سيڪشن:شاعري

ڪتاب:سچل سرمست جي شاعري جو همعصر شاعرن تي اثر

باب:

صفحو:8 

صوفين چواڻي هي سموري بازي بازيگر پنهنجو پاڻ پسڻ لاء جوڙي آهي، هيءُ جيڪو رنگ رنگ ڌاڳن جهڙو جهان آهي ان جي هر منظر ۾ ”هو“ خود موجود آهي ڪو ٻيو ناهي! هي سڄو جهان جوڙيو ئي هن پاڻ کي پاڻ ڏسڻ لاء آهي. سرمست سائين توڙي سامي پنهنجي جدا جدا فڪري ڌارائن ۾ ان نڪتي کي ظاهر ڪيو آهي ته ”حق تعاليٰ“ پنهنجو پاڻ پسائڻ خاطر جدا جدا روپ ڌاري ظاهر ٿئي ٿو. درازي شاھ چئي ٿو:

صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو!
ڪــــــــــاٿئين حنبل شافعي، ڪاٿئين مالڪ نعمان،

        ڪـــــــــــــــاٿئين پٽي پوٿيون، ڪاٿئين پڙهي قرآن،
        ڪــــــاٿئين اناالحق چوي، ڪاٿئين ڦيرائي فرمان،
        ڪـــــــــــــــــــــاٿئين طفوليت ۾، ڪاٿئين پير جوان،
        ڪـــــــــــــاٿئين مير وزير ٿيو، ڪاٿئين ٿيو دربان،

        ڪــــــــــــــــاٿئين احمد بلا ميمي، ڪاٿئين هنومان،
        ”سچــــــــــــــــو“ پير صبر ۾، هوءِ حيرت ۾ حيران.
                                      (انصاري، ص81)

ڀائي چئن راء ان خيال کي ورجائي ٿو:

اڻ هــــــوندي بــــــــــــــازي، بازيگــــــــــــر بــــــــــرحال ڪـــي،
ڪاٿي پير فقير امير ٿيو، ڪاٿي شيخ ملان قاضـــــــــي،
ڪاٿي گرو گُسائين گيان وان، ڪاٿي حج ڪري حاجي،
ڪـــــــــــــــــــاٿي راجا پرجا چوڌري، ڪاٿي مهتو ميانجي،
ڪــــــــــــــــــاٿي سور بير داتار ٿيو، ڪاٿي منٿ موٿاجي،
ڪـــاٿي چورُ چُغَل ٺڳُ مسخرو، ڪاٿي پنڊ کڻي پاجي،
ڪـــــــــــاٿي ڳڻتي ليکي دک ۾، ڪاٿي رضا ۾ راضي،
ســامـــــــــــــــــــــــــــــي جنهن ساجي، سو ساکي پٽ پار ٿي.

(ص314)

سرمست جي ڪلام ۾ اهڙا ٻيا به عڪس موجود آهن:

چئــون ميان عشقا ڪيئن، تون سوين سيل بنائين ٿو!
يـــــا تو آهين ذات ديوانو، جو ڪيڏا ٺاهه
ٺهائيـــــن ٿو.
ڪـــــاٿئين ملا قاضي تون، ڪاٿئين سيد سڏائين ٿو،
ڪـــــاٿئين مغ برهمڻ تون، ڪاٿئين ٻانگ
ٻڌائين ٿو،
ڪــاٿئين منهن ۾ محراب، ڪاٿئين تلڪ لائين ٿو،
ڪـــاٿئين تسبيحان تون سورين، ڪاٿئين جڻيان پا ئين ٿو،
ڪــــــاٿئين پيرين آهين پيادو، ڪاٿئين بور
بڇائين ٿو،
ڪــــــاٿئين منبر واعظي، ڪاٿئين پوٿيون
پٽائين ٿو،
ڪـــــاٿئين زربفت قبائون، ڪاٿئين ليڙا
لڙڪائين ٿو،
ڪاٿئين ڏيئي شرعي فتوى، ڪاٿئين منصور مارائيـن ٿو،
ڪاٿئين هنومان
ڪوٺائين، ڪاٿئين ڏهيسر ڏسائيــــــن ٿو،
ڪــاٿئين ٿئيــــن رام يا سيتا، ڪاٿئين لڇمڻ
لکائين ٿو،
ڪــــــــــاٿئين نمرود ابراهيم ٿي، ڪيئي بيک
بنائين ٿو،
ڪـــاٿئين ٿي فرعون يا موسى، سڀ صورت سمائين ٿو،
ڪــــــــــــاٿئين ٿي بادشاھ ملڪ جو، سارو ديس
دٻائين ٿو،
ڪــــــــاٿئين غرض گداگر، ڪاٿئين ٽوليون
ٽڪائين ٿو،
ڪاٿئين مفتي تون ”خدائي“، ڪاٿئين ”اناالحقفرمائين ٿو.

