حوالا
1.
رحيمداد خان مولائي شيدائي، جنت السنڌ، ص564، سنڌي ادبي بورڊ،
ڄام شورو، 1985ع
2. پروفيسر لطف الله بدوي ”کلهوڑوں
کی
ابتدائی
تاريخ“، مشموله: تاريخ ادبيات مسلمانان پاکستان و
هند، تيرهوين جلد، علائقي ادبيات مغربي پاکستان
جلد اول، ص531، 1971ع.
3. خانبهادر محمد صديق ميمڻ، سنڌي جي ادبي تاريخ
(برٽس حڪومت کان اڳ) ص113، 1937ع.
4. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ڪلهوڙا دور حڪومت، ص
3-2-1-360، انجمن اتحاد عباسيه پاڪستان ڪراچي
2004ع
5. ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 377-364، مختلف صفحا
(حوالو اڳ آيل آهي)
6. ميان نورمحمد عباسي، منشور الوصيت و دستور
الحڪومت، ايڊٽ: پير حسام الدين شاهه راشدي، سنڌي
ترجمو: عبدالرسول قادري، ص62-61،
ڪراچي.
7. مولانا غلام رسول مهر، تاريخ سنڌ – ڪلهوڙا دور
(ڀاڱو پهرين) ص541،
ترجمو: ابن حيات پنهور ۽ شمشيرالحيدري، سنڌي ادبي
بورڊ، 1963ع
8. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، رهاڻ هيرن کاڻ (جلد
چوٿون) ص9-8
9. ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 388، (حوالو اڳ آيل آهي)
10. ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 388، (حوالو اڳ آيل
آهي)
11. ٽماهي مهراڻ 4/1986، سنڌي ادبي بورڊ، ص66،
حاشيو
12. ڊاڪٽر خضر نوشاهي، ڪليات سرفراز، مقدمو،
ص32-28، ڪراچي
13. ڊاڪٽر خضر نوشاهي، ميان سرفراز خان کلهوڑه
اور اس کي فارسي شاعري، (مقالو)، ص9-8-217،
شامل: ميان غلام شاھ ڪلهوڙو، سنڌ جو شاھجهان،
مرتب: اسلم عباسي، 2000ع
14. ڪلهوڙا دور حڪومت، ص 401، (حوالو اڳ آيل
آهي)
15. ڊاڪٽـــــــــــر نبي بخش بلوچ، سنڌي ٻولي
جو آڳاٽو ذخيرو، مقدمو ص14-13، سنڌي ٻولي جو
بااختيار ادارو، 1993ع.
16.
ڊاڪٽر اياز قادري، سچل جو ادبي ماحول، (مقالو)،
ص3-52، سرمست 5/1985، سچل يادگار ڪميٽي خيرپور.
17.
ڊاڪٽر نبي بخـــــش بلوچ، سنـــــــڌي ٻـــــولي ۽
ادب جـــــــي تاريخ، ص476، پاڪستان اسٽڊي سينٽر،
ڄامشورو 1999ع
18.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مولود، مقدمو، ص4، سنڌي ادبي
بورڊ 1961ع
19.
مولود، ص8-7-6، مقدمو (حوالو اڳ آيل آهي)
20.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادب جو تاريخي
جائزو، ص8-97، عجائب اسٽور سکر، 1974ع
21.
سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، ص9-8-97، (حوالو اڳ
آيل آهي)
22.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، معجزا، مقدمو:ص4، سنڌي ادبي
بورڊ 1960ع
23. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، ۽ 12-13
صدي هجري جا ڪي ٻيا شاعر، ص19، سنڌ ماڻڪ موتي
تنظيم 2002ع
24.
سيد حســـــــــام الــــــــدين شاھ، سنڌي ادب،
ص83، ترجمو:
غلام محمد لاکو، گرامي پبليڪيشن دولتپور 1981ع
25.
خانبهادر محمد صديق ميمڻ سنڌ جي ادبي تاريخ
(برٽش حڪومت کان اڳ) ص115-113، (حوالو اڳ آيل آهي)
26.
سنڌ جي ادبي تاريخ (برٽش حڪومت کان اڳ)
ص115-113، (حوالو اڳ آيل آهي)
27.
سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، ص110-108، (حوالو اڳ
آيل آهي)
28.
شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ 12-13 صدي هجري جا ڪي
ٻيا شاعر، ص20-19 (حوالو اڳ آيل آهي)
29.
