سچل سرمست جي
دؤر ۾ سنڌ جي
علم ۽
ادب جو مختصر جائزو:
حضرت
سچل
سرمست
جو جنم ڪلهوڙن جي اوج واري زماني
۾
ٿيو ۽
ٽالپرن
جي
پڇاڙي
واري دور ۾ وفات ڪيائين.
يعني
سچل
سائين
جو تعلق ڪلهوڙا ۽
ٽالپر
دور حڪومت سان رهيو.
ان
وقت سنڌ اندر علم و ادب جون محفلون اوج تي هيون.
وقت جي حڪمرانن خود اهڙين محفلن جي سرپرستي
ڪئي.
هت
اسين
ڪلهوڙا ۽
ٽالپر
دور جي ادبي صورتحال جو سرسري مطالعو ڪنداسين ته
جيئن اسان سچل سائين جي دور جي علمي ادبي حالتن کي سمجهي سگهون.
ڪلهوڙا دور:
ڪلهوڙا دور کي سنڌي علم ۽ ادب جو سونهري دور سڏيو
وڃي ٿو.
هن ئي
وقت ۾ سنڌ اندر اڻ ڳڻيا عالم، اديب، شاعر،
بزرگ، اهل
اللّه ۽ صوفي پيدا
ٿيا
جن
پنهنجي تعليم،
تربيت ۽ فڪر
سان
هن دور کي هڪ مثالي دور بڻائي ڇڏيو.
وقت جي حڪمرانن به اهڙي علمي محفلن، عالمن
۽
شاعرن جي
سرپرستي ڪئي.
هن
دور جي علمي صورتحال متعلق رحيم داد خان مولائي
شيدائي
لکي
ٿو ته:
”سنڌي شاعرن
جي
بذله سنجين ۽ جادو ڪمال جي ڪري سنڌ جي ادبي محفلن اهڙي رونق ورتي، جو موجوده ترقي جـــــو دور شاندار
ماضي جي
ان
زرين عهد اڳيان
ڦڪو پيو لڳي.
اهـو ڪلهوڙن جي صاحبي جو زمانو هو،
جڏهن
شاعر سنڌي
زبــان کي حيات جاويد جو جامون پهرايو“(1).
ڪلهوڙا دور سنڌي ٻولي ۽ شاعري جي حوالي سان به هڪ اهم دور آهي،
هن
ئي
دور ۾ بيت کان سواءِ
وائي به خوب
ترقي ڪئي.
مدح،
مولود،
معجزو،
مناجات
۽
واقعاتي شعر
به لکيو ويو (2).ان
کان سواءِ مولوي ابوالحسن ٺٽوي ”مقدمة
الصلواة“ نالي
ڪتاب
تيار
ڪيو (3).
جنهن
جي
لکجڻ
سان
سنڌي
صورتخطي
کي
هڪ
سڌريل
صورت ملي.
ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ جي علمي صورتحال به شاندار
هئي.سنڌ
جي
ڪيترن ئي
علائقن خاص
طور بکر، سکر،
روهڙي، الور،
سبي، کهڙا، سيوهڻ،
خانوٺ، بوبڪ،
هالڪنڊي، ڀٽ،
ڀاڻوٺ، جهيجا، انڙپور،
کپرو،
نصرپور،
ڪاتيار، اگهم
ڪوٽ، چاچڪ،
ونگو، ولهاري،
ٺري،
بلڙي،
ڪڪرالو، مٽياري،
حيدرآباد، پٺو(پير
پٺو)، هنڱورجا،
درٻيلو، روپاهه،
پٽ
باران، لاهري
بندر،
ٺٽو، شڪارپور،
پريالو،
ڳاها ۽ سن
۾
وڏا تعليمي مرڪز هئا.
جتي
وقت جا وڏا عالم،
فاضل
استاد، عربي
فارسي ۾ قراة،
مناظره، صرف
و نحو، منطق،
فقه،
تفسير، حديث،
فلسفو، تاريخ،
عروض
۽
ٻي
ضروري تعليم ڏيندا هئا
(4).
مخدوم ابوالحسن ٺٽوي، مخدوم ابوالحسن ڪبير، محمد
حيات
سنڌي،
مخدوم ابوالحسن صغيــر،
محمـد
بن عبـدالهادي سنڌي، مخدوم معين ٺٽوي،
مخدوم هاشم
ٺٽوي،مخدوم ضياء الدين،
شاھ
فقيرالله علوي ۽
مخدوم عبدالرحمان کهڙن وارو هن دور جا ناليرا عالم
۽
استاد ٿي گذريا
آهن(5).
ننڍي کنڊ ۾ تصوف جون تحريڪون شروع کان ئي مضبوط
رهيون آهن.
برصغير
جي
ٻين خطن وانگر سنڌ به صوفياءِ ڪرام جو هڪ مرڪز
رهندي
آئي
آهي.
ڏٺو وڃي ته هن علائقي تي تصوف جو ڪجهه گهڻو ئي اثر پيو.
