سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع (3)

 

صفحو :1

مهراڻ 1962ع (3)

ايڊيٽر: غلام محمد گرامي

اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جو دنيا جي نوجوانن ڏانهن پيغام

 

24- آڪٽوبر 1962ع تي دنيا جي سڀني ملڪن ۾ ”اقوام متحده“ جو سترهون سالگرهه ملهايو ويو. ’اقوام متحده‘ سڄيءَ دنيا جي ملڪن جي هڪ گڏيل، طاقتور تنظيم آهي، جيڪا مختلف ملڪن کي ترقياتي وسيلن مهيا ڪرڻ، انهن جي باهمي تڪرارن کي نبيرن، جنگي سورتحال کي ختم ڪرڻ، ۽ انسانذات لاءِ مجموعي طرح معاشرتي، اقتصادي ۽ علمي ترقيءَ جي پُرامن فضا پيدا ڪرڻ جي ڏس ۾ هيلتائين بهترين ڪارناما ڪري چڪي آهي، بلڪ موجوده عالمي انتشار جي حالتن ۾ اِهائي هڪ ڀروسي جوڳي جماعت آهي، جنهن جي موجودگيءَ سان انسانذات جي آئندي جي سلامتيءَ جو يقين ٿئي ٿو. جديد ترين، موتمار ائٽمي هٿيارن جي جنگي بادلن سان ڀريل طوفاني رات ۾، اِهائي هڪ سلامتيءَ ۽ روشنيءَ جي لاٽ آهي، جيڪا هن ڌرتيءَ جي موجوده ۽ آئنده سڀني نسلن لاءِ حياتيءَ جي منزل ڏانهن اڪيلو اشارو معلوم ٿي رهي آهي، جنهن کي بهرصورت ڪامياب ٿيڻ گهرجي. سڄيءَ دنيا جا مدبر ”اقوام متحده“ ۾ موجود آهن، ۽ سڄيءَ دنيا جا انسان ان جي مقصدن کي مڪمل ڏسڻ جا آرزومند آهن. ٻئي طرف، ڌرتيءَ جي انچ انچ هيٺان برباديءَ جو بارود ڀريو ويو آهي، ۽ دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو ڪوبه فرد جنگ جي تباهڪاريءَ کان آجو نه آهي. سجاڳيءَ جي اڄوڪي نئين دور ۾ هر هنڌ آزاديءَ جي زبردست هلچل هلي اُٿي آهي. ۽ صدين جي غلاميءَ جا ڪوٽ، ڀڄي، ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهيا آهن. گذريل ٿورن ئي سالن اندر ڪئين ملڪ آزاد ۽ خودمختار بنيا آهن، ۽ اُهي هاڻي پنهنجن ملڪن تان غيرن جي سياسي، اقتصادي ۽ نظرياتي غلاميءَ کي مڪمل طرح ختم ڪرڻ چاهين ٿا. آزاديءَ ۽ امن جي طاقتن جي مقابلي ۾، غلاميءَ ۽ بدامنيءَ جون قوتون به زبردست زور آزمائي ڪري رهيون آهن، ۽ مٿن هروقت انتهاپسنديءَ جي حالت طاري آهي. دنيا جو هيءُ انتهائي روشن. ۽ انتهائي تاريڪ دور آهي_ ازاديءَ ۽ غلاميءَ جي ڪشمڪش جو آخرين دور! انهيءَ ڪشمڪش جو يقيني نتيجو فقط هڪڙو ئي نڪرڻو آهي_ آزاديءَ ۽ امن جي فتح، ۽ غلاميءَ ۽ بدامنيءَ جو موت، اِهوئي سبب آهي جو ڪنهن به وقت، هارائيندڙ سامراج جي طرف کان، سموري انساني نسل کي ئي يڪسر ختم ڪري ڇڏڻ جي سازش اُپڙڻ جو اِمڪان آهي، جنهن جا اُهڃاڻ ڏينهون ڏينهن ڌيڪ اُجاڳر ٿيندا نظر اچي رهيا آهن. ڪنهن به وقت عالمي جنگ جو خطرو آهي؛ ۽ ڪنهن به طرح اُها انساني هستيءَکي نابود ڪري ڇڏيندي! اهڙين گنڀير حالتن ۾، آزاديءَ جي تحريڪ جو سڀ کان لازمي پهلو آهي جنگ کان بچاءُ. ”اقوام متحده“ جي اڳيان، انسانذات جي سڀني مجموعي ترقين سان گڏ، ان کي جنگ کان محفوظ رکڻ جو مسئلو سڀ کان اول آهي، جيتوڻيڪ خود ”اقوام متحده“ اندر به امن ۽ آزاديءَ جي صحتمند قوتن کي سامراج جي زبردست اثر رسوخ جي مقابلي جو مسئلو درپيش آهي. تاهم، زماني جي تيز رفتاري ان کي توقع کان اڳ آسان بنائي ڇڏيندي، ۽ جنگ جي عذاب کان نجات ۽ انسانيت جي سربلنديءَ جي ”متحده محاذ“ هجڻ واريءَ حالت ۾، غلاميءَ ۽ آزاديءَ جي اصل لڙائي وري به ”اقوام متحده“ جي ئي ميدان تي جاري رهڻي آهي. دنيا جي هر ملڪ جي هر هڪ فرد لاءِ، انهيءَ ڪري، ”اقوام متحده“ جي ڪاررواين ۾ شامل ٿيڻ ضروري آهي. ضروري آهي ته اسين هن اهم ترين جهاد ۾، جتي به هجون، سڌيءَ طرح شريڪ ٿي وڃون. ان لاءِ سال سال تي ملڪن جي سرڪارن پاران ”يوم اقوام متحده“ ملهائڻ وارين رسمي تقريبن بجاءِ، دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾، هر شخص، مرد خواهه عورت، ٻڍي خواهه جوان کي، ”اقوام متحده“ جي مقصدن کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملڪن جا نوجوان ۽ استاد، اديب ۽ دانشور، سمورا پڙهيل طبقا اِن ڏس ۾ گهڻو ڪي ڪري ٿا سگهن. انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي ، ”اقوام متحده“ جي قائم مقام سيڪريٽري جنرل، مسٽر اوٿانت، گذريل ”يوم اقوام متحده“ جي موقعي تي، دنيا جي نوجوانن کي جيڪا اپيل ڪئي آهي، سا اسين ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن کان اڳ اسين ”اقوام متحده“ جا ”بنيادي انساني حق“، ”مهراڻ“ ذريعي پيش ڪري چڪا آهيون، ۽ ڪنهن ايندڙ قريبي اشاعت ۾ اسين ”اقوام محده“ جي باري ۾ هڪ مفصل مقالو پيش ڪنداسين.

