نثار بزمي
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون....“
”رشي... رشي... او رشي!..... ڪيڏانهن هلي ويئينءَ رشي....
اَها.... پ... پ پاڻي.....“
پاڻيءَ جي پياس کان هن پنهنجي زال کي سڏ ڪيا. مگر ايڏي وڏي ڪمري
۾ هن جي سڏ سڻڻ لاءِ ڪو موجود ڪونه هو. پياس جي
شدت کان هن جو حلق خشڪ ٿي رهيو هو. هو ”ماهي بي
آب“ جيان بستري تي تڙپي رهيو هو. پاڻي جو گهڙو
کانئس پرڀرو پيل هو، ۽ اٿڻ کان هو مجبور هو. هن ڀت
کي هٿ ڏيئي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر اٿي نه سگهيو ۽
ڪري پيو. اڃ جي اجهائڻ لاءِ هن وري دوباره سڏ ڪرڻ
شروع ڪيا ”او رشي.... او رشي“ مگر اهي آواز بند
ٿيل ڪمري جي ديوارين سان ٽڪرجي وري اچي سندس ڪنن
کي پئي لڳا. ائين ئي سڏ ڪري ڪري ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي کيس
ننڊ کڻي ويئي. انهيءَ وقت هوش ۾ آيو، جڏهن سج جا
سونهري ڪرڻا روشندان مان ڇڻ ڇڻ ڪري هن جي پيلي ۽
بي رونق چهري تي پئي ڪريا.
اچانڪ دروازو کليو، ۽ پوڙهي ملازمه ”رحيمان“ ڪمري ۾ قدم رکيا.
”طبيعت ڪيئن آهي صاحب؟“
”ٺيڪ آهيان....“ رحيمان ڏي گهوري هن جواب ڏنو.
”ناشتو تيار ڪري وٺان؟“
”نه“.
”اوهان ڪجهه نه ڪجهه کائيندا ڪريو سرڪار“ چئي رحيمان دروازو
ٻيڪڙي هلي ويئي.
”ڪيڏانهن ٿي وڇين رحيمان؟“
آواز ٻڌي رحيمان دروازو کولي وري ڪمري ۾ گهڙي آئي.
”بيگم صاحبه ڪٿي آهي؟“
”بيگم صاحبه، ڪالهه شام جو هڪ خوبصورت نوجوان سان موٽر ۾ چڙهي
هلي ويئي آهي.خبر نه آهي ته ڪيڏانهن“. مرزا صاحب
جي چهري تي مردني ڇانئجي ويئي. ۽ غم جو گهراين ٻڏل
ساهه کڻي هن چيو: ”جڏهن واپس اچي ته مون ڏي
موڪلجانس“.
”حاضر صاحب.“
رحيمان ڪمري کان ٻاهر نڪري ويئي.
مرزا صاحب ٿورو کنگهي پاسو ورائي وري سمهي پيو ۽ سامهون ديوار
تي لڳل هڪ خوشنما فريم ۾ رشيءَ جي تصوير کي هو ڏسڻ
لڳو.
”رشي! توسان ڪيڏو نه منهنجو پيار آهي. دنيا جي هر چيز کان
زياده.... والدين ۽ عزيزن جو ناراضپو خريد ڪري مون
توسان شادي رچائي ۽ تنهنجي ئي ڪري مون انهيءَ
سموريءَ جائداد تان هٿ کنيو جا منهنجي امانت هئي.
شادي کان اڳ ۾ تون چوندي هنئينءَ ته ”پيارا! تون
مون کي وساريندين ته ڪونه؟“ مان چوندو هوس ”دل جي
راڻي! تون اهي ڪهڙي قسم جون ڳالهيون پيئي ڪرين.
مان توکي ڇالاءِ وساريندس؟ تون ته منهجي روح جي
خوراڪ آهيان.“ پوءِ تون پنهنجون نرم و نازڪ ٻانهون
منهنجي گلي ۾ وجهي مون کي ڪنهن ٻيءَ دنيا ۾ وٺي
هلندي هئينءَ، جتي صبر و سڪون ۽ عيش و نشاط کان
سواءِ ڪجهه نه هو. مگر اڄ!.... اَها..... تون
منهنجي پاڇي ڏسڻ لاءِ به تيار نه آهين. مونڪ کي
اهو به پتو ڪونهي ته تون گهر ۾ موجود آهين يا نه.