(انصاري، ص86)

سامي پڻ ان نڪتي کي ظاهر ڪندي چئي ٿو:

قـــــــدرت تنهن جــــــــــــي قـــــــــــــــــــــــادرا، ڏسي من ٺري،

ڪـــاٿي سلطانن سلطان ٿين، ڪاٿي در در بيک ڪرين،
ڪـــاٿي لک لٽائين ڏينهن ۾، ڪاٿي ڪوڏي ڪاڻ
مرين، ڪـاٿي صورت جو سردار ٿين، ڪاٿي موهين ذوق ذري،
ڪـــــــاٿي زوراور ظالم ٿين، ڪاٿي ڏسين روپ ڏرين،
ڪــــــاٿي البيلو اڌوت ٿين، ڪاٿي ڳڻتي منجهه ڳرين،
ڪــاٿي گيان ڪرين گلزا ر ٿي، ڪاٿي سڏڪي ساھ ڀرين،
من واڻـــــيءَ کون پري، آهي صفت تنهنجي صاحبا.
                                                                            (ص315)

هنن سٽن ۾ نه رڳو مضمون جي خيال کان هڪ جهڙائي آهي، پر ٻولي جي ساخت کان پڻ هي سٽون هڪٻئي جي ويجهو ڏسجن ٿيون. سنڌ جي اترادي لهجي موجب ”ڪٿي“ جو جمع ”ڪاٿي“ ڪيو ويندو آهي. جيڪو عام طور ڳالهائڻ ۾ ڪتب اچي ٿو. سچل ۽ سامي جي هنن شاعرن ۾ ٻولي جي اترادي لهجي جو اهڙو مثال موجود آهي.

سرمست سائين هڪ ٻي ڪافي ۾ اهو ئي خيال آڻيندي چئي مٿو:

 پاڻ سڃــــــاڻڻ آيو، ڙي، سڄڻ پاڻ سڃاڻڻ آيو،
ڪم نه هيڙس ڪو ٻيو!

پـــــــاڻون ڄاڻي پاڻ سان، هت لون تا لائڻ آيو،
عـــرش منجهارؤن الهي، هت ورهه وسائڻ آيو،
ســــوليءَ تي منصور ٿي، هت سر سلائڻ آيو،
مصــــــــــر جي بازار ۾، هت ملهه وڪامڻ آيو،
”سچــــو“ ري سنسار ۾، هت پير گهمائڻ آيو.
                                                        (انصاري، ص85)

سامي ان خيال جي گهڻو ويجهو آهي.

آيـــــــــــــــــــو ناگــر نٽُ، بيک ڌري بـــــازار ۾،
ٻانڀـــــــــڻ چوي ٻيائيءَ ري، ڪڍي ويٺو هٽ،
پاڻ وپـــــــــــــــاري، وڻج ٿيو، پاڻ تارازي وٽ،
رعيت، راجا پــــــاڻ ٿيو، ڪانئر، سور سڀٽ،
پاڻ ڪنڀر، آوي بڻيو، چڪ مٽي، گهٽ مـٽ،
پاڻ ڦول، ڦل، پتـــــــــــر ٿيو، پاڻ ڏار ٻج ٻــٽ،
اندر ٻاهر دهه دسا، کيلـــــــــــــي گپت پر گهـــٽ،
پرچي کولي پٽ، پاڻ لکائــــــــــــــــي پاڻ کــــي.

