سچل سائين جتي مختلف لوڪ رومانو داستانن تي بيت، ڪافيون چيون
آهن اتي هن لاهوتين ۽ جوڳين بابت پڻ پنهنجا خيال
ظاهر ڪيا آهن. جيڪي جوڳي / لاهوتي پنهنجون سموريون
خواهشون پاڻ کان پري ڪري حقيقت جي ڳولا ۾ نڪتا
آهن، سي يقيناً پنهنجي منزل تي رسندا.
روحل فقير پڻ جوڳين بابت بيت چيا آهن، جن ۾ هن سچل
سائين وانگر لاهوتين جون خاصيتون بيان ڪيون آهن.
حق جا طالب لاهوتي حقيقي عشق ۾ اهڙا ته مستغرق آهن
جو انهن کي کائڻ، پيئڻ توڙي جاڳ سجاڳ جي خبر نٿي
پوي. روحل فقير چئي ٿو:
نڪا سڪ سمهــــــــڻ ۾، نڪـــــو جاڳـــــــڻ ۾
جس،
نڪــــــــي خبـــــــــــر کلــــــڻ ۾، نڪي روئڻ
۾ رس،
ذاتـــــــي ذڪـــــــــر
ربـــــــــــــــــــاني، اهو به اوري ڏس،
من جو مرشد پَس، ته ”روحل“ ملين روح الله سان.
(ص 67)
سچـــــــــل دوکـــــي باز جــــــــوڳين لاءِ
چئي ٿو اهي ظاهري ٺاھ ٺوھ ۽ دنياوي عيش ۽ عشرت کي
ئي اصل حقيقت سمجهي ويٺا آهن، اهي ڪڏهن به حقيقت
تائين پهچي نه سگهندا، مقصد کي فقط لاهوتي ئي حاصل
ڪندا. سچل چئي ٿو:
جوڳي جــــــــالئــــــون
جال، پر لاهوتي لنگهي ويا،
هــــو هَلـــــــــــــي ويڙا حال ۾، هي قابو مٿي
قال،
هَي هَي منهنجي حال، جو حال نه پيو هت مون.
(ص338)
روحل فقير جتي وحدت واري وائي ورنائي ٿو اتي حسن ۽
عشق جو بيان به سندس ڪلام ۾ خوبصورتي پيدا ڪري ڇڏي
ٿو. ڇاڪاڻ ته حسن ۽ عشق شاعري جو بنيادي محرڪ آهي.
حسن ئي آرٽ جي صورت وٺي ٿو. عشق جيڪو انساني جبلتن
جو حصو آهي سو جڏهن گلاب جيان ٽڙندو آهي ته انسان
جي من اندر ۾ حسين ۽ جميل نازڪ ۽ حساس ۽ خوابن
جهڙي خوشگوار سڳنڌ پري دنيا جوڙي ڇڏيندو آهي (17).
ان ئي سونهن ڀري دنيا مان روحل توڙي سچل سائين
پنهنجو اندر ويهي اوريو آهي. ڪنڊڙي جي ڪلتار جا
جمالياتي نازڪ خيالي جا ڪجهه عڪس سندس شاعري مان
هن طرح پَسجن ٿا:
نه مون سُڌ نه سار، اچي عشق اٿاريم اوچتو،
روحل چوي روح ۾، تن پرين جي پچـــــــــار،
سي انڱــــــــــڻ آيا سپرين ياد ڪنديئي
يـــــــــار،
ٺريا نيڻين نــــار پسي منهن محبوبن جـــــــــا.
(ص44)
اگئين پريم پيالا پيتا ڪاجا سکيان چالي،
جت ويکان اُتي
موهني صورت، ماهي ميڏي والي،
لؤن لؤن وچ جهوڪ جنهيندي، جاءِ نهين ڪا خالي،
جنهن دل اندر ديدار نه ڪيتا، کاڌا نانگڻ ڪالي
'روحل' رنگ رباني رتڙا، درجا پات عالي.
(ص 98)
سچل سرمست به سونهن سوڀيا جي خوب وستار ڪئي آهي.
هن جي سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي شاعري ۾ سڄڻ جي
سهڻائپ، سندرتا ۽ ڪوملتا جو سرس بيان آهي. هڪ هنڌ
چئي ٿو:
چمڪن جهلڪن جهمڪن رخ تي، وا ه موتي دي داڻي،
ساڳي صورت حق دي ويکو جي ڪوئي آڻ سڃاڻي،
جهلڪن جوڙ، جبين تي جادو، يا سهڻي ڪونه ڀاڻي،
”سچل“ قدر اُنهان دا ڄاڻان، يا وت آپ اُوڄائي.
(18)
سڄڻ جي رخ تي سچل سائين کي ڪارا وار معشوق لاءِ
پهريدار بلائون ٿا محسوس ٿين. ديوان آشڪار ۾ چئي
ٿو:
آن سيھه موئي مثال از هاست
درد مندان را وهد آزار ها
زلف برخ يار آويزا شده،
ته بديدن اودلم شده پارها.
(19)
(منهنجي يار جا ڪارا وار ازدها جيان آهن ۽ عاشقن
کي وڏي تڪليف ڏين ٿا. يار جي رخسارن تي زلف لٽڪيل
آهن جن کي ڏسڻ سان منهنجي دل ٽڪر ٽڪر ٿي پئي آهي).
عشق جي واٽ ئي سالڪ کي حق تائين پهچائي ٿي.
روحل چئي ٿو:
جن کي عشق اندر ۾، تن کي اڃ نه بـــــــــــک،
وحدت منجهه وصال جي، ٿا سـدامـــاڻن سک،
ڏور تنهين کان ڏک، جي روحل رتا روح ۾.