اڻ
ڳڻيل صوفي بزرگن
۽
شاعرن عام
کي
حق
جي حقيقيت
سمجهائڻ ۾ سرگرمي
ڏيکاري.
ڪلهوڙا دور ۾
”درازا“
(ضلع
خيرپور)
۽ ڪنڊڙي (ضلع
سکر)
تصوف جا ٻــــه اهــــــــم مــــــــرڪز
ڏسجـــــــن
ٿا.
پهرين
مرڪز
جو باني اسان جي شـــــــــــــــاعر
حضرت
سچل
سرمست
جو ڏاڏو خواجه صاحبڏنو هو.
هتي
هم
اوســــــــت ۽ فلسفه وحدت الوجود جي تعليم ۽
تربيت
عروج تي پهتل
هئي.
تصوف جي ٻي
مرڪز
ڪنڊڙي
جو باني روحل فقير هو.
هتان
اسلامي
تصوف ۽
ويدانت کي ملائي پيش
ڪيو ويو.
افراتفري
واري دور ۾ هي ٻئي
مرڪز
ماڻهن
جي
لاءِ
امن،
سڪون ۽
سانت
جو سبب بڻيا.
علم ۽ ادب ۾ حڪمرانن جو حصو
اسان
اڳ
ذڪر
ڪري
آيا
آهيون ته ڪلهوڙا دور جي علمي ۽ ادبي محفلن، عالمن، اديبن
۽
شاعرن
جي
گهڻي
حد
تائين
حڪمرانن
به سرپرستي
ڪئي
آهي.
تاريخ
جي
ورق گرداني مان پتو پوي ٿو ته،
ڪلهوڙا حڪمران خود به وڏا اهل ذوق ۽ اهل قلم رهيا آهن.
ميان
نور محمد ڪلهوڙي وٽ پنهنجو شاندار
ڪتب
خانو هو.
جيڪو نادر شاھ
سنڌ
تي
ڪاهه وقت پاڻ سان
کڻي
ويو.
اهڙو ذڪر ميان پاڻ
به ڪري ٿو:
”رساله سهروردي، ان
سان
گـــڏ رساله چوڏهن خانواده به اسان وٽ موجود هو،
پر
ناپاڪ ظالم
(نادر
شاھ)
جي سنڌ
ملڪ
تي
ڪاهه وقت ڪتب خانو ۽
رسالا
کڄي
ويا“ (6).
ميان نورمحمد هڪ مدبر حڪمران هو.
هن
پنهنجن
پٽن
لاءِ
هڪ
وصيت نامو ”منشور
الوصيت و
دستور الحڪومت“ نالي سان تحرير ڪيو.
جيڪو حقيقت ۾ حڪومت ڪرڻ جو هڪ آئين
آهي.
ان
کان سواءِ ”حسن
ادايءَ
انتخاب“ تحرير
ڪيو.
جنهن
کان سواءِ ميان نورمحمد پنهنجي
هٿ
اکرين ”قرآن
پاڪ“ جو به هڪ نسخو تيار ڪيو جيڪو هن وقت مشهد مقدس
(ايران)
جي
ميوزيم
۾
رکيل آهي (7).
ويجهي دور ۾ ميان صاحب جي هڪ ِٻئي
وڌيڪ تصنيف ”نادر نامه“ جو به پتو پيو آهي
پر نسخو هٿ نه اچي
سگهيو آهي
(8).
ميان نورمحمد جو ڀاءُ ميان دائود هڪ بهترين عالم، شاعر
۽
علم
طب جو ماهر هو.
سندس محفل
۾
حڪيم
عبدالرزاق ”مشرب“ جهڙا
يگانا عالم
۽
ڪمال
جا
صاحب موجود هوندا هئا.
ميان دائود شڪار
متعلق هڪ
ڪتاب
”صيد
المراد في
قوانين الصياد“ ۽ علم
طب
بابت ”طب دائودي“ نالي
يادگار
ڪتاب
ڇڏيا آهن.
جن
مان پهريون ڪتاب ليفٽيننٽ ڪرنل ڊي- سي فلٽ جي سعيي سان 1908ع ۾
ڪلڪتي مان شايع
ٿيو(9).
ميان دائود جو پٽ
محمد عالي
پڻ
هڪ شاعر
۽
سٺو نثر نويس هو، پر
سندس
ڪنهن
تصنيف جو پتو ناهي پيو(10). ميان
نورمحمد جي پٽ
ميان
عطر هڪ
اهم
تاريخي
ڪتاب ”نگيران سنڌ
يا
جغرافيه سنڌ“ جي
عنوان سان تصنيف ڪرايو، جيڪو يارنهن جلدن ۾ آهي.
هي
ڪتاب
اڃان
ڇاپي هيٺ
نه آيو آهي، هن جو قلمي نسخو مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جي ڪتب خاني ۾ موجود
هو (11).
هن خاندان جو حڪمران ميان سرفراز
پاڻ به فارسي جو اعليٰ
پايي جو شاعر هو.