مخمور بخاري، سنڌ جا آڳاٽا مرثيا نويس،
(مقالو)، ص12، ماهوار پيغام، فيبروري 2005ع.
30.
ڊاڪٽر عبدالجبـــار جوڻيـــــجو، سنـــڌي ادب
جي مختصر تاريخ، ص196، روشني پبليڪيشن، 1994ع.
31.
سنــــــــڌي ادب جي مختصر تاريخ، ص197، (حوالو
اڳ آيل آهي)
32.
ڪلهوڙا دور حڪومت، ص9-8-397، (حوالو اڳ آيل
آهي)
33.
ڪلهوڙا دور حڪومت، ص396-392، (حوالو اڳ آيل
آهي)
34.
ڪلهوڙا دور حڪومت، ص396، (حوالو اڳ آيل آهي)
35.
سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، ص109، (حوالو اڳ آيل
آهي)
36.
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ميرن جي ڏينهن ۾
مسلمانن جي تعليم ۽ هاڻوڪي تعليم ۾ واڌاري لاءِ
اپاءُ، (مقالو)، ص111، الوحيد سنڌ آزاد نمبر
1936ع.
37.
اعجاز الحق قدوسي، تاريخ سندھ (اردو)، ص780،
حصه دوم، مرکزي اردو بورد لاهور 1974ع.
38.
رحيمداد خان مولائي شيدائي، مضمون بزم خيرپور،
بحواله خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾
حصو، ص151.
39.
علامه گل حسن ”احسن“ کربلائي، اميران تالپور کي
علمي کارنامي، (اردو) ترجمو: پروفيسر رحمت فرخ
آبادي، ص73، آل پاڪستان ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچي،
1988ع.
40.
اميران تالپور کي علمي کارنامي، ص104-83.
(مختلف صفحا)
41.
اميران تالپور کي علمي کارنامي، (اردو) ص57-40، (مختلف
صفحا).
42. ڊاڪٽر عطامحمد حامي خيرپور جي ميرن جو ادب،
ثقافت ۽ سياست ۾ حصو، ص 152 انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1996ع.
43. خانبهادر خداداد خان، لُب تاريخ سندھ،
بتصحيح: دکتور نبي بخش خان بلوچ، سندهي ادبي بورد
کراچي/حيدرآباد 1959ع
44. خيرپور جي ميرن جو ادب، ثقافت ۽ سياست ۾
حصو، ص153 (حوالو اڳ آيل آهي).
45. خيرپور جي ميرن جو ادب، ثقافت ۽ سياست ۾
حصو، ص161-153 (حوالو اڳ آيل آهي).
46. محمد حنيف مهر ڪاڇيلوي، تاريخ مانکاني
تالپور، (اردو)، ص60، 1971ع
47. تاريخ مانکاني تالپور، (اردو)، ص63-49،
1971ع، (حوالو اڳ آيل آهي)
48. سيد حسام الدين شاهه راشدي، سنڌي ادب،
ص116، ترجمو: غلام محمد لاکو، گرامي پبليڪيشن،
دولتپور.
49. مرزا عباس علي بيگ، (مرتب)، ڪليات سيد ثابت
علي شاھ ڪربلائي، ص16، مقدمو، اسلامڪ ڪلچر اينڊ
ريسرچ سينٽر ڪراچي 1984ع.
50. سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، ص132، (حوالو
اڳ آيل آهي).
51. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، سنڌي زبان جو
قصه گو شاعر، حفيظ تيوڻو، (مقالو)، ص99، ششماهي
سنڌي ادب، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 2-1/1980ع
52. سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، ص127، (حوالو
اڳ آيل آهي).
53. سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، ص1-120، (حوالو
اڳ آيل آهي).
54. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، مضمون ۽
مقالا، مرتب: خانم خديجه دائودپوٽو، ص92، ڀٽ شاھ
ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، ڀٽ شاھ 1978ع.
55. ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، آخوند
عزيزالله مٽياروي، ٽالپرن جي دور جو سنڌي نثر
نگار، (مقالو)، ص158، ٽماهي مهراڻ 1/1979
56. منگهارام ملڪاڻي، سنڌ ي نثر جي تاريخ، ص15،
(حوالو اڳ آيل آهي).
57. سنڌي لغت نويسي جي تاريخ لاء ڏسو، ناسف علي
شيراز جو مقالو، ٽماهي مهراڻ،
اونهارو 2004ع ۽ سرءُ 2004ع.
