شهداداڻي
سرڪار:
حيدرآبادي
ميرن
کي
شهداداڻي
سرڪار
سڏيو
ويندو
هو.
هن
حڪومت
جو
باني
ميـر
فتــح
علــي
خـان
هو،
جيڪو
پاڻ
به
وڏو
اهل
ذوق
هو
سندس
درٻار
۾ مير
عظيم
الدين
ٺٽوي
جهڙا
فارسي
گو
شاعر
موجود
هوندا
هئا(39).ان
کان سواءِ
هن
خاندان
جــو
حڪمـران
مير
ڪرم
علي
خان
فارسي
جو
پڻ بهترين
شاعر
هو،
سندس ”ديوان
ڪرم“ يادگار
طور
موجود
آهي.
مير
علي
مراد
پنهنجي حڪمراني
واري وقت
۾
شعر
و
شاعري
جي
محفلن
جو
سرتاج
هو،
هن
به
فارسي
۾”ديوان
علي“ ۽”طب
مراد “ نالي
ٻه
تصنيفون
ڇڏيون
آهن.
هن
خاندان
جي مير
صوبدار
خان
کي
علمي
حوالي
سان
خاص
اهميت حاصل
آهي.
هن
پنهنجون
ڇهه
فـــارسي
تصنيفون
يادگار
ڇڏيون
آهن.
جن
جا
نالا
آهن:
1.ديوان مير 2. مثنوي
فتح
نامه
سنڌ 3. مثنوي
سيف
الملوڪ
4. مثنوي
خسرو
شيرين 5. مثنوي
قصه
ماھ و
مشتري 6. مثنوي
جدائي
نامه.
آخري
ٽالپر
حڪمران
مير
نصير
خان
جعفري
وڏو
علم
پرور،
اديب ۽ شاعر
هو.
هن
جي
دور
کي
علمي
لحاظ
کان
سموري
پوئين
دور
تي
برتري
حاصل
هئي.
هن
به
فارسي
۽
اردو
۾
هيٺيان
پنهنجا
يادگار
ڇڏيا
آهن:
1. ديوان(1233هه/1817ع)
2. مثنوي
ميرزا
صاحبان
مصور(1235ھ/1819ع)
3.
مثنوي
مختيار
نامه
مصور(1241هه/1825ع)
4. سفر
نامه
جعفري
منظوم(1260ھ/1844ع)
5.
ديوان
جعفري
(اردو1261ھ/1845ع)
6.
مڪاتب
جعفري (40).
ٽالپر
امير
ڪتاب
گڏ
ڪرڻ
۽
ڪتب
خانا
جوڙڻ
جا
به
وڏا
شوقين
هئا،
سندن
ڪتب
خانن
۾
قرآن
پاڪ
جا
قلمي
نسخا،
تفسير
۽
ٻيا
قيمتي
ڪتاب
موجود
هوندا
هئا
سندن
ديرا
به
ڪتاب
گڏ
ڪرڻ
جو
شوق
رکندا
هئا.
مير
فتح
علي
خان
جي
ڌيءُ
به
ڪيترائي
ڪتاب
ڪتابت
بعد
پنهنجي
ذاتي
ڪتب
خاني
۾
شامل
ڪيا،
جن
۾
عربي،
فارسي،
سرائڪي
۽
سنڌي
زبانن
جا
ڪتاب
شامل
هئا(41).
سهراباڻي
سرڪار:
خيرپور
جي
ميراڻي
حڪومت
کي ”سهراباڻي
سرڪار“ سڏيو
ويندو
هو.
هن
حڪومت
جو
باني
مير
سهراب
خان
هو.
خيرپور
جا
مير
اهل
ذوق
۽
نڪته
سنج
هئا.
سندس
درٻار
۾
هر
وقت
وڏا
وڏا
شاعر،
عالم
۽
فاضل
موجود
هوندا
هئا.