تنهنجي ڪوئل جهڙي مٺي ۽ مڌر آواز ٻڌڻ لاءِ مان
پريشان آهيان. مگر توکي اهو منظور نه آهي. زندگيءَ
۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مون کي ڦٿڪندو ڏسي توکي ڪو ترس
ڪونه ٿو اچي.... آخر منهنجو ڪهڙو قصور آهي
رشي!....“
خبر ناهي ڪيستائين تصوير سان ڳالهائيندو ۽ ان کي چميون ڏيندو
رهيو. پوري نائين بجي ”رحيمان“ چاءِ جي ٽري کڻي
ڪمري ۾ ائي، جنهن جي آهٽ کان مرزا موصوف جي دَبَرَ
جو سلسلو روڪجي پيو.
”بيگم صاحبه اڃا واپس ڪونه آئي آهي؟“
”حضور! بيگم صاحبه پنهنجي ڪمري ۾ هار سينگار ڪري رهي آهي. اوهان
جو پيغام مون کيس پهچايو آهي.....“
”ٽري ٽيبل تي رک ۽ وڃي سڏ ڪري اچينس.“
”حاضر صاحب.“
”رحيمان“ غمگين نگاهن سان رشيد بيگم ڏي ڏٺو. مگر سندس نگاهون
ڪنهن غيبيءَ طاقت جي اثر کا هيٺ جهڪي ويئون.
”بيگم صاحبه! صاحب اوهان کي ياد فرمائي رهيو آهي. ههڙي وقت
اوهان جو هن کان ڪنارو ڪرڻ مناسب هرگز نه
آهي.....“
”خاموش! بدتميز! تون مون کي مشوره ڏيڻ واري ڪير آهين؟ مان خود
سڀ ڪجهه سمجهان ٿي....“
رحيمان ڏڪي ويئي، ۽ ٻه گرم گرم آنسو سندس ڪمزور اکين مان ڳڙي
ڌرتيءَ ۾ دٻجي ويا. ”مون کي مات جي خواهش نه آهي.
مان زنده رهڻ چاهيان ٿي. منهنجي زندگي ايتري سستي
نه آهي جو دق جا زهريلا جراثيم_ هٿن سان پنهنجي
جسم ۾ داخل ڪريان؛ زندگي جون رنگينون ڇڏي ڪنهن
”سيني ٽوريم“ ۾ ڊاڪٽرن جي رحم و ڪرم تي رهان. مون
کي ڪهڙيءَ به طرح اهڙي دق جي مريض کان دور رهڻ
گهرجي.“
بيگم صاحبه وارن کي آدم قد آئيني جي سامهون سنواريندي هي سڀ
ڪجهه چيو.
رحمان سوچيندي رهي ”ڀلا مان جو اهڙي مريض جي خدمت ڪري رهي
آهيان. مون کي ته هن وقت تائين ڪجهه نه ٿيو آهي.“
اچانڪ مرزا صاحب جي آواز کان رحيمان ڇرڪ ڀريو ۽ اوڏانهن هلي
ويئي.
”ڪهرو حڪم آهي سرڪار!“
”مون کي پاڻي پيار“.
رحيمان هڪ شيشي جو گلاس پاڻيءَ سان ڀري مرزا صاحب جي هٿن ۾ ڏنو.
هو هڪ ئي ساهيءَ ۾ سڄو گلاس ختم ڪري ويو. رحيمان
آهستيءَ سان هن کي بستري تي ليٽائي مٿائس اڇي چادر
وجهي ڇڏي.
”پاڻيءَ جو گهڙو منهنجي ڀرسان رکي ڇڏيندي ڪر رحيمان! مون کي
تڪليف ٿي ٿئي.“
”حاضر صاحب.“
رحيمان ڪمري مان نڪري ويئي.
(2)
رشيد بيگم ڪتاب ميز تي اڇلائي، ورانڊي ۾ ڪرسيءَ تي اچي ويٺي.
سندس چهري تي نفرت ۽ غصي جا گهرا اثار نمايان هئا.
هوءَ اٿي ۽ جسم تي هڪ اوني لوئي ويڙهي ۽ منهن تي
روما ڏيئي فقط ٻه اکيون وائکيون رکي مرزا صاحب جي
ڪرمي ۾ آئي. مرزا صاحب ڪنڌ ورائي دروازي ڏانهن ديد
اڇلائي.
”مس آئي ايهن رشي!“
مرزا صاحب جي چهري تي مسرت جي لهر ڊوڙي ويئي. هن اٿي ويهڻ جي
ناڪام ڪوشش ڪئي، ليڪن ڪنهن سهاري بغير اٿي ڪونه
سگهيو. رشيد بيگم پري کان هن جي اٿڻ جي جدوجهد کي
ملاحظه ڪري رهي هئي.
