سيڪشن:شاعري

ڪتاب:سچل سرمست جي شاعري جو همعصر شاعرن تي اثر

باب:

صفحو:7 

مايا جي موھ مان پنهنجو پاند آجو ڪرائڻ لاءِ منش کي ساڌن جي سنگت اختيار ڪرڻ گهرجي. انهن کي اهڙي محفل ۾ رهڻ گهرجي، جتي رڳو نينهن جي نشي ۾ سچي پرينءَ جي وائي ورائي ويندي هجي. اها ئي سنگت، منش کي مايا جي موھ کان بچائي سگهي ٿي.

سامي چئي ٿو:

در در ڪيم ٻڌاءِ سامي سڪ پرينءَ جي،
ملي ساڌ سنگت سان وائــــــــــي سڀ وڃاءِ،
پائي گيات گروءَ جي انتر مـــــــک من لاءِ،
ته لُنوُ لُنوُ منجهه لَکاءِ مورت محبوب جي.

(ص181)

اها پوٿي پڙھ، جنهن سان لهين الــــک کي،
ملي ساٿ سنگت سان، چين چونڪي چڙهه،
اوديا منجهه نه اڙ، سمجهه ريءُ سامــي چئي.

(ص181)

        ساڌو، سالڪ جي من تان ٻيائي واري ڪٽ لاهي ٿو. هن جي اندر کي ڌوئي اوديا جي مير کي ٻاهر ڪڍي ڇڏي ٿو. سامي چئي ٿو:

عجائب آهي، سنگت ســــــاڌو جن جي،

اوديا ميل اندر مؤن، ڌوئي سڀ لاهي،

سامي لَکائي پانهنجو پـــاڻ اکـــــن سان.

(ص181)

ساڌوءَ جي سنگت مان جنهن پرايو، انهيءَ جو اندر اجرو ٿي پوندو ۽ پوءِ ئي هن کي پنهنجي اندر ۾ لڪل پرميشور جي ڄاڻ ملي ٿي. سامي چئي ٿو:

ڀريو جنهن مجرو، سامي ساڌ سنگت جو،
سهجي تنهن شيوڪ جو انـــدر ٿيو اجرو،
لڌائين حــــجـــــرو پرچي پاڪ پرين جـــو.

(ص222)

ساڌ سنگت جو ساڪ، سچو سڀ سنسار کؤن،
سمجهي ڪو سامي چئي، اهـــــــــــو انڀئه واڪ،
انـــــــدر ٻاهــــــــــــر آتمـــــــــــــا، ڏســـي پورن پاڪ،
جيئن چوٿي چڙهيو طاق، اٽـڪ کان آجو رهي.

(ص239)

        جڏهن پُرش کي سڌ پوي ٿي ته هن جي اندر ۾ ئي پرماتما ويٺل آهي ته پوءِ هو ان ويچار ۾ ايترو ته کوئجي ٿو وڃي، جو ان کي پنهنجي پاڻ جي ڪا خبر نه ٿي پوي. هر مظهر ۽ هر منظر ۾ هن کي پنهنجو حقيقي مالڪ ئي نظر اچي

ٿو. تصوف توڙي ويدانت ۾ پاڻ کي سڃاڻي، ”پاڻ ۾ پرين پسڻ“ وارو فلسفو ئي بيان ٿيل آهي.

        ويدانتي ڪوي سامي، جيو آتما جو پرآتما سان گڏجڻ جي ڳالهه ڪندي چئي ٿو:

 

بيک ڌري آيو، خاوند پــــــاڻ خلـــــــــــــق ۾،

چاهه ورائي چت سان نانــــا رنگ لايــــــــــو،

ڳڻتيءَ ليکي کؤن پري، اچرج مچايــــــــــو،

سامي سمايو، نيارو رهـــــــــــي نَڀَ جــــــــان.

                     (ص315)

پاري ۾ پاڻي، تيئن وياپڪ وسي سڀ ۾.

                                   (ص317)

شھ رڳ کؤن نزديڪ سڄڻ اٿئي اوڏڙو.

                                   (ص317)

سامي پنهنجي سلوڪن ۾، ويدانتي فلسفي جي اپٽار ڪئي آهي جنهن تي هندو ڌرم جو اثر گهڻو غالب آهي. هن جو مرڪزي خيال ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موھ ۽ اهنڪار جي قيد کان آزاد هڪ اهڙو انسان آهي جيڪو پرآتما سان گڏجي هڪ ٿي وڃي! ڇاڪاڻ ته ”حق“ انسان جي اندر ۾ آهي، هاڻ ان پرماتما کي ڪهڙي ريت ڳولي سگهجي ٿو. اهو هڪ سوال آهي، جنهن جو جواب ٻين صوفي ۽ ويدانتي شاعرن وانگر سامي به پنهنجن سلوڪن ۾ ڳوليو آهي.

جنهن جيتيو پاڻ، تنهن جيتيــــــــــــــو جڳ کي،

ڀيد وڃائي من مون، صلـــــــــــــــح ٿي سڀ ساڻ،

تنهن کي هڻي ڪونڪـــــــــو، ٻل ٻيائي جو ٻاڻ،

نه ته ڳاوي راڳ ڪلياڻ سامي چڙهي سمير تي.