(ص45)
سچل سرمست کي عشق مست الست ڪري ڇڏيو آهي هن جڏهن
کان نينهن جي مُڌ جي سرڪي چکي آهي تڏهن کان هن جي
دنيا جا رنگ بدلجي چڪا آهن هن لاءِ مجاز حقيقت جو
پهريون ڏاڪو آهي ۽ جڏهن سرمست سائين حقيقت جي وادي
۾ پير رکي ڇڏيو ته پوءِ هن تي اهي راز عيان ٿيڻ
لڳا جنهن جو اظهار درازي شاهه ئي ڪري سگهي ٿو:
عشق لڳئي تا ڪر آمين، نامنجهه ڪفر نا منجهه دين.
ڏسو عشق جو انصاف، سڀئي مذهب ڪيائين معاف،
جو ئي مذهب عشق جو سوئي آهي غلاف،
سچو انهي ڳالهه ۾، خس نه آهي خلاف.
20
روحل جي نظر ۾ عشق هر شيءَ کان افضل ۽ اعلي آهي،
هو چوي ٿو ته عشق ئي مذهب آهي، عشق طريقت آهي،
عشق ئي عبادت آهي. هن جي نظر ۾ سڀ ڪجهه عشق ئي
آهي.
سرائڪي سه حرفي ۾ چئي ٿو:
ي: يقيــن دي منزل ڄاڻيــن، عشق حقيقت، عشق
طريقــــت،
عشــــق بنا
ايهه عمر اجائي، عشق هي عالم، عشق هــي دولــت،
ڄاڻ انهين
ڪنون منهن نا موڙين، عشق هي مذهب، عشق هي ملـت،
”روحــل“ قـول
اهو نا فاســــد، عشق عبادت، عشق هـي طاعت.
(ص74)
روحل فقير جيڪا ڳالهه پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ ڪري ٿو
اها ساڳي وائي هو سرائڪي ۽ هندي ڪلام ۾ آلاپي ٿو.
ٻانهو پاڻ کي سڃاڻي، پاڻ ۾ ئي موجود حق کي حاصل
ڪري ”حق جي حقيقت ۾ سمائجي وڃي“ وارا مضمون هن جي
ڪلام ۾ جابجا موجود آهن. پنهنجي سرائڪي سه حرفي ۾
دنيا کان بيزاري جو اظهار ڪندي چئي ٿو:
الف: الله دے نالـﻶ
ٻاجهون ڪوڙي، اور ڪمـــــــــــــائـــــي،
د نيــــــــــا ڌوتــــــــــي سڀ جڳ موهيا،
تيڪون سمجهه نه آئــــــــي،
نــــال رذالـــي لانـــئـــه ياري، ڌاريئه
ڄاڻ نه ڪائــــــــــــي،
جنهن اهين رن
ڪنون منهن موڙيا، ”روحل“ راھ حقيقي پائي.
(ص75)
اندر ۾ پرين پسڻ واري ڳالهه ڪندي ساڳي ئي سه حرفي ۾ چئي ٿو:
ت: تات طلب رک هردم دل ۾، طالب دلبر
والي،
باطن هويا برحال جنهيندا، ڄاڻي نه اٽــڪل
ظاهر والي،
هر رنگ دي وچ ويکـﻶ ظاهـــــــــــر قدرت
قادر والــــــي،
راز حقيقي ويکين ”روحل“، کولين کڙڪي اندر
والـي.
(ص75)
روحل جي هندي ڪلام تي”نرگڻ
ڀڳتي“ جو اثر گهڻو ڏسجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هي فڪر وحدت
الوجود جي فلسفي سان گهڻو ميل کائي ٿو. هن ۾ پڻ
پاڻ سڃاڻي پاڻ ۾ ئي پرين ڳولڻ وارو راز سالڪ کي
سمجهايو ويو آهي. روحل جو گهڻو ڪلام هندي ۾ آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو روحل جي هندي ڪلام متعلق
لکي ٿو:
”... روحل جو هندي ڪلام موضوع ۽ هيئت جي
مد نظر اعليٰ معيار جو آهي. خا لي نالو ڪيل نه
آهي.
هر صنف ۾ خوب ملهايو ا ٿس. دوها، سه حرفي ۽ ڪافي
(ٺمري)، مطلب ته هر صنف ۾ روحل جو ڪلام بلند پايي
جو آهي“. (21).
سچل سرمست جتي پنهنجي مرشد خواجه عبدالحق جو احترام ۽ عقيدت مان ذڪر
پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو، اهڙي ريت صوفي روحل فقير وري
پنهنجي مرشد جو نـالو کڻڻ کان سواءِ سندس آمد تي
خوشي ۾ نٿو ماپي. ڇاڪاڻ ته مرشد ئي کيـــــــــس
فنا في الله واري واٽ تي هلڻ سيکاريو آهي. چئي ٿو:
گر ته ”روحل“ هم ڪون مليا، ڪاٿي جم ڪي ڦاس،
دن رين مجهڪو
بيهي هي، تيري چرنون ڪي پياس.
(ص
20)
(”روحل“
اسان کي مرشد مليو آهي ۽ اسان موت جي بند کان آزاد
ٿي چڪا آهيون، رات ڏينهن مون کي تنهنجي قدمن ۾ رهڻ
جي آس آهي.)
آج مـــــــــــــــــــوري سنـــٿ پڌاريــــا،
سنــت پڌاريـــــــــــــا هر جن پــــيارا،
ول ول جاؤن مين بلهارا.
ڪهت روحل سنٿ ڀلي پڌاريا،
پايا درسن ديدارا.
22
(اڄ مون وٽ مرشد آيو آهي. جو خدا جو پيارو آهي،
جنهن تان مان هر هر صدقي ٿيان.
”روحل“ چوي ٿو ته مرشد آيو آهي، شال سندس درشن ۽
ديدار حاصل ڪريان).
