دريا خان مارئي جو ذڪر هونئن ته پنهنجين ڪيترن ئي ڪافين ۾
ڪيو آهي پر ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ واري هي ڪافي نه
رڳو سندس شاعرانه تخيل جو ڪمال آهي پر امر راڳي
“ڪنور ڀڳت” جي سريلي آواز ۾ هي ڪافي وڌيڪ مارئي جي
اهنجن، پيڙاءُ کي اثرائتو ڪري بيان ڪري ٿي:
آءُ
ڪانگا ڪر ڳالهه، مون کـــــــــــــــــي تن
ماروئـــــڙن جي،
مــــاروئڙن جي سانگيئڙن جي.
ٻن عمر
تنهنجا ماڙيون بنگلا، کمهه ڪنــــــــگڻ ڪٺمال،
مون
کي تن ماروئڙن جــــــــــي.
پٽ
پهريندس ڪينــــــــــڪي، عمـــر! لوئي
ابــــــاڻي لال،
مون کي تن ماروئـــڙن جي.
ڀائرن ۽ ڀينيرن ريءَ هتــــڙي، ساعـــــــــــت ڀانيان ســـــال،
مــــــون
کي تن ماروئڙن جـي.
آءُ
ڏهاڳــــــــــڻ تـــــــــــن ريءَ هتـــــڙي،
خوش وسن اُهي شال،
مون کي تن ماروئڙن جي.
”دريـــــــــــــــا خان“ مارن
ريءَ هتـــڙي، هئي هئي هيڻا حال،
ماروئڙن جي، سانگيئڙن جي، مون کي تن ماروئڙن جي.
(ص48)
درياءُ خان پنهنجي
سرائڪي
ڪلام ۾ حسن وعشق جي خوب اپٽار ڪندي پنهنجي
سرمستيءَ جو بيان ڪيو آهي. هن جي نظر ۾ عشق ئي اول
آهي ۽ عشق ئي آخر آهي. انسان دين مذهب جي قيد کان
عشق جي شراب جي ذري چکڻ سان آزاد ٿي وڃي ٿو. هن وٽ
عشق ئي سڀ ڪجهه آهي. چئي ٿو:
عشق نه پڇدا ذات صــــــــفات،
جنهان نون لڳندا سي پروان!
وچ ڪــــــــفر اسلام دي قائل، خــــــــــــير، شر
ڏونهان وچ مائــــــــــــــل،
ڪڏان وچ وستي، ڪڏان ويران!
نــا وچ دين مذهــــــــب نا آندي، ڏک سک ڏيک نه ٿيوين مانـــــــــدي،
رهن هميشه اپڻي وچ پئي غلطان!
”دريا خــــان“ عاشق عشق ڪمـــاون، دم دم خون جگر
دا کاون،
ڏي سر ساهه ڪرن قربان!
(ص112)
سچل سائين سرائڪي زبان ۾ جيڪا حسن وعشق جي وستار
ڪئي آهي سا خوب کان خوب تر آهي سڄڻ جي ڪارن وارن
کان ويندي ان جي سونهن سو ڀيا، تائين جو احوال ان
جي نازو اد جو ذڪر انتهائي سهڻي انداز سان ڪيو ويو
آهي:
ڇلي ڇلي سهڻي دي، نانگ بشيهر ڪالي
عاشق ٻانها ٻڌ کڙوتا ويک ڪي صورت والي
طرح ڪيهي اهو
دلبر مهن تي سخت بلائس پالي
سچل سائين چُپ رهه اٿان ويک عجائب ڄالي.(5)
ڪنڊڙي جي هن رند مشرب شاعر پڻ پنهنجي شاعري ۾ سڄڻ جي سونهن
سوڀيا جو ذڪر ڪندي ان جي مک کي سج ۽ چنڊ سان
ڀيٽيندي کيس يوسف ثاني ڪوٺيو آهي توڙي جو سچل
سائين به پنهنجي
سرائڪي شاعري
۾ محبوب جي حسن وجمال جي خوب ساراهه ڪئي آهي پر ان
کي يوسف ثاني نه سڏيو اٿس. دريا خان اها حجت هن
طرح ٿو هلائي:
سانون ريت سئنيو، مڻين مست ديوانا
مست ديوانايا، تهدل ٻانهيا،
شمس قمر يار
ميڏي دي، صورت يوسف ثانيان
مڻين مست ديوانيان
جلوا ڏي ڪي
دل کس ڳڌوئي، ڏونهين نين لٽايان
مڻين مست ديوانيان.
(ص125)
مجاز، حقيقي عشق ڏانهن ويندڙ رستي تي سالڪ جو
پهريون قدم آهي. جيستائين مجاز، عشق جي باهه اندر
۾ نه ٿي دکي ۽ ڀنڀڙ نه ٿي بڻجي ان وقت تائين سڙڻ،
کامڻ ۽ پڄرن جو پتو نه ٿو پوي. مجاز ئي آهي جيڪو
سپردگي جوجذبو پيدا ڪري ٿو ۽ مجاز ئي آهي جيڪو حد
کان لاحد ڏانهن وٺي وڃي ٿو. اکين ۾نينهن جو نشو
جڏهن سرور جي حد تائين پهچي ٿو ته پوءِ ئي اندر جي
دنيا جا سمورا رنگ روپ مٽجڻ شروع ٿين ٿا ۽ عاشق
دنيا کي ساڳين اکين هوندي ڪنهن ٻئي نظر سان ڏسڻ
شروع ڪري ٿو اهو جذبو اها ڪيفيت به سر شاعري واري
ٿئي ٿي جنهن جي انت جو پنڌ وڇوڙي جي ڏونگرن مان
گذري ٿو ۽ پوءِ صادق عاشق، مجاز کان حقيقت جو سفر
طئه ڪرڻ شروع ڪري ٿو.
فقير دريا خان توڙي سچل سائين جي ڪلام مان اسان کي
اهڙي سُڌ پوي ٿي ته هي ٻئي شاعر پڻ مجازي رنگ ۾
رنگجڻ بعد ئي حقيقت جي سفر تي نڪتا آهن. دريا خان
پنهنجي حياتي جو جيڪو آخري شعر چيو سو حسن وعشق ۽
تصوف جي گڏيل تصوير آهي.
هي حيران سهڻي يار ڪيتا،گهر ٻـــار اسان نــــو ڀل
ڳئـــي.
سانون يار دي حسن حيران ڪيتــا، ڪــــــــــم ڪار
اسان ڏي رل ڳئــــي.
جيڪي ڦــٽ فـــــــــــــــــرا ق وا لي هي،سي ته
چُلدي چُـــــــــــــــلدي چُل ڳئـي.