ڊاڪٽر
عطا
محمد
حامي
لکي
ٿو:
”خيرپور
جي
ميرن
کي
ادب
سان
وڏي
دلچسپي
هوندي
هئي.
شڪار
۽
راڳ
کان
پوءِ
شعــــــــر
۽ شــــاعري
۽
ادبي
ڪتابن
جو
مطالعو
سندن محبــــوب
مشغــــلو
هونــــدو
هو.
وڏا
عالم،
اديب
۽
شاعر
سندن
درٻار
ســـــــان وابســـته
هونــــــدا
هئا.
وٽــــــــن
علم
۽
ادب
جو
چهـــچٽو
لڳوپيو
هوندو
هو“(42).
حڪومت
جو
باني
مير
سهراب
خان
وڏو
اهل
ذوق
۽
فارسي
جو
بهترين
شاعر
هو.
هن
وقت
سندس
سمورو
ڪلام
ناپيد
آهي،
سواءِ
هڪڙي
فارسي
بند
جي
جيڪو
هن
طرح
آهي.
ما باد شماليم وزيدم همه کــــــس را،
ما گرگ در نديم، دريدم همه کس را.
(43)
ڊاڪٽر
عطا
محمد
حامي
لکي
ٿو:
”ميـر
سهراب
جــــــــي
فرمائش
تي
ٻه
ڪتاب
هڪ
فارسي
۽
هڪ سرائڪي
لکيا
ويا،
پهريون
ڪتـاب 1208هه/1794ع
۾
ٺٽي
جي
هڪ
عالم شيخ
محمد
اعظم
ولد
شيخ
محمد
شفيع
فارسي
۾ ”هيئــــــت
العالم“ لکيو، هن
۾
دنيا
جي
جاگرافي،
علم
نحو،
علم
نجوم
۽
ڪجهه
ملڪن
جو
بيان
آهي.
سنــڌ
جي
شهــــرن
بکر،
اروڙ،
سيوستان،
حيدرآباد
۽
ٺٽي
جو
مفصل
احوال
ڏنل
آهي.
ٻيو
ڪتـــــــاب
سرائڪي
۾
منظوم ”يوســـــف
نامو“ آهي.
جيڪو
شاعر
سيد
خير
شاھ 1233هه/
1818ع
۾
تحرير
ڪيو“(44).
ميـــر
زنگي
خان،
مير
رستم
خان،
مير
حمزو
خان،
مير
مبارڪ
خان،
مير
علي
مراد
خان،
مير
محمد
حسن
خان،
مير
علي
اڪبر
خان،
مير
علي
محمد
خان،
مير
شاھنواز
خان،
سنڌي،
فارسي
۽
سرائڪي
جا
قادرالڪلام
شاعر
هئا.
سندن
درٻار
۾
آخوند
محمد
نشان
فاروقي،
قاضي
محمد
ڪامل،
خان
محمد
پيــــرزادو،
سبحان
فقير، صادق
فقير،
آخوند
محمد
حيات
”حاتم“
۽
ٻيا
ڪيترائي
شاعر،
عالم،
فاضل
موجود
هوندا
هئا(45).
ماڻڪاڻي
سرڪار:
ميرپورخاص
جي
ميراڻي
حڪومت
کي
”ماڻڪاڻي سرڪار“ سڏيو
ويندو
هو،
هن جو باني مير ٺارو
خان
”ستاره
جنگ
بهادر“ هو.
هي
اهل
ذوق
۽
سخن
شناس
جو
وڏو
قدردان هو.
مير
صاحب
جي
درٻار
۾
سيد
ضياءُالدين
ٺٽوي
۽
خليفي نبي
بخش ”قاسم“ لغاري
جهڙا
سنڌي،
فارسي
۽
اردو
جا
وڏا
شاعر موجود
هوندا
هئا.
مير
عظيم
الدين
پنهنجو
ديوان
مير
ٺارو
خان
جي
نالي
منسوب
ڪيو
آهي(46).