روحل فقير جو سمورو هندي ڪلام فڪر ۽ فن جي
حوالي سان گهڻي اهميت لهڻي. هن هندي شاعري ۾
”جهولڻو“ پڻ چيو آهي. جنهن کان متاثر ٿي سندس عزيز
مراد فقير ۽ سچل سرمست سنڌي ۾ ”جهولڻو“ چيو.
سچل سرمست ۽ روحل فقير جي جهولڻي بابت ڊاڪٽر
عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو.
”فني سٽا جي لحاظ کان روحل فقير جي هندي جهولڻي ۽
سچل سرمست جي جهولڻي ۾ فرق آهي. روحل فقير جي هندي
جهولڻي ۾ اڪثر چار سٽون ٿين ٿيون ۽ هر سٽ جو وزن
عام بيت جي وزن کان وڏو ۽ اينگهه وارو ٿئي ٿو. سچل
سرمست جي جهولڻي جو هر بند گهڻو ڪري اٺن سٽن جو
ٿئي ٿو ۽ نائين سِٽ وراڻي جي اچي ٿي. سچل سرمست جي
رسالي ۾ ”سسئي پنهون“ بابت جهولڻو ملي ٿو جنهن ۾
اهڙا پنجاهه بند آهن هر بند يا بيت کان پوءِ جيڪي
وراڻيون اچن ٿيون اهي پاڻ ۾ هم قافيه آهن هر بند
جي سِٽ جو وزن ننڍو ۽ گهڻو ڪري هندي جهولڻي جي سِٽ
جي اڌ جيترو آهي. ڄڻ چئن سِٽن کي اَٺ سِٽون ڪري
رکيو ويو آهي. قافيو بند جي سمورين سٽن جي آخر ۾
اچي ٿو ۽ هر بند يا بيت جو جدا جدا قافيو آهي“
(23).
پڄاڻي:
روحل فقير، سچل سرمست جو لڳ ڀڳ هم عمر به هو ته
ساڳي وقت هڪ ئي علائقي سان ٻنهي جو تعلق هو. تنهن
ڪري اسان ڏٺو ته ٻئي شاعر فڪري طور هڪ ٻئي جي
ويجها به هئا ته ساڳي وقت روحل فقير وٽ نرگڻ ڀڳتي
جو اثر به موجود آهي. تنهن ڪري روحل فقير هندي ۾
به ڪلام چيو آهي اهڙي ريت سچل سائين جي ڪلام ۾
هندي ڪجهه الفاظ جيتوڻيڪ ضرور موجود آهن پر درازي
شاهه هندي ۾ ڪلام نه چيو آهي. البته ٻنهي شاعرن وٽ
شاعري جا گهاڙيٽا ساڳيا آهن. بيت، ڪافي ۽ سه حرفي،
اهڙي طرح سرمست سائين، ڪنڊڙي جي ڪلتار کان متاثر
ٿي سنڌي ۾ جهولڻو چيو. موضوعاتي طور هي ٻئي شاعر
ساڳي واٽ تي هليا آهن جنهن جو مطالعو اسان مٿي ڪري
آيا آهيون.
ضميمو
خدا بخش فقير:
فقير خدا بخش ناليواري صوفي بزرگ ۽ شاعر روحل فقير
جو ٽيو نمبر فرزند هو. سندس جنم جي تاريخ حاصل نه
ٿي ٿئي. سندس زندگيءَ جا حالات پڻ چٽا نه آهن.
يقين سان هن به پنهنجي والد جي مريدي اختيار ڪئي
هوندي. فقير خدا بخش، درياءَ خان جو سڳو ڀاءُ ۽
صوفي مراد فقير جو ڀاڻيجو هو. فقيــــــــر خدا
بخش جي وفات سنه 1259ھ /1843ع ۾ ٿي.
ڪنــــــــــڊڙيءَ ۾ مدفن آهي.
فقير خدا بخش هڪ سٺو شاعر هو. مگر افسوس جو سندس
سنڌيءَ ۾ اڻپوري ٽيهه اکري ۽ هڪ ڪافي هٿ اچي سگهي
آهي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هو پنهنجي
خاندان جي ٻين درويشن ۽ شاعرن وانگر قادرالڪلام
شاعر هو.
فقير خـــدا بخــش جو ٻيو نمبر فرزند نظر علي فقير ۽ سندس پوٽو فقير
درمحمد مسڪين ولد خداداد پڻ پنهنجي وقت جا سٺا
ڪافي گو شاعر هئا.
فقير خدا بخش جي ڪلام مان نموني خاطر هـــــڪ ڪافي
پيش ڪجي
ٿي.
آءُ مــل پيـــــارا، جـــــيءَ جيارا،
سوا يار تنهنـجي گوندر گذارا.
تنهنـــــــــــــجي وڇـــــــــــوڙي،
وڌونهــــــــــوڙي،
هيـــــــــــــڪر هلـــــــــــــــي آ
محـــــــب موچــارا.
راتيون ڏينهان رڙان ٿي، آهون ڪريان ٿي،
ڪيـــــــــــا ســـــــــــــــــــوز تنهنجي
اندر اوتارا.
خــــــــــدا بخـــــش سارون، لهه تون سنڀارون،
دير نه سهان ٿي مـــــــــان، سخن سچــــــارا.
(ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڪنڊڙي جو ڪلتار صوفي روحل
فقير آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه)
ڪافي، نظر علي فقير:
جن لاءِ ٿي جاڳان، اهي شال ايندا،
مبارڪ مــــــڙيئي، ڏسڻ ساڻ ڏيندا.
جن لاءِ جيءَ ۾ ٿي جايون سنواريان،
اڱڻ کي اکين
سان ٿي هر هر ٻـهاريان،
ڏســــي حال منهنجو، اهي نال نيندا.