جيڪي عاشـقــــــــــــان دي نندا ڪرن،اهي راڄ
رقيبـــــــــــــان دي رل ڳئي.
هادي يار مليا مطلب
ٿــــــــــــــــــــــئي،تاڻيان تاڪ اندر دي کل
ڳــــــــــــــــئي.
”دريا خان“ پکي هڻ يار دي پيوسي،اهي هوڪي اسان ڏي
هل ڳـــــــــــئي.
(ص 9)
دريا خان جو هندي ڪلام به اعليٰ معيار جو آهي، جنهن تي
وحدت الوجود جو گهرو اثر موجود آهي. پنهنجي هن شبد
۾ انسان کي سجاڳي جو درس ڏيندي فقير دريا خان چئي
ٿو:
مـــــــــــــت ڀـــــــــــولو! مت
ڀـــــــــــــــولو!!
هــــــــــر نـــــــــــــام سمر من مت ڀولو!!
ستگـــــــــــر سبـــــــــــد سين الٽ سمايو،
ڪـــــــــــــــايا ڪـــــاشي تيرٿ
تـــــــــــــايو،
مـــــــــــن ڪي پانچ سوامــــــــــي منايو،
گيـــــــــــــــــــــان هنڊولي مين جهولـــــو!
مـــــــــــــت ڀـــــــــــولو! مت
ڀـــــــــــــــولو!!
هــــــــــر نـــــــــــــام سمر من مت ڀولو!!
(ص130)
پريم جو اظهار ڪندي چئي ٿو:
پريــــــــــم پـــــارکو ڪوئي نهين، جو ڪري پريم پڇان،
”دريا خـــان“ جس گهٽ پريم هي، اس گهٽ پرهي گيان.
پريم پريمــــــــــــــي ڪهين نهين، جو ڪري پريم
دهيان،
”دريا خان“ جس گهر پريم بسي، اس گهر بسي بهگوان.
(ص138)
فقير دريا خان
جي هندي ۾ چيل سي حرفي به ڪمال جي آهي، جنهن ۾
مالڪ جي صفت بيان ڪندي انسان کي پاڻ مان هٺ ۽
ٻيائي
تڙي ڪڍي عاجزي ۽ انڪساري پيدا ڪري، پاڻ کي سڃاڻي
حق سان هڪ ٿيڻ جي ڳالهه ڪــــــــري ٿو. محترم
نياز همايوني، فقير دريا خان جي ان سي حرفي متعلق
لکي ٿو:
”دريا خان جي هندي سي حرفي انهي ڪماليت واري آهي،
جيڪا ڪـــــــــــــماليت ڀڳـت ڪبيــــــر ۽ تلسـي
داس جي هندي ڪلام ۾ ملي ٿي. مڪمل سي حرفي نه
رڳــــــو پڙهي، ويڙهي رکڻ جي پر ياد ڪري پرھ
ڦٽيءَ جو جهونگارڻ جهڙي آهــي، جنهن مان انسان کي
اهو لاڀ ملي ٿــــــو جـــــــــو زمـــــاني جي
خفن کان آجو ٿي دل جو سڪون حاصل ڪري سگهي ٿو“ (6).
فقير دريا خان جي هندي سي حرفي مان چند مثال هت ڏجن ٿا.
س: صفت سبحان ڪي، مک سون ڪهي نه
جـــــــــــــاءِ،
اي عقل ڪلاڪو کيل هي، نا
ســـــــــــــر هاٿ نه پـاءِ.
ک:
پنجــــــــرا خــــــــــاک ڪـــــــــــــا،
پانــــــچ تنت ڪا ميـل،
رم رم ماهيـــن رم رهيـــا، عقل
ڪلاڪــا کيل.
ڙ: اوڙا،
اڙڪـــا هر نهين، هي صاحب سنتان پاس،
ساڌو
صاحـــــــــب جــون وسي، جون گل مانهين آڪاس.
ي: صاحـــــــــب يـون وسـي، جــــــــــــــــون سورير وسي آڪاش،
جهان
ويکون تهان ايڪ برم، چوڪو نٽ ڀيو پرڪاش.
(ص 4-3-141)
(ڌڻيءَ جي واکاڻ زبان سان ڪري نٿي سگهجي ڇو ته اها عقل جي بازي آهي، هٿ
پير يا مٿي هڻڻ جي هتي جاءِ ڪانهي.
- هي خاڪي پنڃرو (بدن) پنجن تنتن (عنصرن) جو جڙيل آهي، اهو چرخو ڪيئن
پيو چلي؟ تنهن جي سڌ مالڪ کي ئي آهي.
- ڌڻي تائين رسڻ ۾ ڪابه رنڊڪ نه آهي، هو سدائين ساڌن سان آهي، هنن وٽ
ايئن پيو وسي جيئن گل آڪاس جو مثال.
- ڌڻي هر هنڌ ايئن وسي پيو جيئن آسمان ۾ سج آهي،
جيڏانهن نهار ته اهو ئي چوڌاري پنهنجا تجلا پيو
پسائي).
فقير دريا خان سنڌي
سرائڪي ۽ هندي
جو اعليٰ معيار جو باڪمال شاعر آهي. هن جي ڪلام ۾
رواني، سلامت، ترنم ۽ ٻولي جي خوبصورتي موجود آهي.
هو ڪنڊڙي وارن فقيرن ۾ صوفي روحل ۽ مراد فقير کان
پوءِ تمام وڏو خوبصورت شاعر ٿي گذريو آهي. سندس
ڪلام بابت محترم امداد حسيني جي هي راءِ بلڪل درست
آهي:
”دريا خان جي شاعريءَ ۾ عشق ئي ڪل ڪائنات جو محــــــور آهي.
هن جي ٻولي جــــي ڄاڻ حيرت انگيز آهي ۽ ان سان
گڏوگڏ دريا خان وٽ جيڪا سرن جــــــــي ساڃهه آهي،
انهيءَ سندس شــــــــــــاعري ۾ ماکيان مٺو
ميٺــــــــــاج ڀري ڇڏيو آهي.
”دريا خان“ يقيناً هڪ صوفي شاعر آهي. هو هڪ پڙهيل
ڳـــــــڙهيل باشعور سريلو شاعر آهي، ان ڪري تصوف
جي مرحلن کان واقــــف آهي، پـــر هــــــــــو
ڪافـــــــــي ڪـــــــــــــلام جي شاعري ۾ رندي
رمز جو نمائندو شاعر آهي“ (7).