هن فارسي
کان سواءِ اردو ۽
سنڌي
۾
به ڪلام چيو.
سندس
سمورو ڪلام ”ڪليات سرفراز“ جي
عنوان هيٺ ڊاڪٽر خضر نوشاھي
ايڊٽ
ڪيو آهي.
ميان سرفراز
جي
شاعري متعلق
ڊاڪٽر
صاحب
لکي ٿو
:
”ميان صاحب
فن
۽
فڪــــر ۾ بلند
هو،
هن جي
ڪلام
۾
صوفين وارو رنگ به ڏسجي ٿو.
غزل
۾
هو حافظ جي مڪتب جي گهڻو ويجهو آهي،
جو هــــــر غزل ۾ حافظ
جو رنگ نمايان ڏسڻ ۾ اچي
ٿو“(12).
ميان سرفراز شاعرن، عالمن
۽
فاضلن
جي خوب سرپرستي
ڪئي.
سندس
درٻار
۾
وقت جا
ڪيتـرائي سخن
شناس
۽
علم
پرور موجود هوندا هئا.
جن
۾
مير
عظيم
الدين
ٺٽوي،
شيـــــــوڪ رام عطارد، مرزا
محمـد
علي
اصفهاني، فروغي اصفهاني خاص طور ذڪر جي لائق
آهن(13).
ڪلهوڙا دور جي ساري عرصي دوران سنڌ ۾ جتي علم ۽
ادب جون محفلون گرم هيون،
اتي سنڌ
جي
اتهاس بابت
ڪي
اهم
تذڪره لــــــــــکجي تيار ٿيا،
جن
۾ ”نامه نغز،
مڪلي
نامه،
تحفة الڪرام،
قصيده به مدح عبدالغني“ شامل
آهن.
ادبي صورتحال:
ڪلهوڙا دور ۾ سنڌي ۽ فارسي
زبان
جي ادب
کي
گهڻي
اهميت حاصل
هئي.
فارسي
دفتري زبان
۽
سنڌي
عوام ۽ حڪمرانن
جي
زبان هئي.
هن
دور ۾ سنڌي علم
۽ ادب تمام گهڻي ترقي ڪئي.
اسان
هت
سنڌي علم
۽ ادب جو تفصيل سان ۽
فارسي زبان
۾
ٿيل
ادبي
پورهئي جو مختصر اپٽار
ڪنداسين.
سنڌي
رسم
الخط:
سنه 1112هه/1700ع ڌاري سنڌي ۾ هڪ ڪتاب ”مقدمة الصلواة“ لکيو ويو.
جيڪو مولوي ابو الحسن ٺٽويءَ تحرير ڪيو.
عام
طور اهو سمجهيو ويندو آهي
ته هن ڪتاب لکجڻ سان سنڌي رسم الخط
جو بنياد پيو،
تازي تحقيق موجب سنڌي ۾ هن کان گهڻو اڳ ڪتاب لکجڻ شروع ٿي
چـــــــــڪا هئــــــــــا.
سنه 1068ھ/1657ع ۾ عزت
بن
سليمان ننڍا
ننڍا
رسالاترتيب ڏنا
(14).
ڊاڪٽر
نبي
بخش بلوچ
انهن
رسالن کي گڏ
ڪري
شايع
ڪيو آهي
۽
ان متعلق
ڊاڪٽر
صاحب
لکي ٿو
:
”اڄ تائين ايئن سمجهيو ويو آهي ته ٺٽي جي عالم ميان ابوالحسن ئي سنڌي ۾
پهريون درسي ڪتاب ”ابوالحسن جي سنڌي“ لکيو.
اهو گمان انهي ڪري پيدا
ٿيو جو ان ڪتاب کان اڳ جو ٻيـــو ڪو سنڌي
۾ لکيل ڪتاب ڪونه ٿي نظر آيو، پر هاڻي سنڌي
۾
هڪ
آڳاٽي
قلمي
ڪتابي
ذخيري جي
دستياب
ٿيڻ سان ثابت
ٿئي
ٿو ته،
مادري
زبان
سنڌي
ذريعي تعليم
ڏيڻ
جي
تحريڪ
۽
سنڌي
درسي
۽
تعليمي
مواد جي تياري جي شروعات ”ابوالحســــن جي سنڌي“
کان
گهڻو اڳ ٿي چڪي
هئي“ (15).
ڊاڪٽر صاحب
جي
راءِ ۽ هٿ
آيل
مواد جي آڌار تي
چئي
سگهجي ٿو
ته، سنڌي
۾
ڪتــــب
نويســــــي جـــــــــو آغاز
مغل
دور ۾ ٿيو پر
1112ھ/1700ع
ڌاري ”مقدمة الصلواة“ لکجڻ
سان
سنڌي صورتخطي
کي
هڪ
سڌريل صورت ملي.
سنڌي
شاعري:
ڪلهــوڙا دور ۾ سنڌي شـــــــاعري پنهنجو عروج حاصـل ڪــيو.