آٿم جي اميدان پڄائيندو پــــــــــرور،
ڪندو ماڙ مرسل سچو سيد سرور،
ڪري ٻاجهه ٻانهي سنڀاري سڏيندا.
وڏا وير وحدت جا وارث وسيـــــــلا،
مٿي مهر مولا رضا ۾ رسيـــــــــــــلا،
وڏي قرب ڪامل ڇنيون نا ڇڏيندا.
”نظر علــــي“ نهايت سندو ناز نيڻن،
هجن جي هميشه سدا ساز سيڻـــــــن،
ڊٺي دل کي جاني اچڻ سان اڏيندا.
(آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه)
ڪافي، فقير در محمد:
پهـــري پــــــــــــــوش آدم جو
آئيــــــــــــــن،
تنهنجـــــــــــــــي حســـــــــــن ڪيـــو
حيران.
عرب عجم سڀ، حڪـم تنهنجي ۾ توڙي زمين آسمان.
چقمق چشمان چست چــــــــلايو، تنهنجي نيڻن جا
پيڪان.
يڪدم زير زنار جي آندو، الو
ميان، زاهد شيخ صنعان.
”در محمد“ جي درد جو دلبـــــــر، دلئون ڪيو ڪو
درمان.
شاھـــــــــــــو فقير:
شاھو فقير، روحل فقير جو وڏو فرزند هو.
سندس جنم1162ھ/1748ع ۾ ٿيو. پنهنــــــــجي والد
جي هٿ تي بيعت ڪري سلوڪ جي راھ اختيار ڪيائين.
شاھــــــــو فقير جي متعلق نياز همايوني لکي ٿو:
”شاھو فقير ڏاڍو حليم طبع، صابر ۽ شاڪر
هو. سندس رهڻــــي ڪهڻي
سادي ســـودي هوندي هئي. حڪمران مير هن جي گهڻي عزت
ڪنــــــدا هئا، جن وٽان کيس وظيفا ۽ لوازما ملندا
ٿي رهيا. هي اڪثر جهنگ ۾ رهي راتيون جاڳي ذڪر فڪر
۾ گذاريندو هو ( آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه)“.
شاھو فقير پنهنجي والد جي وفات بعد ان جي
گادي تي ويٺو. سنه1231ھ/1815ع ۾ وفات ڪئي ۽
ڪنڊڙيءَ ۾ مدفن آهي.
شاھو فقير سنڌي ۽ سرائڪي جو چڱو شاعر هو. پر افسوس
سندس گهڻو ڪلام زماني جي گردشن جي نظر ٿي ويو.
ابتدا ۾ سندس هڪ اڌ ڪافيون ڇاپي هيٺ اچي سگهيون
پر محترم نياز همايوني، فقير دريا خان جي ڪلام جي
ترتيب وقت شاھو فقير جو ڪــــــــــجهه وڌيڪ ڪلام
سگهڙن ۽ فقيرن کان هٿ ڪري ڪتاب ”آءُ ڪانگا ڪر
ڳالهه“ ۾ شامل ڪيو آهي. هن جو سنڌي، سرائڪي ۽ هندي
ڪلام بيت ۽ ڪافي جي صورت ۾ آهي. هندي زبان ۾ تصوف
جي موضوع تي هن جو پنهنجي مرشد ۽ والد
روحل فقير سان
گرو چيلي جي عنوان تي سوال جواب نظم ۾ موجود آهن.
سلوڪ جي راھ بابت شاھو فقير پنهنجي والد کان ان
نظم ۾ پڇي ٿو:
پوري گزڪون ڪيون ڪر لکئي، ڪــــٻڌ پڙي پهچان!
شاھــــــو اب عــــــــرض ڪــــــــــري، ڏيـــــوو سرٻ گــــيان!
گيـــــــــان بنا گم نـــا پڙي، جب ستگر ڪـــــــهه سمجهاء!
شاھــو پــــــر ڪرپــــــا ڪـــــرو ڏيــــو تـــــــــــرت
لــــــــــــکاء!
روحل فقير ان سوال جو جواب ڏيندي چئي ٿو:
ستگــــــر پــــــــــورڻ پـــــــــــرس هـي،
سدا رهي بي پرواهه!
روحـل او راجــــــــا ڀيــــــــــو،
راجــــــــــن ڪـــــــــــــو پتـــشاھ!
رنـــــــــــگ اوڇــو اجلـــو، نيشـــــــــان
مانهيـــــــــــــن نـــــــور!
روحل وچن ٻولي موتي پڙي، ڪوئي چڳي هنسا سور!
نانهين ڪام، نانهين ڪـــروڌ، نانهيــــــن لـــــــــوڀ
نه موھ!
آشـــــــــــا نــــــــا ترشنا وانڪي، دغـــــا
باج نانهيــــــــــن ڊوھ!
شاھو فقير جي ڪلام تي تصوف جو گهرو اثر
موجود آهي هن به پاڻ سڃاڻڻ ۽ حق سان حق ٿيڻ وارا
مضمون بيان ڪيا آهن. سنڌي بيت ۾ چئي ٿو:
پنهنجي اکئين پاڻ ۾، ليئو پاتو
جــــــــــــــــن،
وهڻ تن کي وِھ ٿيو، نڪي سک سمهــــــــــن،
اٺئي پهر عجيب سان، اهي ويٺا اورڻ ڪن،
شاھو منجهان تن، اچي بوءِ بهــــــــــــــــار
جي.
جن سڃاتو پاڻ کي ميان، تن جو ڪينو آهي ڪين،
اهي وتن ويڳاڻا سدا ميان، پــــــــي اها رس جام ۾.
شاھو فقير کي روحل فقير ثاني نالي پٽ هو.
