ مضمون وسيع آهن تنهن ڪري اسان هت ڪڏهن بحث
جي بجاءِ مختصر طور ٻنهي شاعرن جا هڪ هڪ بيت هر سر
مان پيش ڪنداسين ته جهڙي طرح هنن همعصر شاعرن جو
هڪ ئي موضوع تي چيل شعر جو انداز بيان کي پرکي
سگهجي:
هت مختصر طور انهن سرن جا بيت ٻنهي شاعرن جا ڏنا
ويا آهن جيڪي سُر ٻنهي شاعرن وٽ اسان کي ملن ٿا
جڏهن سچل سائين ان کان سواءِ سارنگ، روجهن بابت پڻ
بيت ۽ ڪافيون چيون آهن ۽ صوفي مراد فقير، ليلا
چنيسر، سهڻي گهاتو، سامونڊي ۽ پرڀاتي بابت بيت چيا
آهن.
پڄاڻي:
هڪ ئي دور جي ٻن اهم شاعرن بابت ٿيل هت ڳالهه
ٻولهه مان اسان کي سُڌ پوي ٿي ته هي ٻئي شاعر نه
فقط فلسفه وحدت الوجود جا قائل آهن، هنن نه فقط
سالڪ کي اندر ۾ پرين لهڻ جو ڏس ڏنو آهي پر هي ٻئي
شاعر فنا في الله جي مقام تي پهتل پڻ آهن. مضمون
جي اعتبار کان هنن لڳ ڀڳ سمورن لوڪ رومانوي
داستانن تي بيت ۽ ڪافيون چيون آهن جن ۾ حسن وعشق
جي اپٽار به خوب آهي. جوڳ ۽ پورب بابت بيتن ۽
ڪافين ۾ وري مضمون جي مزاج جي مدنظر هندي زبان جا
الفاظ پڻ هنن استعمال ڪيا آهن. جنهن مان هنن جي
ٻولي داني جي پڻ اسان کي ڄاڻ ملي ٿي.
حوالا / حاشيا:-
1. لطف الله بدوي ڪنڊڙي
وارن جو ڪلام، ص26، سنڌي ادبي بورڊ 1983.
2. ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص132،
(حوالو اڳ آيل آهي).
3. ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص178،
(حوالو اڳ آيل آهي).
4. ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص27،
(حوالو اڳ آيل آهي).
5. ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص141-28،
(حوالو اڳ آيل آهي).
6. ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص28،
(حوالو اڳ آيل آهي).
7. روحل فقير جو هندي ڪلام، ص33، (مقالو).
8.ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص28،
(حوالو اڳ آيل آهي).
9. قاضي علي
اڪبر
درازي (مرتب-مترجم)، ديوان آشکار، (جلد
اول)،
ص 64، اوقاف کاتو، حڪومت سنڌ، 1981ع.
10. ديوان آشکار، (جلد اول)، ص 54، (حوالو
اڳ آيل آهي).
11. مولانا صادق راڻيپوري، سچل سرمست جو
سرائڪي
ڪلام،
ص 8-308، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع.
12. سچل سرمست جو
سرائڪي ڪلام، ص 105، (حوالو اڳ ۾ آيل آهي).
سچل سرمست ۽ فقير درياءَ خان
سنڌي صوفياڻي شاعري ۾ ڪنڊڙي جي ڪلتارن جو به اعلى
مقام آهي انهن صوفي رهنمائي مان روحل فقير ۽ مراد فقير کان پوءِ فقير
درياءَ خان به پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. هي پنهنجي
دور جو فڪري اعتبار کان سگهارو ۽ خوبصورت شاعر
آهي. سچل سائين جي همعصر جو شاعراڻو انداز بي
باڪانه ۽ نرالو آهي. هي اهو ئي انداز آهي جيڪو سچل
سائين جو آهي.