پڄاڻي
لڳ ڀڳ هڪ ئي دور ۽ هڪ ئي علائقي ۾ رهندڙ هي ٻئي
شاعر فلسفه وحدت الوجود جا پرچارڪ آهن. هنن ٻنهي
وٽ فرد جي سڃاڻپ کان ويندي حق جي وچ واري وٿي
تائين توڙي مجازي عشق ۽ حسن و ادا تائين جو خوب
بيان آهي. هي ٻئي شاعر فرد جي ذهني آزادي، خود
اعتمادي ۽ صبر جي باهه ۾ سڙڻ جا وڏا قائل آهن ۽
اهڙو اظهار هنن بار بار ڪيو آهي. سچل سائين توڙي
درياءَ خان پنهنجي جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن کي عيان
ڪرڻ لاءِ مختلف زبانن جو سهارو ورتو آهي. سچل
سائين سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ۾ خيال آرائي
ڪئي آهي جڏهن ته دريا خان سنڌي،سرائڪي ۽ هندي زبان
جو سهارو ورتو آهي اهڙي ريت هنن ٻنهي شاعرن بيت،
ڪافي ۽ سي حرفي جا گھاڙيٽا پنهنجي استعمال هيٺ
آندا آهن جڏهن ته دريا خان پنهنجي هندي شاعري ۾
دوها، ڀڄن، شبد، وائي جي هيئتن تي پڻ طبع آزمائي
ڪئي آهي. هنن ٻنهي شاعرن جي شاعري سنگيت وديا سان
به گهرو سٻنڌ رکي ٿي تنهن ڪري اها عام وخاص ۾ خاصي
مقبول پڻ آهي.
حوالا / حاشيا
1. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو) ص30،
سنڌي لئنگويج اٿارٽي 2005ع.
2. آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه، ص196، (حوالو اڳ
آيل آهي).
محترم نياز همايوني، ڪتاب ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ ۾
دريا خان دولهه جون ڪجهه ڪافيون ۽ سندس ڀاءُ نشان
علي فقير جي هڪ ڪافي شامل ڪندي دريا خان دولهه
بابت لکيو آهي ته : ”چيو وڃي ٿو ته هنڱورجن وارن
مخدومن جي خاندان مان هو جيڪي قريشي، عباسي آهن.
هن جي پيءُ جو نالو محمد الياس هو. هي تعليم کان
فارغ ٿي شڪارپور ۾ اچي انگريزن جي نوڪري ڪرڻ لڳو،
اوچتو فقيري رنگ چڙهيس جنهن ڪري نوڪري ڇڏي ڪو وقت
قلندر جي درگاهه تي گذاري وري پري سفر جي سانگي
هلندو رهيو. پڇاڙي نوشهري واري مخدوم عبدالحي وٽ
وڃي سندس مريد ٿيو. ان کان پوءِ لاڙڪاڻي لڳ لالو
رائنڪ ۾ پنهنجو اوتارو قائم ڪيائين. انهي وچ ۾ سنڌ
بلوچستان جا ڪيترا هنڌ ڀيٽيندو رهيو. آخر 5
ذوالقعد 1309 هه / 1891 ۾ وفات ڪيائين“. (آءُ
ڪانگا ڪر ڳالهه ص 192).
درياءُ خان دولهه جو ڪجهه ڪافيون ڇاپي ملن ٿيون جن
تي تصوف جو رنگ چڙهيل ڏسجي ٿو ته گڏوگڏ حسن وعشق
جو اولڙو به سندس ڪافي تي پسجي ٿو. مطلب ته هي به
سلوڪ جي راهه تي گامزن آهي. سندس سمورو ۽ ڪلام اڻ
موجود آهي تنهن ڪري اسين مٿس راءِ نه ٿا ڏئي
سگهون. هت نموني طور سندس هڪ ڪافي ڏجي ٿي ۽ سندس
ڀاءُ نشان علي فقير وفات (27 رمضان 1302 هه /
1887ع) جي پڻ هڪ ڪافي ڏجي ٿي جيڪا پڻ صوفياڻي
خيالن جي آهي.
ڪافي درياءَ خان دولهه
عشق عجب اسرار،
جن لايو تن کان پڇجي،
نينهن اوهان جو ننڍڙو نياپو،
ڪم نه اجهي ڪار،
جيتر اوهان کي نه ڏسجي.
جيڪر هلجي پار پرين جي،
هلي پسجي هيڪار،
اتي ڇو ويٺو لُڇجي.
منهن لڪائڻ نامناسب،
سڄڻ ساڙ نه ڏيسار،
بيگناهه ڀلا ڇو رسجي.
دل تي ”درياءَ خان“ جي،
برهه ڏاڍو آهي بار،
تيلاهون نٿو ڪڇجي.
ڪافي نشان علي فقير
سگهڙو موٽج ميهار ! لهي وڃ سار سنڀار،
ماري آهيان مٺل، ديدن جي ديدرا،
سانگو سر جو لاهي، پئي ڪنن منجهه ڪاهي،
دل کي ته دهيون ڪيو، ڇولين جي ڇڇڪار،
سگهڙو موٽج ميهار!
توسان نيهڙو لاتم، پيچ پرت جو پاتم،
اڳهين ائين نه ڄاتم، دلبر ٿيندين ڌار،
سگهڙو موٽج ميهار!
نيڻ ”نشان“ سان لائي، دلبر دلڙي ڦاسائي،
ويٺين منهڙو لڪائي، پل پل ڪيان ٿي پڪار،
سگهڙو موٽج ميهار!
3. سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو) ص30، (حوالو اڳ آيل آهي).
4. آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه، ص30 (حوالو اڳ آيل آهي).
5.
مولا صادق راڻيپوري، (مرتب)، سچل سرمست جو سرائڪي
ڪلام، ص 23، سنڌي ادبي بورڊ 1959.
6. آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه، ص34 (حوالو اڳ آيل آهي).
8. امداد حسيني، ڇپائيندڙ پاران ص16، آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه (حوالو اڳ آيل آهي)
سچل سرمست
۽
جان الله شاھ
”عاشق“
جان الله شاھ ”عاشق“ روهڙي جي رضوي ســـــادات
خانــــــــدان جو فرد هو. هو مير منورشاھ رضوي جو
فرزند ۽
مير جان الله شاھ اول جو پوٽو هو
(1).
جان الله شاھ ”اول“ روهڙي شهر جي ”جانشاھي“
خاندان جو جد امجد ۽ پنهنجي وقت جو وڏو عالم،
متشرع، زاهد، عابد، خوشخط، فارسي ٻولي جو
باڪمـــال شاعـــر ۽ شاھ عنايت شهيــــد جو وڏو
خليفو ۽ طالب هـــــو (2).