 

        سامي هڪ وڏي بُهراني دور جي پيداوار هو. سنه 1700ع کان 1843ع تائين سنڌ جي سياسي ۽ سماجي فضا جو بدلجندڙ انتهائي حساس دور ڏسجي ٿو. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ سنه 1736ع سنڌ ملڪ جي ”قومي وحدت“ هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ٿي پر اڃان ايڪي ۽ اتحاد جي فضــــــــا صحيـــــــــح معنيٰ ۾ گهلـــــــــــڻ شروع ٿي ته سنه 1740ع ۾ نادر شاھ ”افشار“ جي سنڌ تي ڪاھ ۽ سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائي سنڌ جي ايڪي، اتحاد ۽ قومي وحدت کي ٽڪرا ڪرڻ، اهڙي طــــرح ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي وفات (1753ع) کان پوءِ سندس پٽن مراديــــــــــــاب خان، محمد عطر خان ۽ غلام شاھ ڪلهوڙي وچ ۾ حڪومتي ڇڪتاڻ کان وينـــــــــــدي ميان سرفراز جي سياسي بصيرت کان خالي سوچ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڪلهوڙا ۽ ٽالپر تڪرار ۽ ٽالپرن جو حڪومت حاصل ڪرڻ، سنڌ کي ٽن رياستن ۾ ورهائڻ، ميرن جون نااتفاقين جي ڪري پاڻ ۾ الجهڻ، انگريز سرڪار جو سنڌ تي قبضو ڪرڻ، هن سموري دور جا اهڙا واقعا آهن جن جي نتيجي ۾ حڪمران ۽ عوام وچ ۾ ڪو گهرو تعلق قائم نه ٿي سگهيو. خلق پنهنجي سڪون ۽ آرام جي تلاش ۾ سرگردان ٿي وئي. هن دور ۾ صوفي بزرگن جو درگاهون ۽ اوتارا ۽ ساڌن جون مڙهيون ئي عام کي پناھ ڏيڻ جو ڪم ڏينديون هيون.

هن سموري بُهراني دور ۾ جتي حڪمران پنهنجي تخت جي رسا ڪشي ۾ رڌل هئا ته ساڳي دور ۾ وري ڪن مذهبي رهنمائن مذهب جي آڙ ۾ حڪمرانن جي ٺيڪيداري ڪئي ۽ سندن مفادن ۽ مقصدن کي تحفظ ڏنو. هي سموري صورتحال ساميءَ جي سامهون هئي. هن ڪيترائي واقعا اکين سان ڏٺا ۽ محسوس ڪيا. هو پنهنجي وقت جو هڪ سجاڳ شاعر هو. اهڙن منافقتن تي سامي جي اندر جو آواز هن طرح نڪتو:

ڪل جڳ جا ڪوڙا، مير متهدي چوڌري،
راتيــــــــــــون ڏينهان لوڀ جا گهر ٻڌن ٻؤڙا،
 

ويساهي ويســــــــــــاھ سان، ڊوهن وسوڙا،
سامي مت موڙهـــا، مرڻ نه ڄاڻن من ۾ .

 

لکين لٻاڙي، ڳالهيون ڪن آگم جـــون،
سامي ڪوڙائي ساڌ ٿيا، مــٿو ۽ ڏاڙهي،
ڪلڪائن ڪپت جي ڪاتي ڪــهــــــاڙي،
ڀاڙ کائي ڀاڙي وهندا وڃـــــــن وهـــــــــه ۾.
                                                 (ص6-95)

        سامي پنهنجي دور جي حالتن کي ڏسندي گهڻو افسوس ٿو ڪري. هو ڏسي ٿو ته سڀ چڱا ماڻهو هن جهان مان ڪوچ ڪري ويا آهن، انهيءَ ڪري هاڻ هنن جي ڇڏيل فڪر فلسفي ۽ تعليم کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ گهرجي.

 

ڪوچ ڪري ويا، سڀئي هن سنسار مــان،

پير پيغمبر اولياءَ، جن پنهنجا پنٿ ڪيــا،

گيــــــاني ڌياني گر هستي، سامي پنڌ پيــا،

سڀئي غيب ٿيا، تو جو سمجهيو پاڻ کــي.

 

اهڙا لوڪ لڏي ويا، سامي هن سنسار مؤن،

جــــــــن جي رٿ ڦيٿن سان، ستي سمنڊ ٿيا،

مانگ، راڪـــــــــــاس، ديوتا پکي وس ڪيا،

اهڙا سڀ ويا، اسٿـــــــــــــــــــت رهي نه آدمـــي.

 

        سامي نه رڳو ويدانت ۽ ڌرمي پستڪن جو اڀياس ڪيو هو، پر هن پنهنجي دور جي ڪيترن پيشرو شاعرن خاص طور شاھ عبداللطيف ڀٽائي (1690ع _1752ع) جي ڪلام کي خوب پڙهيو ۽ سمجهيو آهي. معنوي ۽ فڪري لحاظ کان ڪٿي ڪٿي سامي، ڀٽائي گهوٽ کان به اثر ورتو آهي.

