ڇپائيندڙ پاران
درازن جو صوفي بزرگ
حضرت
سچل سرمستؒ پنهنجي دور جو هڪ عظيم ڪلاسيڪل شاعر ٿي
گذريو آهي.
جنهن سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردو زبانن ۾ سخن
آرائي ڪري وحدت الوجود جي فلسفي عام ڪيو آهي.
حضرت
سچل سرمستؒ جي فڪري پس منظر ۾ ڪيترن ئي صوفي درويش
شاعرن جو فڪر موجود آهي. سندن ڪلام جو فڪري ۽ فني
اڀياس ڪندي سنڌي ادب جي نوجوان محقق ۽ سچل شناسي
جي ڄاڻو محترم ڊاڪٽر مخمور بخاري صاحب سنڌ جي عطار
جي فڪر ۽ فن جو سندس همعصر شاعرن تي اثر جو عرق
ريزيءَ سان تجزيو ڪري هيءُ ڪتاب ”سچل سرمست جي
شاعري جو همعصر شاعرن تي اثر“ تصنيف ڪيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي روايتي ذميوارين کي
نڀائيندي حضرت سچل سرمستؒ جي 192هين عرس مبارڪ جي
موقعي تي هيءُ ڪتاب ”سچل سرمست جي شاعري جو همعصر
شاعرن تي اثر“
هڪ خصوصي اشاعت ۽ اهتمام هيٺ ڇاپي پڌرو ڪري رهي
آهي.
هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان پنهنجي ايامڪاريءَ
۾ شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. جنهن
لاءِ آئون جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن
سنڌي ادبي بورڊ، ۽ جناب نظرمحمد ڳاهو صاحب چيئرمن
انتظامي ۽ مالي امور، جو تهدل سان شڪر گذار آهيان،
جنهن منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان
ڪيو.
اميد ته سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب پڙهندڙن کي اسان جي
هيءَ ڪاوش پڻ پسند ايندي.
01- رمضان المبارڪ 1434هه
الهڏتو
وگهيو
11- جولاءِ 2013ع
سيڪريٽري
مهاڳ
سنڌ جي ثقافتي، علمي، روحاني روايتن ۾ برابري،
سهپ، احترام، سڪ ۽ سڪون جا لاڙا موجود آهن ان پس
منظر ۾ سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ آهي جنهن ۾
ڪيترن ئي مذهبن جو جنم ۽ اثر آهي. اسلام کان اڳ
هتان جي سرزمين جي ائني مسٽ، ان ائني مسٽ، ويدڪ
ڌرم (هندومت)، ٻڌڌرم، جين مت، زراشٽرم، يهوديت کي
پاڻ ۾ سانڍيو. توڙي جو ان مذهبن سان تعلق رکندڙ
ماڻهن جي اڪثريت سواءِ هندو مذهب جي اسان وٽ گھڻي
نه رهي آهي پر سنڌ جي خمير ۾ انهن جا مثبت اثر
موجود آهن. تنهن ڪري اسان کي سنڌ جي صوفين وٽ جيڪو
تصوف نظر اچي ٿو اهو خالص انسان دوست ۽ وطن دوست
آهي. هتان جي صوفين ڪڏهن به پنهنجي انسان دوست عمل
۾ مذهبن ۽ فرقن واري سوچ نه رکي بلڪ هنن جي آڏو
سنڌ جي هزارن سالن جي تاريخ جو پس منظر جاڳندي نظر
اچي ٿو. هنن درويشن هميشه مذهبن، فرقن، رنگ نسل،
ذات پات کان هٽي ڪري برابري احترام، سهپ، رواداري،
مَيٺ، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو.