جنهن کي فقير محمد حسن جي نالي فرزند هو. هي به
پنهنجي خاندان جي وڏڙن جيان چڱو شاعر ٿي گذريو
آهي. شاھو فقير جي ڪلام جي نموني سان گڏ فقير محمد
حسن جي هڪ سرائڪي ڪافي پڻ هت يادگار طور درج ڪجي
ٿي.
ڪافيِ، شاهو فقير:
سائين دي سنهن اسان مسافر،
ڏور آندي قســـــــــــــــــــــمت چاءِ.
ڪل ڪـــــــــــــــــــلان وچ تيڏي،
ڏتڙي نهين آدم نه حواءِ.
اسان آوڻ اســـي طرف ڪنون،
جٿي ملڪ نه لهندي جاءِ.
تيڏي ڪـــــــــــارڻ در در ڍوڍان،
سر جهــــــــــــولي وچ پاءِ.
”شاھو فقير“ دا سڻ ڪر آيس،
مئن هان شاھن دا شاھ.
ڪافي، فقير محمد حسن
دلدار ڏي دلاسو، دلبر آهيان ديواني.
چڙهيو شوق وچــــون شڪاري،
ماريــــــــــوني ڪان ڪـــــــــــــاري،
دلـــــــــڙي ڦــــــــــٽيءَ ويچـــــــــاري.
هي هي ٿي هان حيراني.
نيڻان دي وچ فوج ڇٽڪـــــــي،
مزگان دي ويک ڪٽڪـــــــــــي،
هٽڪي نه مــــــــــــول هٽڪـــــي،
اهــــا رضـا ته ربانــــي.
رو رو پـــــــڇان مئين راهان،
نت نت ڪــــــــــــــران نــگاهان،
ٻالييءِ برهه ديـــــــــــــــان باهان،
جي جــل رهيا وي جاني.
”محمد حســــــــــــــــــن“ مـدامي،
در تيڏي دا ســـــــــــــــــــــــــلامي،
دعوا رکي غـــــــــــــــــــــــــــلامي،
ڪر محـــــب مهرباني.
(آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه)
غلام علي فقير:
غلام علي فقير، صوفي روحل فقير جو ٻيو
نمبر فرزند هو. سندس جنم 1169ھ/1755ع ۾ ٿيو.
پنهنجي والد کي مرشد بڻائي سلوڪ جي راھ اختيار
ڪيائين. پنهنجي وڏي ڀاءُ شاھو فقير جو به مرشد
جيترو ئي احترام ڪندو هو. اهڙو اظهار پنهنجي ڪلام
۾ ڪن جاين تي ڪيو به اٿس:
”شاھو شاھ“ ۾ شاھ سمايو، هــــر طرح هر شان ۾،
”غلام علي“ سر ڏنو دلبر، هليو تنهن جي دان ۾.
غلام علي فقير، پنهنجي ڀاءُ شاھو فقير جي
وفات بعد فقيري جي گاديءَ تي ويٺو. هن
سنه1255ھ/1839ع ۾ وفات ڪئي. سندس تربت ڪنڊڙيءَ جي
روضي اندر آهي.
غلام علي فقير، پنهنجي والد ۽ وڏي ڀاءُ
وانگر سنڌي،
سرائڪي ۽ هنديءَ جو خوبصورت شاعر آهي. هن
جون ڪافيون رس چس سان ڀرپور ۽ سريليون آهن. هن جي
سموري ڪلام تي تصوف جو اثر چڙهيل آهي. وحدت جي
وائي ڪندي چئي ٿو:
اندر آگ عشق جي، ٿا جوڳي جاڳائــــــين،
سامي سدا سڪ ۾، ٿا خوديءَ کي کائين،
پاڻ پليو پاڻ کان، ڀانئـــــــــــــڻ نه
ڀائيــــــــن،
”غلام علي“ عشق ۾، عاشق سي آهيــــن،
ڪي لاهوتي لاهين، لاڳاپا هـــن لوڪ جا.
غلام علي فقير جي هڪ ڪافي نموني طور هن
ريت آهي:
ڪافي
دلڙي لٽي وئين دلبر، جادو ڪري ڪري،
نازن نظر نيڻن جي، قابو ڪـــــري ڪري.
رخ سڄڻ جو ماهتاب، جڏهن کولي ٿو نقاب،
گيسو مثال مارن، ڏنگ هڻن ٿـا ذري ذري.
ابــرو ڇڪي ڪمان مزگان تيار تير ڪن،
شــــــوقؤن هڻي عشاقن دستي تڙي کڙي.
سدا صاف ٽــڪن هڪ خيال نا مـــــــڙن،
ڪوڙين سڄڻ لاءِ حمد پيو پڙهي پڙهــي.
دم دم هئين ۾ بــاھ برھ جي ٻري ٻري،
”غلام عـــلي“ ٿي تون ســمنڊ تري تري.
(آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه)
حوالا / حاشيا:
1.
ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڪنڊڙي جو ڪلتار صوفي روحل
فقير، ص7، سکر هسٽاريڪل سوسائٽي 2001.
2. لطف الله بدوي، ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص3، سنڌي
ادبي بورڊ 1983ع.
3. ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص3، (حوالو اڳ آيل آهي).
4. ڪنڊڙي جو ڪلتار صوفي روحل فقير، ص7 (حوالو اڳ
آيل آهي).
5.
ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص4-3 (حوالو اڳ آيل آهي).
6. ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص5-4، (حوالو اڳ آيل آهي).
7. ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص6، (حوالو اڳ آيل آهي).
8. ڪنڊڙي جو ڪلتار، صوفي روحل فقير، ص8 (حوالو اڳ
آيل آهي).
9.
ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص9، (حوالو اڳ آيل آهي).
10. ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص8 (حوالو اڳ آيل آهي).
11. ڪنڊڙي جو ڪلتار صوفي روحل فقير، ص8(حوالو اڳ
آيل آهي).
12.
ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص12، (حوالو اڳ آيل آهي).
13. ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص12، (حوالو اڳ آيل آهي).
14. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، روحل فقير جو هندي ڪلام
(مقالو) ص33- ڪنڊڙي جو ڪلتار صوفي روحل فقير، (حوالو اڳ آيل آهي).
15. روحل فقير جو هندي ڪلام (مقالو) ص34-33،
(حوالو اڳ آيل آهي).
16. قاضي علي گوهر درازي، سچل جو ڪلام عرف عاشقي
الهام،
سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور،
1995.
17. ڊاڪٽر مخمور بخاري، سچل سرمست ۽ ان جا همعصر
شاعر،
ص 216، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ 2011ع.
18. مولانا صادق راڻيپوري، سچل سرمست جو سرائڪي
ڪلام، ص 17، سنڌي ادبي بورڊ 1959.
19.
قاضي علي اڪبر درازي، (مرتب – مترجم) ، ديوان
آشڪار،
(جلد اول)، ص 23، اوقاف کاتو حڪومت سنڌ 1981ع.
20. سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام، ص 160-193،
(حوالو اڳ ۾ آيل آهي).
21. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادب جي تاريخ،
(جلد ٻيو)،
ص 20، سنڌي لينگويج اٿارٽي.
22. ڪنڊڙي جو ڪلتار صوفي روحل فقير، ص 4-103،
(حوالو اڳ ۾ آيل آهي).
23. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سچل جو پيغام، ص
95، مهراڻ اڪيڊمي 2004ع.
سچل سرمست ۽ صوفي مراد فقير
ڪنڊڙي جي ڪلتارن ۾ روحل فقير کان پوءِ صوفي مراد
فقير جو نالو اهميت رکي ٿو. هن به روحل فقير جيان
وحدت جي وائي ورنائيندي حقيقت جي واٽ تي سفر ڪيو ۽
سلوڪ جي راهه ۾ پيدا ٿيندڙ پنهنجيون سموريون
ڪيفيتون اظهاريندو ويو. سندس والد جو نالو محمد
حيات
زنگيجو هو. هي روحل فقير جو ويجهو عزيز هو. ٻنهيءَ
جي عمر ۾ ڏهن ورهين جو تفاوت هو. زباني روايت موجب
مراد فقير 56-1155ھ/43-1742ع ۾ جنم ورتو. روحل
فقير جو هم مشرب هو. پنجاب مان لڏپلاڻ وقت روحل
سان گڏ سنڌ آيو. سندس ننڍپڻ، تعليم ۽ زندگيءَ
متعلق اعتبار جوڳو احوال هٿ نه ٿو اچي. البته سندس
ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته مراد فقير سنڌي، سرائڪي
کان سواءِ عربي، فارسي ۽ هندي زبانن تي مڪمل دسترس
رکندو هو (1).
مراد فقير ننڍي هوندي کان ئي روحل فقير سان گڏ
رهيو. صوفي روحل جڏهن پدمات جي پٽ تي گوشه نشيني
ٿيو هو تڏهن به مراد فقير ساڻس گڏ هو. جيئن فرمائي
ٿو:
ور پسي پدمات جي، ٻن حلوا هالار،
جي هون هيڪاندا يار، ته ڏکيا ڏينهن نه ساريان.
(2)
مراد فقير، صوفي روحل فقير سان سير و سفر ۾ به شريڪ رهيو. هن روحاني فيض به روحل
فقير کان ئي حاصل ڪيو. ڪلهوڙن جي زوال واري دور ۾
جڏهن روحل فقير ٽالپرن
جو طرفدار
ٿيو ته مراد
فقير به صوفي
روحل جيان ميرن جو حامي ٿي بيٺو. مدد خان پٺاڻ جي
يلغار کان متا ثر ٿي مراد چيو:
ماري ”مدد“ ڪو مل ڪر دو ڪرو، ڇوڙ
وڃي يهودي يزيد ميان.
(3)
روحل فقير جڏهن ڪنڊڙيءَ ۾ اچي آباد ٿيو هو ته مير سهراب خان
ٽالپر کيس ڪوٽڏيجيءَ ڀرسان ڪوٽلي ۾ ڪجهه زمين ڏني
هئي، جيڪا زمين مراد فقير آباد ڪئي. پروفيسر لطف
الله بدوي، مراد فقير جي آخري سالن بابت هڪ واقعي
جو ذڪر ڪيو آهي. ان موجب: ڪوٽلي لڳ هڪ سيد،
شڪرالله شاھ رهندو هو. هن فقيرن ڏانهن ماڻهن جي
رجوعات ڏسي، ساڙ وچان انهن خلاف ڪارروايون شروع
ڪيون. مراد فقير شروعات ۾ اهي زيادتيون صبر ۽ شڪر
وچان برداشت ڪيون پر قصو گهڻو اڳتي وڌندو ويو. شاھ
صاحب، فقير جي زمين تي قبضي لاءِ حيلا هلائڻ شروع
ڪيا. نيٺ مراد فقير بدلي جو سوچيو پر روحل فقير
سڀني فقيرن ۽ مراد کي اهڙي عمل کان روڪيو ۽ هدايت
ڪيائين ته: ”فاني شين لاءِ وڙهڻ ڇاجو؟ مرد اهو آهي
جنهن پنهنجي نفس سان وڙهي ان کي زير ڪيو“. مراد
فقير مرشد جي ان ڳالهه جي تعميل ڪندي خاموشي
اختيار ڪئي پر ان ڳالهه جو مٿس گهرو اثر ٿيو ۽
بيمار ٿي پيو ۽ سنه1211ھ/1796ع ۾ وفات ڪيائين ۽
ڪوٽلي ۾ آرامي آهي (4).