58. ڊاڪٽر وفا راشدي، اردو کي ترقي مين اولياءِ
سنده کا حصه، ص68، (حوالو اڳ آيل آهي).
59. صديق طاهر، سچل سرمست کي سرائکي شاعري،
(اردو _ مقالو) ص44، ڪاروائي سچل نيشنل سيمينار،
مرتب: حميد آخوند، سچل اڪيڊمي خيرپور، 1983ع.
60. ڊاڪٽر عبدالمجيـــــــــــد سندهي، لسانيات
پاکستان، (اردو) ص171، مقتدره قومي زبان اسلام
آباد 1992ع.
سچل سرمست ۽ صوفي
روحل فقير
سنڌ
جي ڪلاسيڪل شاعري ۾ جن شاعرن جو مقام هميشه اعلى رهندو انهن ۾
روحل فقير جو فڪر زنده رهندڙ آهي ڇاڪاڻ جو هي فڪر
انسان دوستي ۽ انسانيت جو پيغام آهي. جنهن پيغام
جي اسان کي ڪالهه کان به اڄ وڌيڪ ضرورت آهي. هر
طرف وڌندڙ بي ايماني اڻ برابري، اڻ سهپ ۽ دهشتگردي
جي وقت ۾ برابري، رواداري، سهپ، برداشت، محبت،
امن، سک شانتي، وارو
فڪر ئي اسان جي رهنمائي ۽ رهبري ڪري سگهندو.
روحل فقير ولد شاھو فقير ذات جو
زنـــگيجـــــــــو هو. سندس وڏا پهريان ساهيوال
(پنجاب) جي هڪ ڳوٺ لونگڙيه جا رهاڪو هئا. جتان
شاھو فقير، ڪلهوڙن جي صاحبي واري زماني ۾ لڏي اچي
سنڌ ۾ عمرڪوٽ ويجهو هڪ ڀٽ تي ديرو ڄمايو. ان ڀٽ کي
اڄ به ”روحل جي ڀٽ“ سڏيو وڃي ٿو. شاھو فقير کي ٽي
پٽ هئا. 1.سلطان 2.روحل 3.ميوو. هنن ٽنهي مان
روحل فقير پنهنجي فقيري ۽ علم سبب گهڻو مشهور ٿيو
(1). روحل فقير جي ڄمڻ جي تاريخ ڪا پڪي پختي نٿي
ملي. لطف الله بدوي سندس ڄمڻ جي تاريخ شڪ جي بنياد
تي 47-1146ھ/34-1733ع لکي ٿو (2).
روحل فقير جي ابتدائي زندگي جا حالات چٽا ناهن، تنهن
ڪري فقير جي ننڍپڻ توڙي تعليم جي احوال متعلق ڪا
ڄاڻ ناهي، البت لطف الله بدوي جي راءِ موجب ته:
”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس تعليم سٺي نموني ۾ ٿي،
سندس ڪلام جي پختگي ۽ رواني ڏسي چئي سگهجي ٿو ته
فقير کي سنڌي سان گڏ عربي، فارسي جي به چڱي لياقت
هئي“ (3). روحل فقير جي رهائش واري وقت ۾ ٿر جي
آسپاس (جوڌپور ۽ جيسلمير رياستن ڏانهن اچ وڃ سبب)
هندي جو رواج گهڻو هو. تنهن ڪري هن فقير هندي زبان
تي به وڏي دسترس حاصل ڪئي، جنهن جو ثبوت سندس هندي
۾ چيل ڪلام آهي (4).
روحل فقير تعليم مڪمل ڪرڻ کان
پوءِ جڏهن جواني جي سن کي پهتو ته ڪلهوڙا حاڪم
ميان غلام شاھ جي درٻار ۾ ملازمت حاصل ڪيائين، جلد
ئي سندس نهٺائي ۽ سانتيڪي مزاج کان ميان غلام شاھ
متاثر ٿيو ۽ کيس توشاخاني جو عملدار مقرر ڪيائين
(5). فقير ان عهدي تي ميان غلام شاھ جي وفات
تائين ته پنهنجيون خدمتون سر انجام ڏنيون پر ميان
کان پوءِ ميان سرفراز جڏهن سنه1772ع ۾ تخت تي ويٺو
ته هن جي اختيار ڪيل غلط سياسي حڪمت عملي کان روحل
فقير دل شڪستو ٿي پيو ۽ جلد ئي هن سرڪاري ملازمت
ڇڏي ڏني، کيس ميان سرفراز گهڻو ئي روڪيو پر هو
پنهنجي اٽل ارادي تي قائم رهيو (6).
