سچل سائين کي پڻ جيڪو ڌيان گيان
حاصل
ٿيو آهي،
اهو مرشد ڪامل جي طفيل آهي. هن ته بار بار پنهنجي
مرشد هادي پير عبدالحق جو ذڪر ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته
هن چواڻي کيس جيڪا سمجهه ۽ ساڃاهه جي واٽ نصيب ٿي
آهي اها ان ئي رهبر ڪامل جي نيڪ نظر جو نتيجو
آهي. هڪ سرائڪي ڏوهيڙ ۾ چئي ٿو:
روز ازل استاد اسانون، هڪ سطر پرت دي پاڙهي،
سا مين دل دي تختي اتي، چاهه وچون لک چاڙهي،
'سچل' عشق ٻڍا ناٿيوي، ڪيا جو چٽي ڏاڙهي.
”لانفي“ دا ڪلمه سانون، مرشد آپ پڙهايا،
هٿيا ڏتس همٿ وارا، جنهن سارا هوش گنوايا،
اسان ڀي تنهن دي ڪيتي يارو، مهڻا سر تي چايا،
'سچل' ٿي قربان اُنهان تون، جنهان آڪي جوش جڳايا.
(ص 11)
صوفي مراد فقير توڙي درازي شاهه جوڳين بابت پڻ شعر
چيو آهي جنهن ۾ هنن ڪوڙن جوڳين جي نفي به ڪئي آهي
ته سچن لاهوتين سان پنهنجي اڪير به بيان ڪئي آهي.
سچل سائين ڪوڙن ۽ ٺڳ ڄوڳين جو ذڪر ڪندي چئي رهيو
آهي.
پورب پنڌ نه آهي، ڪڏهن ڪاپڙين کي،
جت ماڻهن ميڙاڪو ٿئي، ساجوٺي جوڳين جاءِ،
سامي سر سواءِ سودو ڪن نه ڪو ٻيو.
(ص 289)
جيڪي سچي سڪ کان حقيقت جي تلاش ڪرڻ ۽ تيرٿ ڀيٽڻ
نڪتا آهن سي سرمست سائين جي نظر ۾ لاهوتي آهن ۽
جيڪي ڪن چيرائي ماڻهن کي گهمراهه ويٺا ڪن سي جوڳي
آهن جيڪي وجود جي اصليت کي سمهجي نه ٿا سگهن اهڙو
فرق بيان ڪندي سچل سائين چئي ٿو.
جوڳي جائون جال، پر لاهوتي لنگهي ويا،
هو ملي ويڙا حال ۾ هي قابو مٿي قال،
هي هي منهنجي
حال، جو حال نه ٻيو هٿ مون.
(ص 288)
صوفي مراد فقير به اهڙن ٺڳ جوڳين جي نندا ڪئي آهي:
نانگا ڇڏ نه ننگ، ٿو لائين رک لڱن کي،
توکي چوس چوسڻ
جي، رام نه لڳڙي رنگ،
مايا ساڻ ”مراد“ چئي، ڪوڙو ڪيو ڪُسنگ
ڌوئي ڌوڙ نسِنگ، ويئي لڄا نڪري.
(ص 125)
اُتي صوفي مراد سچن لاهوتين جي حالت بيان ڪندي چئي
ٿو:
گيان گنگا، دل دوراڪا، ڪايا ڪاسي جن،
سي پورب ۽ پڇم جا ڇاکون پنڌ ڀڃن،
ماري من
مراد
چئي، ٿاريءَ تن تيرٿ ڪن،
سي نگا ناٿ
پسن، جن کي گڏيو گرُ گر نار ۾.
(ص125)
ترڪ ڏٺائون تن کي، مار ڪيائون من،
سي پايو بديهي ٿيا، ويئڙا منجهه وطن،
لامڪان ”مرا“ چئي ڪيا آسڻ آڌوتين.
سي نت
نانگا ناٿ پسن، جي واحد
وحدت
۾ ٿيا.
(ص 126)
سچل سائين به اهڙن لاهوتين جي ساراهه ڪئي آهي جيڪي
حق جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ نڪتا آهن جيڪي هن ظاهري
وجود جي اصليت کان چڱي ريت واقف آهن ۽ هنن کي خبر
آهي ته ڊگهي سفر کان پوءِ گرو / رهبر جي معرفت
پورو پورو ڌيان گيان حاصل ٿيندو. تنهن ڪري لاهوتي،
سرمست سائين کي وڌيڪ عزيز آهن. چئي ٿو:
گنگا کان نه گذر آهي ڪنين ڪاپڙين جو،
ڪڏهن لوڪ نه لڙيا سدا تن سفر،
آهي نام مشر، انهن آڌوتين جا.