شاعري:
صوفي مراد فقير پنهنجي دور جو وڏو شاعر هو. هن
سنڌي، سرائڪي کان سواءِ فارسي ۽ هندي ۾ به شعر چيو
آهي. فارسي ۾ سندس هڪ ننڍڙو ديوان۽ سنڌي ۾ ”عشقيه“
نالي سان هڪ رسالو موجود آهي (5). جڏهن ته هندي
ڪلام جي حوالي سان پروفيسر بدوي ”پريم گيان“ کـــي
مـراد فقير جي تصنيف ڄاڻائي آهي (6). جڏهن ته
”پريم گيان“ صوفي روحل فقير جي تصنيف ڄاڻائي ويندي
آهي (7).
صوفي مراد فقير جو سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام
پروفيسر لطف الله بدوي پنهنجي ڪتاب ”ڪنڊڙيءَ وارن
جو ڪلام“ ۾ ترتيب ڏنو آهي. اسان هت مراد فقير جي
ڪلام جي مطالعي دوران مذڪوره ڪتاب ۽ سچل سائين جي
ڪلام جي نموني لاءِ عثمان علي انصاري جو مرتب ڪيل
رسالي
مان استفادو ڪنداسين.
مراد فقير جي ڪلام متعلق پروفيسر لطف الله بدوي
لکي ٿو:
”مراد فقير جي ڪلام جو گهڻو حصو سنڌ جي قديم قصن ۽
ڪهاڻين تي ٻڌل ٿو نظر اچي. سندس سنڌي ڪلام جو
ذخيرو ڪــــو ايڏو وڏو نه آهي، مگر روحل فقير جي
ڀيٽ ۾ ڪي قدر زياده نظــــر اچي ٿو. سندس ڪلام ۾
پختگي ۽ رواني آهي. سندس عشقيـــــــــــــه شاعري
اٿاهه درد سان ڀريل آهي“ (8).
مراد فقير جو ڪلام وحدت جي وائيء جي تنوار
آهي. هن عشق، پاڻ سڃاڻڻ، معرفت ۽ فنا جا مضمون
ڏاڍي سادي سودي انداز ۾ بيان ڪيا آهن. عاشق کي
پتنگ ٿيڻ جي صلاح ڏي ٿو. ڇاڪاڻ ته عاشق جيستائين
عشق جي باھ ۾ پاڻ کي اڇلائيندو ڪونه، اوستائين هو
ان باھ ۾ پچندو ڪون ۽ جيڪڏهن هو آروٽ ئي رهجي ويو
ته پوءِ پنهنجي منزل کي پهچي ڪين سگهندو. صوفي
مراد فقير چئي ٿو:
سَا مَنَ سک ”مراد“ چوي جا پــــــــــــــــر
پتنگــــــــــــن،
اچن اجل سامهان، سر جو ســـــــــــــــانگ نه
ڪــــــــن،
جن کي موت مشاھدو، ســــــــــــــي رتي ڪين رهن،
ساعــــــت سين نه سهن، پـــــــــــــــاڻ برابر
پر جــــــــي.
(ص103)
جي ٻاريـــــــن ته ٻار، اندر باھ بــــــرھ
جـــــــي،
مٿين مچ ”مـــــــــــــراد“ چئي، ڪئي پتنگـــن
پچار،
ته جيئري جانب نه مڙي، توڻي حيلا ڪــرين هزار،
دوســـــــاڻــــي درٻــــــــار، ٿا مُوا ڪن
مشاھــــــــــدو.
(ص103)
سچل سرمست، مراد فقير جو پاڙيسري ۽ وحدت الوجود جي
فلسفي جو وڏو شاعر هو. هن وٽ حسن و عشق کان ويندي
طلب، وحدانيت، حيرت، فنا ۽ بقا تائين جا سمورا
مضمون موجود آهن. سرمست سائين ديوان آشڪار ۾ مجاز
۽ عشق جي وستار ڪندي چئي ٿو:
جذ محبت راه، ديگر نيست نيست،
گرچه شهي تاج افسر نيست نيست،
درد ومحنت عشق دان اولي ترست،
ياد کاؤس وسڪندر نيست نيست.
(9)
(محبت کان سواءِ ڪابه راهه، راهه نه
آهي ۽ محبت نه ڪرڻ واري انسان جو مثال اهڙو آهي
جيئن ڪو بادشاهه هجي پر ان جي مٿي تي تاج نه هجي.
عشق ۾ جيڪو ڏک ۽ رنج برداشت ڪرڻو پوي ٿو
اهو گهڻو بهتر آهي ۽ اهڙي لذت
ڪيڪائوس ۽
سڪندر جي ذڪر ۾ به نه آهي).
سرمست سائين بنيادي طرح مجاز کي اها واٽ سمهجي ٿو
جنهن سان درست حقيقت جي ڄاڻ ملي ٿي ته انسان
پنهنجي اندر جي دنيا ۾ ڪيترو ڪجهه پاڻ کان ئي
پوشيدهه رکيو ويٺو آهي. جڏهن اندر ۾ اندر جي
ڪائنات کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جي اک کلي ٿي ته پوءِ ئي هُن
کي انهن سڀن رازن جي سڌ پوي ٿي جن جي باري ۾ اُن
کان اڳ اُن کي ڪابه ڄاڻ نه هوندي آهي پاڻ تي غور
ويچار کان پوءِ سالڪ پنهنجو رتبو ۽ مرتبو بدلجندي
محسوس ڪندو آهي. درازي شاهه چوي ٿو:
پيهي پر وڙيم، تان پنهون پاڻ ئي آهيان،
پاڻ ئي منجهان پاڻ کي، هي پڙ لاءُ پيوم،
صحيح ڪن ڪيوم، ته غير گمان اٿي ويا.
(ص 128)
جي تو ڄاتو پاڻ، آئون ٻيو ڪي آهيان،
ڪندءِ غرق گمان، ڳهلا انهي ڳالهه ۾.