سچل سرمست به سنڌ جي ان روحاني تسلسل جو هڪ سگهارو
۽ اثر ڇڏيندڙ حصو آهي. هن نه فقط ان انسان دوست ۽
وطن دوست اعلى سوچ کي قبول ڪيو پر ان کي ڏاڍي
بيباڪ انداز سان عام به ڪيو. هن فلسفه وحدت الوجود
جي ان نڪتي کي گهڻو عام ڪيو ته ”بحيثيت فرد خود ۾
خالق ڪائنات جي طرفان لاتعداد صلاحيتن ۽ لياقتن جو
مجموعو آهي. ان ڪري فرد کي اول پنهنجي بنيادي
حيثيت سڃاڻڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سموري ڪائنات ۾ انسان
جي سمجهه لاءِ نشانيون ۽ اُهڃاڻ موجود آهن، انسان
پنهنجي ادراڪ جي سگهه ۽ گهري سوچ سان انهن رازن کي
سمجهي سگهي ٿو“. سچل سائين چوي ٿو:
جي تو ڄاتو پاڻ، آئون ٻيو ڪي آهيان،
ڪندءِ غرق گمان، ڳهلا انهي ڳالهه ۾.
سچل سرمست جي انهي اعلى عرفان جي پس منظر ۾ ڪيترن
ئي صوفي درويش شاعرن جو فڪر موجود آهي ساڳي ريت هن
جو فڪر نه فقط پنهنجي دور تي اثر ڪندڙ رهيو آهي پر
ان کان پوءِ جي دور تي پڻ سرمست سائين جا اثر
موجود آهن. هن ڪتاب ”سچل سرمست جي شاعري جو همعصر
شاعرن تي اثر“ ۾ اسان سچل سائين جي دور تي سندس
اثرن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان پنهنجي مٿين
راءِ کي وضاحت سان پرکي سگهون. هن ڪتاب ۾ سچل
سائين جي شاعري سان سندس دور جي اهم شاعرن سان ڀيٽ
ڪندي ڪن نتيجن تائين پهتا آهيون ۽ اسان ڏٺو آهي ته
”سچل سرمست ٻن حوالن سان اهم شاعر آهي. هڪ فڪر –
ٻيو فن. هُن نه فقط فڪر جي حوالي سان پنهنجي دور
کي متاثر ڪيو آهي پر ان سان گڏوگڏ سرمست سائين
پنهنجي شاعري ۾ لاتعداد تبديليون ڪري نيون روايتون
پڻ قائم ڪيون، جيڪي پڻ سندس دور تي به اثر انداز
ٿيون ته کانئس پوءِ انهن روايتن جا اثر پڻ ڏسجن
ٿا“.
'سچل سرمست جي شاعري جو همعر شاعرن تي اثر' سچل
سائين جي شاعري جي پکيڙ جو هڪ مختصر جائزو آهي ته
هن عنوان هيٺ بلوچستان ۽ پنجاب جي صوفي شاعرن جي
گڏيل مطالعي جي
گنجائش به ساڳي وقت موجود آهي.
ڊاڪٽر مخمور بخاري
3 جولاءِ 2012
باک ڦٽڻ مهل
هالا.
سچل
سرمست جي مختصر سوانح حيات
سنڌ جي تصوف جي تاريخ پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ ۾ نرالي
آهي. هتان جي مٽي جي خمير ۾ ڪيترين ئي مذهبن جو
اثر موجود آهي جنهن ڪري سنڌ جو صوفي وطن دوست به
آهي ته انسان دوست به ۽ هي ئي گڻ سنڌ جي صوفين کي
دنيا جي ٻين صوفين کان کين منفرد بنائي ٿو. سنڌ جي
مٽي اهڙي ڪيترن ئي موتين جواهرن کي پاڻ ۾ سانڍيو
وتي جن ۾ درگاهه درازا جا دوريش به اهميت رکن ٿا.
درازي درياءُ مان حضرت سچل سرمست به هڪ اهڙي
شخصيت، عارف، ڪامل ۽ فنا في الله هو جيڪو پاڻ ڪڏهن
به مسند تي نه ويٺو پر سندس چوڌاري سلوڪ جي راهه
جا
ڪيترائي
پانڌيئڙا موجود رهندا هئا.