        سامي جا سلوڪ، جيتوڻيڪ هندي لفظن جي گهڻائي سان ڀريل آهن پر ان هوندي به هن جا سلوڪ سادا ۽ سلوڻا آهن. هو ور ور ڏئي ساڳيو موضوع بيان ڪري ٿو، ان جي باوجود پاٺڪ کي ساميءَ جي سلوڪن ۾ ورجاءُ ۽ يڪسانيت نه ٿي ملي. هو صحيح معــــــــــنيٰ ۾ ”اوديا دشمــــــن“ ۽ ”وديا پرست“ ڪوي آهي. ناميارو ڪوي کيئلداس ”فاني“ سامي جي سلوڪن جي مزاج بابت لکي ٿو:

”سامي جا موضوع سڀئي فقط احســـاسي، ذهني ۽ ذاتــــــــــــــي آهن.  شاھ جو ست سهاڳڻيون، ساميءَ جي هڪ ئي سهاڳڻ ۾ عڪس انـــــــــــداز آهي. ازانسواءِ مايا، اوديا، ڪلپت، مانک دي، سيوا، سڪ، ڀڳتي وغيــره سندس تخيل جي تخليق آهن، جن کي شخصيت عطا ڪئي اٿس ۽ جـــــي انساني جيوت جو جزو مڃيل آهن ......ساميءَ جي سلوڪن کي سانتيڪي ۽ آٺريل مانسرو ور ۾ نرمل نير ئي نير، گنگا جل جي پؤترتـــــــــــــا، هندو سنسڪرتي ۽ شاسترن جي شڌتا (پاڪائي) سمايل آهي“ (16).

       سنڌي ڪلاسيڪل اثاث ۾ جتي ڪيترائي نالا پنهنجي خيال، اسلوب، هيئيت سبب اثر انگيز آهن اتي انهن سمورن ۾  ”شاھ، سچل، سامي“ ٽمورتي پنهنجي پد تي وڏو ساهس ساري ٿي. شاھ لطيف جنهن سنڌي شاعري ۾ پنهنجي فڪر، هيئت، اسلوب، مضمون ۽ ٻولي جي گوناگويت جي ڪري پنهنجي هڪ منفرد حيثيت قائم ڪئي ته اهڙي ريت سچل سرمست پنهنجي فڪر جي انداز بيان ۾ شاھ سائين کان بنهه نرالي حيثيت جو مالڪ بڻيو ته سامي وري پنهنجي خيال جي پختگي ۽ پيشڪش جي لحاظ کان ڪو گهٽ ناهي رهيو. هي ٽئي شاعر پنهنجي دور جا انتهائي  باشعور، سجاڳ ۽ ذهين شاعر هئا، جن پنهنجي دور جي حالتن جي مدنظر شاعري کان تلوار وارو ڪم ورتو.

        سچل سرمست سنڌي شاعري ۾ نئين روايتن جو امين آهي. هن جون قائم ڪيل روايتون ديرپا ثابت ٿيون آهن جن جو اثر اڄ تائين سنڌي شاعري تي پرکي سگهجي ٿو. اهڙي ريت سامي پڻ پنهنجي دور جو نرالو شاعر آهي جنهن هندو مت جي فلسفي ويدانت جي تشريح پنهنجي سلوڪن جي ذريعي ڪئي آهي. هن جي ٻولي سپڪ ۽ سوادي آهي. منجهس ڪيتريون ئي شعري خصوصيتون پڻ موجود آهن. هي ٻئي شاعر هڪ ئي دور ۾ هڪٻئي کان ٿوري وڇوٽي تي موجود هئا. ٻنهيءَ وٽ ظاهر ۾ پنهنجو فڪر جدا جدا هو؛ پر هي ٻئي ”پاڻ سڃاڻڻ“ واري بنيادي نڪتي جا پرچارڪ هئا. جڏهن ته سچل سرمست جو تعلق اسلامي تصوف سان هو ته سامي جو واسطو هندومت جي ويدانت سان هو. هي ٻئي فلسفا بنيادي طرح پاڻ ۾ ليئو پائي، پاڻ ۾ ئي ”حق“ پسڻ جي تبليغ ڪن ٿا.

سچل سرمست جو مسڪن درازا ۽ سامي شڪارپور ۾ موجود هو. پر ڪنهن به تذڪري ۾ هنن ٻنهي شاعرن جي پاڻ ۾ ملاقات جو بيان موجود ڪونهي، پر ان جي باوجود هنن شاعرن جي ڪلام ۾ ڪيتريون ئي هڪجهڙايون اسان کي ملن ٿيون. هنن صفحن ۾ اسان سچل سرمست ۽ سامي جو پاڻ ۾ ٿيل فڪري مماثلت جو مطالعو ڪنداسين.