”نزديڪ اچ رشي!.....“
ليڪن رشيد بيگم بدستور هن ڏي گهوريندي رهي.
”تون ڳالهائين ڇو نه ٿي رشي؟“
”تون ڳالهائين ڇو نه ٿي رشي! منهنجا ڪن تنهنجي شيرين آواز ٻڌڻ
لاءِ بيتاب آهن. تو پنهنجو ٻهڪندڙ چهرو رومال سان
ڍڪيو آهي... آه..... شايد توکي منهنجي بيماريءَ جو
رنج آهي.... مان چڱو ڀلو ٿيندس رشي! تون ڪو غم نه
ڪر. هيءَ بيماري ته تنهنجي فرقت کان ٿي آهي نه
رشي! جيڪڏهن تون مون کان پري نه رهين ۽ پنهنجي هٿن
سان مون کي دوا پيارين ته مان جيڪر هيئن بيماريءَ
جي بستري تي ڇو پريشان هجان! هيڏي اچ ۽ مون کي اهو
گيت ٻڌاءِ جو شاديءَ کان اڳ ۾ تون مون کي
ٻڌائيندين هئينءَ......“
مرزا صاحب اکيون بند ڪري رشيد بيگم جي دلڪش آواز جو انتظار ڪرڻ
ويٺو، مگر ڪمري ۾ اهائي خاموشي..... اهوئي
سناٽو.......
”تون خاموش ڇو آهين رشي؟“
۽ جڏهن هن اکيون کوليون ته ڪمرو خالي هو. هن جي اکين اڳيان
انڌيرو پکڙجي ويو.
اڄ صبح کان مرزا صاحب جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي رهي هئي. هينئر
کنگهڻ سان کيس رت به آئي پئي. سندس منهن جو رنگ
هيڊ جهڙو ٿي ويو هو ۽ ائين معلوم ٿي رهيو هو؛ ڄڻ
هن جي جسم تي پيلو رنگ لڳايو ويو آهي.
يڪايڪ هن تي کنگهه جو شديد دورو پيو؛ هو کنگهي کنگهي ساڻو ٿي
پيو. دوران کنگهه ۾ هن هڪ هچڪي ڏني.... آخرين
هچڪي.... مرزا صاحب جور وح قفس عنصريءَ مان پرواز
ڪري ويو......
”بيگم صاحبه! مرزا صاحب گذاري ويو“. رحيمان اکين جو پاڻي رئي جي
پلاند سان اگهندي رشيد بيگم کي چيو.
”مري ويو ته ڇا ٿي پيو. هن دنيا ۾ ڪو هميشه لاءِ رهڻ ٿوروئي آيو
آهي!“
رشيد بيگم جي عقابي اکين ۾ هڪ قسم جي عجيب چمڪ پيدا ٿي ويئي. هن
جي چهري تي غم و اندوهه بجاءِ مسرت ۽ اطمينان جون
جهلون نچڻ لڳيون. ٿوريءَ دير بعد هن رحيمان کي
چيو:_
”رحيمان! لاش جي تدفين ۽ تڪفين لاءِ تون وڃي ڪوانتظام ڪر. مان
ڪنهن ضروري ڪم سان ٻجھه ڏينهن ٻاهر وڃان ٿي“.
۽ جڏهن هوءِ ٻاهر نڪتي ته هوءَ هڪ قيمتي ۽ ديده زيب لباس ۾
ملبوس هئي. انهيءَ وقت هوءَ نئين نويلي ڪنوار
معلوم ٿي رهي هئي. ڪجهه پرڀرو نم جي وڻ هيٺان هڪ
خوبصورت ۽ جئنٽلمين نوجوان موٽر ۾ ويهي هن جو
انتظار رڪي رهيو هو.
”زياده دير ته ڪونه ٿي پيارا؟“
”نه..... مگر اڄ تون ائين گهٻرايل ڇو آهين؟“ نوجوان پڇيو.
”گهٻراهٽ ڪانه آهي؛ اڄ ته پاڻ زياده خوش آهيان. انهيءَ ڪري جو
هڪ دق جي خوفناڪ مريض شوهر کان نجات ملي. هينئر
دنيا جي ڪابه طاقت تنهنجي ۽ منهنجي پيار کي ٽوڙي
نٿي سگهي.....“ رشيد بيگم ٻئي ٻانهون نوجوان جي
گلي ۾ وجهندي چيو.