سچل سرمست جو اصل نالو حافظ عبدالوهاب هو سندس
جنم درگاهه درازا جي جد امجد خواجه صاحبڏني جي وڏي
فرزند ميان صلاح الدين جي گهر 1152 هه / 1739ع ۾
ٿيو. (1) سندس والد پنهنجي پيءُ جي حياتي ۾ 1158هه
/ 1745 ۾ وفات ڪئي. (2) ان وقت سچل سائين جي ڄمار
ڇهه سال هئي. ميان صلاح الدين جي حياتي جي باري ۾
ڪا خاص معلومات نه ٿي ملي. البت مخدوم غوث محمد
”گوهر“ پنهنجي هڪ مقالي ۾ ميان صلاح الدين جي شاعر
هجڻ جي ڳالهه ڪندي سندس هڪ سنڌي ڪافي درج ڪئي آهي
جنهن جا ڪجهه بند نموني خاطر هتي پيش ڪجن ٿا:
مشفق هن مشتاق کي، بچايو ته بچي،
اندر عشق عليل کي، جيئن مهرباني مچي،
ڏس ڏيو هن ڏاهه کي، پهه جنهن جي پچي،
صلاح الدين جي سيدا ويرلي ور اچي،
ڪرامات بهري، قادر لڳ، ڪر اچي.
سچل سائينءَ جي تربيت سندس ڏاڏي خواجه صاحبڏني ۽
چاچي ميان عبدالحق ڪئي، جيڪي پڻ پنهنجي وقت جا
اهلِ بصيرت ۽ اهل علم شخص هئا. خواجه صاحبڏني ئي
سچل جي ظاهري توڙي روحاني تربيت ۾ اهم ڪردار ادا
ڪيو. خواجه صاحب اول ۾ ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ سرڪاري
ملازم هو پر پوءِ سندس زندگي ۾ يڪايڪ تبديلي آئي
جنهن کان پوءِ خواجه صاحبڏني فقيري ڏانهن موٽ کاڌي
۽ شاهه عبيدالله جيلاني کان سلوڪ جي راهه ۾ رهبري
ورتائين (4). سچل سائين ان واقعي کي پنهنجي فارسي
مثنوي ”راز نامه“ ۾ بيان ڪيو آهي (5).
ڪن تذڪره نويسن جو خيال آهي ته خواجه صاحبڏنو جڏهن
چله ڪشي ڪري رهيو هو ته ان وقت شاهه عبداللطيف
ڀٽائي کيس چلي مان ٻاهر ڪڍي لوڪ آڏو ظاهر ڪيو، اها
ڳالهه تاريخي اعتبار کان ضعيف محسوس ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ
ته همعصر دور جي ماخذ ”تذڪره مخاديم کهڙا“ جي لکت
موجب جڏهن ڀٽائي، کهڙن ۾ آيو ته ان موقعي تي خواجه
صاحبڏني سان ملاقاتي پڻ ٿيو ۽ کيس فقيري واري راهه
اختيار ڪرڻ جي صلا ح ڏني (6). سموري بحث کي هڪ
پاسي رکي اسان فقط سچل سائين جي ڪلام ۾ خواجه
صاحبڏني جي حالات زندگي کي ڳولينداسين ته اسان کي
بيبي رابعه بصري ۽ شاهه عبيدالله جيلاني جو ذڪر
ملندو پر ڪٿي به شاهه لطيف جو ذڪر سرمست سائين وٽ
موجود ناهي جنهن مان گمان غالب آهي ته لطيف سائين
جي خواجه صاحبڏني سان ملاقات ته ٿي هجي. پر ان جي
صاحبِ فضيلت بڻجڻ ۾ سندن ڪوبه ڪردارا نه هوندو.
خواجه صاحبڏني
1192ھ/1788ع ۾ وفات ڪئي. هو سنڌي ۽ سرائڪي
جو بهترين شاعر هو. سندن هڪ ڪافي نموني طور پيش
ڪجي ٿي
(7).
ووڙين ڇو وڻڪار، جيڏيون آهي جيءِ ۾،
صحيح سڃاتم سرتيون، دل ۾ آ دلدار،
ڪاڪيون آهي قلوب، ڪيچ ڌڻي ڪوهيار،
ناحق وندر ڇو وڃان، ڀاڪر ۾ ڀوتار،
ونحن اقرب اوڏئڙو، لڌم لعلن يار،
ساهئون اوڏون سپرين، ڪوهه پڇان پيو بار،
”صاحبڏني“ سمهجيو تن اندر تڪرار.