_ ش.ح.

 

”اقوام متحده“ جي قائم ٿيڻ کان پوءِ، 1945ع کان وٺي اڄ تائين جي مختصر مدت اندر جيڪي تبديليون تيزيءَ سان رونما ٿيون آهن، تن اسان جي دنيا جو روپ ئي بدلائي ڇڏيو آهي. ان وچ ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جون ڪيتريون قومون، آزاد ٿي، عالمي جمعيت ۾ پوريءَ طرح شريڪِ ڪار ٿيون آهن. سياسي خودمختاريءَ سان گڏوگڏ، هڪڙو نئون معاشرتي نظريو وجود ۾ آيو آهي، ۽ اقتصادي لحاظ کان دنيا جي گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ رهندڙ قومون اِهو پختو ارادو ڪري چڪيون آهن ته هو مستقبل بعيد ۾ نه، بلڪ تمام جلد هڪ بهتر معيارِ زندگي حاصل ڪري وٺنديون. ساڳئي وقت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا ۾ جيڪي جديد ترقيون ٿيون آهن، تن انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هيءُ ممڪن ڪري ڏيکاريو آهي ته سڄيءَ دنيا ۾ زندگيءَ جي ضرورتن جي فراواني، ۽ ان ۾ سڀني جي حصداري ٿي سگهي ٿي. بيروني خلا جي کوجنائن نوان اُفق پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

”ليڪن، هيءَ تلخ حقيقت اڃا به موجود آهي ته اِنهن دور رس تبديلين هوندي به، پراڻيون مصيبتون هر هنڌ ديرو ڄمايو ويٺيون آهن. بک، افلاس ۽ بيمارين انسانذات جي اڌ کان وڌيڪ آباديءَ ۾ اڃا به عام آهن. ازانسواءِ، لام بندي جو ڀاري بوجهه سڄيءَ دنيا جي وسلين تي سخت دٻاءُ وجهي رهيو اهي، ۽ سڄي تهذيب جوهري طاقت هٿان تباهيءَ جي خطرن ۾ گهيرجي ويئي آهي.

”انساني احتياج ۽ وڌندڙ خطرن جي اِنهيءَ پس منظر ۾، اقوام متحده ۽ ان سان تعلق رکندڙ ادارن جي ڪم جي صحيح اهميت جو جائزو وٺڻ گهرجي. سياسي ميدانِ عمل ۾ اقوام متحده سڄيءَ دنيا لاءِ هڪڙو گڏيل جماعتي مرڪز قائم ڪري ڇڏيو آهي، ته جيئن خيالن جي ڏي_ وٺ ۽ باهمي گفتگو ذريعي بين الاقوامي تڪرارن جو ڪو پُرامن حل ڳولي ڪڍجي ۽ عالمگير تصادم جو ڪو خطرو نه پيدا ٿئي.

”اقتصادي ۽ معاشرتي ميدانِ عمل ۾ به، امن قائم ڪرڻ جي جدوجهد جو سلسلو برابر جاري آهي، ڇو ته اقوام متحده ۽ ان سان تعلقدار ادارا، پنهنجين ڪوششن کي متحد ڪري، حڪومتن جي مدد ڪري رهيا آهن ته جيئن زراعتي ۽ صنعتي پيداوار جو معيار بلند ڪري سگهجي، صحت توڙي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي حالت سڌاري سگهجي، زياده تعداد ۾ بهتر قسم جا تعليم_ گهر کولي سگهجن، ۽ ائٽمي طاقت جي پُرامن استعمال کي هٿي ڏيئي سگهجي.

”هن سال کان اقتصادي ترقيءَ لاءِ هڪڙو بلڪل ئي نئون عالمگير منصوبو شرع ڪيو ويو آهي_ ڇو ته گذريل سال جي آخر ڌاري، جنرل اسيمبليءَ هي اعلان ڪيو هو ته 1961ع کان 1970ع تائين، ڏهه سال، ’اقوام متحده جا ترقياتي ڏهه سال‘ سمجهيا وڃن. انهيءَ ٺهراءَ موجب، جيڪو ڊسمبر 1961ع ۾ يڪراءِ منظور ڪيو ويو هو، اسيمبليءَ سڀني ميمبر ملڪن تي_ جن ۾ زياده ترقي يافته ۽ گهٽ ترقي يافته ملڪ به شامل آهن_ زور ڏنو ته هو پنهنجين ڪوششن کي متحد ڪري، غربت، بک ۽ بيماريءَ جي مذموم گهيري کي ٽوڙين، ۽ دنيا جي اڌ کان وڌيڪ پست انسانن لاءِ اقتصادي ۽ معاشرتي خوشحاليءَ جا نوان معيار پيدا ڪن. انهيءَ پروگرام کي شروع ڪندي، اسيمبليءَ تسليم ڪيو ته اِن قسم جي ترقي نه رڳو گهٽ ترقي يافته ملڪن لاءِ اصل اهميت جو درجور کي ٿي، بلڪ اها بين الاقوامي امن ۽ سلامتيءَ کي حاصل ڪرڻ جو بنياد پڻ آهي، ۽ ان ريت، مجموعي طرح، عالمي آسودگيءَ ۽ فارغ الباليءَ ۾ تيزيءَ سان اضافو به ٿي سگهي ٿو.