حسن و عشق

        انسان فطرتاً حسن پرست آهي، هو خوبصورت ۽ دلڪش شين ڏانهن پاڻ مرادو ڇڪجي وڃي ٿو. سونهن کي پسڻ ۽ ان کي ماڻڻ جا جذبا هن ۾ هر وقت موجود رهن ٿا. سموري سنڌي ڪلاسيڪي شاعري جتي تصوف جي فلسفي جي اپٽار ڪري ٿي، اُتي منجهس حسن و عشق جو بيان به ڏاڍي نازڪ انداز ۾ ڪيو ويو آهي. ويدانتي ڪوي سامي وٽ به ڪيترائي جمالياتي خيال موجود آهن. هو پنهنجي محبوب جي ساراهه  پنهنجي منهن سان ڪري نه ٿو سگهي، جڏهن ته سمورن ڪلاسيڪل شاعرن پنهنجي سڄڻ جي خوب واکاڻ ڪئي آهي. سچل سرمست جي سرائڪي ڪلام ۾ ته خاص طور مجازي محبوب جي حسن وادا جو خوبصورت ذڪر موجود آهي، جيڪو کيس پنهنجي دور جي سمورن شاعرن کان ممتاز بڻائي ٿو.  سچل پنهنجي محبوب جي ساراهه ڪندي چئي ٿو:

منهن محبُوب دا سارا مُصحف، زيرين زَبرين نالـــــــــي،
عشق واليان آيا تان دي وچ، پيش تي شَد بَرحــــــــــــــــالي،
جزمان نقطي صحيح سڃاڻين، قاري ڪوئي سنڀــــــــالي،
بسم الله “  نال لکيان سڀ سُوران، پڙهين ورهي والي.
 

ٽٻڪي ٽٻڪي چٽڻ دي، مرجان ديان لس لڙيــــــــــان،
نور ڀري پيشاني اُتي، طرح ڪيهي وَت چڙهيــــــان!
چمڪن جهلڪن جوڙ جبين تي، جادو نال جو جَڙيـــــان،
”سچّــــــــــل“ ويک تماشا اِيهو، توبه توبه پڙهيـــــــــــان!

(17)

سامي ويدانتي ڪوي آهي، هن وٽ به عشق جو مضمون آهي. هي پنهنجي سڄڻ جي ساراهه پنهنجي واتان ڪرڻ کان قاصر آهي. چئي ٿو:

سڄڻ جي سوڀيا، چئي وڃي نه وات سان،
سورج، چندر، چراغ لک، لجاما ٿيــــــــــا،
سامي موهيا سورما، جن ديدار ڪيـــــــــــــــا،
لنگهي پار پيا، اوديا جي آڙاھ کــــــــــــــــــــان.

                                           (ناگراڻي، ص330)

عشق وڏي آتش آهي، جا معشوق کي پاڻ ۾ جلائي ڪُندن بڻائي ٿي. سامي کي به عشق نهوڙيو آهي؛ عشق ئي هن جي اندر ۾ بيقراري پيدا ڪئي آهي. پنهنجن سلوڪن ۾ هن عشق جو ذڪر خاصو ڪيو آهي. چئي ٿو:

عاشق ڪوٺائين، ته صرفو ڇَـــڏ سَريرَ جو،

ڏيئي سِرُ ستــگر کــي، پير  اڳـــــــي پائين،

تڏي لنو لائين ســــــــــامـــــــــي سپيرين سان.

                     (ص532)

·       راتيون ڏينهنَ رُئڻ، عاشقَ ڪاڻِ عَجِيبَ جِي. (ص534)

·       عَاشـــــــــــق اَڌُ مُئـــــــــــــــــــــا، سَدا ترڦنِ تَـــنَ ۾.    (ص534)

·       عِشقُ آسان نَه ڄاڻُ، سامي چَيو سَتگُـــــــــــروءَ.   (ص545)

عشق جي انهي اوکي واٽ تي هلندي سچل سرمست ته بي خود ٿيو پوي. هن جي نظر ۾ عشق ۾ ملندڙ درد غم گهڻن سُکن ۽ آسائشن کان بهتر آهن. عشق ئي اها ڪيفيت آهي جيڪا تخليقڪار جي اندر ۾ وجدان پيدا ڪري ٿي ۽ وجدان ئي شاعري جي اظهار جو لمحو پاڻ سان کڻي اچي ٿو. عشق سمورين پابندين ۽ حدبندين کان مٿانهون آهي. عشق لا مذهب آهي جيڪو جڏهن جنهن کي به پنهنجي رنگ ۾ رنڱي ٿو ته ان کي آزمائش ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو ۽ سچو عاشق ان راهه جي سمورين سختين کان پار پئجي پنهنجي محبوب کي ماڻي ٿو. سچل سائين جي ڪلام ۾ گهڻن جاين تي عشق جو اظهار موجود آهي. سچل، سامي وانگر عشق جي راهه کي اوکو سڏي ٿو:

عشق لڳا، گهر وسر ڳيوسي، مطلب سُڌ ٿيـــوسي،
حاصل آ ٿيوسي سارا، جو ڪجهه آپ منگيــــو سي،
سُود   زيان ڪَنون مِيان، ”سچل“ هُڻ تا ڇُٽ پيوسي.  (18)

 

ديوان آشڪار ۾ چئي ٿو:

جز محبت راه ديـــگر نيـــــــــــست نيست،
گرچه شــــــــاهي تاج افسر نيست نيست.