مير
ٺارو
خان
جو
فرزند
مير
علي
مراد
خان
ماڻڪاڻي،
فارسي
جو
هڪ
بهترين
شاعر
هو.
سندس
هڪ
فارسي
سه
حرفي
جو
پتو
پيو
آهي.
مير
صاحب،
ضياءُ
الدين
ٺٽوي
کان
شعر
۾
اصلاح
وٺندو
هو.
ان
کان سواءِ
هن
خاندان
جو
مير
الهيار
خان
ثاني
پڻ
فارسي
۾
شعر
چيو
آهي.
سندس
وقت
جي
شاعرن
سان
تعلق
هو(47).
سنڌي
شاعري:
هن
دور
۾
سنڌي
شاعري
خوب
ترقي
ڪئي.
پوئين
دور
جي
مروج
صنفون
بيت،
وائي،
مولود،
مناجات،
مدح،
سينگار
وغيره
گهڻي
تعداد
۾
لکيون
ويون،
عروضي
شاعري
خاص
طرح
غزل
هن
دور
۾
باقائده
لکيو
ويو.
ان
کان سواءِ
مرثيو،
هجوگوئي،
قصه
گوئي،
ٽيهه
اکري،
گهڙولي،
جهولڻو
۽
مسلسل
بيت
جي
ابتدا
به
هنن
ڏينهن
۾
ٿي
ته
سنڌي
۾
نثر
نويسي
جي
شروعات
به
هن
دور
۾
ڏسجي
ٿي.
سچل
سرمست،
نانڪ
يوسف،
سيد
ثابت
علي
شاھ،
مراد فقير،
حمل
فقير،
پير
راشد
روضي
ڌڻي،
صديق
فقير
سومرو،
سامي،
خليفو
نبي
بخش
لغاري،
عثمان
فقير سانگي،
نواب
ولي
محمد
لغاري،
شاھ
نصيرالدين،
عبدالله فقيرڪاتيار،
خليفو
گل
محمد
”گل“ هالائي،
آخوند محمد ”قاسم“ هالائي،
خوش
خير
محمد
هيسباڻي
هن
دور
جا
قادرالڪلام
شاعر
ٿي
گذريا
آهن.
بـــــــيـــــــــت:
بيت سنڌي
ڪلاسيڪي شاعري
جي
اهم صنف
آهي.
ڪلهوڙا
دور ۾
شاھ عنايت
رضوي
۽
شاھ عبداللطيف ڀٽائي
بيت
کي
خوب
ترقي وٺرائي.
ٽالـــــــپر
دور ۾ سچل
سرمست، مراد
فقير، صوفي
دلپت
سيوهاڻي، خليفي
نبي
بخش لغاري،
صديق
فقير سومري،
حمل
فقير، پير
محمد
راشد، سامي
۽
ٻين
ڪيترن
عوامي شاعرن
بيت
چيا.
سچل سرمست
بيت کي فڪري ۽ فني وسعت ڏئي کيس خوبصورتي بخشي.
بيت
جي
موضوع
۾
به
هن
دور
۾
تبديلي
آئي.
سچل
سائين
جي
بيت
۾
رندي
رنگ، مستي
۽
بيباڪي
آهي.
حمل
حسن
۽
عشق
جي
ذڪر
۾
حقيقت
پسندي
کان
ڪم
وٺي
ٿو.
خليفي
نبي
بخش
پهريون
ڀيرو
ڪيڏاري
جي
موضوع
کي
قومي
شاعري
جي
اظهار
جو
ذريعو
بڻايو.
هن
ڪيڏاري
۾
کرڙي
جي
جنگ
جو
احوال
آندو
آهي.
سامي
هن
دور
جي
بيت
جو
باڪمال
شاعر
آهي
سندس
شعر
کي
سلوڪ
چيو
وڃي
ٿو.