مير جان الله شاھ اول جي وفات
( 5 ربيع الاول 1167ھ/1753ع) کان پوءِ سندس فرزند
مير قلندر شاھ گادي تي ويٺو. هي صاحب به فنا في
الله جي درجي تي پهتل ۽ فارسي، سنڌي، سرائڪي ۽
اردو جو باڪمال شاعر هـــــــــــو. سندس رحلت (17
جمادي الثاني 1187ھ/5سيپٽيمبر1773ع) کان پوءِ سندس
ڀاءُ مير منور علي شاھ گادي تي ويٺو. هي به فقير
شخصيت جو مالڪ ۽ عارف هيو. کيس ڇھ فرزند هئا، سيد
جان الله شاھ ”عاشق“ سندس چوٿون نمبر فرزند هيو.
مير منور علي شـــاھ 25 رجب المرجب
1199ھ/29مئي1785ع تي وفات ڪئي.
کانئس پوءِ سندس فرزند سيد فتح علي شاھ سجاده نشين بڻيو. پر روحاني امانت
سندس ننڍي ڀاء سيد جان الله شاھ ”عاشق“ وٽ هئي
(3).
مير جــــــــــــان الله شاھ ثاني پنهنجي ڏاڏي جان الله شاھ اول وارو
روحـــــــــاني فيض سيد عبد الوهاب شاھ کان واپس
حاصل ڪيو. فيض حاصل ڪرڻ وارو واقعو ”تذڪره
جانشاھي“ جو مصنف هن ريت بيان ڪري ٿو:
”چوڻ ۾ اچي ٿو ته سيد فتح علي شاھ بن سيد منور علي
شاھ جيڪوپنهنجي ڏاڏي سيد مير جان الله شاھ اول جي
گادي تي هيــــــــــــــــو ان وٽ روحاني امانت ۽
فيض نه هيو ۽ هينئر اهو وقت اچي ويو
جنـــــــــــــــهن لاءِ سيد مير جــــــــان
محمـــــــــــــد شاھ رضــــــــــــــوي اول
پنهنجي خاص مـــــــــــــريد غلام رسول وڻجاري کي
وصيت ڪئي هئـــــــــــــــي ته
تنهنــــــــــــــــــــجو مريد غلام محمد ٿيندو
۽ ان جو مريد وري سيد عبد الوهاب شاھ ڀاڳناڙي وارو
ٿيندو. ان وقت اسان جي گادي نشين وٽ امانت ڪانه
هوندي تنهن ڪري تون غلام محمد کي ۽ غلام محمد وري
عبد الوهاب شاھ کي چــــــوي ته هــــــــــــو ان
وقت ڀاڳناڙي کان اچي اسان جي جانشين کي اسان جي
امانت روحاني فيض ڏئي وڃي ۽ اهو وقت سيد فتح علي
شاھ وقت ۾ آيـــــــــــــو.
ميـر جان الله شاھ رضوي اول ۽ فقير قادر بخش بيدل جي سمورن تذڪرن ۾ اهو بيان
آهي ته مرشــــــــــدن جي وصيت تي عمل
ڪــــــــــرڻ لاءِ سيد عبد الوهاب شـــــــــــاھ
جيلاني ڀاڳـــــــــــــــناڙي کان انــــجام
موجب، سيد فتح علي شــــــــــــــــــــاھ رضوي
بن سيد منور علي شاھ کي امانت ڏيڻ روهڙي
پهتو.”انيــــــــــــس المساڪين عرف راحت
السالڪين“ ۾ آهي ته:
”سيد عبد الوهاب شاھ انهي وصيت بنسبــــت سارو احوال سيد فتح علي کي بيان
ڪيو(جو ان وقت گادي نشين هو) مگر سيد فتح علي شاھ
کي اهــا ڳالهه ناگوار گذري ۽ فرمايائون ته ”ڇا
اسان وٽ فيض ڪونه آهي جو اوهان ڏيڻ آيا آهيو“ عبد
الوهاب شاھ فرمايو ته ”قبلا! اوهان اسان جا
مرشـــــــد آهيو، اسان کي پاڻ اوهان جي دروازي
تان فيض مليل آهي. اسان کي ڇا مجال آهي جو اوهان
کي فيض ڏيون“ ائين چئي هو
رخـــــــــــــــــــصت وٺي سيد عبد الوهاب شاھ
محافي ۾ (جو اڪثر محافي ۾ سواري ڪندا هئا) روانو
ٿيو. سيد فتح علي شاھ رضوي جي ننڍي ڀاء
سيد ميــر جان الله شاھ ثانـــي جـــــــــــــو
اها ڳالهه ٻڌي، تنهـــــــــــــــن ڊوڙي وڃي سيد
عبد الوهاب شاھ جــي محافي کي ڪلهو ڏنو. مير جان
الله شـاھ ثاني اڃان ڪلهو ڏنو ئي مــس ته سيد عبد
الوهاب شاھ فرمايو ته”محافو جهـــــــليو جو مرشد
جي اولاد مــان اچي ڪنهن ڪلهو ڏنو آهي“. پوءِ سيد
عبد الوهاب شاھ محافو رکائـــــــــي سيد جان الله
شـــــــــــاھ ثاني کي ڀاڪر پائي فرمايو ”جاني
ميــــــڏا ڪوئـــــي نهين ثاني“( 4).
سيد عبد الوهاب شاھ مرشد جي وصيت ۽ حڪم موجب سندس
امانت روحاني فيض سيـــــــــد جان الله
شـــــــــــاھ ثاني جي سپرد ڪيو ۽ پنهنجي نياڻي
جو سڱ پڻ سندس فرزند سيد جمن شــــــــاھ ثاني کي
ڏنائين. جنهن جو فرزند سيد علي اڪبر
شـــــــــــاھ اول پوءِ درگاهه مير جان الله شاھ
رضوي جي گادي تي ويٺو(5).
سيد جان الله شاھ ثاني، سيد عبد الوهاب کان پنهنجي
وڏن جي امانت ٻيهر حاصل ڪري روحانيت جي وڏي درجي
تي پهتو. سندس ڪيترائي مريد پڻ هئا. خراسان جو
بادشاھ شاھ شجاع الملڪ به سندس مريد هو.
حـق ۽ سچ جو هن پانڌيئڙي 6 ربيع الاول سنه
1255ھ/25 مئي 1839ع تي وفات ڪئي (6). فقير قادر
بخش بيدل سندس قطعه تاريخ وفات چئي آهي جيڪا هت
پيش ڪيون ٿا (7).
تاريــــخ وصال جناب ســيد الســادات، پير طريقت
صوفيان مير جان الله.
جناب شاھ جان الله
صــــــــــــــــــوفي،
مکمل مرشد و پيــــــــــــــــــر
طريقت.
بهنگام تکلم
طالبـــــــــــــــــــــــــــان را،
خبر ميداد ز اسرار
حقـــــــــــــــــــــيقــت.