روحل فقير سرڪاري ملازمت کان فارغ ٿي
پنهنجي وطن ٿر پهتو ۽ عمرڪوٽ جي ڀرسان پدمات جي پٽ
تي گوشه نشيني اختيار ڪيائين (7). سندس طبيعت ۾
شروع کان ئي فقيري مائل هئي. دنيا جي حرص هوس کان
اڳ ئي پري ڀڄندو هو، ڪجهه وقت کان پوءِ حقيقي مرشد
جي تلاش ۾ گهمندو ڦرندو شاھ عنايت شهيد جي درگاهه
تي جهوڪ ميرانپور اچي پهتو ۽ شاھ عزت الله جو مريد
ٿيو ۽ سندس خدمت ۾ پورا پنجويهه ورهيه رهي اندر
اجاري عارف ڪامل بڻجي ويو. جنهن کان پوءِ کيس سندس
مرشد وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ چيائينس: ”فقير تنهنجي
رهڻ جي جاءِ اها آهي، جتي توکي خودبخود روڪ ٿئي“.
مرشد جي اجازت ۽ حڪم موجب گهمندو ڦرندو رهيو ۽ آخر
هڪ جاءِ تي سندس پهرياڻ ڪنڊيءَ جا لام ۾ اٽڪي پيو،
جنهن کي خدا جو امر سمجهي ۽ مرشد جي حڪم جي تعميل
۾ ان جهنگ ۾ رهي پيو (8).
روحل فقير جهوڪ مان مرشد کان موڪلائي جڏهن
هليو ته اچي عمرڪوٽ ۾ واپس پنهنجي ماڳ پهتو. پر
سير سفر جي شوق کيس اتي ڪو گهڻو رهڻ نه ڏنو. فقير
جوڌپور ۽ بيڪانير جو سفر ڪيو، جتي جتي به پهتو
ماڻهو کائنس اتي بيحد متاثر ٿيا ۽ هن سوين ماڻهن
کي پنهنجي روحاني فيض سان سيرياب ڪيو. هن ئي سفر
دوران روحل فقير جي ملاقات جوڌپور جي راجا بجيه
سنگهه سان پڻ ٿي ۽ ان وٽ ڪجهه عرصي رهڻ دوران ئي
راجا کي صوفيا مسلڪ کان واقف ڪرڻ لاءِ، پنهنجي
تصنيف
”آگم
وارتا“ رچيائين (9).
روحل فقير جي مرشد جي سلسلي ۾ اسان جهوڪ
ميرانپور جي شاھ عزت الله جو ذڪر ڪري آيا آهيون پر
محترم لطف الله بدوي لکي ٿو ته:
”روحل فقير جي مرشد جي سلسلي ۾ هڪ ٻي روايت پڻ
موجود آهي ته
هو هــڪ هندو فقير ڏونگرسي مهراج جو فيض يافته هو،
جو ٿرپارڪر جـي طرف چڱو ساڌ سنگت وارو ساڌو
ٿي گذريو آهي“ (10).
گمان غالب آهي ته روحل فقير پنهنجي
شروعاتي زندگي يا سرڪاري
ملازمت ترڪ
ڪرڻ کان پوءِ جڏهن واپس ٿر وڃي رهيو ته ان عرصي ۾
روحل فقيـــــر، فقير ڏونگرسي مهراج سان
صحبت ڪئي هجي، پر باقائده فيض، شاھ عزت الله کان
ئي حاصل ڪيو هيائين.
روحـــل فقير جڏهن ڪنڊڙيءَ ۾ سڪونت اختيار
ڪئي ته ان کان پوءِ مير سهراب خان ٽالپر کيس
ڪوٽڏجيءَ ويجهو ڪوٽليءَ ۾ زمين ڏني، ڇاڪاڻ ته مير
صاحب سندس وڏو معتقد هو. فقير به ڪڏهن ڪڏهن سندن
درٻار ۾ ويندو هو، جتي شادي شهيد ۽ ٻيا گهڻا ئي
امير ڪبير موجود هوندا هئا. مير صاحب، روحل فقير
کان سندس صوفيانا ڪلام وڏي ذوق شوق سان ٻڌندو هو
(11).