(ص 287)
جوڳين آهه نه جنگ، هن سلوڪي سڀ سان،
جيجان هن جهان ۾، هن طريلا تنگ،
ڪنهن جي رتا
رنگ، ماڻڪ منهن مشعلا.
(ص 289)
مراد فقير جو سنڌي ڪلام پرتاثير آهي. هن جي رسالي
جي طرز تي سُر وار چيل ڪلام ۾ سندس بيت جذبات سان
پُر آهن. جن ۾ پڻ وحدانيت جي ڳالهه ڪري ٿو. ”سسئي
پنهون“ جا بيت وري سوالن جوابن ۾ پيش ڪيا اٿس. هن
کان پهرئين سنڌي شاعري ۾ بيتن ۾ اهڙو انداز اختيار
ڪيل ناهي. البته سرائڪي ۽ پنجابي شاعري ۾ هير
رانجهي تي چيل بيتن ۾ هير ۽ سهيليون، هير ۽ ماءُ
جا
سوال جواب موجود آهن. جڏهن ته سچل سائين وٽ اهڙو
انداز اسان کي ملي ٿو. صوفي مراد فقير چئي ٿو.
سوال:
تڙ تڙ تڪ مَ تور، ۽ ڪيچ ڪڄاڙي کي وڃين؟
نڪي هاڙهي هوت ويوءِ، نڪي حب، هنگــــور،
موٽي وڃ ”مراد“ چئي، ڀوري! منجهه ڀنڀــــــور،
ناحق ڏيهه م ڏور، ٿئي دل ۾ ديرو دوست جـــــو.
جواب:
عاشقــــــــــن ائين، ڪين سري ري سڄڻيـن،
موٽڻ جا ”مـــــــراد“ چئي، تون ڪئن ٿو ڏس
ڏئيـــــــــــن،
پـــــــــيالو پريت جـــــــــــــو، جي هٿئون
هوت پئيـــــــــــــن،
ته جانڪو ڏينهن جئين، تان ڪوڪون ڪرين قاف ۾.
(ص 112)
سچل سرمست جي سنڌي توڙي سرائڪي ڪلام ۾ سوال جواب
وارو انداز موجود آهي جيڪو دلچسپ به آهي. سسئي
پنهون بابت جهولڻي ۾ اهڙا ڪيترائي بند موجود آهن.
جيڏيون جّت منهنجو آهي جائين،
آءُ تان ويندس اڄ تنهن تائين،
آهيان ٻانهي اُن جي آءُ ئين،
پاڻون گهٽ ڀينر ٿي ڀائين،
آن کي پلؤ ڳچيءَ ۾ پائين،
دَم دَم درس ڪريج دعائين،
مون کي سڄڻن ميڙين سائين،
ڪيچيئڙن کي پهچان ڪائين،
برهه جي باهه ٻهو ويا ٻاري.
چي ڙي آڏولس، بگهڙ ڪن لوڙا،
تن کون ڪن، ٻئي ٿين ٻوڙا،
ڇؤهون ڇپر ڇني جا ڇوڙا،
تاتي ٿاڪ ٽڪر جا ٽوڙا،
سَهمناڪ سنڊا سي سوڙها،
ڏيون مار مٿي ڏين موڙا،
سي ئي ڏرت ڏورڻ جا ڏوڙا،
ڏينڀو ڏنگ هڻن ٿا ڏورا،
آهين هاڙي منجهه هزاري. (ص 194)
سچل سائين هڪ سرائڪي بيت ۾ سوال جواب واري صنعت جو
خوبصورت ۽ سهڻو مثال قائم ڪيو آهي چئي ٿو:
هڪ ڏينهن ميڪون مرشد اکيا ته 'مين پيالا پيوين!'
آکيم ”اينوين، سائين اينوين!“
اکيس ”آپ سڃاڻڻ ٻاجهون، همدم مُول نه ٿيوين!“
آکيم ”اينوين سائين اينوين“!