هن
وٽ
ويدانت
اهم
آهي،
هو ڪام،
ڪروڌ،
لوڀ،
موهه
۽
اهنڪار
کي
انسان
جو
بنيادي
ويري
سمجهي
ٿو.
وائي
/ڪافي:
ڪلهوڙا
دور ۾
وائي
کي
شاھ
عبداللطيف ڀٽائي،
ميــان
صــاحبــڏني
۽ روحل
فقير
عروج تي پهچايو.
هن
دور
۾
وائي
تي ”ڪافي“ نالو
مروج
ٿيو.
سيد
حسام
الدين
شاھ
لکي
ٿو:
”هن
دور
۾
وائي
جو
نالو
ڪافي
پيو
۽
هي
ٻن
مصراعن
کي
وڌائي ٽـــــن
۽
چئن
مصراعن
۾
لکجڻ
شروع
ٿي.
هر
قسم
جا
خيال
جيڪي
وائي
جـــي
محــــــــدود
دائري
۾
نٿـــــي
اچي
سگهيا،
اهي
ڪافي
۾
آساني
سان
آندا
ويا“(48).
هن
دور
جي
ڪيترن
ئي
شاعرن
ڪافي
کي
زور
وٺرايو
جن
۾
سچل
سرمست خاص طور ڪافي جي گهاڙيٽن ۾ تبديليون آڻي ان
۾ وڏي وسعت پيدا ڪئي. هن کان پهرين ڪافي محدود
گهاڙيٽن ۾ چئي ويندي هئي؛ پر سچل سرمست هڪ ئي وقت
لاتعداد نمونا جوڙيا ان کان سواءِ
مراد فقيــــــــــر،
فتـــــــــح
فقير،
پيـــــــــر
محمد
اشـرف،
عبدالله ڪاتيار، صوفي
دلپت،
عثمان
فقير
سانگي،
شاھ
نصيـــــــــــرالدين،
صديــق
فقير
سومرو،
پير
محمد
راشد،
نواب
ولي
محمد
لغاري،
خوش
خير
محمد
هيسباڻي
خاص
طور
ڪافي جا شاعر ذڪر
لائق
آهن.
مولــــود:
حضرت
محمدﷺجن
جي
ولادت
باسعادت
جي
خوشي
۾
چيل
مولود
جي
ابتدا
ڪلهوڙا
دور
۾
مخدوم
عبدالرؤف
ڀٽي
ڪئي.
هن
دور
۾
به
هي
صنف
وڌيڪ
اسري،
سچــــــــــل
سرمست
جي
ڪن
ڪافين
۾ مولود
وارو
مضمون
سمايل
آهي.
ان
کان سواءِ
فتح
فقير، پير
محمد
راشد،
ملا
صاحبڏنو
شڪارپوري،
قائم
الدين،
نورمحمد، اميربخش،
عثمان،
فيض
محمد،
سومر،
الهه
رکيو
۽
خليفو
ڪرم
الله مولود
چيا.
مداحون،
مناجاتون
۽
معجزا:
هن
دور
۾
مدح
جا
بلند
پايه
شاعر
پڻ
ٿي
گذريا.
فتح
فقير،
پير
محمد
اشرف،
صدرالدين،
سيد
ثابت
علي
شاھ،
ملا
صاحبڏنو
شڪارپوري،
آخوند
محمد
بچل
انور، فقيـــــــــر
غــــــــــلام
حيـدر
شر،
حمل
فقير
لغاري،
همت
علي
شاھ،
ميان
حامد
الله، حسين
فقير
ديدڙ،
نواب
جان
محمد
لغاري
۽
ٻين
ڪيترن
همعصر
شاعرن
مداحون
۽
مناجاتون
چيون.
سيد
خير
شاھ،
حمل
فقير
۽
گل
حسن
شر
معجزا
چيا.