”سڀني ملڪن ۾، شاگرد توڙي استاد اقوام متحده جي مقصدن کي مڪمل ڪرڻ ۾ سڌيءَ طرح حصو وٺي سگهن ٿا. کين گهرجي ته هو عام کي اقوام متحده جا دور رس مقصد ۽ سرگرميون سمجهائڻ ۾ تعاون ڪن، ۽ ان جي سڀني ڪاررواين ۾ مڪمل حمايت ڪن. اسان کي پنهنجي طاقت يڪجا ڪرڻ کپي، ته جيئن نئين زماني جي زبردست چئلينج جو مقابلو ڪري سگهجي، ۽ اسين، ’چارٽر‘ جي جملن موجب، ’سُٺن پاڙيسرين وانگيان، هڪٻئي سان گڏجي، امن جي فضا ۾ رهڻ‘ سکي وڃون. سترهن سال ٿيا جو اقوام متحده جي بانين جڏهن اِهي جمال ”چارٽر“ ۾ درج ڪيا، تڏهن امن امان ۽ سٺي پاڙيسري هجڻ جو احساس سندن ذهنن ۾ هو، جيڪو هڪ بهتر زندگيءَ لاءِ لازمي آهي، ۽ هاڻي اِهو خود ’زندگيءَ‘ لاءِ لازم ۽ ملزوم ٿي پيو آهي.“ ]اقوام متحده جي خبرنامي تان ورتل_ خاص اشاعت، آڪٽوبر 1962 [

 گذارش

فن ۽ آرٽ، ۽ قومي ثقافت.

ادب، شاعريءَ ۽ مصوريءَ کي فن ۽ آرٽ سمجهيو وڃي ٿو، ۽ ’فن انساني زندگيءَ لاءِ روشن، تابناڪ ۽ صحتمد معيار ۽ اقدار پيدا ڪري ٿو. دماغ جي اوجر، ذهن جي تعمير، فڪر جي تشڪيل، نفسيات جي اصلاح جو تعلق ادب، شعر ۽ مصوري سان آهي. موسيقي، ادب جو نغمه ريز پهلو آهي، جو جذبات ۾ حدت ۽ حرارت ٿو پيدا ڪري. پر جي ادب ۽ فن، مصوري ۽ موسيقي، سڀ آهن بي روح ۽ بي مقصد ته پوءِ انساني سماج ۾ جا ثقافت ۽ تمدن پيدا ٿئي ٿي، اها معاشري ۽ اجتماعي نظام کي کوکلو ۽ بي روح بنايو ڇڏي.

اسان ’فن‘ جي هر شاخ کي تحسين جي نظر سان ڏسون ٿا. ادب زندگيءَ جو ترجمان آهي، شعر زندگيءَ جي تنقيد، موسيقي روح جي غذا، مصوري ذوق جماليات کي سنواريندڙ، ۽ حسن و جمال آهي روح حيات!

پر اهي سڀ جيڪڏهن بي مقصد ۽ شوقيه آهن ته پوءِ نه ڪو قومي ضمير ۾ زندگي پيدا ٿيندي ۽ نه ڪو اها قوم زندگيءَ جي جدوجهد ۾ ڪو فخر جي لائق ڪم ڪري سگهندي. اها قوم ’طائوس ۽ رباب‘ کان وڌي ڪري، نه ڪو هٿ ۾ تلوار کڻي سگهندي ۽ نه ڪو بندوق! جهاد ۽ دفاع جو ته سوال ئي نٿو اٿي سگهي! معمولي کان معمولي حملي کان بچاءُ ته پري رهيو، پر ’خنجر قاتل‘ جي زد ۾ ’گردن خِم‘ ڪري، ’پئجي رهڻ‘ کي ”انداز صبر و رضا“ ئي سمجهندا رهندا.

Text Box: 10

 

_تاريخ اهڙن عجيب و غريب واقعن کان خالي نه آهي.

بغداد جي زوال تي مرثيه لکندي، سعدي لکيو آهي ته

’اي محمد (صلي الله عليـﮧ وسلم) زمين تي قيامت برپا ٿي وئي.

۽ آسمان معتصم باالله جي زوال تي خون جا ڳوڙها هوند ڳاڙي ته به ٺهي_!‘

معلوم اَٿو، بغداد تي هلاڪو جي حملي جو ڪارڻ ڪهڙو هو؟ ۽ قوم جو اخلاقي معيار ڪهڙي حد تي پهتو هو. صاف لفظن ۾ عرض ڪجي ته ان دور جي بي عمل عالمن ۽ بي نظر فقيهن جي اختلافن ۽ هڪٻئي تي ڪفر جي فتوائن ۽ موسيقي ۽ رقص جي رنگين محفلن‘ عوام کي اهڙو ته بيحال، سست ۽ بيڪار ڪري ڇڏيو هو، جو هلاڪو جو لشڪر جڏهن بغداد ۾ پهتو، تڏهن لشڪر جي لکن سپاهين ۽ شهري ماڻهن نه ڪو سندن مقابلو ڪيو ۽ نه ته سندن حملي جو جواب حملي سان ڏنو، اول اول انهن عالمن ۽ فقيهن ئي هلاڪو جو استقبال ڪيو، ۽ ميراثين ۽ ڌڪڙبازن، سندن دهلن ۽ شرنائين سان استقبال ڪيو، پر حيرت جو امر اهو آهي ته جڏهن ڪا تاتاري زال، ڪنهن متمول ۽ مهذب گهر ۾ گهڙي ٿي وئي، تڏهن پوري گهر جي ڀاتين کي قتل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿي! نه رڳو ايترو پر تاريخن ۾ آهي:

جڏهين ڪنهن تاتاري عورت جي مڏي ڇري، ڪهڻ کان عاجز ٿي ثابت ٿي، تڏهن سڀني ڀاتين کي سنئون سمهاري، ائين چئي ٿي وئي، ته سڌا سمهيا پيا هجو، اصل چرجو نه! مان ڄاڻ ٿي تکي ڪاتي کڻي اچان!