(ص 44)
اتي مرا د فقير عاشق کي چوي ٿو ته ا ندر
مان ٻيائي جي
ڪٽ لاھ ته هر سو جانب جو جلوو
پسندين، ڇاڪاڻ ته هر نظر ۽ منظر ۾ حق موجود آهي.
صوفي چئي ٿو:
جي تو سڪ پرين جي، ته نا حق ڏور مَ ڏور،
”هو الاول، هو الآخر“ جــيئـــــــــن سو نيڻ نور،
”هو الظاهر، هو الباطــــــــن“ هر دم آھ حضور،
ٻيا سڀ فند فتور، ماري ڪڍ ”مـــــــــــراد“ چئي.
(ص104)
جي تون عاشـــــــــــــق آهين، وڃي سور وهاءِ،
سدا ســــڪ پريــــــــــــــن جي، اندر روح
رهاءِ،
اکين منجهه ”مراد“ چئي، ڪر جانب جي جاءِ،
پل پل ۾ پيو پاءِ، سر مون سپريــــــــــــــن جو.
(ص104)
سالڪ جي من تان جڏهن ٻيائي جي ڪٽ لهي وڃي ٿي ته
پوءِ ان تي اهو راز عيان ٿئي ٿو ته خدا ۽ انسان جي
وچ ۾ ڪابه وٿي نه آهي. حق سمنڊ آهي ۽ سالڪ بوند جو
قطرو، جيڪو سمنڊ ۾ ملي جذب ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ هو هر
طرف هر منظر ۾ فقط ان ذاتِ واحد کي ڏسي ٿو. ڇاڪاڻ
ته هن جي هستي جي حيثيت مٽجي چڪي آهي ۽ هاڻ ڪو
وجود آهي ته فقط ان حقيقي ذاتِ جو. جيڪا اول به آ،
ته آخر به آ. ظاهر به آ ته غائب به آ. ان صورت ۾
عاشق سالڪ ڪهڙي ريت پنهنجي هجڻ کي محسوس ڪندو جڏهن
پنهنجي وجود جي اندر مان 'مان' جو بُت ڀڃي ڀورا
ڪجي ٿو ته پوءِ هستي جو ڪوٽ ڊهي ٿو. ٻيائي مٽجي
وڃي ٿي اکين تان اونداهه لهي وڃي ٿي ۽ هر طرف نور
جو چمڪو پسجي ٿو. اهڙي حالت ۾ سچل سائين جيڪو چئي
رهيو آهي اهو درست آهي پر اها هستي ۽ جذب جي حالت
آهي جنهن ۾ سپردگي جي ڪيفيت طاري آهي ۽ ان سرمستي
انداز ۾ سرمست سائين چئي رهيو آهي:
هر کجايم جابجايم من خدايم من خدا
تاچه شد پوشيده ام از درد اين خاڪي قبا.
(10)
(آئون هر جاءِ تي آهيان، هر هنڌ آهيان،
آئون خدا آهيان، آئون خدا آهيان، ڇا ٿيو جيڪڏهن
مون عشق جي ڪري خاڪي لباس (مادي جسم)
پائي ورتو
آهي).
ٻانهو ڀانءَ مَ پاڻ توهين مالڪ ملڪ جو
”لاخير في عبدي“ اهو ئي اٿئي اُهڃاڻ
الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ،
سچو سائين هڪڙو، ناهي شڪ گمان.
(ص 82)
صوفي مراد به سالڪ جي ان فنا جي مقام جو قائل آهي
پر خود به فنا
في الله آهي تڏهن ته هو به سچل سائين وانگر ڏاڍي بي باڪ انداز سان چئي رهيو
آهي:
تون آهين، تئن پرين سان، جئين پاڻي ۾ ماڪ،
ڦوڙا ئــو فراق، توتي ڪونهي مور ”مراد“ چئي.
(ص106)
تون آهين تئن پرين سان، جئن پاڻي ۾
پـــــــــــــــارو،
هي پس مَ پسارو، جو آهي مڙو محب ”مراد“ چئي
(ص106)
تن پريـــــــن، من پريــــــن، چت پرين، دل
يــــــار،
انـــــــــــــــــــدر ٻاهر سپـــــــــــــرين،
وٿ نه آهي وار،
اکين منجهه ”مراد“ چوي، ٻيو ڪونه قريبن ڌار،
جاڏي ڪريان نهار، تاڏي سڄڻ پسان سامهـــــــان.
(ص106)
مراد فقير وحدانيت جو بيان ڪندي پنهنجي
پاڙيسري
سچل سرمست وانگيان بي باڪ بڻجي ويو آهي.
وحــــدت جن وجود، ڪعبو
تــن
جو ڪوڏيــــو،
سي ڪنهن کي ڪن
سجود، جي پاڻ ”مراد“ مَڪو ٿيا.
(ص106)
جن کي منجهه معراج، آهي حج ”مراد“ حضور جو،
سي مڪي جا محتاج، ڪامل ٿين ڪينڪـــــي.
(ص106)
مراد فقير پنهنجي سرائڪي ڪلام ۾ پڻ ساڳيو وحدت
الوجود وارو فڪر پيش ڪيو آهي. پير مغان جي هٿان
جڏهن مراد شوق جو شراب پيتو ته سندس چوڏهن طبق
روشن ٿي ويا. چئي ٿو:
جنهن ڏينهن پير مغان دے
هٿون شوق شــراب پيئوسي،
تنهن ڏينهن يار يقين ٿيا، سڀ دل دا شـــڪ لٿوسـي،
چوڏهن طبق ٿيوسي روشن، اڪـبر حـــج ڪيتوســي،
پر ٿيا
ديدار
”مراد“
جڏهان ڪر، هـﻶ
ســر عرض رکيو ســـي.
(ص151) |