”ڇا مطلب؟ آءٌ ته تنهنجي ڳالهه کي سمجهي ئي نه سگهيو آهيان.“
”اڄ هو بدبخت مري ويو نه“ رشيد بيگم موٽر جي کڙڪي کولي اندر
ويهڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
”ڪير مري ويو........ تنهنجو شوهر يا ڀاءُ؟“
رشيد بيگم جو رنگ يڪايڪ بدلجڻ لڳو. کيس پنهنجي غلطيءَ جو احساس
ٿيو.
”در.....! .... اصل .... م .... منهنجو .... مطلب .....“
”خاموش!...... ڳالهه ڪجهه ٻي آهي. ان خود لاش کي ڏسڻ وڃان ٿو،
ڏسان ته مري ويل تنهنجو شوهر آهي يا ڀاءُ....!“
نوجوان ٻاهريون دروازو کولي اندر ڪمري ۾ وڃڻ لڳو، رشيد بيگم
ڊوڙي وڃي هن جو هٿ پڪڙيو. نوجوان هٿ ڇڏائي اندر
هليو ويو. دروازي جي ڀرسان رحيمان روئي رهي هئي.
”ڪُراڙي! مرڻ وارو ڪير هو؟“
رحيمان ڇرڪ ڀري نوجوان طرف ڏٺو ۽ اکين جا ڳوڙها اگهيا.
”هن گهر جو مالڪ“ رحيمان جواب ڏنو.
”رشيدبيگم سان هن جو ڪهڙو ناتو هو؟“
”بيگم صاحبه جو هُو شوهر هو؛ صاحب!“ رحيمان سڏڪا ڀريندي چيو.
”سمجهي ويس“ چئي نوجوان واپس موٽي آيو.
”خدا جي واسطي مون کي معاف ڪر نذير! مون کان ڀُل ٿي آهي.“
”هٽي وڃ منهنجي نگاهن کان!..... تنهنجو ناپاڪ چهرو ڏسڻ نٿو
چاهيان، ڪوڙ ڳالهائي تو مون کي ٺڳيو....
ڪميني.....“
نوجوان موٽر ۾ چڙهي ڪيڏانهن هليو ويو. رشيد بيگم موٽر جي پٺيان
نڪرندڙ دونهي کي ڏسندي رهي..........
امَر جليل
”انڪار به آ_ اقرار به آ“
سڄي ڪاليج تي اداسي ڇانيل هئي. هر طرف دل کي درد جو احساس
ڏياريندڙ خاموشي هئي. ان خاموشيءَ ۾ شاگرد ڪنڌ
جهڪائي مايوسيءَ سان هلي رهيا هئا_ اڪثر پروفيسرن
پنهنجا ڪلاس به نه ورتا ۽ هينئر ڪجهه شاگرد ڪامن
روم ۾ ويٺا هئا_ ڪجهه ڪينٽين ۾ ۽ باقي ڪاريڊار ۽
ورانڊن ۾ بيچينيءَ سان اچ وڃ ڪري رهيا هئا.
ڇوڪرن جي ڪامن روم ۾ وحشتناڪ ويراني هئي. ڪاليج جا شرير ۽ حرفتي
شاگرد خالي ڪرسين تي پير ڊگها ڪري ويٺا هئا. ٻه_
چار شاگرد ٽيبل ٽينس جي ٽيبل تي ليٽيل هئا. درن
درين جا پردا هيٺ مٿي ٿيل ۽ ڪتاب فرش تي ۽ ٽيبل تي
اڇلايل هئا. سڀني جي نگاهن ۾ بيچيني ۽ اضطراب هو_
سڀني کي انتظار هو_ ۽ انتظار طويل ۽ تلخ ٿيندو ٿي
ويو. ساڳي حالت ڇوڪرين جي ڪامن روم جي هئي. شوخ ۽
چنچل ڇوڪريون خاموش هيون. ڪجل ڀريون اکيون اُداس
يون_ ۽ ڀڙڪيلن ڪپڙن ۽ رنگين پلاندن ۾ پڻ هڪ دردناڪ
جهلڪ موجود هئي.
اڄ مغرور شيلا جي اکين ۾ پڻ لڙڪ تري رهيا هئا.
هٺ ۽ وڏائيءَ جو احساس به سندس دل مان نڪري چڪو هو.
۽ هينئر_
ان احساس جي ياد ۾ هوءَ جلي رهي هئي_ اهائي ته ايرکا هئي_ اهائي
ته محبت هئي_ اهائي ته پريم جي نشاني هئي، جو ڪوشش
جي باوجود سندس پنبڻيون آليون ٿي پيون!
اکين اکين ۾ دل ڏکائيدڙ روش تي پڇتاءُ هو.