فقير درياءُ خان زنگيجو، صوفي روحل فقير جو چوٿون نمبر فرزند ۽ صوفي مراد
فقير جو سڳو ڀاڻيجو هو. سندس جنم1179ھ/1765ع ۾ ٿيو
(1). دريا خان پنهنجي وقت جو بلند پايه شاعر ٿي
گذريو آهي. پر افسوس ته سندس حالات زندگي چٽا
ناهن، تنهن هوندي به اسان پڪ سان چئي سگهون ٿا ته
دريا خان، فقيري حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي والد
روحل فقير کي ئي باقائده پنهنجو مرشد تسليم ڪيو
هوندو ۽ سندس ئي نظر هيٺ فقير جي تعليم تربيت ٿي
هوندي. ان سان گڏ سندس زندگي تي سندس مامي مراد
فقير جي صحبت جو به اثر ڏسجي ٿو.
دريا خـــــــــان نـــــــــــالي
ســــــــــان هــــــــڪ ئـــــــــي دور ۾ ٻه
شاعر ٿي گذريا آهن. هڪ دريا خان ڪنڊڙيءَ وارو جنهن
جو ذڪر مذڪور آهي ۽ ٻيو هن ئي خاندان جي اثر هيٺ
درياخان دولهه جي لقب سان مشهور هو. هن جو ڪجهه
ڪلام پڻ محفوظ آهي. دريا خان دولهه 1309ھ/1891ع ۾
وفات ڪئي (2). شروعات واري زماني ۾ ٻنهي شاعرن کي
نـــــــــــالي جي هڪجهــــــــــڙائي
سبــــــــــب هڪ ئي شخـــــــــــص طور ڄاتو
ويندو هو. دريا خان ڪنڊڙي واري
1270ھ/1853ع ۾ وفات
ڪئي (3).
شاعري:
فقير دريا خان سنڌي، سرائڪي ۽ هندي جو
اعليٰ شاعر هو. ڪو وقت
سندس ڪلام ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ رهيو پر ٿورو عرصو پهرين ۽ ساڳي وقت سچل سائين
جي ڪلام خاطر مانواري عثمان علي انصاري جي مرتب
ڪيل ”سچل سرمست جو سنڌي ڪلام“ اسان جي سامهون
آهي. محترم نياز همايوني، سندس ڪلام وڏي
محنت ۽ محبت سان
”آءُ
ڪانگا ڪر ڳالهه“ جي عنوان هيٺ سهيڙيو آهي، جيڪو
سنڌي ادبي بورڊ 1992ع ۾ پڌرو ڪيو. اسان پڻ هت دريا
خان جي ڪلام جي مطالعي دوران مذڪوره ڪتاب کي
سامهون رکنداسين.
دريا خان جو ڪلام بيت، ڪافي، سه حرفي،
مدح، دوهن، ڀڄن، شبد ۽ وائي جي صورت ۾ موجود آهي،
جنهن تي تصوف جو گهرو اثر ڏسجي ٿو. ڇاڪاڻ ته فقير
دريا خان جو جنم هڪ اهڙي گهر ۾ ٿيو هو جتي وحدت
الوجود جي فلسفي جو پڙاڏو سندس والد
صوفي روحل فقير ۽ مامي مراد فقير جي صورت ۾ گونجي
رهيو هو. يقيناً دريا خان جو ان اثر کان متاثر نه
ٿيڻ ممڪن نه آهي. محترم نياز همايوني سندس ڪلام
بابت لکي ٿو:
”روحـــــــل فقير ۽ سندس قبيلي جي شاعرن انهيءَ
اصول تي هلي پنهنجي شعر ۽ فڪر کي بني نوع انسان جي
ڀلائي ۽ رهنمائي لاءِ اڳيان آندو آهي، هنن مان
دريا خان، روحــــــــــل فقير کان پوءِ خاص ڪري
ساراهڻ جوڳو آهي، جنهن جو ڪلام حيـــــــات ۽
ڪائنات جي حسن کي عشق جي نگاهه سان نهاريندو نقاب
کان بي نقــــاب ڪندو سڏ پڙاڏي جي صورت ۾ اوري پري
پکڙندو وڃي ٿو“
(4).
