سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع (3)

 

صفحو :2

سنڌي زبان جي تعليمي حيثيت.

      سنڌي زبان جي تعليمي حيثيت متعلق سنڌ جي عالمن ۽ دانشورن، اخبارن ۽ ادبين جي مسلسل جد وجهد ۽ مطالبن جي معقوليت کي قبول ڪندي، گورنمينٽ، هڪ خاص آرڊيننس جاري ڪري، سنڌي زبان جي تعليمي حيثيت کي حق بجانب تسليم ڪيو آهي. گورنمينٽ جو اهو قدم نهايت دانشمندانه، معقول ۽ قابل تعريف چئي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ اهي اديب ۽ دانشمند، جن نهايت مخلصانه طور، ڪنهن به اشتعال ۽ لاقانونيت کان سواءِ، افهام_ تفهيم ذريعي گورنمينٽ کي متاثر ڪيو آهي، اهي به قابل قدر آهن. سندن اها جدوجهد سنڌي زبان ۽ ان جي تعليمي حيثيت جي سلسلي ۾ تاريخي آهي. ايندڙ نسل سندن ان مخلصانه جدوجهد کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا.

ان سلسلي ۾، سنڌ جي عالمن، دانشورن ۽ اخبارن جنهن فراخدليءَ سان ان اعلان جو استقبال ڪيو آهي، ان مان صاف ظاهر آهي ته اهل سنڌ جا مطالبا نه فقط معقول ۽ مدلل آهن، پر تعميري ۽ ترقي پذير به. سنڌ جي دانشمندن جا مطالبا مملڪت جي فڪري تعمير جي سلسلي ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. تاهم هڪ گذارش ڪرڻ مناسب ٿا سمجهون ته جنهن آرڊيننس ذريعي سنڌي زبان جي تعليمي ۽ ثقافتي حيثيت کي بحال ڪيو ويو آهي، تنهن جي منطقي ۽ قانوني حيثيت ايتري واضح ۽ تسلي بخش نٿي چئي سگهجي: ان جي زبان، پنهنجي منطقي حيثيت سان، نه فقط مبهم ۽ غير تسلي بخش آهي، پر ان سان گڏ آرڊيننس جي زبان جي منطقي حدود کي اگر غور سان ڏٺو ويندو ته پوءِ معلوم ٿيندو ته ان مان ڪوبه اهڙو مفهوم متعين نٿو ڪري سگهجي، جنهن مان واضح ٿئي ته سنڌيءَ جي تعليمي ۽ ثقافتي حيثيت کي ڪا ’مستقل‘ معنيٰ ڏيئي سگهجي ٿي. ان شبهي جي يقيني صورت ان حالت ۾ به وڌي ٿي وڃي، جڏهن تعليمي ڪميشن جي رپورٽ جون اهي سفارشون اڃا منسوخ نه ڪيون ويون آهن، جن جي موجودگيءَ ۾ سنڌي زبان جي تعليمي حيثيت قريب قريب ختم ٿي چڪي هئي. انهن حقيقتن جي موجودگيءَ ۾، اسان جي پر زور گذارش آهي ته گورنمينٽ جا اختياريءَ وارا، ان آرڊيننس جي روشنيءَ ۾، زياده وضاحت ڪن: ڪميشن جي رپورٽ مان اهي فقرا نه فقط فوراً خارج ڪيا وڃن، پر ان سان گڏ سنڌي زبان جي تعليمي ۽ ثقافتي حيثيت، ۽ سنڌي ادب جي اشاعت جي سلسلي ۾ هڪ اهڙي ضمانت ڏني وڃي، جا هڪ تعميري ۽ ارتقا پذير مملڪت جي سربراهن جي وسعت قلبي جي لاءِ قابل تعريف چئي سگهجي. اميد آهي ته مملڪت جا روشن ضمير ارڪان، هن مسئلي ڏانهن ضرور توجهه فرمائيندا. ان شڪ ۽ شبهي جي ازالي لاءِ، واضح ۽ اطمينان بخش اعلان جي اميد رکي سگهجي ٿي. آخر ۾ اسين گورنمينٽ ۽ ملڪ جي صاحب بصيرت دانشمندن کي انهيءَ جدوجهد جي ڪاميابيءَ تي مبارڪباد ڏيون ٿا.