شيلا جي پاسي ۾ سبيتا ويٺي هئي. سبيتا جي چهري تي ڪوبه ظاهري
اضطراب نه هو_ هوءَ پٿر مثل خاموش هئي_ ۽ سندس
نگاهون شيلا جي بيڪلي ۽ بيچيني ڏسي رهيون هيون.
ٻيون ڇوڪريون آهستي آهستي سروشيون ڪري رهيون هيون_ ڪجهه ڪامن
روم جي در وٽ منتظر هيون.
کين انتظار هو هڪ خبر جو.
اهڙي خبر جو، جنهن کي ٻڌڻ لاءِ سڀ بيچين هيون.
پر مڃڻ لاءِ ڪابه نه!
انتظاريءَ ۽ بيقراريءَ کان مجبور ٿي ۽ ڪڪ ٿي گهڻا شاگرد،
پرنسپال جي آفيس ٻاهران جمع ٿي رهيا هئا. هڪ
اندوهناڪ خبر ٻڌڻ لاءِ هو پنهنجن حواسن کي تيار
ڪري رهيا هئا. گهٽيل لهجي ۾ گهفتو هلي رهي هئي.
”خبر غلط به ته ٿي سگهي ٿي.“
”ڪهڙي خبر“.
”شايد ڪنهن شرارت
(Activity)ڪئي
هجي.“
”ممڪن آهي_“
”بس هينئر سڀ معلوم ٿي ويندو.“
”پوسٽ مين تمام دير لاتي آهي.“
”ايندو ئي هوندو_ ڪجهه شاگرد پوسٽ ۽ ٽيليگراف آفيس ويا آهن.“
۽ گرلس ڪامن روم ۾_
”سبيتا آهستي چيو، ”شايد ڪنهن چرچو ڪيو هجي.“
”ائين ئي هجي سبيتا! ائين ئي هجي.“ شيلا بيچين ٿي چيو.
حسن کي عشق باهه لڳائي ڇڏي.
”توکي ته کانئس نفرت آهي.“ سبيتا طنز ڀريل لهجي ۾ چيو.
”هئي سبيتا، هئي.“ حسن برهم ٿي ويو.
”۽ هينئر.“
”هينئر ارمان جا آنسو پيار جو نذرانو آهن.“ شيلا لڙڪ لڪائڻ لاءِ
اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ پنبڻين ۾ اٽڪيل لڙڪ سندس
ڳلن تي ويهي آيا.
عشق ديوتا ۽ حسن پوڄاري ٿي پيو.
پر ديوتا وڃي چڪو هو. حسن کان منهن موڙي_ پيار جا پيمانا درد دل
کي ڏيئي ۽ هينرئ پوڄا بيڪار هئي.
ڇو جو جنهن پرڪاش کان شيلا نفرت ڪندي هئي، سو ان وقت تائين چتا
۾ جلي چڪو هوندو ۽ اڄ جڏهن پرڪاش جي موت شيلا جي
نفرت کي الفت ۾ بدلي ڇڏيو ته هن محسوس ڪيو ته سڄي
عمر پرڪاش جي ياد جي چتا سندس سيني ۾ دکندي رهندي.
ٻن ڏينهن کان پرڪاش جي موت جي خبر ڪاليج ۾ پهتل هئي. پرنسپال
هڪدم سندس مائٽن کي تار ڪئي ۽ اڄ ان تار جو جواب
اچڻو هو، پڪ ٿيڻي هئي ته پرڪاش جو موت ڪين ٿيو. پڪ
نه پوڻ ڪري پرنسپال شاگردن جي پرزور مطالبي تي به
ڪاليج بند نه ڪيو. کيس تار جي جواب جو انتظار هو.
پر پرڪاش جي موت جي خبر سڄي ڪاليج ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي. سڀ
شاگرد ۽ پروفيسر دم بخود رهجي ويا ۽ ڌرڪندڙ دليون
هڪ لمحي لاءِ بيهي رهيون ۽ ساهه منجهڻ لڳا! پرڪاش
کلمک ۽ ڪاليج جو هر دلعزيز رانديگر هو. ڪاليج جي
فتحن ۾ هن جو هميشه وڏو حصو رهيو هو.... پر اڄ
ڪاليج جي وڏي غم ۾ سڄو حصو پرڪاش جو هو!
۽ شيلا!
شيلا مغرور هئي!