”اپڻي ذات لڪا اٿ بيٺين، تيڏا
مطلب ٿيسي ڪيوين؟“
آکيم ”اينوين سائين اينوين“!
”موتوا قبل ان تموتُوا: مئي پڄاڻو جيون“
آکيم ”اينوين سائين اينوين“!
آکيس، ”ماريا حلاج نغارا، سچل تون
ڀي مارين تيوين،
آکيم ”اينوين سائين اينوين“!
صوفي مراد فقير جي شاعري مختصر طور مختلف سُرن
مطابق ملي ٿو جنهن ۾ معرفت، سسئي، سهڻي. نوري،
مومل راڻو، عمر مارئي، ليلا چنيسر، گهاتو سامونڊي،
پرڀاتي ۽ پورب شامل آهن جڏهن ته سچل سرمست وحدت،
حقيقت، سسئي ، مومل راڻو، عمر مارئي، نوري، هير
رانجهي، پورب، جوڳ، سارنگ ۽ مالڪوس تي شعر چيا
آهن. صوفي مراد ئي اسان کي سچل جو همعصر دور جو
خيرپور اندر اهو شاعر نظر اچي ٿو جنهن جو جيتوڻيڪ
ڪلام ته گهٽ ملي ٿو پر ان جا موضوع ۽ مضمون وسيع
آهن تنهن ڪري اسان هت ڪڏهن بحث جي بجاءِ مختصر طور
ٻنهي شاعرن جا هڪ هڪ بيت هر سُر مان پيش ڪنداسين
ته جهڙي طرح هنن همعصر شاعرن جو هڪ ئي موضوع تي
چيل شعر جو انداز بيان کي پرکي سگهجي:
صوفي مراد فقير
معرفت
جي تو سڪ پرين جي، ته ناحق ڏور مَ ڏور،
”هوالاول، هوالاخر“، جئين سو نيڻن نور،
”هوالظاهر، هُوالباطن“، هر دم آهي حضور،
ٻيا سڀ فتور، ماري ڪڍ 'مراد' چئي.
(ص 104)
سچل سرمست
وحدت
جي تو ڄاتو ”پاڻ“ ته ”آءُ“ ٻيو ڪو آهيان،
ڪندءِ غرق گمان، ڳهلا انهي ڳالهه ۾،
ڄاڻ نه تفاوت، عبد ۽ الله جو،
هو آهي امرت، هي ڀي ڏور نه ان کون.
(ص 5-44)
حقيقت:
”سچو“ سارو سچ ٿيو، منجهان ڪثرت ڪل،
الف مون آدم ٿيو ڪري هنگامو هل،
هندو مؤمن سو ٿيو ڀوءُ نه ٻئي ڪنهن ڀُل،
”خلق الاشياءَ فهو عينها“ اهو آڻ عمل،
ٿج گلابي گل، مر مارنئي منصور جان.
(ص
865)
سسئي:
پيهي پروڙيم، تان پنهون پاڻ ئي آهيان،
پاڻ ئي منجهان پاڻ کي، هي پڙ لاءُ پيوم،
صحيح ڪن ڪيوم، ته غير گمان اٿي ويا.
(ص 128)
مراد:
وڻ وڻ هيٺ نه ويهه، مرندينءَ ڪين ”مراد“ چئي،
توڪل جا اڏي ڇُلي ڇپر پيهه،
ڏونگر تنهنجو ڏيهه، لوچ ته لهين پرکي.
سچل:
نوري:
تون سمو
سردار، آءُ
ميئي مهاڻي آهيان،
تنهنجي شفقت مهر جو آهي ڪونه شمار،
گنديءَ گاندر
گهر کان ڪيو ساري عالم عار،
مٿي تنهن مدار،
تو ساري ڪينجهر رکيو.
(ص 209)
مراد:
ڪني ڪوجهي ڪوڙي نوري نماڻي،
ٿي آئي ڇٽ مڇيءَ جي، جنهن مون ڪا لهه ککي هاڻي،
اڄ سمي ڄام سهاڳ سان ڪئي را ڻين جي را ڻي،
سا مر مرڪي مهاڻي، جنهن سڀ معا فيءَ ۾ مراد چئي.
(ص 119)
سچل:
مومل راڻو:
آءُ راڻا ڏي، رنگ، موٽي ڪاڪ ڪنڌن کي،
لاهيج لڳ خداءِ جي، ذرو پرزو زنگ،
ناميان، پاڙج ننگ، مهڻي هاب متان ڪرين.