پوءِ اهي ڀاتي تيستائين سمهيا ٿي رهيا، جيستائين سندن ’قاتِل‘ تيز ڇري کڻي اچي کين ڪٺو نه ٿي!

خبر اٿو انهن گهرن مان ڪهڙو سامان ٿي نڪتو؟ ٻڌو! انهن گهَرَن ۾ اطلس ۽ ڪيمخواب جا پر دا هئا. موسيقيءَ جا سازو سامان هئا ۽ سون ۽ چانديءَ جا برتن هئا.

ڇا تاريخ جي ان اهم واقعي مان هن دور جا مهذب، ڪو سبق سکندا، جي بي روح شاعريءَ ۽ رقص وسرود جي رنگين محفلن کي ”قومي ثقافت“ سمجهن ٿا، ۽ سر بفلڪ عمارتن جي تعمير، ۽ رقص ۽ رنگ جي ادارن کي ”قومي تعمير“ جو بنياد قرار ڏين ٿا.

ائوڌ جي تاريخ جو هڪ ورق: اسان جي ”قومي ثقافت“ جي معمارن، يقين آهي ته

”ائوڌ جي تاريخ“ ته ضرور پڙهي هوندي_ ائوڌ جي زوال جا آخري ڏينهن ڪيئن ٿي گذريا! ۽ اسان جي ’ثقافت ۽ تهذيب‘ ملڪ کي ڪٿي پهچايو هو. اهو هڪ خونچڪان ۽ الم انگيز داستان آهي_ چند مثال چٽان لاهور تان پيش ڪجن ٿا.

اوهان به ٿورو ٻڌو:

”ائوڌ جي تاجدارن ۽ مذهبي پيشوائن، گڏجي، جا ثقافت پيدا ڪئي هئي اها هڪ نجوميءَ جي ڌيءَ ۽ ”غازي الدين حيدر“ جي راڻيءَ جي پيدا ڪيل هئي. پر سندن ڪهڙو حال هو؟ اهو اکيون کولي ڏسو. ’راڻيءَ‘ اول امام مهديءَ جو رنگين نموني ۾ ڏينهن ملهايو. ۽ پوءِ شريف نياڻين مان يارهن نينگريون يارنهن امامن جي نالي ڪيون. انهن جا نالا رکيائين ”اَڇوتڻيون“! هر اڇوتِ لاءِ ٽي ٻانهيون رکيائين. فقط حضرت علي عليه السلام لاءِ ڪا اڇوتِ نه مقرر ڪيائين، ڇا لاءِ ته ائين ڪرڻ سان حضرت خاتون جنت جي شان اقدس ۾ گستاخيءَ جو امڪان هو. (باقي يارهن لاءِ نه!!)_ هڪ ڏينهن خدا جو اهڙو ٿيو جو هڪ اڇوتِ نينگر رئڻ پٽڻ لڳي. راڻي کيس گهرايو ۽ احوال پڇيو، ٻڌايائين ته رات خواب لڌو اٿم، ان ۾ ڏٺم ته امام عالي مقام تشريف فرما آهي، پاڻ رنج ٿي مون کي ’طلاق‘ ڏنائون_ ان تي رئان پٽيان ٿي! منهنجو ته دين به ويو ۽ آخرت به وئي!“

Text Box: 12

ان تي راڻيءَ پالڪي گهرائي، ۽ کيس اجازت ڏني!

ٻيو ٻڌو! تاريخ ۾ آهي:

”غازي الدين حيدر، پنهنجي راڻيءَ کان ڊڄندو هو ۽ فرمائيندو هو ته راڻيءَ جي هٿ ۾ جنات آهن. جن کان منهنجي حڪومت کي خطرو آهي“

غازي الدين حيدر جي وفات کان پوءِ بادشاهه ”نصيرالدين حيدر“ پڳ ڌڻي ٿيو، ان جي ثقافت ملاحظه فرمايو!

”بادشاهه ملامت پنهنجي پاڻ تي ’حامله عورت‘ جي ڪيفت طاري ڪندو هو، ۽ ويم به فرمائيندو هو. ان وقت هوبهو، ويم وارا ’سور‘ به ٿيندا هئس، ۽ زالن وانگر روئندو به هو. ۽ پاسا به ورائيندو هو. دايون ۽ ٻانهيون اچي پاسو وٺنديون هيون. آخر ڪار دائيءَ جي دوا درمل ۽ فني ڪمال سان ويم خير سان ٿي گذرندو هو_ هڪ سينگاريل گُڏي، بادشاهه جي ڪَڇَ ۾ رکندا هئا. مبارڪ مبارڪ جا خوشنما آواز ٿي ويندا هئا. سهرا ۽ لوليون هڪ طرف ته قصيدا ۽ مجرا ٻئي طرف! ٻاهر دهلن ۽ شرناين جا دَسَ شروع، دايون ۽ پايون خوش خورم. لنگر جاري، هر ڪو ماڻهو ڀوڙ پلاءَ پيو کائي،_ ڇهن ڏينهن تائين بادشاهه، ’ويم_گهر‘ ۾ رهندو هو، کيس ويائي زال واريون دوائون ۽ خوارڪون ملنديون هيون. ’مٿي پاڻيءَ‘ جي رات زنانه لباس پهري، گڏيءَ کي ڪَڇَ ۾ کڻي، منڊ ڪائيندو نڪرو هو ٻاهر، ان وقت خير خيراتون جام ڪيون وينديون هيون، فتح علي خان ۽ مبارڪ علي خان، قوالي ڳائيندا هئا. ميراسڻيون ناچ ڪنديون هيون، رنڊيون ڳائينديون هيون. ان رنگ هلندي، بادشاهه درتي ايندو هو، ۽ سينگاريل هاٿيءَ تي چڙهندو هو. پويان گهوڙي سوار، اڳيان ’پوش پوش‘ جي پڪار، پاسن سان فوجي عملدار، بازارن جي ڪنارن سان هزارين ۽ لکين ماڻهو قطار درقطار، اچي گڏ ٿيندا هئا. شور ۽ شر ۾ ڪو آواز به ڪن تي ڪين پهچندو هو. رعايا، دعائون ڪندي هئي! بادشاهه هٿ کڻي سلاميون وٺندو هو!_“

_ناظرين! هيءَ اها ’ثقافت‘ هئي، جنهن ’ائوڌ‘ کي تباهه ڪيو! جنهن جا’جراثيم‘ اسان جي قومي تهذيب ۾ لاشعوري طور سرايت ڪري رهيا آهن.