مرثيــــــــو:
ڪــلهوڙا
دور
۾
غيـــــر
موزون
مرثيي
جانمونا
ملن
ٿا،
پر
هن
دور
۾
علم عروض
موجب
مرثيو
چوڻ
جو
رواج پڻ
پيو.
سيد
ثابت
علي
شاھ
ان
جو
بنياد
وڌو،
هن
عربي،
فارسي
آميزش
محاورا،
تشبيهون
۽
خيالات،
پهريون
ڀيرو
سنڌي
مرثيي
۾
رواني
سان
چيا(49).
سيد
ثابت
علي
شاھ
کان سواءِ
مولوي
احمد،
سيد
خير
شاھ،
سچل
سرمست،
آخــوند
محمد
عــالم،
مرزا
ٻـــڍل
بيگ، مرزا
قاسم
بيگ ”قاسم“، مرزا غلام
رسول
بيگ
مقبل،
آخوند
محمــــــــــد
بچـــل، ميــر
نصير
خان
ٽالپر، مرزا
فتح
علي
بيگ
۽
هن
دور
جي
ٻين
ڪيترن
شاعرن
مرثيا
چيا
آهن.
غـــــزل:
سنڌي
۾
غزل
جا
بنيادي
اهڃاڻ
ڪلهوڙن
جي
دور
۾
ملن
ٿا،
پر
غزل
هن
دور
۾
اوج
حاصل
ڪيو.
ٽالپر
دور
جي
وڏي
صوفي
شاعر
سچل
سرمست
ابتدا ۾ ڪي ڪافيون اهڙيون چيون آهن جيڪي هوبهو غزل
جهڙيون لڳن ٿيون. ڪي عالم ان کي سچل سرمست جا غزل
ڪوٺين ٿا پر اهڙين ڪافين مٿان ٿلهه موجود آهي ته
ڪي ڪافيون مڪمل ٻن سٽن جو بند نه ٿيون رکن يعني
اهڙيون ڪافيون ڏيڍيون آهن. البت سچل سائين جون ڪي
ڪافيون عروض تي پوريون اچن ٿيون تنهن هوندي به
اسان اهو نٿا چئي سگهون ته سرمست سائين عروض تي
مڪمل غزل چيا. البت
ســــــــــيد
ثابت
علـــــــــي
شاھ،
محمد
بچل
انور،
ملا
صاحبڏنو، خليفو
ڪرم
الله،
مير
شهداد
خان،
مير
حسن
علي
خان،
مير
نصير
خان
جعفري، مير
حسين
علي
خان،
خليفو
گل
هالائي،
خليفو
قاسم
هالائي،
نواب
ولي
محمد
لغاري هن
دور
جا
ناليوارا
غزل
گوُ
شاعر
آهن.
ٽالپر
دور
جي
پڄاڻي
بعد
خليفي
گل
هالائي
جي
غزلن
جو
ديوان ”ديوان
گل“
1858ع
۾
بمبئي
مان
ليٿو
تي
شايع
ٿيو،
جيڪو
شاعر
خود
شايع
ڪرايو
هو.
ٽيهه
اکري:
ٽيهه
اکري
جا
ابتدائي
اهڃاڻ
ڪلهوڙا
دور
کان
به
اڳ
ملن
ٿا،
پر
هن
صنف
جا
خاص
بلند
پايا
شاعر
هن
دور
۾
ٿي
گذريا.
انهن
مان
حمل
فقير
لغاري،
ملا
صاحبڏنو،
خليفو
نبي
بخش
لغاري
۽
آخوند
محمد
بچل
انور
جا
نالا
قابل
ذڪر
آهن (50).
هجوگوئي:
هجوگوئي
جو
مطلب
آهي ”تنقيدي
نظم
لکڻ“ هــن
صنــف
جو
موجد
به سيد
ثابت
علي
شاھ
آهي.
سيد
خير
شاھ
۽
ٻين
به
هجويه
شاعري
ڪئي
آهي.