(ص316)

صوفين موجب جڏهن حق تعاليٰ جدا جدا مظهر ۾ پاڻ موجود آهي ته هو هڪ مان لاتعداد ٿئي ٿو ۽ لاتعداد ۾ وري هو اڪيلو آهي. ان فلسفي کي تصوف ۾ ”وحدت ڪثرت“ جو فڪر سڏيو آهي. يعني وحدت / هيڪڙائي ۾ ۽ ڪثرت / لاتعداد آهي ۽ ان ڪثرت / لاتعداد ۾ وري وحدت / هيڪڙائي ئي هيڪڙائي آهي. سرمست سائين ۽ سامي جي ڪلام ۾ اهي مضمون / موضوع پڻ آهن. درازي درويش چئي ٿو:

”سچو“ سارو سچ ٿيو، منجهان ڪثرت ڪُل،

الف مؤن آدم ٿيــــــــــــــــــو، ڪري هنگامو هل،
هندو مؤمن سو ٿيو، ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀُل،
”خلــــــــــــــق الاشياءُ فهو عينها“، اهو آڻ عمل،
ٿج گلابي گل، مُر مار نيئي منصـــــــــور جان.
                                  (انصاري، ص87)

ويدانتي ڪوي سامي چوي ٿو:

خلـــــــــــــــــــــق منجهه خالق، خلق سڀ خالق ۾،
سمجهي ڪو سامي چئي، ورلو هرجن هڪ،
مهر ڪري مالڪ، جنهن تي پرچي پاڻهــــــــي.
                                        (ص، 318)

جمع جو صيغو

سچل ۽ سامي ٻئي اتر سنڌ سان تعلق رکن ٿا. هتان جي محاوري موجب جمع جي صيغي لاء واحد ۾ ”آن“ ملائي پيش ڪيو ويندو آهي. سامي شڪارپوري  محاوري جو سهڻو مثال آهي. اسان کي هن ٻنهي شاعرن جي ڪلام ۾ جمع لاء ”آن“ جو صيغو گهڻو ملي ٿو. سچل سائين جي سنڌي، سرائڪي ڪلام مان اهڙا مثال چونڊي سگهجن ٿا.

 

·   ”ڪوران، ڪسيان، واهڙان، هت ڪلي ٿيا گمنام ميان“،
 هتي ”ڪور“ جو جمع ”ڪوران“، ”ڪسي“ جو جمع ”ڪسيان“ ۽ ”واهڙ“ جو جمع ”واهڙان“ بڻايو ويو آهي. هيٺ سچل سرمست جي ڪلام مان جمع جا ڪجهه اهڙا وڌيڪ مثال پيش ڪجن ٿا
.

·       نه مان ڪيڙو کڙڪو تسبيح، نه ڪيڙم زهد عبادت                                                        (قاضي، ص288)

·       لکيون لس لڙهان، ساجن سلامي جيون.                                                             (قاضي، ص294)

·       نهران نچويو، جارئون جر هاري گهڻو.                                                     (قاضي، ص294)

·       زلفان کوليو اسان جي، ڏاڍو ڪو ستم سهايو.                                                     (انصاري، ص65)

سامي جي سلوڪن ۾ پڻ جمع جو اهڙو نمونو موجود آهي.

·       جاڏي کئن نئن، تاڏي ڏسن سپرين.                                                           (ص،209)

·       پرچي ڪئي تنهن پانهنجي، محبتي مُدا.                                                      (ص،494)

·       حاضران حضور، سامي ڏسن سپرين.                                                                (ص،499)

·       ڏسي ڪال ڪلهن تي، راتيان ڏينهان ساڻ.                                                        (ص،501)

·       دانهان ڪري درد سان، نيو نهوڙي نينهن.                                                       (ص،546)

تصغيريت جو استعمال

شاعري ۾ تصغيريت جو استعمال به وڻندڙ هوندو آهي. جيڪو ٻولي ۾ ميٺاج پيدا ڪري ٿو. شڪارپور جي لهجي ۾ تصغيريت جو استعمال بنهه گهڻو ڪيو ويندو آهي. مثلاً ڀائڙا، ادڙا، مٺڙا، منڙا وغيره. سچل، سامي، بيدل اسمن توڙي فعلن سان تصغيريتن جو صيغو لاڳو ڪري ڪــــــــــــي نهايت دلپزير بناوتون ٺاهيون آهن(26). سچل سرمست جي ڪلام مان اهڙا مثال ڏاڍي خوبصورتي سان جهلڪا ڏئي رهيا آهن:

 

ü   پکين پرڙا سوئيا، پرهه ڦٽي پرڀات.   (قاضي، ص327)

ü       نه مان ڪيڙو کڙڪو تسبيح، نه ڪيڙم زهد عبادت.(قاضي، ص288)

ü   قاضيئڙا ڪُلاء، رحل رکين ڪنڊ ۾.         (قاضي، ص291)

ü   حقاني حسن جي، گولاڙا ڪن گلا.            (قاضي، ص291)

سامي جي ڪلام ۾ تصغيريت جو مثال خوبصورتي سان موجود آهي.