 واجد علي شاهه، ان سلسلي جو مکيه ڪردار آهي. ان جي رنگين ثقافت لاءِ ڇا ٿو چئي سگهجي_ تاريخ ۾ آهي:

”واجد علي شاهه، کي جڏهن نظربند ڪيون، ڪلڪتي ڏي ٿي وٺيون ويا، تڏهن سندس پيٽ خلاف معمول ’طنبور‘ وانگر نڪتل هو. ان کي هڪ گورو سارجنٽ، پنهنجي ننڍڙي لڪڻ سان، وڄائي رهيو هو. ۽ واجد علي شاهه خاموش نموني ۾ گُنگا ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو!

_هي آهن، اسان جي تاريخ جون رنگين گهڙيون، يا ڪَوڙيون چغليون!

 

آخر ۾ محمد شاهه رنگيلي جي به ٻڌو:

محمد شاهه، نادرشاهه جي دهليءَ ۾ اچڻ تي پينگهي ۾ لڏي رهيو هو. جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته لکين ماڻهو خون ٿي چڪا آهن، ۽ نادرشاهه اوهان جي محلات جي درتي آيو آهي، ڄاڻ اندر آيو_ پاڻ چيائين، راند پوري ڪرڻ ڏيو، ائين ڪندي نادرشاهه اندر گهڙي آيو، سڄو محلات خالي ٿي ويو، ۽ اگهاڙي تلوار سان اچي نادرشاهه مٿان بيٺس_ چيائينس، محمد شاهه تون ڀڄي ڇو نه وئين! وراڻيائين، ٻانهيون  ۽ ٻانها الائي ڪاڏي ويا، ’جُتِي‘ ڀرسان ڪانه هئي، تنهنڪري ويٺو رهيس! ان کان متاثر ٿي چيو ويو آهي:

شامت اعمال ما صورت نادر گرفت!

اسان جي تاريخ ۽ تهذيب جي چند تلخ واقعات مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته جا قوم، عزت نفس، بلند حوصلي، جوانمردي، جدوجهد ۽ جهاد جهڙن عظيم ۽ انسانيت نواز جوهرن کان خالي رهجي وڃي ٿي، اها قوم، عيش پسند ادب، ’ذوق جمال جي غلط تصورات‘ ذهني عياشي پيدا ڪندڙ ادب ۽ فن، طبيعت ۽ مزاج ۾ سردي ۽ مردگي پيدا ڪندڙ شعر و شاعريءَ ۽ آفيم واري نشي جهڙي پر خمار ۽ پر ڪيف وجد ۾ آڻيندڙ، راڳ ۽ رنگ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي!

زوال پذير قوم جا اهي ئي آثار ٿين ٿا. جنهن قوم جا صالح عناصر، جڏهن ’لغويات‘ ۽ ’خرافات‘، بي مقصد ۽ غير افادي ادب، ۽ آرٽ ۾ مبتلا ٿين ٿا، تڏهن ان قوم مان جهداللبقاء ۽ تنازع اللبقاء جيءَ جدوجهد ختم ٿي وڃي ٿي. انهن جي محفلن ۽ ڪچهرين تي ظاهري طور ته نمائش ۽ وقتي جوش و خروش ڇانيل رهي ٿو، پر حقيقي طور انهن جون دليون سرد ٿي وڃن ٿيون. اها قوم ڪڏهن به پيش قدمي ڪرڻ جي لائق نٿي رهي.

اسان جي اديبن ۽ فنڪارن تي فرض آهي ته هو پنهنجي ’فن ۽ آرٽ‘ ۾ زندگي ۽ روشني پيدا ڪن، سرد دلين ۾ ’حدت ۽ حرارت‘ پيدا ڪن، مرده دلين ۾ زندگيءَ جو صحتمند خون گرم رکن، ۽ پنهنجي ’فن‘ ۾ حقيقت پسندانه روح پيدا ڪن.

رڳو ’ادب برائي ادب‘ڪا حقيقت نٿو رکي، جيستائين ’ادب‘ جو زندگيءَ جي تقاضائن سان ڪو براه راست تعلق نٿو رهي، تيستائين، اهو ’ادب‘ ذهني عياشيءَ لاءِ ته سودمند ٿئي ٿو، پر زندگي بخش ۽ صالح، نٿو سڏي سگهجي. اقبال خوب چيو آهي:

آ تجهه کو بتائون مين تقدير اسم ڪيا هي،

شمشير و سنان اول، طائوس و رباب آخر.

هنن چند تاريخي حوالن مان واضح ٿئي ٿو ته مذهب ۽ فن ۽ ادب، جڏهن پنهنجي افادي حيثيت کان ڪرن ٿا، تڏهن، ان قسم جا توهمات، طلسمي خيالات پيدا ٿين ٿا. ۽ اهڙي دؤر جي صاحب اقتدار قوت جي رعايا ۽ ان معاشري جو علمي ۽ فني سرمايو اهڙن لغو ۽ بي حقيقت ڳالهين جو نذر ٿي وڃن ٿا. مسلم تاريخ به اهڙن واقعن کان خالي نه آهي، ۽ مذهب جي تاريخ ته اهڙن ديو مالائي خرافات سان ڀري پئي آهي.