چو در وحدت وجودي کب کـــــشودي،
بدي ســــــالک
انـــــــــــــــــــــــوار زينت.
عيان مي بود در هر مســــــــتفيـــــدش،
ازو آثار جذبات
محــــــــــــــــــــــــــــــبت.
بسلسه قادري مي ساخت مســـــــــــــرور،
وليء دوران به تزيت ممکـــــــــــــــــــــنت.
چو عزم سير ملک لامکان کـــــــــــــــرد،
جلوس آورد بر تخت هويــــــــــــــــــــــــت.
پئي سال وصالش هاتفي گفـــــــــــــــــت،
ولي تاجور اقليم
وحـــــــــــــــــــــــــــــدت.
1255
جان الله شاهه کان پوءِ سندن پوٽو سيد علي اڪبر
شاهه اول درگاهه جي مسند تي ويٺو جيڪو سيد جمن
شاهه جو فرزند هو. سيد علي اڪبر شاھ اول جي والد
سيد جمن شاھ ثاني جي زندگي بابت ڪو گهڻو احوال هٿ
نٿو اچي. تذڪره جانشاهي جي مصنف، سيد جمن شاھ بابت
فقط ايترو لکي ٿو ته: ”شجره سادات نقوي/رضوي بکر“
۾ اچي ٿو: ”عارف رباني عاشق سبحاني صاحب تلقين و
ارشاد حضـــــــــرت سيد جمن شاھ صوفي القادري“
تذڪري جو صاحب وڌيڪ لکي ٿو: “سيد جمن شاھ ٻه
شاديون ڪيون جنهن مان کيس ڇھ فرزند تولد ٿيا، جن
مان سندس وڏو پٽ سيد علي اڪبر شاھ اول پوءِ درگاھ
جان الله شاھ رضــــــــوي جي گادي تي ويٺو (8).
سيد جمن شاھ بابت وڌيڪ ڪا معلومات نٿي ملي.
ايتريقدر جو سندن وفات جي تاريخ به هٿ نه اچي سگهي
آهـي. ٻي طرف تذڪره شعراءِ سکر جو مصنف جي
لکــــــــــــــڻ موجب ته:
سيد جان الله شاھ ”عاشق“ کان پوءِ سندس پوٽو سيد
علي اڪبر شاھ
اول گادي تي ويٺو (9). انهن ڳالهين مان گمان غالب
آهي ته
سيد جمن شاھ ثاني پنهنجي والد سيد جان الله شاھ
”عـــــــاشق“ جي حياتي ۾ ئي رحلت ڪري ويو هجي، ان
ڪري سيد جان الله شاھ ”عاشق“ کان پوءِ سيد علي
اڪبر شاھ اول گادي تي ويٺو.
شاعري:
ســــــــــيد
جـــان الله شـــــــــــاھ ثــــاني
پنهنجــــــــــي خاندان جي وڏن شاعرن سيد مير جان
الله شاھ رضوي اول ۽ سيد مير قلندر شاھ رضوي وانگر
هڪ وڏو عالم، فاضل ۽ سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي
جو وڏو شاعر پڻ هو. فارسي ۾ سندس تخلص ”عاشق“ هيس.
فارسي زبان جو سندس ديوان ”ديوان عاشق“ جي نالي
سان گڏ ٿيل آهي.
ميمڻ عبد المجيد سنڌي لکي ٿو ته:
”هي فارسي جو صاحب ديوان شـــــاعر ٿي گذريو آهي.
وڏو فياض هو، جيڪو به وٽس آيو، سو روحاني توڙي
دنيوي فيض سان مستفيض ٿي ويو“(10).
سيد جان شاهه ڪجهه سنڌي، سرائڪي ڪلام گڏ ڪري
اختر درگاهي ڪتاب ”تذڪره جا نشاهي“ ۾ پيش ڪيو،
اسان پڻ سندن ڪلام جي مطالعي لاءِ مذڪوره ڪتاب ۽
سچل سائين جي شعر لاءِ عثمان علي انصاري جو مرتب
ڪيل رسالو سامهون رکنداسين.
جان الله شاھ عاشق جي ڪلام ۾ سچل سرمست وانگر جا
بجا عشق ۽ تصوف جي تنوار ۽ وحدت جي
وائي
موجود آهي. هوبه سرمست سائين وانگر پاڻ سڃاڻڻ جي
تلقين ڪري ٿو. سچل سائين چئي ٿو:
پاڻ پنهنجو پاڻهي، صورت منجهه سڃـــــــاڻ،
الله الله ڇو چـــــــــــــوين، پــــــــــــــــاڻ ئي الله ڄاڻ،
تون ئي ٻڌندڙ تون ئي ڏسندڙ، شاھد آ قرآن،
ناهي شڪ گمان، سچو سائين هيــڪڙو.
(ص 9)
جان الله شاھ عاشق به اهڙي ڳالهه ڪجهه هن طرح ڪري
ٿو:
صورت ۾ ٿي سندس اُتارو، ڏس پروڙي پـاڻ،
ڳوليندڙ جو تون نه ٿو ڳولين، سوئي توئي ساڻ.
(ص 72)
سچل سائين وحدت ڪثرت جو بيان ڪندي چئي ٿو:
سچل سارو سچ ٿيو، منجهان ڪثرت ڪـــل،
الف مان آدم ٿيو، ڪري هنگامـــو هل،
هندو مؤمن هڪ ٿيو، ڀول نه ٻي ڪنهــن ڀل،
”خلق
الاشياءِ فهو عينها“ اهو آڻ عمــــل،
ٿج گلابي گل، مر مارني منصور جـــــان.
جان الله شاھ ثاني وحدت ۽ ڪثرت جو فلسفو وري هن
طرح بيان ڪيو آهي:
وحدت ڪثرت، ڪثرت وحدت،
اهو اصـــــــــــــول اصل جو نشان.
ڪثرت وحدت جو ٿي
مظهر ماڳ سندس لامڪان.
(ص 12 )
جان الله شاھ عاشق جي ڪلام تي تصوف جو رنگ غالب آهي. هن
پنهنجي ڪلام ۾ وحدت، ڪثرت، پاڻ سڃاڻڻ، عشق، نفي،
اثبات، حال، قال، فنا ۽ بقا جا مضمون ڏاڍي دلڪش
انداز ۾ بيان ڪيا آهن. ساڳي وقت سندن همعصر شاعر
سچل سرمست جي ڪلام ۾ به اسان کي ساڳيا مضمون ملن
ٿا. سلوڪ جي راهه تان گذرندي سالڪ جون جيڪي
ڪيفيتون ٿين ٿيون سي اسان جي صوفي شاعرن ڏاڍي بي
ڊپائي سان بيان ڪيون آهن سرمست سائين چئي ٿو ته
جڏهن واحد تان ڪثرت ٿي ۽ ڪثرت مان وحدت ٿي ته پوءِ
'هُو' ئي آهي ٻيو ڪوبه ناهي. هر منظر ۾ فقط هن جو
ئي جلوو آهي. جيڏانهن به نظر ڪجي ٿي هو ئي نظر اچي
ٿو ٻيو ڪجهه به نه ......!