مومل مهڻي هاب، راڻا ڪر نه راءِ تون،
جوئن کي جواب، مرد نه ڏين مينڌار.
(ص 392)
مومل راڻو:
تون راڻو تون راڄيو تون، راون جو راءُ،
ڪامل قرباني ڪريان، کڻي سوڍا سڀ مٿاءُ،
تنهنجو مَٽ 'مراد' چئي، آءُ لهان ڪانڌ ڪٿاءِ،
عاقل اڱڻ آءُ ته سرتين سکائون ڏيان.
سچل:
پورب:
گنگا کان گذر، هي ڪينن ڪاپڙين جو،
ڪڏهن لوڪ نه لڙيا، سدا تن سفر،
آهي نام مشر، انهن آڌوتين جي.
(ص 287)
مراد:
سُک ڏئي نه سرتيون ويراڳين ويراڳ،
لوچي لامڪان ۾، ملڪوتين ڪيو ماڳ،
جيئري مرڻ مراد چئي، لاهوتين جو لاڳ،
ڏيڻي ڏيل ڏهاڳ، وڃي سامي سُهاڳي ٿيا.
(ص 123)
سچل:
جوڳ
ڌوڻي منجهه ڌيان آهي آڌوتين جو،
گم ٿي گُر گم گودڙيا، ڪن گروڙي گيان،
اصل کان آشنان، گنگا جمنا تن جو.
(ص 317)
سچل:
هير رانجهو:
ڇوڙ ڪي تخت هزا
ر اٿاهون جهنگ سيال پڇاس،
عشق والا وت راتيان ڏينهان، سر تي مينهن وسايس،
برهه درياهه چناهه دي ڪنڌي، سچل ويک پڇايس،
ٻيڙي چڙهدا، ٻهون روندا، هنجوان نال پيا منهن
ڌوندا.
(ص 12)
مراد:
تن من تخت هزا
ري دي وچ هڪوئي رانجهن وسي
،
لُون لُون دي وچ ڪيتس ديرا، ڏي رمزان دل کسي،
کيڙيان خالي ڏي نيڪالي، هڪ مٽي ٻي نسي،
ڏي ڳل ٻانهن مراد ماهي ڪون، ماڻي سک سهسي.
(ص
164)
هت مختصر طور انهن سرن جا بيت ٻنهي شاعرن جا ڏنا
ويا آهن جيڪي سُر ٻنهي شاعرن وٽ اسان کي ملن ٿا
جڏهن سچل سائين ان کان سواءِ سارنگ، روجهن بابت پڻ
بيت ۽ ڪافيون چيون آهن ۽ صوفي مراد فقير، ليلا
چنيسر، سهڻي گهاتو، سامونڊي ۽ پرڀاتي بابت بيت چيا
آهن.
پڄاڻي:
هڪ ئي دور جي ٻن اهم شاعرن بابت ٿيل هت ڳالهه
ٻولهه مان اسان کي سُڌ پوي ٿي ته هي ٻئي شاعر نه
فقط فلسفه وحدت الوجود جا قائل آهن، هنن نه فقط
سالڪ کي اندر ۾ پرين ڳولڻ جو ڏس ڏنو آهي پر هي ٻئي
شاعر فنا في الله جي مقام تي پهتل پڻ آهن. مضمون
جي اعتبار کان هنن لڳ ڀڳ سمورن لوڪ رومانوي
داستانن تي بيت ۽ ڪافيون چيون آهن جن ۾ حسن وعشق
جي اپٽار به خوب آهي. جوڳ ۽ پورب بابت بيتن ۽
ڪافين ۾ وري مضمون جي مزاج جي مدنظر هندي زبان جا
الفاظ پڻ هنن استعمال ڪيا آهن. جنهن مان هنن جي
ٻولي تي دسترس جي پڻ اسان کي ڄاڻ ملي ٿي.
حوالا / حاشيا:-
1. پروفيسر
لطف الله بدوي، ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص26، سنڌي
ادبي بورڊ 1983.
2. ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص132، (حوالو اڳ
آيل آهي).
3. ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص178، (حوالو اڳ
آيل آهي).
4. ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص27، (حوالو اڳ
آيل آهي).
5. ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص141-28، (حوالو
اڳ آيل آهي).
6. ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص28، (حوالو اڳ
آيل آهي).
7. روحل فقير جو هندي ڪلام، ص33، (مقالو).
8.ڪنڊڙي وارن جو ڪلام، ص28، (حوالو اڳ
آيل آهي).
9. قاضي علي
اڪبر
درازي، (مرتب-مترجم)، ديوان آشکار، (جلد اول)،
ص 64، اوقاف کاتو، حڪومت سنڌ، 1981ع.
10. ديوان آشکار، (جلد اول)، ص 54، (حوالو اڳ آيل
آهي).
11. مولانا صادق راڻيپوري، سچل سرمست جو
سرائڪي
ڪلام،
ص 8-308، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع.
12. سچل سرمست جو
سرائڪي
ڪلام، ص 105، (حوالو اڳ ۾ آيل آهي).
سچل سرمست ۽ سامي
سنڌي ڪلاسيڪي شاعري جي ٽمورتي
”شاھ،
سچل، سامي“ جو آخري ۽ اهم رتن سامي، سچل سرمست جو
همعصر ۽ سنڌي ويدانتي شاعر هو. سندس زندگيءَ متعلق
مفصل ۽ ڀروسي جوڳو احوال ته دستياب ناهي ٿيو پر
اُن ڏس ۾ محققن جدا جدا ساميءَ جو احوال قلمبند
ڪيو آهي.
ساميءَ جو اصل نالو ”ڀائي چئنراءِ بچو مل
ڏتاراماڻي لنڊ“ هو ۽ هو شڪارپور جـــو ويٺـــــل
هو. سندس جنم تاريـــخـــــن ۾ اختـــلاف ڏسجــي
ٿو. پروفيسر ڄيٺمل پرسرام پنهنجي ڪتاب ”ساميءَ جا
چونڊ سلوڪ“ ۾ ساميءَ جي جنم تاريخ بابت لکي ٿو:
”سامي جي جنم تاريخ نسبت به ڪجهه ڀيد پيو ڀانئجي،
پــــر ممڪن آهي ته هو سنبت 1800 (1743ع) ۾ پيدا ۽
سنبت 1907 (1850ع) ۾ گذر ڪري ويو. سندس عمر ڪبير
کان به وڏي هئي“ (1).
خانبهادر محمد صديق ميمڻ ”سنڌ جي ادبي تاريخ
(برٽش حڪومت کان اڳ)“ ۾ ان متعلق لکيو آهي:
”سامي صاحب 1743ع ۾ ڄائو هو. جڏهن ڪلهوڙن جــــي
حڪومت ســنڌ ۾ هئي. هو ٽالپرن جي صاحبيءَ وارو
سمورو عرصو حيات هو ۽ هڪ سؤ ستن ورهين جي عمر ۾
1850ع ۾ چالاڻو ڪيائيـــن، جڏهن انگريزن جي حڪومت
جا اوائل وارا ڏينهن هئا“ (2).
شانتي ايل شهاڻيءَ جي ڪيل ساميءَ جي چونڊ سلوڪن جي
انگريزي ترجمي
“Song
of the Spirit”۾پروفيسر
ڦيرواڻي، سامي جي جيون چرتر لکندي پڻ 1743ع وارو
سنه دهرايو آهي (3).
ساميءَ جي جنم جي هڪ ٻي تاريخ پروفيسر بي
ايڇ ناگراڻي پنهنجي ڪتاب ”سامي جا سلوڪ“ ۾ شري
مولچند گياني ڪوئيٽا واري جي حوالي سان لکي ٿو:
”ڀائـي چئنراءِ ڏتــاراماڻي لِنڊُ شڪارپوريءَ جو
جنم اٽڪل سنبت 1787 (1730ع)ڌاري ٿيو هو.......سندس
چالاڻو 120 ورهين جي ڄمار ۾ اٽڪــل سنبــت 1907
(1850ع) ۾ ٿيو، جڏهن سندس پٽ گهنشامداس اٽڪل 40
ورهين کن جو هو“ (4).