سچل سائينءَ جو چاچو، مرشد ۽ سهرو خواجه عبدالحق
والد جي وفات بعد مسند نشين ٿيو. هن سلوڪ جي راهه
تي سچل سائين جي رهنمائي فرمائي، پاڻ پنهنجي وقت
جو اهل الله ۽ عارف ڪامل شخص هو. سچل سائين پنهنجي
سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي شاعري ۾ کين وڏي احترام، سڪ
۽ خلوص مان هن طرح ياد ڪيو آهي (8).
مرشد ڪامل هادي منهنجو، دائم درازن،
عارف عبدالحق آهي صوفي صاف سڀن،
هئي شال چراغ سو روز شبان روشن،
عارف جي اولاد کي، دعا سڀ ڪرن.
هادي مهدي مرشدا ميڏا، قادريه هي ڪامل،
عارف عبدالحق بهردم، نال مريدان شامل.
خواجه عبدالحق 1120 هه / 1708ع ۾ جنم ورتو ۽ 1214
هه / 1799ع ۾ وفات ڪئي (9). هو فارسي جو شاعر هو
سندن گهڻو ڪلام اڃان تائين نظرن کان اُوجهل آهي
سندن هڪ فارسي مدح جون ڪجهه سٽون نموني طور ڏجن
ٿيو (10).
اي سرور دو عالم،
يا مصطفى مددشو،
اي برگزيده آدم،
يا مصطفى مدد شو.
درگور در قيامت
خواهم ز تو شفاعت
مارا توئي حمايت
يامصطفى مدد شو.
هن اپٽار جو مقصد فقط ايترو هو ته اسان سمهجي
سگهون ته سچل سائينءَ جهڙي شخصيت جي تربيت ڪهڙين
هستين وٽ ٿي. سرمست سائين، محققن جي لکڻ موجب ننڍي
هوندي کان ئي الڳ ٿلڳ ۽ خاموش رهندو هو. اڪثر
ڪائنات ۾ پوشيده ڳجهن کي محسوس ڪرڻ، سمهجڻ ۽ ان کي
پروڙڻ لاءِ اڪيلائي ۾ رهندو هو. ابتدا ۾ پنجاهه
ورهين جي ڄمار تائين روزي نماز جي پابندي ڪندو
رهيو، قرآن شريف جو حافظ به هو پر پوءِ مٿس وجد جي
حالت ظاهر ٿيڻ لڳي جنهن کان پوءِ سندس رنگ ڍنگ
تبديل ٿي ويو ۽ پوءِ شاعري ۾ اهڙو ته بي باڪ ٿي
پنهنجو حال اورڻ لڳو جو هن کان اڳ سنڌي شاعري ۾
اهڙو مثال موجود ناهي:
ڏسو عشق جي انصاف، سڀئي مذهب ڪيائين معاف،
مڪي وڃڻ مقصد ڪيهو، ڪر اندر تن طواف،
هي تن طوافي ٿيو، وچئون ڪير ويوسي،
انهي ٻاجهون ناهه ڪو اهو احرام ٻڌوسي.
سلوڪ جي راهه تي سندس رهبري ۽ رهنمائي
خواجه عبدالحق ڪئي پر سندس فڪري تربيت ۾
حسين بن منصور حلاج، خواجه فريدالدين ”عطار“ جو
خاص ڪردار آهي، ”عطار“ جون مثنويون منطق الطير،
وصلته نامه پڙهيون به اٿس ۽ هانوءُ سان هنڊايون به
اٿس (11):
اي دلا خوشبو زشد عطار در ڄانم رسيد،
آن زبان يکبارگي از کفر ودين مار کشيد
چه جلاالدين چه جامي، غاشيه برداراو،
اين چنين تعريف ما از پير عبدالحق شنيد.
(اي دل! منهنجي روح تائين حضرت عطار جي خوشبوءِ
پهچي وئي ۽ ان وقت هڪدم مون کي ڪفر ۽ دين کان آزاد
۽ بي نياز ڪري ڇڏيو،
مولانا جلال الدين رومي هجي يا مولانا عبدالرحمان
جامي هجي اهي سندس چاهيندڙ ۽ پيروي ڪندڙ آهن. اها
تعريف اسان پنهنجي پير طريقت حضرت عبدالحق کان ٻڌي
آهي.)