دريا
خان جي ڪلام ۾ حسن
و عشق، خود شناسي، حيرت معرفت، فنا ۽ بقا جا مضمون بيان ٿيل
آهن. هو بار بار پاڻ کي سڃاڻي پاڻ ۾ ئي موجود
پنهون پسڻ واري ڳالهه ڪري ٿو. سسئي جي بيتن ۾ چئي
ٿو:
ســـائي صورت سسئي، سائي صورت ڏير،
ڇڏي صورت صاف ٿي، مخفيءَ ۾ منظور،
”درياخان“ ڏس نه ڏور، پنهون پسج پــاڻ ۾.
(ص43)
عشق جي طفيل ئي
بندو پاڻ کي سڃاڻي سگهي ٿو. چئي ٿو:
”دريا خان“ پساڻ پاڻ ۾، جان پنهونءَ جو پير،
ته نه ڪا صورت سسئي، نه ڪــو ڏونگر ڏيـر،
هن ڀوريءَ سندو ڀير، نسوروئــي نينهن ٿيـــو.
(ص44)
جڏهن من تان ٻيائي جي ڪٽ لهي وڃي ٿي ۽ اکين مان جر
ڪجر نڪري وڃي ٿو ته پوءِ بندو پاڻ سڃاڻڻ جي ڪوشش
ڪري ٿو. سالڪ کي جڏهن اها سڌ پئجي وڃي ٿي ته پنهون
ته سندس اندر ۾ موجود آهي ته پوءِ هن کي پرينءَ
کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي. صوفي دريا خان
چئي ٿو:
نالـــــــــــــو سندءِ ناھ ۾، وٺـــــــان جي
ويهـــي،
ته نــــــــڪو آدم نـــــــــڪو آدمي، نڪي اسين ئي،
اسيـــــــــــن ڳـــــــــولائو
جــــن جا، سي پڻ اسين ئي،
”دريا خان“ ان عجيب جي، ڳالهه
ڪريان ڪيهي،
ڏٺـــــــم ســـــــــــي ڏيهي جي
پـــــسڻ کان پري هئا.
(ص44)
پاڻ وڃا ئي پاڻ سڃاتم، ٻيو ڄاتم سو ڄاڻ ويو،
جـــــــــو ڳوليــــــــــم ٿــــــــــي
ڳــــــــــوٺ ڳـــــــــلي ۾،
ســــــــــــو تـــــــــــــان
وچــــــــــــــون ئي پــــــــــــاڻ ويو.
(ص57)
عشق جي شراب جو قطرو جنهن جي به اندر ۾ لٿو، تنهن
جي وجدان جي اک کلي ٿي پوي ۽ پوءِ ان کي حسن ماري
ٿو وجهي. عشق وڏو ظالم آهي، جنهن کي نينهن جي بڙڇي
لڳي ٿي ان کي پنهنجي حد مان ڪڍي لاحد ۾ پهچايو
ڇڏي. دريا خان عشق بابت چئي ٿو:
تير اکين جا آهن تکيرا، ڦاڙيو وجهن ڦـــــڦــــڙ ۽
جيـرا،
وڌئون پئون سٽ يار لنگهائي.
عشـق پٿاري آهي بازي، مـلان هجي توڙ ي قاضـي،
عشق آزيون الڳ
ڪرائـــــي.
(ص59)
دريا خان چوي ٿو ته ڀلي ڪيترا به ڪتاب پڙهه پر اهي
توکي اصل حقيقت تائين ڪڏهن به ڪونه پهچائيندا،
پوءِ بهتر آهي ته عشق جي مڪتب ۾ ويهي ڪجهه حاصل
ڪري وٺ.
عشق جي مڪتب ۾ ويهي، ڪر درد جو دل ۾ درڪ!
ڪوڙيون ڪتابن جون پڙهين، هن هُن وڏو آهي فرق!
اکرن ۾ جيڪــــي اڙيا، عشق جي چاڙهي مور نه چڙهيا،
ڪنهن جي مڃين ٿا ڪينڪي، آهـــــــــــــن وڏا ساڙن
سڙيا،
هادي ڏنو جنهـــن کي حرف، ويڙهي ڇڏيا ئون سڀ ورق.