کيس پنهنجي حسن ۽ امارت تي ناز هو. ڪاري ڪيڊلڪ مان لهندي، هوءَ
لاپرواهيءَ سان ورانڊن ۽ ڪاريڊارن ۾ گهمندڙ شاگردن
تي هڪ نظر وجهي ڪامن ۾ هلي ويندي هئي. سڀ کيس ڪيرا
ماڪوڙا نظر ايندا هئا ۽ جڏهن به ڪنهن شرير شاگرد
کيس ستائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هوءَ ياته پرنسپال کي
رپورٽ ڪري ان شاگرد تي پنج ڏهه رپيا ڏنڊ
وجهرائنيدي هئي يا پاڻ ئي کيس اهڙين حقارت آميز
نظرن سان ڏسندي هئي جو ان شرير شاگرد جي دل ڪنبي
ويندي هئ ۽ هو وري ڪڏهن به کيس ڇيڙڻ جي ڪوشش نه
ڪندو هو.
۽ پرڪاش!
پرڪاش شڪست مڃڻ وارو نه هو!
پرڪاش کي پنهنجن حرڪتن ۽ شرارتن ۾ پنهنجي مجبور ساٿين جو بدلو
نظر اچڻ لڳو ۽ هن شيلا کي خوب پريشان ڪرڻ شروع
ڪيو. ڪلاس ۾ جڏهن به هوءَ پروفيسر کان ڪجهه سمجهڻ
جي ڪوشش ڪندي هئي يا پروفيسر کانئس سوال ڪندو هو
ته هو کلي پوندو هو. ان کل کان، شيلا کي نفرت هئي
۽ هوءَ منجهي پوندي هئي؛ سندس منجهڻ ڏسي سڄو ڪلاس
ٽهڪن ۾ پئجي ويندو هو؛ ۽ ٽهڪن جو طوفان فقط ان وقت
ختم ٿيندو هو جڏهن پروفيسر پنهنجو هٿ مٿي ڪري
شاگردن کي خاموشيءَ لاءِ چوندو هو. پرڪاش، شيلا جي
ڪپڙن تي کلندو هو، شيلا جي هلڻ تي کلندو هو ۽
خوامخواه کلندو هو ۽ هوءَ جلي ويندي هئي.
۽ پوءِ!
پوءِ ڪاليج جي شاگردن پرڪاش جي شرارتن ۾ محبت جي لاٽ ڏسي ورتي ۽
هينئر هر وقت هن جي دماغ تي شيلا سان ڳالهائڻ جو
ڀوت سوار رهندو هو. هر وقت شيلا سان ڳالهائڻ جا
موضوع تلاش ڪندو هو،پر شيلا هميشه بيمروت رهي.
هميشه هن پرڪاش کي ٺڪرايو ۽ ڌڪاريو. پوئين ڏينهن
پڻ!
پوئين ڏينهن پرڪاش شيلا کي لائبريريءَ جي ٻاهران روڪيو هو.
”شيلا“! ان ڏينهن پرڪاش بيحد سنجيده هو.
۽ سيلا بيدليءَ سان بهي رهي.
”اڄ مان پنهنجي گهر وڃي رهيو آهيان.“
شيلا خاموش رهي.
”منهنجي ماءُ بيمار آهي شيلا!“
”توکي ڳالهائڻ لاءِ بهانا گهرجن!“ شيلا سخت ناگوار لهجي ۾ چيو.
”ها شيلا!“ پرڪاش اطمينان سان جواب ڏنو. ”مان هر وقت توسان
ڳالهائڻ جا موقعا تلاش ڪندو آهيان.“
”آخر ڇو“ شيلا خشڪ آواز ۾ چيو. ”ڪاليج ۾ ٻيون ڇوڪريون به ته
آهن.“
”پرڪ شيلا فقط هڪ آهي.“ پرڪاش آهستي چئي ويو.
”تنهنجو مطلب ڇاهي پرڪاش!“ شيلا هڪ طرف هلندي چيو. ”تون چاهين
ٿو ته، مان تنهنجن بيهودين حرڪتن جي پرنسپال وٽ
رپورٽ ڪيان؟“
”ها شيلا! اهو تنهنجو مون تي پهريون ۽ آخري احسان هوندو.“ پرڪاش
جي لهجي ۾ اعتماد هو.
”ته مان تنهنجي حسرت پوري ڪندس.“ شيلا چيو ۽ پوءِ پنهنجي گلابي
ساڙيءَ جو پلؤ سنڀاليندي، جڪ کائيندي هلي وئي.
”سنگدل“ پرڪاش چپن ۾ چيو.
شيلا سڄي ڪاليج ۾ سنگدل مشهور هئي.
۽ پرڪاش شيلا جي سنگدليءَ کي دل ڏيئي ويٺو.