شاھ
عبداللطيف،
ميان صاحبڏنو،
خواجه محمد زمان،
مخدوم
عبدالرحيم
گرهوڙي،
ميون عيســو، شاھ عنايت رضوي،
تمر
فقير
۽
روحل فقير سنڌي شاعري
۾
ڄڻ
نئون روح ڦوڪي ان کي بلندين تائين پهچايو.
هن
سموري دور ۾ شاھ
عبداللطيف
ڀٽائي
سڀن
شاعرن
کان
ممتاز
حيثيت
رکي ٿو،
هن
وٽ ٻولي جو اڻکٽ خزانو،
تاريخ
جو شعور ۽
تصوف جو ڳوڙهو مفهوم موجود آهي.شاھ
صاحب
نج
سنڌي
۾
اهڙي
وقت ۾ پنهنجو ڪلام چيو،
جنهن
وقت ۾ فارسي کي سرڪاري زبان جي حيثيت حاصـل هئي.
اهـا
خوبي شاھ
سائين
کي
محب
وطن
شاعر
ثابت
ڪري
ٿي.
ڊاڪٽر
اياز
قادري
هن
سموري دور تي راءِ
ڏيندي لکي
ٿو:
”ڪلهوڙا دور سنڌي شــاعري
جو سونهري دور هو.
هن
دور ۾ شاھه عبداللطيف
ڀٽائي ۽ سندس
ٻين
همعصرن شاعرن
سنڌي شاعري کي معراج
جي
منزل تي
رسايو هو، ان
۾
حسن
۽
دلڪشي ۽ خيالن
۾
گهرائي ۽ جدت
اهڙي
پيدا ڪئي جنهن
جو مثال ملڻ مشڪل
آهي
.........
هن دور جي شاعرن فنــــــــي
۽
معنوي سٽاءَ کـــــــان بيت ۽
وائي کي عروج
تي پهچايو“(16).
هن دور جي اڪثر شاعري
بيت، وائي ۽ ڪافي جي صورت ۾ ملي ٿي،
جنهن تي
تصوف جو رنگ گهڻو غالب آهي،
هيئيت
۽
مفهوم جي اعتبار کان به هن دور ۾ چيل
بيت
۽
وايون وڌيڪ سگهاريون آهن.
شاھــــــــه
عبداللطيــــــــــف،خواجه محمد زمان، ميان صاحبڏنو،ميون عيسو، روحل فقير، سيد بقا شاھ
۽
عبدالرحيم
گرهوڙي جو ڪلام ان ڳالهه جو ثبوت آهي.
هن
ڏس
۾
ڊاڪٽر
نبي
بخش
بلوچ
اسان
جي
رهنمائي
ڪندي
لکي
ٿو:
”هن دور ۾ سنڌي اساسي (ڪلاسيڪي) شاعري
جي عمارت
اڏجي راس ٿي.
سنڌي
بيتن
۽
وائين جا ذخيرا ”رسالي“ جي
خاص
نالي، صورت پــــــذير
ٿيا.
هن
دور ۾ اعليٰ فڪر
وارا عارف ۽ وڏا ديده ور داناءُ ۽
شاعر ساماڻا جن
پنهنجن سنڌي
بيتن
۾
اعليٰ انساني
اخلاق ۽
ڪردار جا
سبق
سمجهايا“ (17).
لوڪ شاعري:
هن دور ۾ جتي بيت ۽ وائي عروج حاصل ڪيو اتي عوامي شاعري
جون به ڪي صنفون مولود،
مداح، مناجات،
معجزو، سينگار
۽
واقعاتي بيت پڻ پهريون ڀيرو چيا
ويا.
هالا
جي
شاعر مخدوم عبدالرؤف
ڀٽي
پهريون ڀيرو سنڌي ۾ حضرت محمدﷺ جن
جي
ولادت جي خوشي
۾ ساراهه بيان ڪندي مولود چيا،
جيڪي بحر
وزن
موجب هئا.
هن
مولود جي موضوع ۾ پڻ وسعت آندي.
مخدوم صاحب کان اڳ شاهه عنايت
رضوي ۽ شاھ
عبداللطيف
ڀٽائي جي
ڪلام
۾
مولود جي مضمون واريون وائيون ملن ٿيون(18).
برک اسڪالر
ڊاڪٽر
نبي
بخش بلوچ
لکي
ٿو:
”مخدوم عبدالرؤف
ڀٽي
پهريون شاعر
هو جنهن فقط
مولود ئي چــيا ....
سندس
انهي
سموري توجهه سببان مخدوم صاحب پهريون آڳاٽو
ســــنڌي شاعر آهي جنهن گهڻي
۾
گهڻا
مولود چيا،
هو پهريون شاعر
آهي
جنهن
مولـــــود جي عنوان کي وسيع ڪيو ۽
منجهس
اندروني سانچي
۽
سٽاءُ توڙي ان جي وزن
۽ ترنم
۾
پڻ
قابل
قدر
اضافا
ڪيا“ (19).