اهڙي ريت حسين بن منصور حلاج جو جيترو ذڪر سنڌ ۾
سچل سائين ڪيو آهي اوترو ذڪر ان کان اڳ ۽ پوءِ
سنڌي شاعري ۾ موجود ناهي. تنهن ڪري سرمست سائين کي
”سنڌ جو عطار“ ۽ ”منصور ثاني“ به سڏيو ويو آهي. ان
کان سواءِ رومي، احمد جام زنده پيل، جامي، باهو ۽
شاهه ڀٽائي جو اثر پڻ سرمست جي ڪلام تي موجود آهي
(12).
سچل سرمست سنڌي، سرائڪي، ريخته (اردو) ۽ فارسي
زبان ۾ شعر چيو. هيئت جي اعتبار کان سندن شعر بيت،
ڏوهيڙي، ڪافي، جهولڻي، غزل (فارسي)، مثنوي،
گهڙولي، فرد، قطعات ۽ سي حرفي /ٽيهه اکري جي صورت
۾ آهي. سندس شعر جو تعداد صادق راڻپوري جي لکت
موجب نَوَ لَکَ ڇٽيهه هزار ڇهه سو آهي. سنڌي،
سرائڪي توڙي اردو ڪلام ۾ ”سچو“ ”سچيڏنو“ ”سچل“ ۽
فارسي ۾ ”آشڪار“ ۽ ”خدائي“ تخلص ڪم آندا اٿس، سندس
سموري ڪلام تي مستي ڇانيل آهي، سرمست سائين بندي ۽
خدا جي وچ واري وٿي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽
ڏاڍي بي ڊپائي ۽ بي باڪي سان سلوڪ جي راهه جون
سموريون حقيقتون ظاهر ڪيو ن اٿس:
سوئي ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻجي،
مار نغارا ”اناالحق“ دا، سولي سر چڙهيجي،
اندر ٻاهر هڪو هويون، ”موتوقبل“ مريجي،
”سبحاني مااعظم شاني“، سچل سر سڻيجي.
(13)
سچل سائين راڳ ويراڳ جو شوقين هو، طبلي ۽ سارنگي
تي هٿ لڳڻ شرط بيخود ۽ سرشار ٿي ويندو هو ۽ سندس
مٿي جا وار کڙا تي بيهي رهندا هئا ۽ اکين مان لڙڪ
وهي نڪرندا هئا (13). تنهن ڪري اسين ڏسون ته سندس
ڪلام پڻ سنگيت وديا سان گهرو لاڳاپو رکي ٿو. گوڌرن
ڀارتي درازي شاهه جي موسيقي جي حوالي سان لکي ٿو:
”سچل سرمست موسيقي جو ماهر هو، راڳ سندس رڳ رڳ ۾
سمايل هو. سندس ڪافين جي بناوت، بندن، قافين ۽
راڳن جي مدِنظر ئي روپن ۾ ظاهر ٿي آهي سندس شخصيت
خواهه ڪلام سراسر سنگيتميه ۾ آهن“ (14).
سچل سرمست توڙي وقت جو وڏو عارف شخص هو پر هميشه
خليفي جي حيثيت ۾ رهيو. اول پنهنجي چاچي خواجه
عبدالحق جو ۽ ان کان پوءِ پنهنجي سؤٽ سخي قبول
محمد اول جو خليفو ٿي رهيو، پر تنهن هوندي به سندس
چوڌاري طالبن، ٻالڪن جو وڏو تعداد رهندو هو؛ جنهن
۾
نانڪ
يوسف، يعقوب فقير، محمد صالح فاروقي، محمد نشان
فاروقي، محمد صالح قادري، محمد حيات 'حاتم' ،
آخوند گل محمد
فاروقي، گهرام فقير، فقير غلام محمد ”گدا“،
حاجي عثمان چاڪي، حافظ عبدالله قريشي، شير خان
ڀنڀرو،
سيد خير شاهه، پير و شاهه، آخوند باغ علي درازي
خاص طور تي شامل هئا، جڏهن ته سندس خاص عقيدت مندن
۾ فقير غلام حيدر شر، قادربخش بيدل ۽ ميرعلي مراد
ٽالپر شامل آهن ۽ هن ئي دور جو هڪ اهم شاعر
عبدالله فقير ڪاتيار سندن دوستن ۾ شمار ٿئي ٿو.