روحل
فقير ٻه شاديون ڪيون، کيس چار فرزند شاھو فقير،
غلام علي فقير، دريا خان فقير ۽ خدا بخش
فقير هئا، جيڪي پڻ پنهنجي وقت جا سٺا شاعر ٿي
گذريا آهن.
روحل فقير جي جنم تاريخ توڙي شروعاتي
زندگيءَ بابت ڪو مستند احوال ميسر نه آهي، اهڙي
طرح سندس وفات جي تاريخ پڻ پڪي پختي نٿي ملي.
محترم بدوي صاحب سندس وفات جي تاريخ روايت جي
بنياد تي سنه 1219ھ/1804ع لکي آهي (12).
شاعري:
روحل
فقير هڪ سچو صوفي ۽ وڏو عالم عارف شخص هو. هن کي
سنڌي، سرائڪي
کان سواءِ عربي، فارسي ۽ هندي زبان تي به وڏي دسترس هئي. ويدانت جي علم کان
به خوب واقف هو ان جو چٽو ثبوت سندس هندي تصنيفون
۽ ڪلام آهي. روحل فقير پنهنجي وقت جو بهترين شاعر
هو. سندس ڪلام سنڌي، سرائڪي
۽ هندي ۾ موجود آهي. پروفيسر بدوي سندس هيٺيون تصنيفون ڄاڻايون آهن.
1. من پرٻوڌ 2. ادڀت گرنٿ 3. سرٻ گيان 4. آگم وارتا (13)
هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي تحقيق قابل قدر
آهي. هُن هِن باري ۾ شايع ٿيل روحل جي هندي ڪلام
جي حوالي سان سندس ست گرنٿ ڄاڻايا آهن، جيڪي هي
آهن: 1. شاستر من پرٻوڌ 2. شاستر آدڀت گرنٿ (انڀو ۽ آتم درسي
ڪوانگي)
3.
نج مول گرنٿ 4.شبد (پد)
5. پندرهن تٿيان ڪؤ ويچار 6. سه حرفي(1-2)
7.
آگم وارتا (14).
روحل فقير جو ڪلام مختلف وقتن تي شايع پڻ ٿيو آهي.
سنه 1903ع ڌاري گولا سنگهه پرچارام، فقير جو سنڌي
۽
سرائڪي ڪلام
پهريون ڀيرو ”روحل فقير“ نالي ڪتاب ۾ شايع ڪيو.
جنهن ۾ به هندي گرنٿ (شاستر من پرٻوڌ ۽ شاستر اڌڀت
گرنٿ) پڻ شامل ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر رگهو
مل موٽواڻي جو مرتب ڪيل ”روحل جو ڪلام“ نالي ڪتاب
سنڌي ساهتيه سمتيءَ، بمبئي طرفان 1961ع ۾ شايع
ٿيو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ادبي
بورڊ ”ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام“ ڪتاب 1964ع ۾ شايع
ڪيو. جيڪو پروفيسر لطف الله بدوي مرتب ڪيو. جنهن ۾
روحل ۽ مراد فقير جو سنڌي ۽ سرائڪي
ڪلام ڏنل آهي.
سنه 1990ع ۾ دهلي مان ڊاڪٽر رميش چندر مشر جو
”سنڌي ڪري ست روحل ڪي هندي ٻاڻي“ نالي ڪتاب شايع
ٿيو. جنهن ۾ روحل فقير جا مٿي ڄاڻايل ست هندي گرنٿ
۽ ڪجهه ٻيو ڪلام شامل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر مرليڌر
جيٽلي ان ڪتاب کي روحل فقير جو شايع ٿيل ڪلام جو
سڀ کان بهترين ڇاپو قرار ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب
۾ روحل فقير جي ڪلام جون درست پڙهڻين سان گڏ ڏکين
لفظن جي معنيٰ پڻ ڏني وئي آهي (15).
تازو پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي شوق، روحل فقير جو سنڌي،
سرائڪي ۽ هندي ڪلام ”ڪنڊڙيءَ جو ڪلتار صوفي روحل فقير“ جي عنوان هيٺ وڏي محنت سان
مرتب ڪيو، جيڪو سکر هسٽاريڪل سوسائٽي، سکر پاران
سال 2001ع ۾ شايع ڪيو ويو. اسان هت روحل فقير جي
ڪلام جي مطالعي لاءِ لطف الله بدوي جو مرتب ڪيل
”ڪنڊڙي وارن جو ڪلام“ ۽ سچل سائين جي ڪلام لاءِ
عثمان علي انصاري جو مرتب ڪيل ”سچل سرمست جو سنڌي
ڪلام“ کي سامهون رکنداسين.