مخدوم غلام محمد بُگائي، مخدوم عبداللّه، حافظ عالي، ميان سرفراز، مخدوم محمد اسماعيل،
پير
محمد
راشد
روضي
ڌڻي
۽
هن
دور جي ٻين ڪيترن
شاعرن
مولود چيا
آهن.
هن دور ۾ جنم وٺندڙ شاعري جون صنفون مدح ۽ مناجات خاص عقيدت سان لکيون ۽ پڙهيون وينديون هيون.
جمن
چارڻ،
ميان
سرفراز
ڪلهـــــــــــــوڙو، مخدوم عبدالروف
ڀٽي،
ميان
عبدالله ۽
عبدالرحيم
گرهوڙي هن دور ۾ مداحون ۽
مناجاتون چيون.
مضمون جي اعتبار کان هنن ٻنهي صنفن
۾
ڪو خاص فرق نه آهي،
ان
ڏس
۾
ڊاڪٽر
ميمڻ
عبدالمجيد
سنڌي
لکي
ٿو:
”مدح
۾
حضورﷺ۽
ٻين
پيشوائن جي
ثنا ۽ صفت بيان
ڪيـــل
هوندي آهي.
مناجات
۾
شاعر
ڌڻي
جي
درگاهه ۾ عرض
پيش
ڪندو آهي، حضور ﷺ ۽
ٻين
بزرگن
۽
ولين کي به سوال ڪيو ويندو آهي“ (20).
سنــــــــڌي
۾
ســــڀ
کان
پهريـن
مدح
جمن
چــارڻ
چئي،
جنهن
کان پوءِ ميان سرفراز
خان
ڪلهوڙي پنهنجي
قيد
جي
وقت سنڌي ۾ هڪ طويل مدح چئي.
مــناجات
سڀ
کان
پهرئيـــن
ميـان
عبدالله
عرف
ميان
موريو چئي(21).
رسول اڪرمﷺ جــــــــــي
معجــــــــزن
کي
منظــــــــــم
نموني سڀ کـــــــان پهرين
مخدوم غـــلام محمـــد بُگـــــــــــائي چيــــــــــو،
ان
کان پوءِ هن دور جي هـــــــــاڪاري عالم مخدوم
محمد هاشم
ٺٽوي جو ڪتاب ”قوة العاشقين“ منظوم معجزن
جو مجموعو آهي(22).
لوڪ شاعري
جي
صنف سينگار
هن
دور ۾ اُسري، مضمون جي خيال کان هن ۾ محبوب جي سونهن ۽
سينگار جو ذڪر ڪيو ويندو آهي.
هن دور جي ڪيترن ئي شاعرن
سينگار جا
بيت
چيا آهن.
جن
۾
شاھ عبداللطيف
ڀٽائي،
شاھ
عنايت رضوي،
جلال
کٽي،
صابر موچي
۽
سندن
همعصر شامل
آهن.
سنه 1732ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ کهڙن
جي وڏي عالم مخدوم عبدالرحمٰن ۽ ان
جي
ساٿين کي سرڪاري
فوج شهيد
ڪيو، ان
واقعي کان متاثر ٿي وقت جي هڪ ناليري شاعر
مخدوم غلام محمد بُگائي واقعاتي بيت چيا،
جنهن
۾
ان وقت جي ڪلهوڙي حاڪم کي ننديو ويو آهي(23).
هن
دور ۾ عوامي شاعري
جا
ڪيترائي
ٻيا
شاعر
پيــــدا
ٿيا
جن
۾ قطب، شريف، سيد، بلال،
ٻڍو،
کٽي،
قاسم،
لکمير،
لطف
الله،
ڪيسر،
جوڻيجو،
حبيب،
هلال،
محمود مڱيل،
شاھ
حسين
۽
طالب
شامل
آهن (24).
تصنيف ۽ تاليف :
ڪلهوڙا دور ۾ مذهبي قسم جي شاعري
جي شروعات مخدوم ابوالحسن جي تصنيف ”مقدمة الصلواة“ سان شروع ٿئي ٿي.
هي
ڪتاب وضو ۽
نماز
متعلق آهي.
اهڙي
قسم جي
شاعري جنهن
کي
ڪبت
يا
سنڌيون چيو وڃي ٿو،
ان
متــــــــعلق خانبهادر
محمد
صديق ميمڻ
لکي
ٿو:
”نواب حفظ الله
جي
زماني ۾ شيخ
يوسف بغدادي ٺٽي ۾ آيو ۽ هــن
جي
وعظ جي اثر هيٺ هزارين
غير
مسلم اسلام
قبول ڪيو، جن جـي
تعليم ۽ تربيت
لاءِ
مولوي ابوالحسن ”مقدمة الصلواة“ نالي
1112ھ/1700ع
ڌاري سنڌي ۾ ڪتاب لکيو“(25).
مخدوم ابوالحسن جي ”سنڌي“ کان پوءِ سنڌي ۾ ڪيتريون
ئي ”سنڌيون“ لکيــــــــون ويون جن جو تعداد بقول
خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي ته پنجاهه کن
ٿيندو(26).