جاگيردارن ۽ سرمائيداري دور جي خبائتن ۾ جتي، خود مذهب پنهنجي حقيقت پسندانه ۽ تعميري ميلانات کان هٽي ٿو وڃي، اُتي ان دور جو علم ۽ فن به محض ’جذبات‘ جي تسدين لاءِ وقف ٿي وڃي ٿو.

اهڙين تاريخي حقيقتن کي مطالع ڪرڻ کان پوءِ، اهل فڪر طبقي تي فرض ٿو عائد ٿئي ته هو پنهنجي دور جي باشعور طبقن جي ذهني ۽ فڪري، اخلاقي ۽ سماجي زندگيءَ کي سنوارين ۽ انهن جي ذهن ۽ فن کي خرافات کان بچائين.

اديبن جو ’توجهه ۽ فن‘ يقين آهي ته اسان جي زنگ آلود معاشري جي ذهن لاءِ تابندگي ۽ زندگي پيدا ڪري سگهي ٿو. جڏهن:

بجهه چڪا هي چراغ دير و حرم

دل جلائو ڪه روشني ڪم هي

سماج ۾ اديب جي حيثيت.

اديب، شاعر ۽ فنڪار، کي سماج جي ذهني تشڪيل جو خالق سڏيو وڃي ٿو. سندن فڪري ۽ علمي ڪاوشون، علم ۽ شعور، فڪر ۽ آگهي جون شمعون روشن ڪن ٿيون. انهن جي قلم ۽ ڪاوش مان، انساني زندگيءَ لاءِ صحتمد نقش، مثال، اشارا ۽ خاڪا تيار ٿين ٿا. ’اديب‘ جي انشائي لطيف ۽ خطيب جي وجد آور جاد وبياني، شاعر جي نغمه سنجي ۽ ترنم ريزي، مصور جي نقش گري ۽ تصوير سازيءَ کي ڏسي ۽ ٻڌي، سامعين ۽ ناظرين انگشت بدندان رهجي وڃن ٿا. پر افسوس اهو آهي ته اديب ۽ فنڪار جي زندگيءَ ۽ سماجي حيثيت متعلق اڄ تائين نڪو سماجي فيصلو موجود ٿي سگهيو آهي ۽ نڪو تعميري شخصيت جو ڪو صحيح مقام پيدا ڪيو ويو آهي.

موجوده سماج ۾ مختلف ”انساني طبقات“ آهن، ڪي اعليٰ ته ڪي ادنيٰ، ڪي اوسط حلقي جا ته ڪي پست درجي جا. انهن جون سماجي حيثيتون ’علم ۽ هنر‘، پيشورانه شغل، ۽ سرڪاري ڊگريءَ آهر مقرر ٿيل آهن.

’علم‘ محض ڪاغذي ڊگرين ۽ طبقائي سَندَن کي سڏيو وڃي ٿو، پهرئين پرائمري ڪلاس کان وٺي، ايم. اي تائين سطحي ۽ غير مرتب، ورق گرداني ۽ ادنيٰ تجربات کي فضيلت جي ڪسوٽي قرار ڏنو ويو آهي، ۽ انهن جي ان اضافي ۽ غير حقيقي، سطحي ۽ بي معنيٰ واڌاري ۽ ترقيءَ کي ملازمت جي حيثيت سان ٻن سون کان ٻن هزارن تائين خريد ڪيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ ’اهليت‘ ۽ درجه بنديءَ جي ڪسوٽي وري ’سروس‘ ۽ ان جي ميعاد کي مقرر ڪيو ويو آهي، نتيجو اهو ٿو نڪري ته هزارن اهل ۽ لائق ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ڪو ’نااهل‘ محض سروس جي نقطه نظر سان وڌي ٿو وڃي! تاهم سندس واڌارو معاشي طور هزار کن ماهوار تائين مس ٿو پهچي. ان جي مقابلي ۾، روينيو ۽ انجنيرنگ کاتن ۾ به تعليم ۽ حاصلات جي اها ساڳي حيثيت آهي، پر پيداوار جا ذريعا ۽ طريقا وسع آهن. چنانچه انهن جي معاشي قيمت ماهوار ’هزارن‘ رپين کان مٿي ٿي ٿئي. هڪ ’تپيدار‘ مقابلـﺔ، يونيورسٽيءَ جي ’پروفيسر‘ ۽ ليڪچرار کان معاشي حيثيت سان گهڻو ٿو گڏ ڪري، حالانڪ علمي ۽ فڪري حيثيت سان تپيدار ۽ پروفيسر ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. ان طرح هنرمند، صنعت گر ۽ تجارت پيشه طبقي جو حال آهي، هو ’علم و فڪر‘ جي بلندين کان نا آشنا آهن، تاهم سندن سماجي حيثيت اوسط درجي جي ’ملازم‘ کان گهڻو مٿي آهي. ان طرح زميندار ۽ سرمائيدار طبقي جا ماڻهو آهن، جن جي پيدايش جو نه ڪوئي ملازم ٿو مقابلو ڪري سگهي ۽ نڪو هنرمند. انهن سڀني طبقن کي علمي ڊگرين ۽ پيشه ورانه درجه بندين سان تقسيم ڪيو ويو آهي. ۽ انهن جي ’معاشي پيداوار‘ کي ’جائز‘ ۽ ’حلال‘ جي سَندَ ڏني ويئي آهي، تپيدار کي حق حاصل آهي ته سندس پگهار ڀلي ته ’پنجاهه رپيا‘ ’پي بل‘ ۾ داخل هجي. پر وٽس بنگلو ۽ موٽر به هجي، بئنڪ بيلنس به هجي، ۽ زمين به هجي! ان طرح ’جج‘ ٻن چئن سون تي سور پٽيندو رهي پر وڪيل لکين رپيا ڪمائي ۽ ڪيس هارائڻ کان پوءِ به في واپس نه ڪري ۽ ڊاڪٽر به مردو سرڳ وڃي يا نرڳ وڃي، پنهنجي فيءَ جو هرحال ۾ مالڪ آهي. پر انهن سڀني جي مقابلي ۾ اديب ۽ فنڪار جي حيثيت متعلق ڪو به متفقه معيار ڪين آهي.