ص 60)
دريا خان سچل سرمست
جو پاڙيسري آهي، ٻنهي جي ڪلام ۾ فڪري هم آهنگي
کليل طور موجود
آهي. عشق
جو اظهار ڪندي سچل سائين چئي ٿو:
ملان ڇڏ ڪتابن پچر، مئـــي جي پيءُ
پيـــــــــالي،
پل ۾ ملان صاحب ٿين تون، مست و مست موالي،
ڇڏ ڪُلالي قاضي صاحــــــــب،
قائـــــــم ٿج ڪَلالي،
معاف
ڪرائي عشق ايئن ٿو، سچل ڪاف ڪشالي.
دريا خان به اها ساڳي ڳالهه ڪجهه هن طرح ڪئي آهي:
عشــق آزاد ٿيا، ورد وظيفـا ٿا پڙهـــن،
منهن ڍڪيو ماڻهــــــن اڳيان، دعوتن تي ڊوڙ ڪن،
نقطو پڙهن جي
نينهن جو، ڪن تال تسبيح جو ترڪ.
(ص60)
سچل سائين جو سمورو ڪلام ايئن ته انا الحق جي فلسفي جي تشريح سان ڀريو پيو
آهي پر هڪ هنڌ وحدانيت جو بيان ڪندي چئي ٿو:
سڀ ڪنهن
پار پرينءَ جو پرتو، خوابؤن عين کُلايو.
وحدت مــــون وو ڪثرت ڪيائين، رنگي
رنگ رچايو،
تون مان جي پردي مئون ٻاهر،
ســــرتيون ڇو نه سڌايو،
طرحين طــــــــــرح پوشاڪان
پهــــــــري، لالڻ پاڻ لڪايو،
هي ســـڀ حســـن هاديءَ جو آهي،
ڀينـــــــــر ڪيـــمَ ڀلايو،
پاڻان ڳجهــي ڪيائين پڌر، هيءُ
تنهن هنـــــــــــر هــــلايو،
”سچيڏنـــــي“
جي صورت ۾ تنهن اهڙي رمــــــــــز رلايو.
فقير دريا خان پڻ وحدانيت جي اها ساڳي وائي ڪجهه
هن طرح آلاپي رهيو آهي:
آهين الله ســـر ساڳيو، اچي آدم نانءُ سڏايو ٿي.
ڇوٿــــــــــــــو ڳولين، ڇوٿو ڦولين ڇو ٿو
پنهنجو پاڻ کي رولين،
اهــــــــا صــــــــــــورت اٿئي
ســـــــــــــــــاڳي، جنهن جادو جاڳايو ٿئي.
(ص86)
آدم
نـــــــــــانءُ الله جــــــــــــــو، ڪــــو
سير ڪــــــــــــــر ثابت صحي،
عشـــــــــــق
وارن کانسواءِ، هي ڪـــــــــــل نه ٻي ڪنهن کي
پئي.
”فـــــــــاينمـــــــــا تولو فثم وجه الله“،
قادر قرآن ۾ ڳالهه ڪئي،
مان الله
اثبــــــــــــــات آهيان، جاڏي ڪـــــاڏي
صـــــورت سڀئي.
(ص67)
سچل سائين خدا ۽ بند جي جي وچ واري فرق کي قبولڻ
لاءِ تيار ناهي هن اها ڳالهه ڏاڍي بي باڪي ۽ بي
دپائي سان بيان ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته هو اهو ڄاڻيندڙ
هو ته اندر ۾ جڏهن حق ڳولي وٺجي ٿو ته ان حالت ۾
انسان جو رتبو / مرتبو مٽجي وڃي ٿو. هن جي اندر ۾
نور جا شعاع ان طرح روشن ٿين ٿا جو سالڪ جي سوچ
کان ويندي هن جي چال چلت تائين هر عمل تبديل ٿي
وڃي ٿو. هن جي هر ڪرت مان حقيقي نور جو جلوو عيان
ٿيڻ لڳي ٿو انهن حالت کي لڪائڻ سالڪ لاءِ ڏکيو آهي
پر سرمست سائين سلوڪ جي راهه ۾ ايندڙ هر حالت کي
بي دپائي مان ظاهرڪيو آهي.