سڀ ڪنهن پار پرين جو پرتو، خوابون عين کلايون،
وحدت مون وو ڪثرت ڪيائين، رنگي رنگ رچايون،
تو مان جي پردي مون ٻاهر، سرتيون ڇو نه ملايون.
(ص 85)
جان الله شاهه به ساڳي وائي ويٺو ورنائي. ڇاڪاڻ ته
هن جي رڳ رڳ ۾ يار سمائجي چڪو آهي. ته پوءِ اهڙي
حالت ۾ هو ڪهڙي طرح ڪنهن ٻئي جي طرف نهاري چئي
ويٺو:
رڳ رڳ دي وچ يار سمايا، جو شئون جلويدار،
چمڪ چمڪار لڳي،
من موهن ۾
دوست ڏٺائون، عشق لائي ڀڻڪار،
برهه گنهگار لڳي.
(ص 85)
سچل سائين پنهنجي ڳالهه ڪرڻ ۾ بي ڊپائي جو مظاهرو
ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته هن جيڪو ڪجهه ماڻيو آهي ان جي
ڳالهه ڪرڻ ۾ هن کي ڪوبه خوف نه آهي. پر هن ڏٺو ڇا
هي؟ هن جي نظر ۾ ڪهڙو منظر چٽو ٿيو آهي. جيڪو باطن
هو. جيڪو ظاهر نه هو. جيڪي ڪجهه هر اک ڏسڻ جي سگهه
نه ٿي رکي، سچل سائين اهو ڪجهه ڏٺو آهي !! کيس اهو
مَقام نصيب ٿيو آهي جنهن جي سَڌ سلوڪ جو هر راهي
ڪري ٿو. سچل جيڪو ڪجهه ڏسي ٿو اهو عيان به ڪندو
رهي ٿو:
صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو،
ڪاٿئين حنبل شافي، ڪاٿئين مالڪ نعمان،
ڪاٿئين پٽي ڀوٿيون، ڪاٿئين پڙهي قرآن،
ڪاٿئين اناالحق چوي، ڪاٿئين
ڦيرائي فرمان،
'سچو' پيو صبر ۾، هوءِ حيرت ۾ حيران.
(ص 87)
جان شاهي خاندان جو هي وحدت
الوجودي شاعر
به ان ئي واٽ تي هلندڙ ۽ ساڳيو مرتبو ماڻيندڙ ۽
ساڳي تنوار کي ورنائيندڙ آهي، چئي ٿو:
جان الله شاهه ”عاشق“ جڏهن حقيقت جي
وائي
تنواري ٿو ته هن جو انداز ماٺيڻو آهي پر ڪٿي ڪٿي
هو به سرمست سائين جيان
بي ڊپائي وارو رخ اختيار ڪري وٺي ٿو ۽ ان حالت ۾
هو به نه سلڻ جهڙيون ڳالهيون به سليو وڃي:
ملان قاضي، سڀ وچ هڪو پنڊت جوشي ٻيو ناهي ڪر،
محبت مٺا منٺار،
شاهه حسن د
ا سير ڪيتوسين، رنگپور د ي وچ صحيح ڏٺوسي،
جو شئون جلويدار،
جان شاهه”
عاشق “ گهر وچ پاتا، شاهه حسن د ا صحيح سڃاتا،
نيهن ٿيا نروار.
(ص 84)
جڏهن ته سچل سائين وٽ کلم کلا وارو انداز آهي ڪجهه
عڪس سرمست سائين جا پسجن:
سڀ ڪنهن ويڙهي تون وسين،ڪونه آهي ٻيو تو رِيَ،
هر جاءِ حاضر
'تون' موٽي ڪهڙي آهي مون،
هادي کڻ حجاب کي.
(ص54).
'اناالحق' جي تشريح ڪرڻ لاءِ هنن ٻنهي شاعرن
پنهنجي شاعري ۾ ڪن لوڪ رومانوي داستانن جو سهارو
ورتو آهي. سچل سائين ته سسئي، مومل، مارئي ۽ هير
بابت بيت ۽ ڪافيون جهجي مقدار ۾ چيا آهن پر جان
الله شاهه جو ڪلام ان جي مد نظر بنهه گهٽ اسان
تائين پهتو آهي جنهن ۾ سسئي ۽ مارئي بابت ڪافي
آهن:
چنڊول چوڏهين رات،
آيل هاڙي آيا مون پرين،
اکڙين ننڊ ناهه ڪا، پرهه ڦٽي پرڀات،
ويٺي ساريان
هوت کي جاڳڻ ساري رات،
'وحده لاشريڪ
لﮧ' ٻولي ٻِي ناهي وات،
جان
شاهه عاشق کي سڪ پرين جي، وصل وصال جي تات.
(ص 76)
مارئي جي بيان ۾ مارئي جي ماروئڙن لاءِ سڪ اڪير ۽ بيقراري جي تصوير پيش ڪندي
هي جانشاهي شاهه چئي ٿو:
ڇو ٿا ڍڪا يومون پٽ الا،
آ پنهنجا ڦوڳ ڦلهاريا نه مٽيان،
ٻن ڏيان گلم غاليچا طول وهاڻا،
لوئي لنڱين نه لٽ الا،
جيئن هت باغ باغيچا بنگلا مليا،
ڪرڙ ڪڪوريا هت گهٽ گهٽ ميان.
(ص 77)
سچل سائين جي ڪلام ۾ اسان کي هنن ٻنهي سرن بابت
وافر شعر ملي ٿو. مارئي جي حالت زار جي ڳالهه ڪجهه
هن طرح ويٺو ڪري:
ريگستاني راڄ جي، آءُ ڳالهه ڪريان ڪيهي،
ڪن پچارون پاڻ ۾، سي واريءَ تي ويهي،
ته ”ايندي ماروئين مارئي شل پَکن ۾ پيهي“،
اُڪنڊ مون ميلاپ جي آهه جهانگين کي جيهي،
منهنجن تن تيهي، آهي سڪ سنگهارن جي.