قصه
گوئي:
سڀ
کان
اول
سنڌي
قصه
گوئي
جو
رواج
حفيظ
تيوڻي”مومل
راڻو“ قصو
ڏوهيڙن
جي
صورت
۾
منظوم
ڪرڻ
سان
ڪيو،
جيتوڻيڪ
هو
اکين
کان
نابين
هو
پر
تنهن
هوندي
به
سندس
قصي
۾
واقع
نگاري
۽
منظر
نگاري
جا
سٺا
نمونا
ملن
ٿا.
ڊاڪٽر
قريشي
حامد
علي
خانائي
لکي
ٿو
ته:
”حفيظ
جو
هي
قصو”مومل
راڻو“ عشق
۽
محبت
جو
داستان
آهي
۽
سنــــــــــــــڌ
جي
سرزمين
جي
پئداوار
آهي،
سنــــــــــڌ
جي
پراڻي
تهــــــذيــب
۽
رسم
۽
رواج
جو
هن
مـــــان پتو
پئي
ٿو“ (51).
حفيظ
تيوڻــي
کان سواءِ
هـن
دور
۾
حاجي
عبدلله، مثنوي
جي
نموني
۾”ليليٰ
مجنون“ جو
قصو
پڻ
منظوم
ڪيو(52).
هن
دور
۾
پڻ
ڪن
عالمن
فارسي
ڪتابن
جو
سنڌي
شعر
۾
ترجمو
ڪيو،
جن
۾
مولوي
ولي
محمد ”حڪايات
الصالحين“ ۽
محمد
عارف
”صنعت“
”ڪريما“
جو
سنڌي
بيتن
۾
ترجمو
ڪيو(53).
نثر
نويسيءَ
جي
ابتدا:
ٽالپر
دور
۾
سنڌي
نثر
نويسي
جي
باقائده
شروعات
ٿي،
مٽياري
جي
هڪ
عالم
آخوند
عزيز۔
قرآن
شريف
جو
سنڌي
نثر
۾
ترجمو
ڪيو.
ڊاڪٽر
دائود
پوٽي
پنهنجي
هڪ
مضمون ”قديم
سنڌي
نثــــــــر“ ۾
هن
دور
کان
گهڻو
اڳ
جا
نثري
جملا
پيش
ڪيا
آهن (54). پر
عالمن
جي
راءِ
موجب
سنڌي
۾
باقائده
سڌريل
نثرنويسي
جي
ابتدا
آخوند
عزيزالله جي
ڪيل
قرآن
شريف
جي
ترجمي
کي
سمجهڻ
گهرجي (55).
ڊاڪٽر
دائود
پوٽي
جي
پيش
ڪيل
نثري
جملن
کي
سنڌي
نثر
جا
ابتدائي
اهڃاڻ
چئي
سگهجي
ٿو.
منگهارام
ملڪاڻي،
قرآن
شريف
جي
ترجمي
بابت
لکي
ٿو
:
”قرآن
شريف
کي
سنڌي
۾
آڻيندڙ
جيتوڻيڪ
عربي
تان
لفظي
ترجمـو ڪيو
هو،
تنهن
هوندي
به
جملن
۾
اکرن
جي
ملاوٽ،
هيٺ
مٿي
ڪري،
اهــــڙي
ته
ڪاريگري
سان
بيهاري
هئائين
جو
سندس
نثر
مان
نظم
جو
ساءُ
پيو
اچــــــــي.
ڄڻ
جديد
زماني
جو
نظماڻو
نثر
(Poetic Prose)
لکي
ويو
آهي“ (56).
هن
دور
۾
سنڌي
لغت
نويسي
جا
به
اهڃاڻ
ملن
ٿا.
هن
ڏس
۾
انگريز
ماهرن
۽
ڏيهي
عالمن
بنيادي
ڪوششون
ورتيون (57).