روحل فقير جو ڪلام اسان کي سنڌي، سرائڪي کان وڌيڪ هندي
۾ ملي ٿو. هن جي سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام تي وحدت
الوجود جو ۽ هندي ڪلام تي پڳتي تحريڪ جو اثر ڏسجي
ٿو. هو پنهنجي سموري ڪلام ۾ سچل سرمست وانگر پاڻ
سڃاڻڻ ۽ حق کي حاصل ڪرڻ واري وائي ورنائي ٿو.
روحل فقير پنهنجي ڪلام ۾ بندي کي پاڻ سڃاڻڻ جي تلقين
ڪئي آهي. هو ٻين صوفي شاعرن وانگر چئي ٿو ته: سڄڻ
من اندر ۾ ئي آهي، ان کي ڪنهن ٻئي هنڌ ڳولڻ جي
ڪهڙي ضرورت آهي. تنهنجي چوليءَ ۾ پرين موجود آهي.
رڳو توکي پنهنجي من تان مدائي واري مير مهٽي لاهڻي
پوندي. هو چئي ٿو:
جي تون صحيح سڃاڻين پاڻ، اٿئي
قيمت سندو قطـــرو،
ڪـــــــــــــوري ڪڍ قلوب مـــــــــــــــــان
مدائيءَ جو مـــــــــاڻ،
پـــــــــري نهـــــــــــــــارڻ پرکي،
سنـــــــــــــــــــدو ڄٽن ڄــــــــــاڻ،
نت سائين توهي ساڻ، آهي رات ڏينهن ”روحل“ چـــوي.
صحيح سڃاڻج سچ، مڙج مَ ملامــــــــــــت
کــــــــــــــون،
گهڙي پنهنجي گهٽ ۾، پرواني جيئــــــــــــــن
پـــــــــــچ،
ماري ڪڍج من مــــان، ڪـــــــــــــــوڙائي
جـــــــــــــو ڪچ،
رنگ پريان جي رچ، رات ڏينهان ”روحــــــــــــــل“
چوي.
(ص 43)
روحل فقير پنهنجي هڪ سرائڪي ڪافي ۾ پاڻ سڃاڻڻ جو ڪيڏو نه
خوبصورت اظهار ڪيو آهي:
لوڪ آکي هي ”روحل“ ٻولينــــدا،
ڪوئــــــــــي آکي هي ذات زنگيجـــا.
نهين ”روحل“ نهيـــــن ذات زنگيجا،
اي ڪـــــــــو ســــــــــــــر الاهـــــي هـي.
ڪفــــــــــــر اسلام ڏوهـان تؤن نيــارا،
جيويـــــن جل دي انـدر ڏيکن تــارا.
آخــــــــــر ذات ملي وچ ذاتيــــــــــــــن،
ڏيندا عـــــــــشــــــــــــــق اوگاهي هي.
(ص67)
سالڪ جڏهن پاڻ سڃاڻي وٺي ٿو ته پوءِ هو هر دم
پرين پنهنجي اندر ۾ پسي ٿو. روحل فقير چئي ٿو:
پنهنجون اکيون پاڻ ۾، جوڙي رکيــــــــــــــون جن،
سي سؤ ڀيرا سانـــــــــــــــت ۾، پل پل پريـــــــن
پسن،
تن تحصيلون تمام ڪيون، محب جنين جي من،
روحـــــــــــــل مٿو تـــــــــــــــــــــن،
لٿا حرف حســــــــــاب جا.
(ص45)
سچل سائين وٽ وحدت الوجود جا سمورا مضمون عيّان
ٿيل آهن. هو پاڻ ۾ پرين پسڻ کان پوءِ جي پنهنجي
ڪيفيت هر هر هن طرح بيان ڪري ٿو.
پنهنجي ذات لڪائي ڪيئن ٻي ذات سڏايان،
ظاهر ڪيان ذات کي، تاهي بُت پڇايان،
منصوري جي موج ۾ ٿو 'انالحق
الايان'،
سچو سارو سچ ٿيو، حڪمت هي چلايان.