 

درد و محنت عشــق دان اولي تــــرســـــت،
يادکاؤس و سکندر نيســــــت نيــــــســت. (19)         

(محبت کان سواء ڪابه راهه، راهه نه آهي ۽ محبت نه ڪرڻ واري انسان جو مثال اهڙو آهي جيئن ڪو بادشاهه هجي پر ان جي مٿي تي تاج نه هجي.

عشق ۾ جيڪو ڏک ۽ رنج برداشت ڪرڻو پوي ٿو اهو گهڻو بهتر آهي ۽ اهڙي لذت ڪيڪائوس ۽ سڪندر جي ذڪر ۾ به نه آهي).

    سامي عشق جي هڪ عجيب ڪيفيت جو ذڪر ڪندي چئي ٿو ته عاشق اهي چئبا جيڪا پاڻ تي عاشق هجن ۽ هر لمحي پنهنجي پرين جو ديدار ڪندا رهن.

عاشِقَ سي چئجن، جن تي عاشق پاڻ ٿيو،
جتي ڏسن نيڻ ڀري، تتي پرين ڏســــــــــــن،
اٿندي وهندي ننڊ ۾، سامي مليا رهـــــــــن،

اهڙي رنگ رَچن، سي عاشق معشوق ٿيا.
                                                     (ص551)

ظاهري تعليم

سمورن صـــــــــوفــــــــــي شاعرن ظاهري سطحي تعليم جي نفي ڪئي آهي. سچل سرمست ۽ سامي به ملان جي ٻيائي واري ڪردار ۽ علم تي غرور واري حالت جي مخالفت ڪندي نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته علم فقط ڪتابن جي معرفت نه ٿو حاصل ٿي سگهي. ٺلها ”ڪنز قدوري“ پڙهڻ سان ڪو عالم نه ٿو بڻجي سگهي. علم حاصل ڪرڻ لاء پنهنجي اندر مان پهريئن ته ”مان“ وارو عنصر تڙي ٻاهر ڪڍڻو پوندو ۽ پوء ان علم ۾ پاڻ کي ايترو وڃائڻو پوندو جو اندر اجرو ٿي سگهي، تڏهن ته هاڪاري شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيو آهي:

پڙهيـــــو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوھ چڙهن، جئن ورق ورائين وترا.

(20)

سچل سرمست پڻ ملان جي ظاهر علم کي رد ڏئي ٿو هن جي نظر ۾ جيستائين عشق جي مئه جي سُرڪي نه چکبي؛ ان وقت تائين اندر اجاري نه سگهبو. هو پاڻ کي عالم سڏائيندڙ ان شخص کي مخاطب ٿئي ٿو، جيڪو علم ۽ عرفان ۾ اندران ڪورو آهي:

سڪ سچي کان ڪو نڪو، سبق سور سکـــن،
اکر لکن نه دل تي، ٿا ڪاغذ ڪارا ڪــــــــــــــن،
مس ڪاري جان من کي، ٿا ڪاري ڪارو ڪن،
مدعا جنهن مام جي، تنهن ويجهو ڪين وڃن،
تاڏي ڪن نه ڪن، جو فرمودو فائق جــــــــــــــــو.
(قاضي، ص278)

سامي پڻ پنڊت جي اهڙي ٺاهه ٺوهه کي ننديو آهي:

ويــــــــــــــــــــد پران پڙهي پنڊت ٿيـــــڙا ڪيترا،
بنـــــــــــا گيان گرو جي، ويا اوديا منجهه اڙي،
ورلي ڪنهن گرمک ڏٺو، وچن منجهه وڙي،
تنهن کي هٿ چڙهي، سامي لک سروپ جي.

(ص97)

سرمست سائين علم کان اهڙي عاري شخص کي صلاح ڏيندي چئي ٿو:

محبت جي مهراڻ مان، جي ملان چاش چکين،
ته ڪنز قدوري ڪافيا، پڙهين ڪين لکيـــــن،
رحــل سڀ سٽين ملا، مسجد ڪنڊ ۾.
(قاضي، ص278)

سامي به اهڙي اڻ ڄاڻ شخص کي سمجهائيندي چئي ٿو:

لکين هـــــــــــــــــزارين، واد ڪرن ويدانت جي،
ورلــــــــــــــــو ڪـو ويچار سان، ويهي ويچاري،
سامي سار صحيح ڪـري، هــردي منجهه ڌاري،
نانت نــــــــــــــــــواري، سڀ گهٽ ڏسي سپرين.
(ص97)

”حق“ تائين پهچڻ لاءِ جا واٽ اختيار ڪئي وڃي ٿي ان واٽ تي ايندڙ آزمائشن مان پار پوڻ جو علم مرشد / گرو کان سواءِ حاصل نه ٿو ٿئي، پوءِ ڀلي گرو کان سواءِ ويراڳ وٺ؛ پر منزل تي پهچي نه سگهندين. سامي چئي ٿو:

بنا ساڌ سنگت، سامي سڌريو ڪونه ڪو،
جاڳي ڪڍ اندر مون، ٻي سڀ ممتا مت،
پائي گيات گروءَ جي ڪر اڀيــــــــــد ڀڳت،
ته ساکي ڏسين ست، چيٽي ۽ ڪنچر ۾.
ص (188
)