ٽالپر
دور
۾
فارسي
علم
۽
ادب:
ٽالپر
دور
حڪومت
۾
فارسي
نه
رڳو
سرڪاري
زبان
هئي
پر
هتان
جي
ڪيترن
ئي
شاعرن،
عالمن
فارسي
۾
تصنيف ۽
تاليف
جو
ڪم
جاري
رکيو.
خود
شهداداڻي
حڪمران
۽
ان
خاندان
جا
ڪيترائي
شهزادا
فارسي
جا
قادرالڪلام
شاعر
ٿي
گذريا
آهن،
جن
جو
ذڪر
اسين
اڳ
ڪري
آيا
آهيون.
ڊاڪٽر
وفا
راشدي
لکي
ٿو:
”ٽالپـــــرن
جـــــــي
دور
۾
فـــــــارسي
زبان
۽
ادب
خاص
طور
تي
ترقي
حاصل
ڪئي.
عالمن،
شاعرن،
اديبــــــــــــن
۽
اهـــــل
فــــــــن
کي
بي
مثال
پذيرائي
حاصل
ٿي
اڪثــــــــر
اهـل
علم
۽
سخن
شناس
حڪمرانن
جي
انهي
فيـــــــــض
و
عنـــــــــــايت
سان
وابسته
رهيا.
ايران،
افغانستان
۽
ٻين
ڪيترن
ملڪن
جي
عالمن،
فاضلن
۽
شاعرن
جي
آمدورفت
۽
هنن
جــــــــــو
هتـــــــــــي
رهڻ
جي
ڪري
وادي
مهراڻ
علم
و
ادب
جو
هڪ
وڏو
مرڪز
بڻجي
وئي“ (58).
هن
دور
جي
ناليوارن
فارسي
شاعرن
۽
اديبن
جي
تصنيفن
جي
هڪ
فهرست
هت
شامل ڪجي ٿي:
1. مير علي شير قانع 1140ھ/1727ع – 1203ھ/1788ع
1. تومار سلاسل گزيده (1202ھ/1787ع)
2. شجره اطهر اهلبيت (1202ھ/1787ع)
3. معيار سالڪان طريقت (1202ھ/1787ع)
2. سچل سرمست 1152ھ/1739ع – 1242ھ/1827ع
1. ديوان آشڪار 2. ساقي نامه 3. مثنويون: 1.
تارنامه، 2.رازنامه، 3. گداز نامه، 4. عشق نامه،
5. درد نامه، 6. رهبر نامه.
3. سيد ثابت علي شاھ
1153ھ/1740ع – 1225ھ/1810ع
1. فارسي ديوان
4. ضياءُ الدين ضياءُ 1160ھ/1747ع –
1229ھ/14-1813ع
1. مثنوي هير رانجها 2. فارسي ديوان
5. نواب ولي محمد لغاري 1165ھ/1752ع –
1247ھ/1832ع
1. خرود نامه (علم اخلاق) 2. نزهة الابدان (علم
طب)
3. ساقي
نامه 4. موعظة نامه 5. مثنوي هير رانجها
6. سيد مير حسن الحسيني شيرازي
1. زبده المعاصرين
7. محمد صالح شاملوي
1. محڪه شعراءُ
8. آخوند محمد بچل انور 1202ھ/1787ع م
1. مثنوي مرزا صاحبان
9. محمد عارف صنعت شڪارپوري
1266ھ/1849ع م
1. ديوان صنعت
10. نواب غلام محمد لغاري 1279ھ/1862ع م
1. ديوان غلام
11. آخوند قاسم هالائي 1221ھ/1806ع -
1299ھ/1881ع
1. ديوان فارسي
12. محمد عظيم الدين عظيم ٺٽوي
1. فتح نامه (پهرئين ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان
جي فرمـــــــــائش تي شاھنامه فردوسيءَ جي طرز تي
لکيل)
2. مثنوي هير رانجها 3. ديوان عظيم ٺٽوي
4. اردو شاعري جو بياض
ان کان سواءِ
منشي
صاحبـــــــــراءِ
آزاد،
دلپتـــــــــراءِ
دلپـــــــــت،
ملا
صاحبڏنو،
اميــــــــد
علي
”سها“، مخدوم
محمد
صالح
وزير
آبادي
۽
مراد
فقير
پڻ
فارسي
جا
اعليٰ
شاعر
هئا.