اسان
هت اهڙن
ڪتابن
جي
لسٽ شامل
ڪيون ٿا جن متعلق خاطر
خواه معلومات ملي ٿي:
1.
مولوي عبدالسلام شمائل
نبوي 1097ھ/1685ع
2.
مخدوم ابوالحسن مقدمة الصلواة
1112ھ/ 1700ع
3.
مخدوم ضياءُ الدين ضياءُ الدين جي سنڌي
4.
مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي
فرائض
الاسلام،
زاد
الفقير 1225ھ/1713ع
راحت
المؤمنين 1130ھ/1717ع
5.
مولانا محمد حسن
قصص الانبياء عرف سيربستان
1177ھ/1736ع
6.
مخدوم غلام محمد
بگائي
جاهلن کي
تنبيهه،قصيده برده (ترجمو)
7.
مخدوم محمد شريف
راڻيپوري
ملڪي سنڌي 1160ھ/1747ع
8.
مولوي علي اڪبر
حصص الاموال وبحل الاموال
1162ھ/1748ع
9.
مخدوم عبدالله واعظ
مخدوم عبدالله جي سنڌي
10.
مولانا احمد
روضه الشهداءُ(ترجمو)
1172ھ/1758ع
11.
مخدوم عبدالخالق ٺٽوي مطلوب
المومنين
1175ھ/1761ع
12.
مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي (هالڪنڊي) مخدوم ابراهيم
جي سنڌي
1177ھ/1763ع
ترجمو:
هن دور ۾ پهريون ڀيرو ٻين
زبانن
مان
سنڌي
شعر
۾
ترجمي
جو به رواج پيو.
مولانـا احمد ”روضة الشهــداءُ“، مولوي محمد حسين
”قصص الانبــياءُ“،
مخدوم
عبدالرؤف ڀٽي
(هالڪنڊي)
”ڪريما“ ۽ عبد
الرؤف
(سکر) پڻ
”ڪريما“
جو سنڌي شعر ۾ ترجمو ڪيو(27). ان
کان سواءِ مخدوم غلام محمد بُگائي قصيده برده شريف
جو سنڌي ۾ منظوم ترجمو پڻ
ڪيو(28).
مرثيه نگاري:
مرثيه
نگاري جيتوڻيڪ باقائده ٽالپر
دور کان شروع ٿئي ٿي.
پر
هن
صنف
جا
شــروعاتي اهڃاڻ هن دور ۾ ملن ٿا.
شاھ
لطيــــف،
احسان
فقير
لانگاهه،
مخـــدوم
عبدالله ٺٽــــوي، سيد
خير
شـــــاھ،
مولوي
احمد،
جيئندل
فقير
۽ اسماعيل
فقير
لانگاهه
سُر
ڪيڏاري
جا
بيت
چيا.
عالمن
جي
راءِ
موجـــــــب
ڪيڏارو
غير
موزون
مرثيو
آهي(29).
عروضي
شاعري:
ڪلهوڙا
دور
حڪومت
۾
سنڌي عروضي
شاعري جو پڻ بنياد پيو.
عالمن
جي
راءِ موجب،
ٽکڙ
۽
شڪارپور
جا
شاعر نورمحمـــــد
خستــــــه،
حافـــظ
عالي،
مرزا
تقي، ميـــــــان
ڇتــــــن، مــلا
اويس شڪـــارپوري، مــلا صاحبڏنو
”صاحب“ ۽
خليفو
ڪرم
الله شڪارپوري
ابتدائي عروضي شاعر آهن (30).
ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو
ان
متعلق لکي
ٿو:
”ڪلهوڙن
جو
دور
شاھ
عبداللطيف
ڀٽائي
۽
ٻين
اهل
دل
شاعـــرن
جي
ڪلام
سبب
سنڌي
شاعري
جي
عروج
جو
زمانو
ليکجي
ٿو.
عجـــيب اتفــاق آهي جو، سنــــڌي عروضي شـــاعري جـو
ٻج
به
هن
دور
۾
ڇٽيو
ويو.
شڪارپور
۽
ٽکڙ
جي
ڪلام
کان سواءِ
مخدوم
عبدالرؤف
ڀٽي
جا
مولود
۽
ميان
سرفراز
ڪلهوڙي
جي
مناجات
به
عروضــــــي
شاعري
جا بنيادي
مثال
آهن“ (31).
ڪلهوڙا
دور
۾
فارسي
علم
۽
ادب:
سنڌ
۾
ارغون،
ترخان
مغل
دور
کان
فارسي
دفتري
زبان
رهندي
آئي. ڪلهوڙا
دور
۾
سنڌي
سان
گڏوگــــــــڏ
فـــــــــارسي
علم ۽ ادب
به
وڏي
اوج
تي
هو.