ساميءَ جو پتا بچومل سکيو ستابو شخص هو. هو واپار
جي ڪرت ڪندڙ هو. شڪارپور ۾ ان وقت ڀائي مينگهراج
نالي هڪ سامي موجود هو، جنهن کي سامي مينگهراج پڻ
چوندا هئا. هو اصل رياست بهاولپور جي احمد پور ڳوٺ
جو ويٺل هو ۽ شڪارپور ۾ هاٿي در وٽ هيمنداس برهمڻ
جي مڙهيءَ ۾ رهندو هو. سيٺ بچو مل پنهنجي پٽ
چئنراءِ (سامي) کي سامي مينگهراج وٽ ڌرمي سکيا لاءِ
ويهاريو. سامي مينگهراج سنسڪرت پڙهيل، ويدانت ۽
ڪاويه جو چڱو ڄاڻو هو. ڀائي چئنراءِ سندس سنگ ۾
اهي علم منجهائنس پرايا. گرمکي اکر ته هونئن ئي
ڄاڻندو هو. هن نارئڻداس بيراڳيءَ سان گڏ سامي
مينگهراج وٽ نه رڳو ويدانت جو علم حاصل ڪيو، پر
گيتا، ڀاڳوت، يوگ، سوترن ۽ اپنشندن جو پڻ پاٺ ڪيو
(5).
ڀائي چئنراءِ لنڊ ڪرت جي حوالي سان پڻ واپار ڪندو
هو. هو ڀائي گنگا رام ٽنڊڻ ملائي وارن وٽ گماشتي
جو ڪم ڪندو هو ۽ ديري غازي خان ۾ شاھن جي پاران
ٻئي، ٽئين سال، سال اڌ لاءِ ويندو هو. ڪم ڪار لاهي
وهيون آڻي، شاھن جي اڳيان رکندو هو ۽ هو جيڪو به
خوشيءَ سان کيس ڏيندا هئا، ان تي شڪر ڪري پنهنجي ۽
پنهنجي ڪٽنب جي اور ڀورتا ڪندو هو (6).
چئنراءِ لڳ ڀڳ ڏھ ورهيه پنهنجي گرو مينگهراج جي
صحبت ۾ رهي وديا حاصل ڪئي، پر پوءِ چاليهن ورهين
جي ڄمار ۾ ويراڳ ورتائين ۽ پوءِ سلوڪ چوڻ لڳو، جن
۾ پنهنجي گرو کي عزت ڏيڻ لاءِ پنهنجو تخلص ”سامي“،
”ٻانڀڻ“ يا ”مينگهو“ ڄاڻايو آهي. سامي ان کان پوءِ
پنهنجي زال سميت تيرٿ ياترا تي نڪري ويو، جتان
موٽندي اچي امرتسر ۾ رهيو (7).
سامي، امرتسر ۾ رهي وڌيڪ سلوڪ لکيا. هت سندس
ملاقات هڪ اڌوت مهاتما نارائڻداس سان ٿي، جيڪو کيس
گهڻو پيار ڏيندو هو. امرتسر ۾ رهندي سامي کي خيال
آيو ته هاڻ واپس سنڌ هلجي. ان وقت سندس عمر ڪافي
ٿي چڪي هئي ۽ کيس اولاد نه ٿيو هو. مهاتما سان
جڏهن شڪارپور وڃڻ جي ڳالهه ڪيائين، تڏهن مهاتما
کيس چيو ”اوهان کي اولاد ٿيندو“ آخر اتي رهي پيو.
انهيءَ وقت سندس پتني پڻ برڌ اوستا (وڏي عمر) جي
هئي. تنهن هوندي به مالڪ جي مرضيءَ سان کيس هڪ پٽ
سنبت 1867 (1810ع) ۾ ڄائس، جنهن جو نالو گهنشامداس
رکيائين(8).
چئنراءِ سامي سنبت 1907 (1850ع) ۾ چالاڻو ڪيو.
چالاڻي وقت ساڌو سنبت جي هن جا ساٿي هئا، تن چيو
ته ڀائي مهاتما هو، تنهن ڪري اسين سندس ڪرياڪرم
ساڌن وانگر ڪنداسين، پر شڪارپوري پنچائت اها ڳالھ
نه مڃي، آخر ڪرياڪرم لوڪ ريتيءَ موجب گهنشامداس
پاڻ ڪرايو. ڀائي گهنشامداس چوي ٿو ته جڏهن اسين
اندر سرير کڻڻ ڪاڻ وياسين، تڏهن سڀني کي ”اوم شبد“
جي ڌُني ٻڌڻ ۾ آئي (9).