Text Box: 18

جنهن اديب ۽ عالم جي ڪاوشن مان مستفيد ٿي هڪ شاگرد، اڳتي هلي هزارين رپيا ڪمائي ٿو، اهو ’اديب‘ هر حال ۾ غير مستند به آهي ۽ ناقابل توجهه به! موجوده سماج ۾ ’اديب‘ جي حيثيت نه زميندار جهڙي آهي ۽ نه هاريءَ جهڙي، نه تپيدار جهڙي نه ماستر جهڙي، نه پروفيسر جهڙي ۽ نه لڪچرار جهڙي،_ نه هو داروغو آهي ۽ نه سپروائيزر! نه انجنيئر نه جمعدار! نه وڪيل نه ڊاڪٽر!

سندس سماجي ۽ معاشي حالت ڪنهن آفيس جي ’پٽيوالي‘ جهڙي به نه آهي! بقول جسيم الدين، ”جتي يونيورسٽي جي تعليم ختم ٿئي ٿي اتان کان اديبن جي تعليم شروع ٿئي ٿي“ ’پٽيوالو‘ جي آفيس درتي ’هذامِن فضل ربي‘ چئي ڏهه، پندرهن رپيا روز ڪمائي ٿو! ڪو گورڪندڙ ڄَٽُ ۽ جاهل ڇٻي يا گاڏي کي گهليندي، ويهه رپيا روز ڪمائي ٿو، ٻيو نه ته ٽانگي وارو به پنجن کان چاليهن تائين ڪمائي ٿو. انهن جي مقابلي ۾ اديب_ ڪابه حيثيت نٿو رکي،_ سندس قلمي ڪاوش جي قيمت پنجاهه رپيا، ۽ روز جي ڪمائي ٽي رپيا مس هوندي!

’اديب‘ جي فن ۽ شعور، ۾ نه ڪو تپيداري آهي ۽ نه ڪو انجنيرنگ، نه ڪو دڪانداري نه ڪو سپروائيزري، نه ڪو پيشه ورانه حيثيت نه ڪا تاجرانه قيمت! نه وڪالت نه وزارت!

اديب گويا اهڙي مظلوم ۽ اڇوت شخصيت آهي، جنهن جي شخصي ۽ عائلي حيثيت، پرورش ۽ ارتقا لاءِ، ’سماج‘ وٽ ڪا گنجائش نه آهي، سندس فن ۽ فڪر جي ڪڇه ۽ ماپ لاءِ سماج وٽ ڪي ماپا، ڪاڇا ۽ تورارا ڪين آهن، ’اديب‘ جي لکيل ڪهاڻيءَ کي اسٽيج تي آڻي، لکين رپيا ڪمائي سگهجن ٿا، پر ’اديب‘ کي فقط پنجاهه رپيا ئي معاوضو ملندو! اديب جي فني شهپاري کي محض هڪ سؤ رپين ۾ خريد ڪري، ڇاپي، هزار ها رپيا ڪمائي سگهجن ٿا، ۽ هميشـﮧ لاءِ حق واسطا قائم رکي سگهجن ٿا. پر، اديب جي دائمي معاوضي جي ڪابه واٽ نه آهي، ’سماج ۽ انصاف‘، ٻئي خاموش آهن، ڇالاء ته بکيو اديب، خودڪشي نٿو ڪري ۽ پنهنجي ڪاوش، ”هوش جي سلامتيءَ سان“ ۽ ”دل جي خوشيءَ سان“ ناشر جي حوالي ٿو ڪري، تنهنڪري اهو ’جرم‘ جرم نه آهي!

’اديب‘ جي ان ’مجهولالحال‘ ۽ معما واري شخصيت لاءِ نه خودي ۽ خود داري آهي ۽ نه انا ۽ انفراديت.

’اديب‘ ’مغربي عورت‘ وانگر ’اديب‘ بنجڻ لاءِ پنهنجي نام و نشان، شخصيت ۽ زندگي تان به هٿ کڻي ٿو، جيئن ڪا گرل ابي امان کان ته ’ميري‘ ٿي ميدان ۾ اچي ٿي، پر ’فلپ‘ سان شادي ڪرڻ کان پوءِ ’فقط ’مسز فلپ‘ ئي رهجي ٿي وڃي، تيئن ’اديب‘ يا ته ماستر ٿوبڻجي ، ۽ سؤ سوا رپين تي زندگي ٿو گذاري، يا ’پروف ريڊر‘ يا ڪنهن اداري ۾ ’نظر ثاني‘ ڪندڙ ٿو رهي، يا ڪنهن ادبي، نيم ادبي، سرڪاري يا نيم سرڪاري اداري ۾ منشي، محرر‘س مدير ۽ نائب مدير، ڊرائنگ ٽيچر، ۽ نقشه نويس ٿي عمر ٿو وڃائي! يا فلمي گانا ٿو لکي، ۽ ڍيٻڪيون ٿو وڄائي! وڌ ۾ وڌ ڪنهن اخبار ۽ رسالي جو ايڊيٽر ٿيو ته به ٻن ٽن سون پگهار کان مٿي نٿو وڌي! ڇالاءِ ته هو اول ڪلارڪ يا ريڊر، ماستر يا منشي آهي، ۽ پوءِ اديب، مصور، فنڪار ۽ نقاش، شاعر ۽ سخن سنج آهي_ سندس ان ثانوي حيثيت کي نظر انداز ڪرڻ جو ڪارڻ فقط اهوئي آهي ته ’سماج ۽ قانون‘ وٽ ’اديب ۽ شاعر‘ جي ڪا انفرادي حيثيت معين ڪانه آهي، ۽ نه ڪو سندس ’فن ۽ شخصيت‘ کي وزن ڪرڻ، ماپڻ ۽ ڪڃڻ جا معيار ۽ تورارا آهن.