سچل سرمست کي به هدايت واري واٽ جي پٽي سند س مرشد پڙهائي آهي:

”لا“ نفي، دا ڪلمه سانون، مرشد آپ پڙهايــــا،
هٿيا ڏتس همت والا، جنهن سارا هوش گنــــــــوايا،
اسان ڀي تنهن دي ڪيتي يارو، مهڻا ســـــــرتي چايا،
”سچل“  ٿي قربان انهان تون، جنهان آڪي جوش جڳايا.
(21)

مرشد يا گرو جي مدح صوفي شاعرن جي روايت آهي. سچل سرمست پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي مرشد خواجه عبدالحق کي سندس نالي سان انتهائي عقيدت ۽ محبت مان ياد ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته صوفين جي نظر ۾ مرشد کان سواءِ هدايت واري واٽ هٿ نه ٿي اچي سگهي. انهي ڪري تصوف جي پيروڪارن جي سامهون مرشد جو وڏو مقام آهي. مثنوي راز نامي ۾ سچل سرمست پنهنجي مرشد خواجه عبدالحق جو ذڪر ڏاڍي احترام سان ڪيو آهي.

 

پير عبدالحــــــق باشد بحر جود،
برهمه عالـــــــــــــم در گنج کشه،
پير عبدالحــــــــــق مرشد ما بود!
در ولايــــــــــــت توجه اش عالي،
نعمت اواز مانمــــي گردد تمام،هرچه گفتم آن بود شد والسلام.
(22)

ترجمو:

پنهنجو مرشــد پير عبدالحــــــــــق سچو،
جنهن جو اعلى مرتبو مولــــــــــى ڪيو،
پيـــــر عبدالحق سخــــــا جــــــــو بحر ٿيو،
جڳ ۾ جنهن کوليو خزانو فيض جــــو،
وصف ان جي ڪين ٿي سگهندي تمام،
جو چوان سو ڪجهه به ناهي والســـــلام.

(23)

سامي جي سلوڪن ۾ پڻ اسان کي گُرو جو بيان ملي ٿو. هن کي به حقيقي مالڪ واري واٽ پنهنجي گُرو وٽان ئي حاصل ٿي آهي. پر ڪٿي به سامي گرو جو ذڪر ڪندي پنهنجي ستگروءَ جو نالو ظاهر نه ڪـــــــيو آهي:

سهاڳڻ کي ست، سامـــــــــــــي ڏسيو ستگرو،
ڄاڻ وڃائي پانهنجــــــــــــي، آگيا منجهه ورت،
ڀاوين ڪت م ڪت، پرچي رهه پــــــرين سان.
(ص596)

سرگــــــڻ ۾ نرگڻ، ورلو ڪو گرمــــک لکي،
سامي جنهن کي ست گروءَ، ڏنو گيان انجن،
ڪڍي ميــــــــــــــــل منن، سوڌو رهي سڀاوَ ۾.

(ص268)

انسان دوستي

سنڌ برصغير ۾ صوفين جو مرڪز رهي آهي. هتان جي صوفين وٽ تصوف جو پنهنجو ئي رنگ آهي. هنن وٽ تصوف انسان دوستي ۽ ڀائيچاري جي زبردست علامت آهي. هتان جي صوفين ”حق“ کي حاصل ڪرڻ وارن ۾ ڪڏهن به هندو مسلم جي تفاوت نه رکي آهي. هنن جي ويجهو سالڪ جي مالڪ حقيقي لاءِ طلب ۽ تمنا ئي اهميت رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻن ٿا ته مذهب روح جي پاڪائي جي قائدن ۽ قانون جو نالو آهي ۽ هر اعلى مذهب انسان شناسي، انسان دوستي ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿو. اتهاس جا ورق ٻڌائين ٿا ته هن ڌرتي تي اسلام کان سواءِ مختلف مذهبن ائني مسٽ، ان ائني مسٽ، ويدڪ ڌرم(هندو مت)، ٻڌڌرم، جين مت، زراشٽرزم، يهوديت جو اثر جدا جدا وقتن تي رهيا آهن (24). انهن مذهبن جو اثر اڄ به تصوف جي انسان دوستي، وطن دوستي، ڀائيچاري، ميٺ محبت جي صورت هيٺ موجود آهي. تصوف جو اهو بنهه نرالو رنگ برصغير ۾ فقط سنڌ ۾ نظر ايندو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام مان سنڌ جي انهي نرالي تصوف جا عڪس پسجن ٿا. هو مذهبن جي ٺيڪيدارن جي دوکي بازي وارو روپ نندي ٿو:

ان پر نه ايمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائين،
دغا پنهنجي دل ۾، شـــــــــــــرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، انـــدر آذر آهئين.