آهيان آءُ اسرار، جيڏيون مون کي ڪير ڀانيو ٿيون
مرشد ٻانهو نه چيو، تون ”سچو“ آهين سردار.
(ص 51)
سالڪ جڏهن عشق جي واٽ تي هلي پاڻ سڃاڻڻ واري مرحلي
مان گذري حق سان گڏجي حق ٿئي ٿو ته منجهس ڪهڙيون
نشانيون ظاهر ٿين ٿيون، روحل فقير چئي ٿو:
نو نشانيون نور جون عاشقــــــــــن آهيــــــــن،
هڪڙي ويهن واٽن تي ٻي کائڻ نه کائيــن،
ٽيون سر سڀ ڪنهن اڳيان، ٿا نميو نوائين،
چوٿون ٻڌي ڪنن سان، وري نه ورجائيـــــن،
پنجون پهه پرينءَ سان، ٿا پڪو پچائيــــــــــن،
ڇهون ڪُڇن ڪينڪي، ناتو نبـــــــــــــــاهيــن،
ستون سڪ سڄڻ جي، ٿا لنؤ لنؤ لڳائـــيــن،
اٺون ڳالهه عجيب جي، ٿا واري ورجــائيــن،
نائون ننڊ نيڻن کي ٿا جودؤن جـــــــــاڳائين،
تڏهن سيبائين، ”روحل“ دوساڻــــي درٻار ۾.
(ص 67)
سچل سائين پڻ سچي سالڪ جون نشانيون ظاهر ڪيون آهن:
ٻئي جهان ڦٽا ڪيو ٿيا ٽئين جهان وڃن،
اصلوڪن ئي اختيار ڪيو فقر فقيرن،
وتن ويڳاڻا ورهه ۾ نيڻن ننڊ نه ڪن،
راتو ڏينهان روح ۾ چپ نه ڪو چورين،
مولى جي محبت ۾ اکيا ٿا وتن،
سڏڪا سڀئي سوز جا، ڀنين رات پُرن،
آديسي ارمان ۾ گهوماٽيا گهمن،
ڪين رئڻ ڪون ان جو اکيون اوڪارن،
اٺئي پهر عجيب کي ڪنڌ اونڌي اورن،
ڪا ساعت هڏ نه سنرا، اُنهين ري آهين،
ظاهر سي ئي زبان سان، ٻيو تا ڪين ڪُهن،
محبت ۾ مخمور ٿيا، ڪامل ڪوڏ ڪهن،
ڪُرڪَن ڪنجهن ڪينڪي، ڄڻ پار وهانءُ وڃن،
رت منجهارؤن پانهنجي وضو وير ڪرن،
اي نماز عشق جي، تهون پوءِ پڙهن.
(ص36.7.8)
سچل سرمست ملان جي ظاهري ٺاهه ٺوهه ۽
ڪتابي علم کي ترڪ ڪري حقيقي واٽ اختيار ڪرڻ جو ڏس
ڏيندي ملان کي بار بار چئي ٿو 'صرف' ۽ 'نحو' ۾
ڪجهه به ناهي. عشق جي واٽ تي هلڻ کان پوءِ ئي
حقيقت جو گس ڳولي سگهجي ٿو. وحدت نامي ۾ درازي
بادشاهه چئي ٿو:
ڪي ڪامل ڪرسي تي چڙهي وهه وهه واعظ ڪن،
ڪي ڪاتب ڪتابن جا سوين سبق ڏين،
ڪي مسئلا مسائل ڪيون، ناميا نبيرن،
ڪي پڙهيا پاڻي پر وجهه سان پڙهيو، پڙهائين
ڪي وردن وظيفن ۾ شاغل روز رهن،
ڏسيو وائسيو ورق کي، وريو ورائين،
سڪ سچي کون ڪونڪو سبق سور سکن
اکر لکن نه دل تي، ٿا ڪاغذ ڪارا ڪن،
مس ڪاري جيان من کي، ٿا ڪاري ڪارو ڪن،
مدعا جنهن ٿئي ڳالهه ۾، تنهن ويجهو ڪين وڃن.