Text Box: 24

 

”اين ڪار از تو آيد، مردان چنين ڪنند.“

 

آه! ايم. آر. ڪياني مرحوم

 

علم وفن ۽ طنز و مزاح جي جامح ۽ سحر انگيز اديب ۽ خطيب، چيف جسٽس، محمد رستم ڪياني، 15_ نومبر صبح جو 4 بجه چٽگانؤن ۾ داعي اجل کي لبيڪ چوندي، پوري ملت کي داغ مفارفت ڏيندي وفات ڪئي آهي، اناالله وانااليـﮧ راجعون.

مسٽر ڪياني جي وفات نه فقط پاڪستان لاءِ هڪ ناقابل تلافي سانحه آهي، پر ان سان گڏ. علم و فن، ادب ۽ ذوق، حق پسندي ۽ صداقت شعاري جي قدرن ۽ معيارن لاءِ به اندو هناڪ حادثو چئي سگهجي ٿو.

ظاهر ۾ ڪياني مرحوم هڪ ”مشتِ استخوان“ هو، پر منجهس حق وصداقت جو مضطرب ۽ بيقرار روح هو، جو هميشـﮧ باطل جي مقابلي ۾

مومن هي توبي تبغ بهي لڙتا هي سپاهي،

جي مصداق، صف آرا هو.

مرحوم ڪياني جو انداز فڪر ۽ تنقيدي شعور، عوامي ۽ ٻين الاقوامي هو، تنهنڪري، ڪياني جي وفات نه ڪنهن هڪ قوم ۽ وطن لاءِ نقصان ده آهي، پر ٻين الاقوامي، حق پسندانه شعور لاءِ عظيم ۾ ناقابل تلافي نقصان آهي.

ڪياني مرحوم جون تقريرون، ۽ تنقيدي تشترون، محب وطن حلقا، هميشـﮧ لاءِ ياد ڪندا رهندا.

ڪياني مرحوم، حق و صداقت جي زاظهار ۽ تائيد جي معاملي ۾ نه فقط بي خوف هو، پر ان سان گڏ، باطل پسند، اسبتداد ۽ نظام جي اڳيان جهڪڻ کي به گناهه سمجهندو هو.

حق چون جو حراتمندانه مثال جو ڪيانيءَ مرحوم پيش ڪيو آهي. اهو پنهنجي وطن جي تاريخ ۾ بيمثال آهي، خاص طرح سان، جنهن دور ۾ وڏا وڏا ديوهيڪل انسان به دهلجي ويا هئا، فقط ڪياني مرحوم ئي هو، جنهن عوام جي ضمير جي ترجماني پئي ڪئي. ۽ پنهنجي مخصوص طنزيه انداز ۾ معاشري جا ڇوڏا پئي لاٿا. ان ڪري کيس ’لسان القرم‘، پڻ سڏيو ويو. ڪياني جي ادبي حيثيت پڻ مسلم آهي، سندس اندار بيان، ۽ اسلوب تحرير طنزيه ۽ مزاحيه حيثيت مان هڪ نئين ادب، ۽ نئين علم ڪلام جو بنياد وڌو آهي. سندس طنزيه ڪنايا ۽ مزاحيه اشارا، هميشـﮧ جمهوري اقدار جي احترام ۽ عوامي مفاد جي حفاظت لاءِ هئا.

ڪياني مرحوم هڪ چيف جسٽس جي حيثيت سان، رٽائرڊ ڪري چڪو هو. پر سندس حق پسندانه جذبات کيس بين الاقوامي شهرت ۽ مقبوليت تائين پهچايو، سرڪاري ملازمت ۾ سندس روح آزاد ئي رهيو.

ڪياني مرحوم ۾ ملت جي قيادت جا اهي سڀ اوصاف ۽ اوطار موجود هئا. جي هڪ مخاص ترين قومي رهنما ۾ هڻڻ گهرجن. اخلاص ۽ جرات، فراست ۽ بصيرت، ديانتداري ۽ جوانمردي، معامله فهمي ۽ حوصله افزائيءَ جا اهي جوهر، جي هڪ مشت، خاڪ کي شهرت ۽ عظمت جي بلند درجي تي پهچائن ٿا. اهي سڀ ڪياني ۾ موجود هئا.

ملت جي هن قابل فخر، عظيم فرزند جي وفات، علم انسانيت ۾ هڪ اهڙو خال ڇڏيو آهي، جو صدين تائين نه ڀرجي سگهندو.

ندس غير معمولي ذهانت، جدوجهد ۽ ڪشمڪش. طنزيه ۽ مزاحيه شخصيت، ادبي ۽ لساني خدمت کي زمانو صدين تائين ياد ڪندو رهندو.