ü   سو ڀوَ  ساگر جي ڀيڙ کؤن پيڙو پاڙ نسنگ. (ص، 186)

ü   ملي ساڌ سنگت سان، ٿئڙو من اچل.          (ص، 202)

ü   ٿئڙا لال گلال، تن سان ملي ڪيترا.            (ص، 689)

ü   وئڙا ڪرم ڀڄي ڏسي پريم پرڀاوَ کي.          (ص، 450)

ü   اوديا ڪئڙو انڌ، پٽل ڏيئي جيءُ کي.          (ص، 221)

 

سچل ۽ سامي جي ٻولي جي پيش ڪيل هنن مثالن مان اها ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي ته هنن ٻنهي شاعرن جي ڪلام ۾ نه فقط موضوع ۽ خيال جي هڪجهڙائي موجود آهي پر منجهن ڪيتريون ئي خوبيون پڻ موجود آهن. هتي ڪي ٿورڙا مثال جمع ۽ تصغيريت جا ڏنا ويا آهن ته جهڙي ريت اسان پرکي سگهون ته هي مها ڪوي پنهنجي وقت ۾ ٻولي جي خوبصورت استعمال کان ڪهڙي ريت واقف هئا.

پڄاڻي

سچل سرمست ۽ سامي جي شاعري جي هن گڏيل مطالعي کان پوءِ اسان کي هنن ۾ ڪيتريون ئي هڪجهڙايون ملن ٿيون جيڪي رڳو فڪر تائين محدود ناهن بلڪ موضوع توڙي محاوري جون به هڪجهڙايون نظر اچن ٿيون. هي ٻئي شاعر اتر سنڌ سان واسطو رکن ٿا جتان جو محاورو جدا آهي جنهن مطابق خاص طور جمع لاء واحد ۾
” آن“ جو صيغو گڏيو وڃي ٿو. اسان کي هنن شاعرن بابت هت ڪيل مطالعي کان پوء هيٺيان نڪتا واضح نظر اچن ٿا.

ü   سچل سرمست ۽ سامي مذهب جي حوالي سان جدا جدا مڪتب فڪـــــــــر جا پوءِ لڳ آهن. هڪ جو اسلامي تصوف بنياد آهي ۽ ٻيو هندو فلاسافي جي نڪتي هيٺ ويدانت جو پرچارڪ آهي.

ü   اسلامي تصوف ۽ ويدانت ۾ ڪيتريون ئي هڪجهڙايون هجڻ جي باوجود ان ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون مشترڪ نه آهن، هي ٻئي مذهبي فلسفا دنيا جي ٻين ڪيترن ئي قديم مذهبن جي فلسفن مطابق هر شيءَ تي قوت رکندڙ واحد قوت کي تسليم ڪرڻ ۽ ان جي ويجهڙائي حاصل ڪرڻ جي تعليم ڏيندي گڏوگڏ هلن ٿا؛ پر هڪٻئي ۾ ضم نه ٿا ٿين (27). هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر اين-ميري شمل جي هي راءِ گهڻي اهميت رکي ٿي:

”اسلامي تصوف ۽ ويدانت ٻن جدا جدا مذهبن سان تعلق رکن ٿا. ٻنهي جا مقصد ساڳيا ۽ رستا متوازي ۽ جدا آهن. اهي هڪ درياءَ  جي ٻن ڪنارن وانگر سڌي رستي تي وڃن ٿا پر ملن نه ٿا“ (28).