هڪ ڏينهن، سالياني راندين ۾ پرڪاش پريان شيلا کي ايندو ڏٺو. ان
وقت پندرهن سئو ميٽرن جي ڊوڙ لاءِ پهريون آواز
آيو. پرڪاش ٽريڪ تي نالو ڏيئي_ شيلا کي ڇوڪرين جي
تنبوءَ وٽ پهتو.
”شيلا!“.
”ڇو“. بيرخيءَ جواب ڏنو.
”آخري ڊوڙ ٿي رهي آهي.“
”مان ڇا ڪيان؟“
”دعائون“.
”هارائيندين.“
”مان دل جي بازي هارائي ويٺو آهيان.“ ۽ هو موٽي ٽريڪ تي آيو.
پرڪاش پندرهن سو ميٽرن جي ڊوڙ سان سالياني چمپئن
شپ کٽي ورتي. هن ٽرافي ۽ ڪپ ڊائس تي رکيا ۽ شيلا
ڏانهن ڊوڙندو آيو. هوءَ پنهنجي ڪاري ڪيڊلڪ ڏانهن
وڃي رهي هئي.
”شيلا!“
هوءَ بيهي رهي.
”مبارڪ نه ڏيندينءَ شيلا!“ التجا_
”تون مبارڪ جو مستحق ناهين.“ بيرخي_
”تنهنجي بيرخي منهنجي لاءِ مبارڪ آهي.“
”مان بڪواس ٻڌڻ جي موڊ ۾ نه آهيان.“ شيلا بيزاريءَ مان چيو.
”۽ سنگدلي تنهنجو تحفو!“ پرڪاش آهستي وراڻيو.
۽ هوءَ ڪار جو در کولي ويهي رهي.
۽ هينئر شيلا کي ستائيندڙ وڃي چڪو هو. هن هميشه لاءِ ڪاليج ڇڏي
ڏنو_ ۽ شيلا شدت سان محسوس ڪيو ته وري ڪڏهن به ان
پرڪاش کي نه ڏسي سگهندي، جنهن جي تمنا فقط کيس ڏسڻ
۽ ڳالهائڻ هئي.
اُف! مون ڇا ڪيو.
حسن پڇتايو ۽ محبت پُر درد گيت اَلاپيا.
پوسٽ مئن اچي چڪو هو. ورانڊي_ ڪامن روم ۽ ڪينٽين جا شاگرد
پرنسپال جي آفيس ٻاهران گڏ ٿيڻ لڳا. پوسٽ مين آفيس
۾ گهڙي ويو ۽ سڀني جون دليون ٽٽندڙ آسن ۽ اميدن جي
وچ ۾ ڌڙڪڻ لڳيون_ ڄڻ ته هوائون رڪجي ويون ۽ سج
پنهنجو منهن ڪارن ڪڪرن ۾ لڪائي ڇڏيو. انتظار جو هڪ
هڪ لمحو اذيتانڪ هو، هڪ هڪ گهڙي گهائل ڪندڙ هئي ۽
هڪ هڪ ساعت سڪائيندڙ هئي. سڀني جون نگاهون پرنسپال
جي در تي لڳل هيون. اڄ پرڪاش جي موت جي پڪ ٿيڻي
هئي.
پرنسپال جي آفيس جو در کليو. دليون ڌڙڪڻ لڳيون_ زور سان!
پرنسپال هٿ ۾ تار کڻي ٻاهر نڪري آيو ۽ سڀني جا قدم
لڙکڙائجي ويا. پرنسپال خاموش شاگردن تي هڪ نظر
وجهي، اندوهناڪ خبر ٻڌائي ته پرڪاش جو موت جيپ جي
ايڪسيڊنٽ ڪري ٿيو هو. سندس آخري الفاظ هئا ته، مان
سڀني ساٿين جو پريم دل ۾ کڻي ٿو وڃان ۽ ان جو پڻ
جنهن مون کي ڪڏهن به نه چاهيو.
پرنسپال موڪل جو اعلان ڪيو ۽ شاگردن يونين پاران ميٽنگ سڏائي،
جنهن ۾ يونين جي وائيس پريزيڊنٽ کان سواءِ، پرڪاش
جي گهرن دوستن به پرڪاش جي شخصيت تي تقريرون ڪيون،
پر شاگردن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته پرڪاش جو سڀ کان
گهرو دوست مقبول موجود نه هو. پوءِ پڇا ڪرڻ تي
معلوم ٿيو ته، جنهن ڏينهن کان پرڪاش ويل هو، ان
ڏينهن کان مقبول به غائب هو.