ٽالپر
دور
۾
سرائڪي
۽
اردو
ادب:
ڪلهوڙا
دور
۾
سرائڪي
۽
اردو
زبان
۾
علم
۽
ادب
جا
شروعاتي
اهڃاڻ
ملن
ٿا،
ٽالپر
دور
۾
هنن
ٻنهي
ٻولين
جا
سنڌ
۾
ڪيترائي
شاعر
ٿي
گذريـــا.
سچل
سرمست
هن
دور
جو
سرائڪي
جو
اعليٰ
شاعر
ٿي
گذريو
آهي.
هن
سرائڪي
۾
ڏوهيڙا،
سه
حرفيون
۽
ڪافيون
چيون
آهن.
سچل
سرمست
جي
سرائڪي
شاعري
متعلق
صديق
طاهر
لکي
ٿو:
”سچل
سرمست
تصوف
جي
فلسفي
جي
ڏکيـن
مسئلن
کي
عام
فهم
۽آسان
سرائڪــــي
۾
بيــــــــان
ڪيو آهي.
بلاشبه
سرائڪي
ادب
۾حضرت
سچل
سرمست
کان
پهرين
ڪوبه
ايڏو
وڏو
شاعر
نه
ٿي
گذريو
آهي.......هڪ
اعتبار
کــــــــان
ايئن
چئي
سگهجي
ٿو
ته سرمست
سائين
سرائڪـــــي
ادب
جـــــــو
وڏو
محسن
آهي“ (59).
سچل
سرمست
کان سواءِ
مراد
فقير،
نانڪ
يوسف،
سيد
خير
شاھ،
حمل
فقير،
خوش
خيرمحمد
هيسباڻي،
مولوي
لطف
علي
۽
هن
دور
جي ٻين
ڪيترن
شاعرن
سرائڪي
۾
ڪلام
چيو.
هن
دور
۾
اردو
۾
به
ڪيترن
شاعرن
شعر
چيو
جنهن
۾
سچل
سرمـــست،
مير
حيدرالدين
ابوتراب
ڪامل،
مير
محمود
صـــــــــابر،
مير
حفيـــظ
الدين
علي،
مير
اسدالله ساقي،
مراد
فقير،
آخوند
قاسم
هالائي،
سيــد
ثــابت
علـــي
شــــاھ، مير
عظيم
الدين
عظيم،
مير
غلام
علي
مائل،
مير
ڪرم
علي
خان،
نانڪ
يوسف
۽
ٻيا
شامل
آهن. هن
دور
جي
اردو
شاعري
بابت
ڊاڪٽر
ميمڻ
عبدالمجيد
سنڌي
لکي
ٿو:
”سنڌ
جي قديم
اردو
شاعري تي
هندي زبان
جو اثر
غالـب
آهي، هندي،
سنڌي ۽
سرائڪي جا
ڪيترائي لفظ
اردو
شاعرن جي
ڪلام
مــان ملن
ٿا، ته
ڪــن
شاعرن جي
شاعري تي
سنڌي
شاعري جو
رنگ ڪجهه
گهڻو ئي
اثرانــداز
ٿيو آهي.
مقصد ته
سنڌ جي
اردو
شــاعري جو
پنهنجـــو
ئي مــزاج، انداز ۽ اسلوبِ
بيان آهي.
هــــن ۾
تغــــزل
به آهــي
ته
ســــاڳي وقت
هن تي
تصوف جو
رنگ به
غالب آهي“
(60). |