ü   سچل ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ مختلف جاين تي قرآن شريف جون آيتون، حديثون وغيره جا حوالا پيش ڪيا آهن، جڏهن ته سامي ائين نه ڪيو آهي. هن فقط ڌرمي ڪتابن ڏانهن اشارو ڪندي ويدانت جو حاصل مقصد پنهنجن سلوڪن ۾ بيان ڪيو آهي تڏهن ته پاڻ ئي چئي ٿو: ”ويدن جي واڻي سنڌي منجهه سڻايم“ .

ü   هي ٻئي شاعر پنهنجن پنهنجن مڪتب فڪر هيٺ رهندي به انسان دوستي ۽ انسان شناسي واري اعلى گڻ سان واسيل آهن، جنهن جو اظهار هنن پنهنجي پنهنجي شاعري ۾ ڪيو آهي.

ü   ٻنهي شاعرن ۾ ڪيترين ئي هڪجهڙاين جي باوجود هي ٻئي شاعر پاڻ ۾ مليا به نه آهن، تذڪرن ۾ هنن جي ملاقات جو ذڪر موجود ناهي. پر باوجود ان جي ته پنهنجي دور جا هي ٻئي وڏا شاعر هڪٻئي جي فڪر ۽ مرتبي کان واقف ضرور هئا. ٻنهي جي هڪجهڙاين جي مثالن مان ان ڳالهه کي سمجهڻ جي مدد ملي ٿي.

ü   هنن ملان جي ظاهري تعليم کي رد ڪيو آهي. هنن جي نظــــــر ۾ علم رڳو ”صرف و نحو“ پڙهڻ سان حاصل نه ٿو ٿئي. اندر اجارڻ لاءِ عشق جي مئي چکڻ ضروري آهي جنهن کان سواءِ انسان ۽ خدا جي وچ واري رشتي کي سمجهي نه ٿو سگهجي.

ü   ڌيان ۽ گيان مرشد/گُرو کان سواء حاصل نه ٿو ٿئي.

ü   ٻئي مرشد جي ثنا ڪندي نظر اچن ٿا.

ü   ٻئي حسن و عشق جي اپٽار ڪن ٿا. هنن جي نظر ۾ عشق جي باھ ۾ ئي سالڪ سڙڻ کان پوء ئي فنا حاصل ڪري بقا پائي ٿو.

ü   هي ٻئي وحدت ۽ ڪثرت جي فلسفي کي وڏي واڪي تسليم ڪن ٿا.

ü   هنن جي نظر ۾ مالڪ ئي هر رنگ ۾ پاڻ ظاهر ٿئي ٿو، نظر ايندڙ مختلف روپن اندر حقيقت ۾ حق تعالى خود موجود آهي.

حوالا

1. پروفيسر ڄيٺمل پرسرام، سامي جا چونڊ سلوڪ، بحواله ساميءَ جا سلوڪ (جلد ٻيو) مرتب: پروفيسر بي-ايڇ ناگراڻي، ص100، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد 1992ع.

2. خانبهادر محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ (برٽش حڪومت کان اڳ) ص222، آر-ايڇ-احمد ائڊ برادرس 1976ع.

3. Shanti L.Shahani, Song of the Spirit, P-IX, Mother Land Press Karachi, 1947 A.D

4. پروفيسر بي – ايڇ ناگراڻي ساميءَ جا سلوڪ (جلد ٻيو) ص102.
5. سنڌ جي ادبي تاريخ (برٽش حڪومت کان اڳ) ص222 (حوالو اڳ آيل آهي).

- ساميءَ جا سلوڪ (جلد ٻيو) ص102-101، (حوالو اڳ آيل آهي).

6. ساميءَ جا سلوڪ (جلد ٻيو) ص102، (حوالو اڳ آيل آهي).

7.ساميءَ جا سلوڪ (جلد ٻيو) ص103، (حوالو اڳ آيل آهي).

8. ساميءَ جا سلوڪ (جلد ٻيو) ص103، (حوالو اڳ آيل آهي).

9. ساميءَ جا سلوڪ (جلد ٻيو) ص104-103، (حوالو اڳ آيل آهي).

10. ساميءَ جا سلوڪ (جلد ٻيو) ص105، (حوالو اڳ آيل آهي).

11. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، سامي جو خانداني پس منظر، ص103 (مضمون) ماهوار پريم ساگر، سامي نمبر، نومبر-ڊسمبر 2001ع، پريم ساگر پبليڪيشن ڪراچي.