(ص 35)
سچل سائين جتي ظاهري ۽ سطحي تعليم تي فخر ڪرڻ جي
مخالفت ڪئي آهي اتي ڪنڊڙي جو هي ڪلتار روحل فقير
پڻ اهڙي ئي ڳالهه ڪندي نظر اچي ٿو. هو به اندر ۾
ڪڙهڻ جو حامي آهي ڇاڪاڻ ته علم جي رڳو سطحي هوندو
ته اهو انسان کي حقيقي واٽ کان گمراهه ڪري ڇڏيندو
پر جي انسان علم جي واٽ تي ڪڙهندو ته سندس اندر جي
اک کلي پوندي ۽ پوءِ ئي هو درست سفر ڪري سگهندو ۽
پوءِ ئي ان ۾ نهٺائي نوڙت ۽ بي باڪي پيدا ٿيندي.
روحل فقير چئي ٿو:
پڙهيا بيد ڪتيب جا، ٿا ڏين ڏورانها ڏس،
سي سچ سڃاڻڻ ڪينڪي موهيا پسي مس،
رات ڏينهان 'روحل' چوي رڙهي تنهن کي رس،
پير پريان جو پس نائي ڪنڌ قلوب ۾.
(ص 62)
پڙهڻ پُرجهڻ پاڻ ۾ وڏو فرق ڦير،
ڪاڏي منهن محبوب جو، ڪاڏي اکر اير،
ساڻ سهائي سچ جي، ڇا موافق ٿيندو مير،
جن صحي سڃاتو پير، 'روحل' رات نه تن کي.
(ص 26)
سچل سائين وري عشق جي واٽ تي هلي منزل تي پهچڻ
وارن لاءِ چٽو چئي رهيو آهي.
ڪي وڃي رسيا حال کي، ڪي بيٺا
ٻاڏا ئن،
ڪي لنگهي هليا
حال کؤن نڪي قل ڪُهن،
ڪي دنيا جي طلب ۾ هنيا حرص هجن.
(ص 36)
روحل فقير به اتي چئي رهيو آهي:
ڪاتب ڪاني ڪانهن جي، ڪاغذ تي مَ ڪاهه،
اکر جي ادراڪ جا تنهن ۾ لکين لاهه،
قلم جي قلوب جو، مٿي وحدت واهه،
سپرين ڏي ساهه، 'روحل' رتي روح جي.
(ص62)
جتي هي ٻئي شاعر ظاهري سطحي تعليم جي نفي ڪن ٿا
اتي هي هندو مسلم جي يڪجهتي جي ڳالهه ڪندي انسانيت
کي مذهبي قيد کان مٿانهو سمهجن ٿا. ۽ اسان هنن
شاعرن جي دور جو مطالعو ڪنداسين ته اهو دور سنڌ جي
تاريخ جو مَٽجندڙ ۽ مِٽجندڙ دور هو. سياسي اٿل
پٿل، ڌارين جا حملا، قبضا، رت جي راند کان ويندي
نام نهاد مذهبي ٺيڪيدارن جي منافقت قوم کي هندو
مسلم ٻن خانن ۾ ورهائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، انهن
حالتن ۾ سچل سائين جيڪو انسان دوستي جو مثال قائم
ڪيو اهو وڏي اهميت رکي ٿو. سچل سرمست سائين چئي
ٿو:
وقت اها ٿئي ويل دوئي دور ڪرڻ جي
ڪڍ مذاهب من مان ساجهر ساڻ سويل
هندو مومن سان ملي محبت جاڪر ميل
متان ٿيئي اويل، اولهه سج نه الهي.
(16)
اڃان به هڪ قدم اڳتي کلم کلا چئي رهيو آهي:
مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا.
ساڳي وقت اسين روحل فقير جي حالات زندگي ڏسون ته
ان جي روحاني ۽ فڪري تربيت ٻن مختلف مذهبي مڪتب
فڪرن رکندڙن وٽ ٿئي آهي. جيڪا ڳالهه سندس هندو
مسلم واري ظاهري فرق کي مٽائڻ ۽ هڪ ٿيڻ جو مثال
آهي. ان کان سواءِ پنهنجي شاعري ۾ پڻ اهڙا خيال
ظاهر ڪندي چئي رهيو آهي ته حق تعالى هر ڪنهن ۾
موجود آهي:
ڪفر ۽ اسلام ۾ ٿا ڀرن اُبتا ڀير،
هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اوندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير،
پر 'روحل'
راهه پرين جو، جان گهڙي ڏٺوسي گهير،
ته رب مڙني ۾ هيڪڙو، جنهن ۾ ڦند نه ڦير،
سا ڪاڏي ڪندي
پير، جا سُتي
ڪعبت الله
۾.
(ص 62) |