(25)

سچل سائين به من سان مذهب جو روح هنڊائڻ جو قائل آهي:

ڪلمو پڙهان ته ڪافر ٿيان، گهران نه انهــي گهيــــر،

جا ڏي راهه رسول جي، تاڏي نه پــــــــــــــــــــــــايان پيــر،

جي من مان ڪڍان نه مير، ته حضور حاصل نه ٿيئي.
                                           (قاضي، ص277)

سامي سنڌ جي انهي تصوف کان باخبر آهي، تڏهن ئي ته هو هندو ۽ مسلمان بابت چئي ٿو:

مومن مسلمان، ڪوڙن ۾ ڪو هڪــــــــــڙو،
جو واصل وحدت ۾ ڪڍي گـــــير گــــــــــمان،
نور محل جي نيوتـــي، سيل ڪري سبحان،
تنهن کي سڀ جهان، ڄاڻي دوس خـــداءِ جو.
(ص619)

سچل سائين پڻ تصوف جي انهي رنگ ۾ رنڱيل نظر اچي ٿو، تڏهن ته مسلمان ۽ هندو جي فرق کي وساري ويٺو آهي ۽ پنهنجي دور جي سياسي ۽ مذهبي حالتن جي سبب من مان مذهب واري دوئي ختم ڪرڻ جي تلقين ڪندي چئي ٿو:

وقت اها ٿي ويل، دوئي دور ڪـــــــرڻ جي،
ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ســـــــاڻ سويل،
هندو مومن سان ملي، محبت جا ڪر ميل،
متان ٿيئي اويل، اولهه ســج نه الهي.

                                                      (قاضي،ص 284)

سامي جي نگاهه گهري آهي. هن جي نظر ۾ ويدانت ۽ اسلامي تصوف جو حاصل مقصد ساڳيو آهي. ٻئي پاڻ ۾ پرين پسڻ جي تلقين ڪن ٿا. چئي ٿو:

ويدَ، پُرانَ، قُرآن ڪو، سَڀني ۾ هـــــــــڪ سُوتُ،
سمجهي ڏس سامي چئي، لائي مــــــــن مضبوط،
جئن آڪاس گهٽڻ ۾، تئن سڀ ۾ ســــاکي ڀوت،
ڪو آتم رت اڌوت، سمجهي هـــــــــن سخـــن کي.
(ص332)

سچل سائين به ساڳي ڳالهه ڪندي چئي ٿو:

رام رحيم هڪو هڪ سمجهين، موج محبت ماڻين،
ڪافر مومن گبر نصارو، غير گمــــــــــــــــــــــان نه آڻين،
”خلق الانسان على صورتہ“، ڄول اهو ئــــــــــــي ڄاڻين.

(قاضي، ص285)

ٻيون هڪ جهڙايون

سچل سرمست ۽ سامي جدا جدا فڪري ڌارائون هجڻ جي باوجود پاڻ ۾ ڪيتريون ئي هڪ جهڙايون پڻ رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته اسلامي تصوف توڙي ويدانت جو بنيادي متو حق تعالى کي ڳولڻ آهي. هنن ٻنهي شاعرن جي ڪلام ۾ اسان کي هر نظر ۾ پرين پسڻ ۽ وحدت تا ڪثرت جا مثال ملن ٿا. سچل سائين جي ٻولي ڏاڍي عام فهم آهي. منجهس عربي، فارسي جا دقيق لفظ استعمال ٿيل ناهن، جڏهن ته سامي جي سلوڪن ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ استعمال ٿيل آهن. پر تنهن هوندي به سامي جي سلوڪن ۾ جاذبيت ۽ رواني موجود آهي.

سچل سرمست جو فڪري ماخذ اسلام آهي، اُن لاء هن پنهنجو سمورو فڪري سرمايو اتان ئي حاصل ڪيو ۽ سامي جي فڪر جو بنياد هندو فلاسفي آهي تنهن ڪري ان جو ذهني اثاثو اتان ئي حاصل ڪيل آهي. اسان هنن ٻنهي شاعرن جي ڪلام ۾ موجود ڪجهه وڌيڪ هڪ جهڙاين جا مثال هت پيش ڪنداسين.

سچل ۽ سامي جي چونڊ ڪيل هيٺين بيتن ۾ موضوع ۽ مضمون جي خيال کان هڪ جهڙائي رکندڙ بيتن ۾ بي ڊپائي وارو انداز موجود آهي. پاڻ ۾ پرين ڳولڻ واري نڪتي تي سمورن حق جي پانڌيئڙن زور ڏنو آهي. هر انسان جي سرشت ۾ فطرت موجود آهي. انسان جي سرشت جي تشڪيل ئي فطرت مان ٿئي ٿي ۽ هي ظاهري جسم روح جو لباس آهي. انسان کي ان حقيقت / سچ جي سڃاڻپ ڪرڻي آهي. سمورن صوفي شاعرن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي،
سچل سائين جي ڪلام ۾ پاڻ سڃاڻڻ جا مضمون جا بجا ٽڙيا پيا آهن. چئي ٿو:

هيڏي هوڏي نه نهار، تنهنجي ويڙهي سو تان يار وسي ٿو،
ســـــاڻ صـــدا آهي تان تنهنجي، پريــن نه آهي ٻي پــــار،
ڦولهــــي لهـج پـــاڻ مون، ڇــــو ٿو وَڃين وڻڪار،
پريــن نه پڇـــج پنـــــڌڙا، تـــون ”سچو“ پاڻ سنڀاڻ.
(انصاري، ص 79)

ويدانتي ڪوي ساميءَ وٽ به اهڙن خيالن جو اظهار آهي:

شهه رڳ کون نزديڪ، سڄــــــڻ اٿــي اوڏڙو،
ڪڍي غير اندر ۾، ڪري ڏسي تحقيـــــــــــق،
ناحق ڪُرڪُ ڪيڪ، سامي چئي سمجهه ري.
(ص317)

سرمست سائين جي نظر هر جاءِ تي حق تعاليٰ جو ئي جلوو پسي ٿي:

سڀ ڪنهن ويڙهي تون وسين، ڪونه آهي ٻيو تو ري!
هــــــــر جـــــــــــــــا حاضر ”تون“ موٽي ڪهڙي آهي ”مون“،
      هادي کڻ حجاب کي.