        - چوڻ ۾ اچي ٿو ته اها جاءِ مشهور سياستدان جنيد سومري جي گهر جو حصو بڻجي وئي آهي. (روايت: زبير سومرو)

12. ساميءَ جا سلوڪ (جلد ٻيو) ص102، (حوالو اڳ آيل آهي).

13. ساميءَ جا سلوڪ (جلد ٻيو) ص103، (حوالو اڳ آيل آهي).

14. ساميءَ جا سلوڪ (جلد ٻيو) ص105، (حوالو اڳ آيل آهي).

15. ساميءَ جي سلوڪن جي ڇاپن بابت ڏسو:

1.  ڊاڪٽرن مرليڌر جيٽلي، سامي ۽ سندس سلوڪن جا ڇاپا (مضمون) سامي تي هڪ نئين نظر، مرتب: تاج جويو، پريم ساگر پبليڪيشن ڪراچي 2002ع.

2. ڊاڪٽر الله رکيو ٻٽ، ساميءَ جي سلوڪن جا آڳاٽا ڇاپا، ڪجهه حقيقتون (مضمون)، ماهوار پريم ساگر، سامي نمبر، نومبر-ڊسمبر 2001ع.

-   سنڌ ۾ ساميءَ جو فڪر سنڌي ڪوين ۽ تخليقڪارن تي گهڻو اثر انداز رهيو آهي، جنهن جو چٽو ثبوت مهان ڪوي شيخ اياز جون تحريرون آهن. شيخ اياز جون سامي بابت سموريون لکڻيون ۽ شعر ”ساميءَ ويس سلوڪڙا“ جي عنوان هيٺ تاج جويي سهيڙي، شيخ اياز فائونڊيشن پاران 2002ع ۾ شايع ڪيا آهن.

ان کان سواءِ نوجوان شاعر زبير سومري جو سامـــيءَ کي شرڌانجــــــــلي ”سامي مٽ اُپٽيا“ جي عنوان هيٺ سنڌي بيتن جو مجموعو تازو گونج پبليڪيشن حيدرآباد 2006ع ۾ شايع ڪيو آهي.

16. کيئلداس بيگواڻي ”فاني“، سامي صاحب جي ٻولي ۽ شاعري (مضمون) ص57، ساميءَ تي هڪ نئين نظر، مرتب: تاج جويو، پريم ساگر پبليڪيشن 2002ع.

17. مولانا محمد صادق راڻيپوري، سچل جو رسالو (سرائڪي ڪلام)، ص7-86، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1997

18. سچل جو رسالو (سرائڪي ڪلام)، ص95 (حوالو اڳ آيل آهي)

19. قاضي علي اڪبر درازي (مرتب)، ديوان آشڪار (جلد اول) ص64، محڪمه اوقاف سنڌ، 1981ع

20. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شاھ جو رسالو، ص10، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ /حيدرآباد 1985ع

21. سچل جو رسالو (سرائڪي ڪلام)، ص360(حوالو اڳ آيل آهي)

22. قاضي علي اڪبر درازي (مرتب)، مثنوي راز نامه مع ديوان خدائي، ص50، سچل ڪوآپريٽو اڪيڊمي لميٽيڊ خيرپور – روهڙي 1968ع

23. ڊاڪٽر عطا محمد حامي، نينهن جا نعرا، ص82، ڪافي پبليڪيشن ڪراچي 1983ع

24. جي-ايم-سيد، سنڌو جي ساڃاھ، ص400، سورٺ پبليڪيشن آدرش نگر، بمبئي، 1981ع

25. ڪلياڻ آڏواڻي، شاھ جو رسالو، ص534، متڪبه اسحاقيه ڪراچي

26. ڊاڪٽر هدايت پريم، ويدن جي واڻي سنڌي ۾ سڻايان (مقالو) ص64، پريم ساگر، (سامي نمبر) نومبر-ڊسمبر 2001ع

27. ڊاڪٽر مخمور بخاري، سچل سرمست ۽ ان جا همعصر شاعر، 330ع، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2011.

28. ڊاڪٽر الياس عشقي، شاھ جو مذهب، اسلامي تصوف ۽ ويدانت (قسط-1) (مقالو) ص148، ٽماهي مهراڻ-3، 1992

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org