ميٽنگ ختم ڪري شاگرد، چهرن تي اُداسيون ۽ دل ۾ ويرانيون کڻي
موٽڻ لڳا. ڪنهن به ڪئنٽين ۾ ويهڻ پسند نه ڪيو ۽ نه
ئي ان دردناڪ موضوع تي ڳالهائڻ چاهيو.
”تو پرڪاش جا آخري الفاظ ٻڌا؟“
”ها.“ شيلا جو ڪنڌ جهڪي ويو.
”تو پرڪاش تي هميشه ظلم ڪيو. کيس ستايو_ ٺڪرايو.“ سبيتا کيس
نشتر چڀايو.
”مان گهائل آهيان سبيتا، مان گهائل آهيان.“
ورانڊا ۽ ڪاريڊار خالي ٿي چڪا هئا_ ۽ هينئر فقط شيلا ۽ سبيتا
خالي ورانڊي مان گذري رهيون هيون. شيلا جون اکيون
لڙڪن سان ٽمٽار هيون ۽ سبيتا جي چهري تي الميه
آثار! لائبريريءَ جي ڏاڪڻ وٽ سبيتا چيو.
”هن تنهنجي پوڄا ڪئي ۽ تو سندس دامن ۾ نفرت اوتي_ هن توکي چاهيو
۽ تو کيس ڌڪاريو_ سنگدل.“
”بس ڪر سبيتا، بس ڪر_ مان....“ ۽ شيلا ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي
روئي پئي.
”روئڻ مان ڇا ورندو شيلا!“ سبيتا کيس سمجهائيندي چيو. ”ٻڌ، ڪو
ڏاڪڻ لهي رهيو آهي، ماڻهو ڇا چوندا؟“
”مون کي ماڻهن جي پرواهه ناهي. (شيلا منهن تان هٿ هٽايا). اڄ
مان سڀني کي ٻڌائيندس ته مان سنگدل نه آهيان. مون
کي پرڪاش سان... ها.... سبيتا پرڪاش منهنجو ديوتا
آهي ۽... ۽ مان سندس داسي.“ قدمن جو آواز هن جي
قريب اچي رڪجي ويو ۽ پوءِ ڪنهن سندس قدمن کي
ڇُهيو. شيلا منهن تان هٿ هٽائي ڇڏيا. پرڪاش سندس
قدمن ۾ گلاب جو گل رکي رهيو هو. شيلا جي وات مان
هلڪي رڙ نڪري وئي.
”پرڪاش“.
”ديوتا، پنهنجي داسيءَ جي قدمن ۾ عقيدتن جا گل نڇاور ڪرڻ آيو
آهي!“ پرڪاس شيلا جي سامهون اٿي بيٺو. شيلا ڏاڪڻ
جي ريلنگ کي مضبوطيءَ سان جهلي ورتو. هوءَ غور سان
پرڪاش کي ڏسي رهي هئي. ۽ پوءِ سندس هٿ جي گرفت ڍلي
ٿيڻ لڳي، پرڪاش وڌي کيس سهارو ڏنو_ ۽ هن پاڻ کي
پرڪاش جي ٻانهن ۾ ڇڏي ڏنو.
”پرڪاش“. شيلا جون اکيون بند ٿيڻ لڳيون. پريان سبيتا جي ٽهڪن جو
آواز آيو. شيلا، حواسن تي قابو پائيندي اکيون
کوليون_ ۽ پوءِ سبيتا جي ويجهو هلي آئي.
”اڃا به توکي شڪ آهي ته مان ڪاليج جي ڊرامئٽڪ سوسائٽيءَ جي
بهترين هيروئن نه آهيان؟“ سبيتا فخر سان چيو ”ٻن
ڏينهن کان ڪهڙي نه الميه اداڪاري ڪيئ اٿم.“
شيلا جي ڪومايل چپن تي مرڪ موٽي آئي.
”۽ تار؟“
”مقبول منهنجي گهر پهچي چڪو هو.“ پرڪاش ٻڌايو. ”اسان پروفيسر
ريمنڊ سان شرط رکي هئي ته هڪ ڏينهن ڪنهن
Activity
سان ڪاليج ۾ موڪل ڪرائينداسين.“
”ته توهان شرط کٽي ورتي.“ شيلا هيڻي آواز ۾ چيو.
”ها“ پرڪاش مسرت لڪائي نه سگهيو. ”پر مون هيءَ سڄي ڪائنات جيتي
ورتي.“
۽.
۽ ڪائنات جي ذري ذري مان محبت جا گيت گونجڻ لڳا.
|