نتيجو اهو ٿو نڪري، ته علم وفن جي روشني پهچائيندڙ، انساني ذهن جي تشڪيل ڪندڙ، علم ۽ فن، ادب ۽ آرٽ، فلسفي ۽ سائنس تي ڪاوش ڪندڙ، سماجي ۽ معاشي حيثيت سان بکيو ۽ ڏکيو ٿو گذاري، سندس ٻچا، انگ اگهاڙا هوندا، سندس مڪان، اونداهو ۽ سوڙهو، صحت ۽ زندگي کان محروم! اڪثر ڪري ڳرين مسواڙن ۾ مبتلا، يا ٻين لاءِ لکي گذارو ڪندڙ گگدام ئي رهجي ٿو وڃي، ۽ صحت ۽ تعليم کان سندس ٻار محروم ٿا رهن. اگر اسان جي گذارش ۾ واقعي ڪي حقائق آهن، ته پوءِ سماج جي باشعور بزرگن ۽ سرڪار کي توجهه ڏيڻ گهرجي. ’اديبن‘ جي سماجي ۽ معاشي حيثيت لاءِ ڪا درجه بندي ڪرڻ گهرجي. انهن جي ’حال ۽ استقبال‘ لاءِ سوچڻ گهرجي. ۽ زندگيءَ جي سنواريندڙن جي ’قلم ۽ دماغ‘ لاءِ اهو ڪجهه ’معاوضو‘ مهيا ڪرڻ گهرجي، جنهن جي لاءِ هو اهل ۽ لائق آهن. رڳو آدمشماريءَ جي ڪاغذات ۾ پيشه ور عورتن، پيشه ور ڳائڻن، ميراثين، ڌڪڙبازن، ناچن ۽ سرندائي ٽولن ۾ اديب، شاعر، ۽ فنڪار، جو اندراج ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو!

گورنمنٽ جو طرفان ’ويج بورڊ‘ جي فيصلن مطابق، صحافي حضرات جي درجه بندي عمل ۾ آئي آهي، ڪيترن اديبن ۽ ايڊيٽرن جي وظيفن ۾ نمايان ترقي ٿي آهي، اها ترقي اگرچه اهڙي ڪمائتي ته نه آهي، تاهم غنيمت سمجهڻ گهرجي.

ان کان سواءِ رائٽرس گلڊ جي تحريڪ سان ڪن اديبن کي ماهوار وظيفا پڻ جاري ٿيل هئا. مگر افسوس اهو آهي ته فقط هڪ اڌ سال کان پوءِ بند ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾، سنڌ جا ڪيئي اديب ۽ شاعر اهڙا آهن، جي وڏي عمر جا آهن، ۽ برسر روزگار ڪين آهن. جيئن مولائي شيدائي، عبدالڪريم گدائي وغيره جن کي سال کن ماهوار سؤ رپيا ملندا رهيا آهن. اسان جي گذارش آهي ته رائٽرس گلڊ پاران انهن جي وظيفن کي دوباره جاري ڪيو وڃي.

اديبن جي زندگي، ڪن اهڙن تعليمي ۽ ادبي ادارن سان به وابسته آهي، جي ادارا، گورنمنٽ جي گرانٽ تي هلندڙ آهن، ۽ انهن جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو دائرو پڻ وسيع آهي، ۽ انهن جي پيدائش به اهڙي گهٽ نه آهي. اهڙن ادارن سان وابسته اديبن ۽ فنڪارن جي پگهارن ۾ پڻ جائز اضافو ڪرڻ گهرجي. ۽ ڪم ازڪم ’ويج بورڊ‘ جي فيصلن موجب، معقول ۽ جائز مطالبن تي غور ڪيو وڃي.

Text Box: 22

اديبن ۽ ناشرين جا تعلقات ۽ ڪاروباري معاملات پڻ، ناگقته به آهن. اڄڪلهه جا ناشر ۽ ڪاروباري ماڻهو تمام ٿوري معاوضي تي ڪتاب تاليف ڪرائين ٿا. يا ترجمو ڪرائين ٿا. سرڪار کي گهرجي ته هوءَ انهن مسئلن جي پوريءَ طرح ڇنڊڇاڻ ڪرائي. ۽ علم وفن جي معياري ڪتابن جي معاوضي متعلق ڪو اصول قائم ڪرائي ۽ ان اصول سان ناشرين کي ٻڌل رکي.

هڪ اصليت پسند ڪتاب، يا هڪ علمي تاليف جي ترتيب ۽ تدوين لاءِ هزارن ڪتابن مان عرق ريزي ڪرڻي پوي ٿي. ان جي مقابلي ۾ ڪنهن ڪتاب کي ترجمي ڪرڻ وقت ايتري ڪاوش ۽ جهد، مطالع ۽ اوراق گرداني جي ضرورت نٿي رهي، تاهم ٻنهي جو معاوضو ساڳيو رهي ٿو.

اڄڪلهه معاوضو، صفحن جي حساب سان ڏنو وڃي ٿو. ان حيثيت سان ڪو اصليت پسند ڪتاب، ڪا سَون ڪتابن مان گڏ ڪيل تاليف، ۽ ڪنهن ڪتاب جو ترجمو، پنهنجي فني ۽ افادي حيثيت سان گهڻو فرق رکن ٿا. مگر في پنج يا ڇهن رپين جي حساب سان معاوضو ادا ڪيو وڃي ٿو. حالانڪ بافتي، هرک ۽ بوسڪيءَ جي ڏهن والن جي قيمت جدا جدا آهي. پر علمي ۽ فني ڪتابن جو معاوضو، هڪ ئي اصول سان وابسته آهي. اسان جو سرڪار ۽ رائٽرس گلڊ، ۽ ادبي ادارن کي پڻ ان مشڪلات کي رفع ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com