ٻيو ڪو ڄاڻڻ محض گناهه، هرڪنهن صورت آپ الله
ڪٿي گدا گدائي والا، ڪٿي شهنشاهه
صورت منجهه سچڻو جي، ٻولي پاڻ ئي بيپرواهه.
(ص47 )
ڪنڊڙي جي هن وحدت الوجود شاعر
وٽ به اسان کي
سچل سائين واري اها ساڳي بي باڪي ۽ بي ڊپائي نظر
اچي ٿي هو به ساڳي راهه جو راهي آهي. هن جي واٽ به
اها ئي آهي جا سچل سائين جي آهي، هوبه ان تي کلم
کلا واري انداز کي اپنائي ٿو چئي رهيو آهي:
منجهه وجود شهود شعاع ڪيو، اونداهه جو اسباب ويو،
اڀريو سج حقيقت وارو، تارن جو سڀ تاب ٿيو.
(ص67)
آهين الله سر ساڳيو، اچي آدم نانءُ سڏايو ٿي
ڇو ٿو ڳولين
ڇو ٿو ڦولين، ڇو ٿو پنهنجو پاڻ کي رولين
اها صورت اٿئي ساڳي، جنهن جادو جاڳايو ٿي.
(ص66)
برهه بيقراري ڪئي، آواز اناالحق ٿيو اظهار
سي سڀ ڏٺاسين پاڻ ۾، جيڪي الله جا اطوار.
(ص67)
فقير درياءَ خان وٽ به اسان کي اهڙو ئي ساڳيو خيال
پڻ ملي ٿو:
منصور معراج سولي تي ڪيتا،
وحدت جام شهادت پيتا،
بيشڪ عشق اُهين ڪون نيتا،
ڏس انهل حق ڏسدي هو آپ،
ملان هوڦر ڪيتوئي سارا.
سر عشاقان حڪم هلايئي،
شيخ عطاردا ڪنڌ ڪپاييءِ،
شمس الحق دي کل کلاييءِ،
پرت انهان دي پسدي هو آپ.
صوفي صادق جي نظر ۾ پاڻ ئي اڳ جيڪو هر هر روپ مٽائي اچي ٿو.
حسين بن منصور به پاڻ آهي ته ان تي فتوى ڏيندڙ به
پاڻ آهي ته شبلي به پاڻ آهي. مقصد هر روپ هر انگ ۾
هو پاڻ موجود آهي. الله چاهيو ته آئون سڃاتو وڃان
۽ پوءِ هن هي سارو کيل ويهي کيڏيو آهي. هي سارو
روپ جو محل ويهي اڏيو آهي. سچل سائين پنهنجي ڪافي
۾ اهڙو ڀرپور اظهار ڪندي چئي رهيو آهي.
جي آئين؛ ڀلي آئين، ڪنهن منزل پهچائين تون،
ٿو موٽي سر وڍائين تون!
سرمد کي
ڏئي لت ڪهائيي، سوري تي منصور
چڙهايئي،
شيخ
عطار جو سر
وڍا يئي، هاڻي هيڏي پنڌ پڇائين تون.
درياءُ خان پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجن ماروئڙن ۽
سانگيئڙن جو به خوب ذڪر ڪيو آهي. مارئيءَ ڌرتي سان
محبت ۽ سڪ ۽ ماروئڙن سان وفا جو هڪ مثال آهي جيڪا
عمر بادشاھ جي قيد ۾ پٽ پهرڻ لاءِ تيار نه هئي، هن
جو سک، سڪون ۽ آرام پنهنجن ماروئڙن وٽ ئي هو.
سچل سائين وٽ مارئي جي داستان ۾ پڻ تڙپ، بيقراري،
پيڙاءُ، لوچ پوچ، ماروئڙن جي اڪير، سڪ جي جيڪا
تصوير چٽيل آهي اها هڪ طرف ته ٻولي جي خوبصورتي
سان ٽمٽار نظر اچي ٿي ته ٻئي طرف ان ۾ سرمست سائين
جي ڪمال شاعراڻي نازڪ خيالي جو به عڪس به جهلڪي
ٿو، چئي ٿو:
منهنجي من ميان هن ڳالهيون ماروئڙن جون
ڏٿ ڏاڏائي ڏيهه جو، وڃي خوشيون هت ڪيان
ڪائي ساعت سومرا جهانگين ري نه جيان
وڃي ٿر ٿيان، شل سنگهارن جي.