(246)
سچل سائين جي شاعري ۾ کوڙ ساريون فني خوبيون ۽
نواڻ پڻ موجود آهي ته گڏوگڏ ڪيتريون صنعتون پڻ
سندن ڪلام ۾ استعمال ٿيل آهن. پر اسان کي جان الله
شاهه ”عاشق“ جي بنهه گهٽ ملندڙ سنڌي ڪلام ۾ صنعت
ترصيح واري ڪافي ملي ٿي. جنهن ۾ صنعت مطابق اها
عبارت يا شعر جن ۾ ڪي لفظ خانن وانگي آڻجن جي تڪن
۾ موافق هجن. (11) شعر ۾ اها صنعت خوبصورت ڀاڻنجي
ٿي. جان الله شاهه عاشق جي هڪ اهڙي ڪافي جا ٻه بند
نموني خاطر پيش ڪجن ٿا.
ڪڏان اندر هون ڪڏان ٻــــاهر هون،
ڪڏان باطن هون ڪڏان ظاهر هون،
ڪڏان طيب هون ڪڏان طاهـر هون.
ڪڏان عجمي هون ڪڏان عارب هون.
ڪٿان حاضر هون ڪٿان غائب هون،
ڪٿان ميخور هون ڪٿان تائب هون،
ڪٿان نيهن نواب دي نــــــــــائب هون،
ڪٿان جام وصال دي شارب هون.
(ص 79)
سچل سرمست جي ڪلام ۾ به اسان کي اهڙيون ڪافيون ملن
ٿيون مثال طور هت هڪ ڪافي جون ڪجهه سٽون پيش ڪجن
ٿيون (12).
تاب ڪنون بي تاب، ميان، مين تاب ڪنون بي تاب،
نا مين گويا نا مين جـــــــــــــــويا، نا مين
سوال جواب،
نا مين خاڪي نا مين بـــــــــــــــــادي،
نا مين آگ نه آب،
نـــــــــــــــــا مين جني نا مين انسـي،
نـــــــــا مائي نا باب،
نا مين سنـــــــــــــي نا مين شيعـــــــا، نا
مين ڏوھ ثواب،
نا مين شرعي، نامي ورعــــــــــي، نا مين رنگ
رباب،
نا مين ملا نا مين قاضي، نا مــــــــــــــــين
شور شراب،
ذات “سچل” دي ڪيهي
پڇدئين،
نالـــــــــــــــي تا ناياب.
(راڻيپوري، ص227)
فني اعتبار کان جان الله شاهه جي ڪافي يڪي، ڏيڍي، ٻيڻي، ٽيڻي، چئوڻي آهي
جڏهن ته سرمست سائين وٽ ڪافي، يڪي، ٻيڻي، ٽيڻي،
چڻوڻي ۽ پنجوڻي ته آهي پر ان ۾ قافين جي مٽا سٽا
سان منجهس سٺ کان وڌيڪ نمونا ايجاد ڪيا جيڪا ڳالهه
يقينن قابلِ تعريف آهي.
پڄاڻي:
سچل سائين ۽ جان الله شاهه جي زندگين کان ويندي
شاعري تائين ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪ جھڙيون آهن،
مثال طور:
§
ٻئي شاعر صاحب علم وفضيلت خانوادن سان تعلق رکندڙ
هئا.
§
ٻئي شاعر قادري طريقي جا پؤلڳ هئا.
§
ٻنهي جا ڏاڏا ۽ چاچا نه فقط شاعر هئا پر پنهنجي
وقت جا عارف ڪامل ۽ روحانيت جا صاحب پڻ هئا.
§
هي ٻئي شاعر هڪ ئي وقت ۾ هڪ ٻئي جا پاڙيسري هئا پر
تذڪرن ۾ سندن ميل ملاقات جو ذڪر ناهي.
§
هي ٻئي شاعر هڪ ئي مڪتب فڪر فلسفه وحدت الوجد جا
قائل هئا.
§
ٻنهي شاعرن سلوڪ جي راهه جون حالتون ۽ سالڪ جون
ڪيفيتون اظهاريون آهن.
§
ٻنهي شاعرن ڪافي جي هيئت کي پنهنجي اظهار لاءِ
چونڊيو ۽ سنڌي کان سواءِ
سرائڪي
۽ فارسي زبان ۾ پڻ شعر چيو.
ضميمو
مير جان الله شاهه اول
مير جان الله شاهه اول پنهنجي وقت جو جيد عالم، صوفي ۽
حق گوشاعر هو. سندس نضيفن ۾ قرآن پاڪ جو تفسير،
ديوان مير
(فارسي ڪلام)، مثنوي دربحر، مثنوي ساقي نامه،
مثنوي صفت مئخانه شامل آهن. سندس ڪلام تي تبصرو
ڪندي مانوارو لطف الله بدوي لکي ٿو:
”سندس شعر تصوف جي باريڪ نڪتن سان ڀرپور آهي. وڏي
خصوصيت جا سندس شعر ۾ آهي سا آهي 'درد' سندس شعر
جي هر هڪ سٽ مان درد ۽ محبت جهلڪندڙ نظر اچي ٿو.
زبان جي لحاط کان
ائين
معلوم پيو ٿئي ڄڻ ڪو شيراز يا تبريز جو رهاڪو
ٻُولي رهيو آهي. سندس ڪلام جي پختگي، رواني ۽
شيرني ۾ درد معلوم ٿئي سگهندو.
(تذڪره لطفي)
مير جان الله شاهه جي هڪ فارسي غزل جا ڪجهه بند
نموني خاطر پيش ڪجن ٿا.
الاهي جوش طوفان بخش چشم اشکبارم را،
سحاب دجله افشان کن رگ ابربهارم را.
ولم درسينه از شوق دم تيغ تو ميرقصد،
ز گل صدبار رنگين تر ڪني مشت غبارم را.
غلام همت عشقم که هردم ”مير“ گرداند،
طرازِ چنگل شهباز کبک کوهشارم را.
(تذڪره جانشاهي ص 31 )
مير قلندر علي شاهه
سيد مير قلندر علي شاهه رضوي، مير جان الله شاهه
جو فرزند ۽ کائن پوءِ منسد نشين ٿيو. سنڌي
سرائڪي، فارسي ۽ اردو جو شاعر هجڻ سان گڏوگڏ عارف ڪامل هو. تذڪرن ۾
سندن ڪيتريون ئي روايتون آندل آهن. سندن شاعري
بابت اختر درگاهي لکي ٿو:
”سيد مير قلندر شاهه پنهنجي والد جيان فارسي ٻولي
جو صاحب ديوان شاعر بڻيو. سندس فارسي ڪلام ۾ تخلص
'بهلول' استعمال ٿيل آهي جڏهن ته پاڻ پنهنجي سنڌي،
سرائڪي ڪلام ۾ ”قلندر“ تخلص استعمال ڪيو اٿائين. شاهه صاحب جو سنڌي،
سرائڪي ۽ اردو ڪلام تمام ٿورو ملي سگهيو
آهي جڏهن ته سندس فارسي شعر مڪمل 'ديوان بهلول'
سندن پوين وٽ محفوظ آهي“.