سچل سائينءَ جو دور سنڌ جي سياسي سماجي حالتن جو
مَٽجندڙ دور هو، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو دور سندن اکين
آڏو رهيو. سندن جنم کان هڪ سال پوءِ 1740ع ۾ سنڌ
تي نادر شاهه ”افشار“ ڪاهي آيو ۽ ان وقت جي ڪلهوڙا
حڪمران ميان نورمحمد کي مڃرائي نه فقط ڏن حاصل
ڪيائين پر سنڌ جي قومي وحدت کي پڻ ٽوڙي سنڌ ۾ ٽي
رياستون قائم ڪيائين. جڏهن ته اڃان 1145هه/1733ع ۾
کهڙن جي مخدومن جي ناحق خون ريزي سنڌ جي ماڻهن کي
رنج پهچائي رهي هئي، اهڙي ريت ميان نورمحمد جي
وفات 12 صفر 1167هه/9- ڊسمبر 1753ع کان پوءِ ميان
جي ٽالپر ميرن سان ويڙهه جي ابتدا، مدد خان جون
ڪاهون، ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿيڻ کان جلد پوءِ سنڌ
اندر ميرن جون ٽي رياستون قائم ڪرڻ، ميرن جون پاڻ
۾ نااتفاقيون، انگريز سرڪار جا معاهدا، بار بار
ميرن سان حجتون، سنڌو درياءُ رستي انگريزن جو مال
کڻي وڃڻ توڙي شاهه شجاع جو شڪارپور ۾ رهائش تاريخ
جا اهڙا واقعا آهن جنهن سنڌ جي ماڻهن کي تڪليفن،
پريشانين ۽ رنج کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو ۽ هي سموري
صورتحال سچل سائين جي اکين جي سامهون رهي.
يقيناً هنن حالتن سچل سرمست جهڙي هڪ حساس دل رکندڙ
شاعر کي متاثر ڪيو هوندو، رنج به پهچايو هوندو؛ ۽
هڪ سجاڳ ذهن رکندڙ ڪوي جي حيثيت ۾ هن پرکي ورتو هو
ته جلد ئي ميرن هٿان سنڌ کي نقصان پهچڻ وارو آهي.
پنهنجي هڪ فارسي غزل ۾ چئي ٿو: (15)
عاقبت مير سد بکشور سنده،
صد زيان حمزيان را ديدم،
(آخرڪار
سنڌ کي زبردست نقصان پهچندو ۽ نقصان پهچائڻ وارا
حمزه خاندان سان تعلق رکن ٿا).
سچل سرمست حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندي ڪندي 90 ورهين جي
ڄمار ۾ 14 رمضان سنه 1242 هه/1827 تي هن فاني جهان
مان ڪوچ ڪيو (16). سندن رحلت تي سندن عقيدتمند
فقير قادر بخش بيدل مشهور نظم چيو آهي (17) :
عشق
جو
يارو
درازن
۾
عجب
اسرار
هو
مست
سالڪ
هن
سچوُ
عارف
اتي
اظهـــــار
هو
برهه
برسات
جو
تنهن
وير
تي
وسڪــــــــــار
هو
ظاهر
و
باطن
تنهين
وٽ
درد
جو
ڌڌڪــــــار
هو
وجد
وحدت
جو
سدا
خاصو
تينهن
خمـــــــــار
هو
مرد
سو
منصور
وانگر
عشق
جو
اوتـــــــــــار
هو
منجهه
سخن
تنهن
جي
الوهيت
سندو
آثـــار
هو
جنگ
جذبه
جوش
مستي
۾
مثل
عـــــــــــطار
هو
پانهنجي
رائــي
پرين
نوي
ورهيه
نـــــــــروار
هو
وصل
جي
پــــوءِ
موج
ماڻي
ذوق جو
ذخـــــــار
هو
طور
ٻارهـــن
سو
ٻائتاليـهه
۾
تيار
هو
چوڏهين
رمضـــــان
جي
هـــــــادي
اهو
هسوار
هو
قربدارن
جي
ڪــــــٽـــــــــــڪ
۾
مرد
منصبدار
هو
در
تهين
داتا
جي”بـــــيـــــدل“
پرت
جو
پينار
هو.