ڪياني مرحوم، ’فن ۽ فڪر‘ جي عالم ۾ شهيد ٿي

’صلهء شهيد ڪيا هي، تب و تاب جا ودانه!‘

جي مصداق، زندهه جا ودان ٿي چڪو آهي.

ڪياني مرحوم جي عظيم جدوجهد ۽ فڪري ۽ شعوري بلنديءَ جي پيش نظر، ائين چئي سگهجي ٿو ته ان جو روح اگرچه قفس عنصري مان پرواز ڪري چڪو آهي، تاهم

شهيد ڪي جو موت هي، وه قوم ڪي حيات  هي

سندس ’روح‘ منشائي ايزدي جي مطابق، ’سلسلهء ارتقاء‘ ۾ اڄ به جدوجهد ڪري رهيو آهي، ۽ چئي رهيو آهي:

اگر چهٽ گيا اڪ نشيمن تو ڪيا غم،

مقامات آه و فغان، اور بهي هين.

 بهرحال ملت اسلاميه ۽ هيئت انسانيه جو بلبل هزار داستان هن خاڪدان عالم ۾ به ظاهر خاموش ٿي چڪو آهي. اناالله و انااليـﮧ راجعون.

اسان سندس عظيم شخصيت، ۽ عظيم فن مان گهڻو ڪجهه تعميري ۽ ترقي پذير فڪر حاصل ڪري سگهون ٿا.

مهراڻ جي ناظرين کي اها خوشخبري پڻ ڏيڻ گهرون ٿا ته آئينده ’مهراڻ‘ ۾ مسلسل ڪياني مرحوم جي تقريرن کي پيش ڪندا اينداسون.

آخر ۾ اسان جي دعا آهي ته رب ڪريم کيس، شهدائي انسانيت ۾ جڳهه ڏئي. ۽ سندس پس ماندن کي صبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي.

”مهراڻ“ جي مقبوليت.

”مهراڻ“ سنڌي زبان جو نمائيندو ۽ معياري رسالو آهي، اسان ناظرين ڪرام لاءِ مختصر طور ظاهر ڪرڻ ٿا گهرون ته ’مهراڻ‘ پوري دنيا ۾ وڃي ٿو. سندس عالمگير ۽ بين الاقوامي حيثيت هڪ تسليم ٿيل حقيقت آهي. ’مهراڻ‘ سنڌ، پاڪستان، هندوستان ۽ يورپ ۽ آمريڪا تائين هن طرح پهچي ٿو.

پاڪستان_ ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا، ملتان، پشاور، راولپنڊي.

مشرقي پاڪستان_ ڍاڪا، چٽگانگ.

آزاد ڪشمير_ميرپور.

هندوستان_ بمبئي، اجمير، دهلي، جوڌپور، جيپور، آگرو، ڪلڪتو، بڙودو، بڙودو، لکنو، حيدرآباد دکن، الهه آباد وغيره.

غيرملڪي سفارتخانا_ آمريڪا، انگلنڊ، اسپين، چين، هندوستان، مصر، عرب، ايران، روس، انڊونيشيا، فرانس، جرمني، اٽلي، جپان، ناروي، سئيڊن، عراق، نائجيريا، گهانا، روڊيشا، لبريا، لبنان، شرق اردن، طرابلس، يمن، سوڊان، يونان وغيره.

ٻاهر يان خريدار ۽ عالم_انگلنڊ، جرمني، آمريڪا، آفريقا، هندوستان.

شڪريه.

’مهراڻ‘ جي ترتيب وتدوين جي سلسلي ۾، نيز، ان جي طباعت ۽ اشاعت جي ڪم ڪار ۾، آءُ جناب سيڪريٽري صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ۽ شيخ علي محمد صاحب، ممبر (سنڌي ادبي بورڊ) ۽ انچارچ سنڌي ادبي بورڊ پريس حيدرآباد، ۽ مسٽر علي بخش احمدزئي مينئجر پريس جو شڪرگذار آهيان، جن جي دلي تعاون سان ’مهراڻ‘ حسب دستور سابقه، نهايت حسين ۽ معياري قدرن جو جامع رهندو آيو آهي، ۽ تمام ٿوري وقت ۾ شايع ٿي منظر عام تي آيو آهي.