(تذڪره جانشاهي 42)
مير قلندر شاهه جي هڪ
سرائڪي
ڪافي نموني خاطر هت درج ڪجي ٿي.
تجهه مين دوست سمايا وو،
جاگ جاگ من ننڊ نه ڪيجي،
ايک ترنگ به رنگ پيارا بيچون نام دهرايا،
بي پرواهه دليندا مالڪ هادي الله ملايا،
تن مين من مين رچ مچ رهيو لنو لنو وچ سمايا،
ڪهه ”قلندر“
تن من اندر جس ڊهونڊهيا تس پايا.
(تذڪره جانشاهي ص 52)
سيد علي اڪبر شاھ (اول)
سيد علي اڪبـــر شــــاھ (اول) ولـــد سيـد جمــن
شاھ پنهنجي ڏاڏي سيد جان الله شاھ
”عاشق“ جي رحلت (1255ھ/1839ع) کان پوءِ درگاھ
جان الله شاھ (اول) جـــو مســند نشيـــــــــن
ٿيـــو. سيد علي اڪبـــر شــاھ،
سيد عبدالوهاب شاھ ڀاڳناڙي واري جو ڏوهٽو هو.
سيد علي اڪبر شاھ، فقير قادر بخش بيدل جو همعصر ۽ عالم
فاضل شخص هو. هن ٻه شاديون ڪيون جن مان کيس ست
فرزند ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو، جنهن مان سندس
پهريان ٻه وڏا فـــــــرزند صغيرسنـــي ۾
وفـــــــات ڪـري
ويا تنهن ڪري
سيــــــــد علي اڪبر شاھ جو ٽيون نمبر فرزند سيد
جان الله شاھ ثالث کانئس پوءِ مـــــــسند
نشين ٿيو.
سيد علي اڪبر شاھ
اول جي ڄمڻ جي تاريخ جي خبر نه ٿي پوي
البته
سنــــــــــدس وفـــــــــات سنه1270ھ/54-1853ع
ٿـــــــــي. ســــندس وفــات تــــــي فقير قادر
بخش بيدل قطعه تاريخ وفات چئي، جيڪا هت پيش ڪجي ٿي.
گفــــت تاريخ وصالش هــاتفي
قدولق عنــدالمليک المقتدر
1270ھ
سيد علي اڪبر شاھ اول جي شاعر هجڻ بابت تذڪره جانشاهي
جو مصنف لکي ٿو:
”سيد علي اڪبر شاھ جو ڪو به ڪلام ملي نه سگھيو
آهي جنهن مان خبــــر پئجي سگھي ته پاڻ شاعر به
هـــــئا البته پاڻ جيئن ته هڪ روحاني ۽ علمـــــي
خانـــــدان جـــــــــا چشـــــــــــــم چراغ
هئا ۽ سندس وارث هئا. تنهــــــن ڪـري پـــــاڻ به
پنهنجــــــــي وقـــــــت جــــــا وڏا
صـــــــوفي ۽ قادري سلسلي جا صاحب سجاده هئا“.
(تذڪره جانشاهي 90-9-88)
”تذڪره جانشاهي” جي مصنف کي سيد علي اڪبر شاھ اول جو ڪو
ڪلام هٿ نه اچي سگهيو آهي. پر اسان کي فارسي جي هڪ
قلمي بياض ۾ سيد علي اڪبر شاھ اول جي نالي هڪ
فارسي غزل ۽ قطعو نظر مان گذريو آهي. گمان غالب
آهي ته مذڪوره شعر
شاهه صاحب جو ئي آهي تنهن ڪري اسان هت رڪارڊ خاطر
اهو فارسي غزل ۽ قطعو پيش ڪيون ٿا.
غزل (فارسي)
ســـــــــــــر بزانوي تفکر شـــــــدم از
زارئـــــي دل،
سرنگون ساخت مرا آه نگــــــو نســــــــــارئي
دل.
هر نفس ز آتش فرقت دل و جانم تـــــپ است،
سينه ام خورده چه گلهــــــــــاز شـــــرا بارئي
دل.
سوئي افلاک ديــــــود آخـــــــر از شــــرم
مسيح،
چــــون نـــــــدانســـــــت دوا دافـــــع
بيمارئي دل.
حيف صد حيف که عمـرم بهواي تو گذشت،
مگـــــر حـــــرفي ننــــــوشتي پسي غمخوارئي دل.
بلبـــــــــلان از چشـــــــــــم آه و فـغا نها
برداشت،
روئي گلها شده خونرنـــــــــــــگ ز خونخوارئي
دل.
روز و شـــــب محــــو تقـــــاضائي لقائي تو شدم،
حســــرتــــــا هيچ نــــــــــــــشد فکر پر
ستارئي دل.
قطعو
انــــــا الشيعــــــــة و لکـــــــــن لا
ابــــري،
مـــــــن خلفـــــاء هـــــــــم سرج الهداية،
انـــــــا السني ولکــــــــــــــن قائل الفضل،
بقـــــــامع خيبـــــــــر و الي
الولايــــــــــــة.
حوالا / حاشيا
1. اختر درگاهي، تذڪره جانشاهي، ص13، سکر هسٽاريڪل سوسائٽي،
2001ع.
2. تذڪره جانشاهي، ص 13، (حوالو اڳ آيل آهي).
3. تذڪره جانشاهي، ص53-27، (مختلف صفحا)
(حوالو اڳ آيل آهي).
4.
تذڪره جانشاهي، ص4-53، (مختلف صفحا) (حوالو اڳ آيل
آهي)
5. تذڪره جانشاهي، ص64-56، (مختلف صفحا) (حوالو اڳ آيل
آهي).
6.
تذڪره جانشاهي، ص62، (مختلف صفحا) (حوالو اڳ آيل آهي).
7. سيد عبدالحسين شاهه موسوي، ديوان بيدل، ص387، سنڌي ادبي
بورڊ.
8. تذڪره جانشاهي، ص 64، (حوالو اڳ آيل آهي).
9. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، تذڪره شعراءِ سکر، ص100.
10. تذڪره شعراءِ سکر، ص100، (حوالو اڳ آيل آهي).
11. ڊاڪٽر مخمور بخاري، سچل سرمست ۽ ان جا همعصر
شاعر،
ص 151، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ – 2011ع.
12. مولانا صادق راڻيپوري، سچل سرمست جو
سرائڪي
ڪلام،
ص 227، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع. |