محسن
ٺٽوي،
مير
علي
شير
قانع، ميرجان
الله شاھ
رضوي، شيوڪ
رام
عطارد،
محمد پناھ
رجا، مير
نجم الدين
عزلت،
مخدوم
محمد
معين
تسليم، ميرحيدرالدين،
ابوتراب
ڪامل،
مير
ابو
البقا
بهرور
علي،
غلام
علي
مداح، مــــــرزا
غلام
علي،
مومن
ٻالچند
هن
دور
جا
مشهور
فارسي
گو
شاعر
هئا.
جن
مان
ڪيترن
پنهنجيون
تصنيفون
يادگار
ڇڏيون
آهن (32).
هن
دور
۾
فارسي ۾ تذڪره
نويسي ۽ انشاءِ
پرداز به
اوج
تي هئي.
سنڌ
جي
ڪيترن ئي عالمن، فاضلن
۽
شاعرن
جو
احوال
اهڙي
ريت
محفوظ
ٿيو.
انشاءِ
پرداز
به
ان وقت
جي
حالتن ۽ واقعن
کي
ڄاڻڻ
جو
هن دور
۾
ماخذ
جي حيثيت
رکي
ٿو.
اهڙن
چونڊ
ڪتابن
جي هڪ فهرست
اسان
هت شامل
ڪريون
ٿا.
تذڪره
نويسي:
1.
سيد
رفيق
علي
حسيني پيشنگي
لطيفة
التحقيق
1102هه/1708ع
2.
محمد
صالح
بن
ملا
زڪريا
معارف
الانوار
1140هه1727/ع
3.
مير
غلام
علي
آزاد
بلگرامي
يد
بيضا
1145هه1732/ع
4.
مير
علي
شير
قانع
مقالاة
الشعراءُ
1174هه/1760ع
5.
شيخ
محمد
اعظم
تحفة
الطاهرين
1190هه/1776ع
6.
مير
علي
شير
قانع
معيار
سالڪان
طريقت
1202هه/1787ع
7.
مخدوم محمد
هاشم
ٺٽوي مدح
نامه
سنڌ
انشاء/
مڪتوبات:
1.
منشي
عبدالرؤف گلدسته
نورس
بهار
2.
منشي
عبدالرؤف گلدسته
هميشه
بهار
3.
شيوڪ
رام
عطارد انشاءِ
عطارد
4.
مير
عبدالڪريم
اميرخاني (مرتب: سيد
اشرف
خان)
رقائم
ڪرائم
1145هه/1741ع
5.
شاھ
فقير
الله علوي
مڪتوبات
علوي
6.
ميان
قاضي
احمد
دمائي
مڪتوبات
شريف
7.
ابراهيم
انشاءِ
ابري
(هڪ
نالي
سان
ساڳي مصنف جا ٽي
مجموعا
تيار
ٿيا)
8.
مير
علي
شير
قانع
انشاءِ
قانع (33)
هن
دور
۾
فارسي
۾
انهن
موضوعن
کان سواءِ
مذهبي
علوم،
اسلامي
تاريخ،
تفسير،
تصوف،
سيرت،
اخلاقيات،
موسيقي،
شڪار،
جاگرافي،
قاموس
گرامر،
ٻولي،
طب
۽
رمل
جهڙن
عنوان
تي
تصنيف
۽
تاليف
جو
ڪم
جاري
رهيو(34). هن
دور
کي
اسان
فارسي
علم
و
ادب
جو
به
هڪ
شاندار
دور
ڪوٺي
سگهون
ٿا.
ڪلهوڙا
دور
۾
جتي
سنڌي ۽
فارسي
زبانن
جو
ادب
۽
شعر
عروج
تي
هو
اتي
عربي
ادب
جي
به
ڪجهه
نه
ڪجهه
آبياري
ٿي.
سنڌ
جي ڪيترن
ئي
عالمن
ان ڏس ۾
پنهنجيون
لياقتون صرف ڪيون.
سرائڪي
۽
اردو
يا
هندي
شاعري
جا
ابتدائي
اهڃاڻ
پڻ
هن
دور
۾
ملن
ٿا.
ميان
صاحبڏنو،
روحل
فقير،
بي
نوا،
شهيد،
رسوا،
درد
سنڌي،
محمد
سعيد
راهبر،
غلام
مصطفيٰ، محزون،
شيخ
درد، مير
محمود
صابر،
محسن
شيراز سرائڪي
۽
اردو
هندي
جا
شاعر
هئا.
ٽالپر
دور:
سنڌ
تي
ڪلهوڙن
جي
صاحبي
بعد
ٽالپر
اميرن
جو
راڄ
شروع
ٿيو
.
ڪلهوڙن
جي
دور
وانگر
ٽالپرن
جي
دور
۾
به
سنڌي
علم
۽
ادب
خوب
ترقي
ڪئي.
اڳين
دور
جي
مروج
صنفن
به
نه
فقط
اوج
حاصل
ڪيو
بلڪه
نيون
صنفون
به
نسري
نروار
ٿيون.
تعليمي
صورتحال
گذريل
دور
جيان
هن
حڪومت
۾
به
نمايان
هئي.