ان سلسلي ۾ مسٽر محمد امين صاحب بلوچ، مينجر سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال به خاص شڪريي جو مستحق آهي، جنهن جي خاص ڪوشش سان ’مهراڻ‘ سنڌ ۽ پاڪستان ۽ ان کان ٻاهر هندوستان يورپ ۽ آمريڪا، تائين خريدارن ۽ اديبن کي فوراً پهچي ٿو.

مٿيان ذڪر ڪيل صاحب اميد ته ’مهراڻ‘ کي پنهنجي نيڪ مشورن سان نوازيندا ايندا، ۽ طباعت جي سلسلي ۾ دلي طور تعاون ڪندا ايندا.

آخر ۾ آءُ پنهنجي ساٿي ۽ رفيقِ ڪار، مسٽر شمشيرالحيدريءَ جو شڪر گذار آهيان، جنهن رسالي جي ترتيب ۽ تدوين، اشاعت جي سلسلي ۾ قابل تحسين تعاون ڪيو آهي، ۽ صحت ۽ صفائيءَ جي حيثيت سان ’مهراڻ‘ جو معيار ۽ مقام قائم رکيو آهي.

_غلام محمد گرامي

 

_پرَميشر پَرتَک، ’سامي‘ سورجَ جان وهي،

انڌا ڏسن ڪينڪي، پَٽي پنهنجي اک،

ڪوههُ ڪرين جَک جَک، ٿو در درد يوافن جان.

 

_پاري ۾ پاڻِي، تئن وِياپڪ وَسي سَڀَ ۾،

سوکم سَنڌِ پِرينءَ جِي، ڪنهن ڄاڻائِي ڄاڻِي،

’سامي‘ سَماڻِي تنهن جي سُرت سُروپ ۾.

 

_ويدن جا وادِي، اسين آهيون ڪينڪي،

نڪي ڄاڻون چِتَ ۾، اٽڪلَ آستاديِ،

’سامي‘ ڏني ستگروءَ، آنڀيءِ لَکَ آديِ،

اِها مُراديِ، سوگهي، آهي ساهه کُون.

 

_ويدَه پِرانَ پڙهي ڪري، ٿو لوڪنِ ريجهائين،

سُپريان جي سِڪَ ۾، جهاتِي نه پائين،

چاههُ نه چُڪائين، تون پَسين ڪئن پرينءَ کي؟

 

_بانڀڻَ، ٻَڌ مَ ٺاٺَ، ڪوڙا مايا موههَ جا،

کڻي هڻندءِ کَڏَ ۾، اِها ڏائڻ ڏاٺَ،

ڇڏي پوٿيون پاٺَ، جاڳي ڏس جڳديس کي.

 

_سهسين پڙهِي سبقَ، حافظ ڄاڻن پاڻ کي،

سمجهن ڪينَ سلوڪ جو، اِشرو احمقَ،

ورلو ڪو واقف ٿيو، ويڙهي سڀ وَرَقَد،

ڏٺا جنهن طبقَ، چوڏهن پنهنجي چِتَ ۾.

 

_چرَيا سي چنجن جي پاڻ پَڇاڻِن ڪينڪي،

ڳالهيون ويدن جون ٻُڌِي، مَرم نه رکن مَن،

پنهنجيءَ ڳچيءَ پاڻهِي، جوڙي سيلَ وجهن،

’سامي‘ ڪين ڏسن، جهاتِي پائي گهر ۾.

 

_اکين منجهه آهينِ، اکيون عجيبن جون،

جتيِ ڏسان نينَ ڀرَي، تِتي واجهائينِ،

مٿؤن پاند مِهر جو، هڪ لحظو نه لاهينِ،

لنؤن لؤن لَکائنِ، دَرسن دردوندن کي.

                                                _سامي

 

”اديب ۽ لکندڙ، مختلف قومن ۾ تمدني خيالن جي ڏي_ وٺ جي ذريعي، انسان جي تقدير کي فيصله ڪُن صورت ڏيئي سگهن ٿا. نامور لکندڙ لکين ذهنن کي متاثر ڪن ٿا: انهن جي پاڻ ۾ شخصي دوستي قائم ٿيڻ سان دنيا جي مختلف قومن لاءِ هڪٻئي کي بهتر نموني ۾ سمجهڻ جو خوشگوار ماحول پيدا ٿئي ٿو. اوهين پنهنجين لکيتن سان ’يونيسڪو‘ [اقوام متحده جي بين الاقوامي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم] جي ٺهرائن کي مقصد ۽ عملي جامو ڏيئي سگهو ٿا، ۽ انسانن جي دلين ۾ انسان_ دوستي ۽ امن، آزاديءَ ۽ انصاف جا امنگ ۽ جذبا پيدا ڪري، انهن ٺهرائڻ کي حقيقت ۾ بدلائي سگهو ٿا. اوهين عالمي امن جي خواب کي جسم ۽ جان ڏيئي سگهو ٿا. اڄ دنيا جون اکيون اوهان ۾ کتل آهن، ۽ سڄي انسانذات اوهان جي فڪرن ۽ بحثن مباحثن کي اميدن ڀريل نگاهن سان گهوري ۽ جاچي رهي آهي.