سامي پنهنجي جيون جي شروعاتي حصو ته شڪارپور ۾
گذاريو، پر پوءِ تيرٿ ياترا تان موٽن بعد امرتسر ۾
رهيو، جتي اسي ورهين جي ڄمار تائين اتي رهڻ جي ته
ثابتي ملي ٿي، پر ان کان پوءِ هو واپس شڪارپور آيو
يا نه، ان بابت اسان کي ڪا پڪي پختــــــــي ثابتي
نٿي ملي. البت اها پڪ ملي ٿي ته ساميءَ جو فرزند
ڀائي گهـنشامداس پنهنجي آخري وقت تائين امرتسر ۾
ئي رهيو ۽ سنبت 1939 (1880ع) ۾ ٻاهتر ورهين جي
ڄمار ۾ ديهانت ڪيائين (10). ساميءَ جي چالاڻي جي
جاءِ بابت ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جو خيال آهي ته
سامي شڪارپور ۾ ئي ديهانت ڪيو آهي (11).
شاعري:
سامي، اعليٰ خيال رکندڙ وڏو ويدانتي شاعر هو. هن
پنهنجي ڪلام ۾ تصوف ۽ ويدانت جي اهم نڪتي پاڻ
سڃاڻڻ تي زور ڏنو آهي. سامي چاليهن ورهين جي ڄمار
۾ شڪارپور ۾ سلوڪ لکڻ شروع ڪيا ۽ ان کان پوءِ جڏهن
هو امرتسر وڃي رهيو ته اتي به سلوڪ لکندو رهيو.
سامي پنهنجا سلوڪ پنن جي چُٽڪين تي لکي مٽ ۾
وجهندو ويندو هو، جيڪي گرمکي ۾ هئا. سنڌ ۾ لکيل
ساميءَ جي سلوڪن جو تعداد 2100 (ايڪهه سؤ) کن آهي
(12). امرتسر ۾ پڻ سامي سلوڪ مٽ ۾ وجهندو ويندو هو.
پروفيسر بي_ايڇ ناگراڻي لکي ٿو:
”گهنشامداس (سـاميءَ جو پٽ) ساميءَ جي سلوڪن جون
چٽڪيون سانڍيندو ويندو هو. امرتسر ۾ چئنراءِ
ســامي، سکن جي ٻاڻيءَ مان ڀلي ڀت واقف ٿيو. سندس
پوين سلوڪن ۾ ان واڻيءَ جو اثر ظاهر آهي.
گهنشامداس
پنهنجي پِيءُ کي چوندو هــو ته اهي سلوڪ ڪنهن کان
لکرائي باقائدي ڪتاب
ٺهرائجي، پر هو چوندو هيس ته پاڻهين ڪو سنڌ جو
ساڌو اهي سلوڪ وٺي وڃي پوٿي ٺاهيندو“ (13).
ساميءَ جي چالاڻي کان پوءِ سندس پٽ گهنشامداس
پنهنجي پيءُ جي سلوڪن جون چٽڪيون هڪ ساڌوءَ کي
ڏنيون ته شڪارپور وڃي انهن کي ڪتابي شڪل ڏي، پر
افسوس جو اهو ساڌو سامـــــــــــيءَ جي سلوڪــن
سميت گم ٿي ويــــو. ڀائي گهنشامـــداس کيس امرتسر
مان شڪارپور ۾ اچي ڳوليو، پر هو هٿ نه آيو. ڀائي
گهنشامداس جي ديهانت کان پوءِ ڀائي گنگا رام
روهڙيءَ واري کي لاڙڪاڻي جي مندر مان ساميءَ جا
چوڏنهن سؤ (1400) سلوڪ هٿ آيا، جيڪي هن صاحب شايع
ڪرايا. هي شايد اهي ساڳيا سلوڪ آهن، جيڪي ڀائي
گهنشامداس، ساڌوءَ کي پوٿيءَ تي چاڙهڻ جي خيال سان
ڏنا هئا (14).
ساميءَ جي ڪلام کي ترتيب ڏيڻ، شايع ڪرائڻ ۽ ان جي
تشريح ۾ ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجيون
لياقتون صرف ڪيون آهن (15). اسان هت ساميءَ جي
سلــــــــوڪن جي مطالع دوران پروفيســــــــر
بي_ايڇ ناگـــــــراڻي جي ترتيب ڏنل ”ساميءَ جا
سلوڪ“ (جلد پهريون)، مطبوعه: سنڌي اديبن جي
سهڪاري سنگت، حيدرآباد، 1992ع ۽ سچل سائين جي ڪلام
لاءِ عثمان علي انصاري ۽ قاضي علي گوهر جي مرتب
ڪيل جدا جدا رسالن کي سامهون رکنداسين.