حوالا:
1. مرزا علي قلي بيگ، رسالو ميان سچل فقير جو، ص
5 (جلد اول) ماسٽر هريسنگهه بوڪ سيلر 1902ع.
2. رسالو ميان سچل فقير جو. ص 5
3. ميان غوٽ
محمد گوهر، درازي ۽ ڪوٽڙي وارن بزرگن جي قريباڻو
قرب، (مقالو) ص 108، آشڪار نمبر 3- سچل چيئر، شاهه
عبداللطيف
يونيورسٽي خيرپور 1993ع.
4. شاهه عبيدالله جيلاني عارف ڪامل شخص هو. سيد
عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان هو. پنهنجن ٻن
ڀائرن شاهه ڪليم الله ۽ شاهه عبداللملڪ سان گڏ سنڌ
۾ آيو. سنڌ ۾ ڪجهه وقت رهڻ بعد، اجمير شريف روانو
ٿيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين ۽ حضرت خواجه معين الدين
چشتي جي درگاهه ۾ دفن ٿيو.
سچل سائين کيس وڏي احترام مان پنهنجي فارسي مثنوي
راز نامي ۾ ياد ڪيو آهي.
بس عبيدالله اسان جو شاهه هو،
هر طرح هر حال ۾ همراهه هو،
هو سراپا نور هو مرد ڪامل،
کوڙ جنهن پيدا ڪيا عيسى مثال،
سو عبيدالله هيو نور خدا،
خواجه حافظ رهنما جو پيشوا،
تنهن عبيدالله هادي سرفراز،
خواجه حافظ سان رکيا راز ونياز.
(عطامحمد حامي، نينهن جا نعرا ص 8-127)
5. ڏسو ڊاڪٽر عطامحمد حامي، نينهن جا نعرا،
7-126، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1992ع
6. مخدوم الله بخش عاصي، تذڪره مخاديم کهڙا،
1-100، سنڌي ترجمو: مخدوم غلام محمد، سچل چيئر،
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
7. ڊاڪٽر مخمور بخاري، سچل سرمست ۽ ان جا همعصر
شاعر
ص 20، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ 2011ع.
8. عثمان علي
انصاري (مرتب)، سچل سرمست جو ڪلام، ص 41، سنڌي
ادبي بورڊ 1982- سچل سرمست جو سرائڪي ڪلام ص 320-
9. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، سچل جو پيغام، ص 17،
مهراڻ اڪيڊمي ڪراچي 1995-
10. نينهن جا نعرا، ص 7-6
11. قاضي علي اڪبر درازي (مترجم)، ديوان آشڪار
(جلد اول)
ص 90، اوقاف کاتو، حڪومت سنڌ، 1981ع.
12. سچل سرمست
جي ڪلام تي اهڙي اثر لاءِ ڏسو راقم جو ڪتاب سچل
سرمست ۽ ان جا همعصر شاعر، ثقافت کاتو، 2011-
13. مولانا صادق راڻيپوري، سچل سرمست جو سرائڪي
ڪلام
ص 21، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1982ع.
14. گورڌن ڀارتي، سچل جي ڪلام ۾ سنگيت جي اوت،
(مقالو)،
ص 95، سرمست -8- مرتب: تنوير عباسي، سچل يادگار
ڪميٽي خيرپور، 1988ع.
15. ديوان آشڪار، جلد اول، ص 184-
16. محمد علي حداد، سچل سائين جي رحلت وارو عيسوي
سن، (مقالو)، ص 116، سرمست -7، مرتب: تنوير
عباسي، سچل يادگار ڪميٽي خيرپور، 1987-
17. سيد عبدالحسين شاهه موسوي، (مرتب)، ديوان
بيدل، ص 137، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. |