(انصاري، ص73)

سامي جي خيال ۾ جيئن پاڻي ۾ پارو ملي هڪ ٿي ويو آهي، تيئن حق هر ڪنهن جي اندر ۾ ائين ئي وسي ٿو:

پاري ۾ پـــــــاڻي، تيئن ويا پڪ وسي سڀ ۾،
سوکم سنڌ پرين جي، ڪنهـــــن ڄاڻائي ڄاڻي،
سامي سماڻــــــي، تنهن جي سُـــــرت سروپ ۾.

(ص317)

سچل پاڻ ۾ پرين ڳولڻ وارو فلسفو بيان ڪندي چئي ٿو ته پاڻ تي غور ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ۾ حق ڳولي لڌم -  انساني حيات، فطري مظهر توڙي اچانڪ ظاهر ٿيندڙ حادثن ۾ ڪيتريون ئي نشانيون موجود آهن جن تي غور ۽ فڪر سان نظر نه ايندڙ يا اڳتي ٿيندڙ واقعن ۾ سمجهي سگهجي ٿو. تصوف بنيادي طور تي خدا جي طرفان انسان جي مقرر ڪيل حيثيت/سمجهه/شناس/درجي جو علم عمل سان ڏئي ٿي. خدا انسان کي خوبصورت کان خوبصورت ۽ سموري مخلوقات ۾ اعليٰ خلقيو آهي. هن جو درجو پنهنجي ظاهري، دنيائي، جسماني، ٺاهه ٺوهه جي قيد ۽ بند کان گهڻو مٿي آهي. انساني روح ڪل جو جز آهي تنهن ڪري منجهس اهي خدائي صفات موجود آهن پر ان روح کي مادي جو لباس ڏنو ويو آهي. انسان کي ان مادي جي اندر رهي پنهنجي اصل حقيقت ڄاڻڻي آهي / سمجهڻي آهي ۽ ان حقيقت جو شعور ڪٿان ٻئي هنڌان نه بلڪ پنهنجي اندر مان ئي حاصل ٿيڻو آهي. سچل چئي ٿو:

پيهي پروڙيم، تان پنهون پاڻ ئي آهيــــان،
پاڻ منجهان ئي پاڻ کي، هيءَ پڙلاء پيوم،
صحيح ڪن ڪيوم، ته غير گمان اٿي ويــــا.

(انصاري، ص164)

سامي چئي ٿو:

ســــدا ايڪانتي، ساڌو جن سنسار،
پرچي پانهنجي گهر ۾، پاتي جن جهاتي،
ســــــــامي سڃاتي، مورت محبوبن جي.

(ص، 169)

سچل سائين سالڪ کي چئي ٿو ته جيڪو راز منهنجي اندر ۾ آهي اهو عيان نه ٿو ڪري سگهجي ان جون رمزون ته رانجهڻ ئي ڄاڻي. پر اهو ظاهر ڪرڻ سان عاشق ۽ معشوق جي وچ واري رازن ۽ نيازن جون خبرون ظاهر ٿينديون.

 جا چوڻ جيهي ناهه، سائي ڪيئن چوان؟

ڳـــــجهي آهي ڳالهڙي، ڪنهن ڪل نه آهي ڪاء؛
اوڏي نــــــــاهي پروڙ کي، ويجهي نه ويساهه؛
هئڙي سڌ حـــــلاج کي، تنهن سسي ڪوڏ ڪپاءِ؛
پـــــــوڻ آهي اونهن ۾، جتي هوءِ هواءِ؛
”سچـــــــــــو“ سر نه ملڻ جو، سو تان سڀ منجهاءِ.

(انصاري، ص112)

سامي وري ان ڳالهه کي ورجائيندي چئي ٿو ته عاشق پنهنجي عشق جي ڪٿا پاڻ بيان نه ڪندو آهي بلڪ هو ان ۾ پنهنجو پاڻ وڃائي ڇڏي ٿو ۽ پوءِ ”هو“ ”هو“ نه ٿو رهي بلڪ ”هو“ ”هو“ بڻجي وڃي ٿو. سامي ساڌوءَ کي اهو ئي سمجهائيندي چئي ٿو:

در در ڪيــــــم ٻُنڌاءِ، سامي سڪ پرين جي،

انتــــــــــــــــــر مک ادب سان، لنؤِ لڪــائي لاءِ،
ته لنؤ لنؤ منجهه لکاءِ، مورت محبوبن جي.

(ص414)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org