سامي ويدانت جي فلسفي جو وڏو شاعر آهي. ويدانت ۽
تصوف ٻه
علحده
رويا ۽ ٻه جدا تحريڪون آهن، پر هنن ٻنهي ۾ پاڻ
سڃاڻڻ جو نڪتو وڏي اهميت رکي ٿو. تصوف ۾ چيو وڃي
ٿو ته خدا جي وجود کان سواءِ ٻيا وجود فقط ان جا
پرتوا ۽ پاڇا آهن. اهڙيءَ ريت ويدانت ۾ به ”برهم“
جي مهما
ڳائي وئي آهي.
تصوف ۾ ”انا الحق“ يعني: ”آئــون حق آهيان“ جو
نعرو بلند ڪيو وڃي ٿو ته اهڙي طرح ويدانــت ۾
”اَهَم بَرهم اسمي“ يعني: ”آئون
برهم (حق) آهيان“، چيو وڃي ٿو. مقصد ته ٻنهي فلسفن
۾ گهڻي حد تائين هڪجهڙائي معلوم ٿئي ٿي.
سامي پنهنجي
ابتدائي
تربيتي دور ۾ گيتا، ڀاڳوت، يوگ، سوترن ۽ اُپنشدن
جي اڀياس سان گڏ پنهنجي گرو سامي مينگهراج وٽ ويدن
جو به پوري ڌيان، گيان سان اڀياس ڪيو. هن انهن
سمورن فلسفن جو نچوڙ پنهنجي سلوڪن ۾ پلٽي ڇڏيو آهي.
تڏهن ته چئي ٿو:
ويدن جي واڻي سنڌي ۾ سُڻايم.
سامي پنهنجي سلوڪن ۾ ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موھ ۽ اهنڪار
کي انسان جو بنيادي ويري سمجهندي، انهن کي اندر
مان تڙي ٻاهر ڪڍڻ جي بار بار ڳالهه ڪري ٿو، ڇاڪاڻ
ته هن جي نظر ۾ اهي پنج ئي رڪاوٽون آهن جيڪي آتما
کي ”پرماتما“ سان هڪ ٿيڻ نه ٿيون ڏين، بلڪ اهي
انسان دشمن بلائون انسان کي برهم کان پري ڪري ڇڏين
ٿيون. ان ڪري سامي جي نظر ۾ انسان جڏهن پنهنجن
انهن پنجن دشمنن کي اندر مان ڪڍندو ته پوءِ ”حق“
کي سڃاڻي سگهندو.
سامي مايا جي موھ ۾ انڌو ٿيلن لاءِ چوي ٿو:
مايـــــا ڀـــــــــلائي، وڌو جـــــــــيءُ ڀرم
۾،
پاڻ پانهنجو پاڻ ۾، ويٺو وڃــــــــــــــائي،
سپني ۾ سامي چئي، ڪوٽ جنم پائي،
اوديا پَٽَ لاهي، جاڳي ڏسي ڪين ڪي.
(ص4)
مايـــــــــــا ڀـــــــــــــــــــلائي، وڌو
جيءُ ڀرم ۾،
پـــــــــــاڻ پانهنجو پاڻ ۾، ويٺو
وڃـــــــــائي،
اڻ هوندي درياءُ ۾، غــــــــــوطا نـــــت کائي،
منهن مڙهي پائي، سامي ڏسي ڪين ڪي.
(ص4)
سنت ڪوي ساميءَ جي نظر ۾ مايا ئي هن ساري
سنسار ۾ خلل وڌو آهي.
انسان کي گمراهه به ان مايا ئي ڪيو آهي. چئي ٿو:
مايا مهان پَر ٻَلُ، جيتي وڃي نه جــــــــــــيءَ
کون،
وڌو جنهن جهان ۾، اڻ هونــــــــــــــدو خوف خلل،
اٿندي ويهندي ننڊ ۾، سامـــــــــــــــــي ڇڏي نه
ڇل،
ڪو گرمک رهي اچل جنهن جاڳي ڏٺو پاڻ کي.
(ص5) |