(ص 239)
دريا خان وٽ به مارئي جو ذڪر ملي ٿو هن جي هن ڪافي
۾ پڻ مارئي جي پنهنجي سانگيئڙن سان ملڻ جي تڙپ ۽
بيقراري جي ڪيفيت نظر اچي ٿي.
ڏوري ڏسان شل ڏوٿيئڙا، ڏوٿيئڙا مٺا ماروئڙا،
اڪنڊ ابائن
هينئڙي هور، سوين گوندر جهڄان تن جهوري،
عمر! انهن جي شل راڄ رسان،
دريا خان مارن
ريءَ دل ماندي، هيڪر گڏ ٿيان هيڪاندي،
ساڻ سانگين لاهيان هيانوءَ سڪان.
سچل سائين وٽ مارئي جي داستان ۾ مارئي جي جيڪا تڙپ
بيان ٿيل آهي جيڪا بيقراري جي حالت آهي جيڪا قيد ۾
پنهنجن ماروئڙن، جهانگيئڙن، هڪ جيڏين، ٿر جي ڀٽن
جي اڪير آهي ان جو بيان خوب ٿيل آهي: سرمست سائين
چئي ٿو:
مون کون وسري ويو ا هي جهڻ ا هو جهاپو،
ايندس سگهي ا يڏ هين، لاهي لاڳاپو،
مولا ميلاپو ڪندو سگهڙن سنگهارن سان.
(ص 244)
ته ان مارئي کي پاڻ سان آندل لوئي هر حال ۾ ساهه ۾
سانڍيل آهي:
جي اباڻن ڏني سا لوئي هڏ نه لاهيان
ڪنديس ڪين ڪني،
وٺي ويندس ويڙهه ڏي.
(245)
ڪنڊڙي جي هن دريا خان وٽ پڻ مارئي جي لوئي جي
اهميت آهي. هو مارئي جي زباني مارئي جا سور سليندي
هڪ جيڏين جي لوئين جو ذڪر ڪندي چئي ٿو:
مون جيڏيون ملير ۾، اوڍين لويون لال،
اچي خبر
خوشي جي.
(ص 51)
مارئي جي قيد جي هر ڪيفيت جو ذڪر سچل سائين ته خوب
ڪيو آهي پر برسات جي موسم ۾ مارئي جي جيڪا حالت
پنهنجن ماروئڙن کان پري ٿي رهي ان جو ذڪر خوب ٿيل
آهي، ڇا ڪاڻ ته سرمست سائين چڱي ريت ڄاڻي
ٿو ته: ٿر جي ماڻهن لاءِ برسات کان وڌيڪ ٻي ڪا خوشي جي ڳالهه
آهي ڪونه، ٿر ڇا وسي هر طرف گل گلزاريون ٿيو پون. ٿر جا من
مهڪيو پون مکڙين جيان تن ٽڙيو پون. بارش جي هر
بوند سندن چهرن تي مرڪن جا اڻکٽ خزانا کوليو وڃي.
ان وقت ۾ قيد ۾ اڪيلي تن تنها پر مضبوط ارادان
جي مارئي جي انساني ڪيفيت ڇا آهي ان جو ذڪر ڪندي
سرمست سائين چئي ٿو:
هي خبر هاڻي آئي ريگستان راڄ ڏانهن
ته اٺا مينهن ملير ۾، ٿيو پٽن ۾ پاڻي
گل گل گلزاريون ٿيا، رڻ سڀ ريجائي
تون ڀي صاحب
سڃاڻي. موڪل ڏينم مڙي مران.
(ص254)
مينهن وسند يا مون اڄ ماروئڙا آيا
قيد الماء جا ڏينهڙا سي مون لنگهايا
مٿي اچڻ جا ٿيم، ڏي سنگهارن سايا
اُهي مولى ملايا، جي پنهوار پري ٿيا. |