ملڪ
جي
حڪمرانن
گهڻي
کان
گهڻي
علمي
محفلن
۽
شاعراڻن
بزمن
جي
نه
رڳو
سرپرستي
ڪئي،
پر
خود
به
تصنيف
و
تاليف
جي
شغل
۾
مصروف
رهيا.
هن
دور
۾
ئي
پهريون
ڀيرو
سنڌي
نثر
جي
شروعات
ٿي.
ڊاڪٽر عبدالمجيد
سنڌي
هن
دور
جي
ادبي
صورتحال بابت لکي
ٿو:
”ٽـــــالپر اميــر
وڏا
علم دوست
هئا،
شعر و
شاعري سان
سنــــدن
بيحد
دلچسپي هئي.
هو
پاڻ به
شعر
چوندا هئا
۽
شاعرن ۽ عالمن
جـــــــو وڏو
قدر
ڪندا
هئا.
فقيرن
۽
درويشن سان
ڏاڍي
عزت
۽
احتــرام سان
ملندا هئا.......
هن
دور ۾ سنڌي
شاعري به
چڱي
ترقي حاصل
ڪئي
ته
ٻي
طرف انهن
ڏينهن
۾
پارسي شاعري
جو
چڱو چهچٽو
هو“(35).
علمي
صورتحال:
سنڌ
اندر
هر
دور
۾
مذهبي
تعليم
تي
خاص
توجهه
ڏنو
ويندو
رهيو
آهي.
انهــــــي
پس
منظر
۾
هن
خطي
۾
ڪيترائي
ديني
تعليم
جا
مرڪز
قائم
رهيا.
ڪلهوڙا
دور
جي
اهم
مرڪزن
جو
ذڪر
اسان
اڳ
ڪري
آيا
آهيون.
هن
دور
۾
سنڌ
اندر
ديني
تعليم
۽
تربيت
جا
ڇهه
اهم
مرڪز
هي
هئا:
1.سيوهڻ
2 .ٽپٽ
(ٽلٽي
جي
ڀرسان)
3.کـــــهڙا
4. مٽياري
5. مهڙ
يا
ولهار (عمر
ڪوٽ
جي
نزديڪ)
6. چوٽياريون.
ان
کان سواءِ
ٻين
شهرن
۾
به
ننڍا
وڏا
مدرسا
موجود
هئا،
جن
۾
صرف،
نحو،
منطق،
فقه،
تفسير،
حديث، معاني،
بيان
۽
بديع
جا
مضمون
پڙهايا
ويندا
هئا.
مدرسن
جو
مدار
وقف
تي
هوندو
هو.
مالدار
۽
متقي
ماڻهو
انهن
لاءِ
پنهنجي
ملڪيتن
مان
حصو
وقف
ڪندا
هئا،
ٽالپر
حڪمران
پڻ
مدرسن
کي
ماهوار
وظيفو
ڏيندا
هئا(36). ٽالپر
اميرن
جا
ديرا
به
خاص
طور
مدرسن
جي
تعليم
ڏانهن
ڌيان
ڏيندا
هئا.
اعجاز
الحق
قدوسي
انهي
ڏس
۾
لکي
ٿو
ته:
”ٽالپر
خاندان
جون
راڻيون
به
تعليم
جي
ڦهلاءِ
۾
گهڻي
دلچسپــــــي
وٺنــــديون
هيون،
خاص
طور
شهزادي
خيران
ته
هڪ
مدرسو
بـــــه
قائم
ڪــــرايو
جنهن
جا
سمورا
اخراجات
هو
خود
ادا ڪندي
هئي“(37).
علم
۽
ادب
۾
حاڪمن
جو
حصو:
هن
دور
جي
علمي
محفلن
جي
ٽالپر
اميرن
نه
رڳو
سرپرستي
ڪئي
پر
پاڻ به
شعر
و
شاعري
۽
تصنيف
و
تاليف
جي
ڪم
۾
مصروف
رهيا.
سندن
درٻار
۾
وقت
جا
ناليوارا
شاعر،
عالم،
فاضل
۽
سخن
شناس
موجود
هوندا
هئا.
رحيم
داد
مولائي
شيدائي
لکي
ٿو
:
”سنڌ
جا
ٽالپر
امير،
علم
پرور
،
سخن
سنج
۽
نقطه
دان
هجڻ
سان
گــــڏ
فياض
به
هئا،
جتي
به
ڪو
آبدار
گوهر
ڏسندا
هئا
ته
ان
کي
پنهنجــــي
فيـــــــــــــاضي
سان
مقناطيس
وانگر
ڇڪي
پاڻ
وٽ
آڻيندا
هئا.
سفـــر
توڙي
حضر
۾
عالمن
۽
شاعرن
جي
جماعت
ساڻن
ڪٺي
رهندي
هئي“(38).
ٽالپرن
جي
دور
۾
سنڌ
اندر
ٽي
جدا
جدا
حڪومتون
هيون.
اسان
هت
ٽنهي
حڪمران
خاندان
جو
علحده
مطالعو
ڪنداسين.
|