”جنگ، فن ۽ تمدن جي وڏي ۾ وڏي دشمن آهي. صدين جي فني ۽ ثقافتي سرمايي کي جنگ هڪڙي لحظي ۾ تباهه ۽ تلف ڪريو ڇڏي. انهيءَ ڪري، اوهان قلم جي ڌڻين کي، يڪمشت ٿي، انهيءَ خطري کي ٽارڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. اوهان جي قلمن جي طاقت سموريءَ دنيا جي تباهه ڪُن هٿيارن جي طاقت کان وڌيڪ جبري آهي. ادب ۽ فن جا شهڪار فقط امن امان ۽ صلح سانت ۾ ئي سلامت رهي سگهن ٿا. انهيءَ ڪري، اوهان لکندڙن تي اهو هڪ اخلاقي فرض عائد ٿئي ٿو ته اوهين امن جي حفاّظت ڪريو، ۽ امن کي ڦٽائيندڙ طاقتن سان جنگ جوٽيو.“_ _ آر. اين. اگروال [ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس_ دهلي، ٢٣ کان ٢٨ ڊسمبر، ١۹0۶ع_ ۾ ڪيل مرحبائي تقرير مان اقتباس.]

 

شاعري

 

بيت

خادم ”سروري“

ميرو منهن ٿيوم، وڃان ڪيئن وري،

وچن ويڙ هيچن سان، سگهيو ڪونه پَريِ،

وڃان شال مري، جيئن ڪهڙو جهان ۾.

 

ميرو منهن ٿيوم، وڃان ڪيئن وطن،

مون کي ماروئڙن جا، مِهڻا روز ملن،

مون جيڏيون ملير ۾، ٿيون روز رهاڻيون ڪن،

سي خوش ٿي ڪيئن کِلن، جي ڪانياريون ڪانڌ جون.

 

ميرو منهن ٿيوم، وطن ڪيئن وڃان،

ميارون مارن جون، مڃيو روز مڃان،

جيڏيون! جهانگيئڙن کان، ڀيرو ڪيئن ڀڃان،

اٿم اميد اڃان، ته ملنديس ماروئرن سان.

 

ميرو منهن ٿيوم، آهيان ويچاري،

پر ۾ پنوهارن سان، پرت نه مون پاري،

مون هٿن سان هاري، ’خادم‘ راند کيت سان.

 

ڪهڙي منهن ملير، وڃان ويڙهيچن ڏي،

ڪانياري آهيان ڪانڌ جي، ثابت رکيم نه سِير

هينئر هن حراس ۾، ٿو ٿڙڪي ساهه سرير،

مون کي محمد مير، شل امن ساڻ اڪارئين.

 

وڏائي، واحد! ٿي توکي جڳائي،

پاڻ جيڪو ٿو ڪري، خطا سو کائي،

ٿو پاند ڳچيءَ پائي، ’خادم‘ تنهنجي خوف کان.

 

الله شال اچن، اوٺي اباڻن جا،

مون کي عمرڪوٽ مان، وٺي شال وڃن،

ته مون کي ملڪ ملير ۾، مبارڪون ملن،

خوش ٿي شال کِلن، ’خادم‘ کاهڙ واريون.

 

الله شال ڏسان، ائين اباڻن کي،

پنوهاريون پريت مان، پلپل روز پَسان،

کِليو شال کِلان، ’خادم‘ ڏسي کيت کي.

 

الله توريءَ واهه، ڪانهي ڪانياريءَ جي،

پڃرو پاپن کان ٿيو، سارو غير گناهه،

رُليءَ کي هن رڻ ۾، رهبر ڏس ڪا راهه،

ته پرين منجهه پساهه، مان ويلَ نه توکي وساريان.

 

ڪافيون

حسن بخش ’خادم‘ سروري

 

ساري رات سڄڻَ مان ستايان پئي،

ڪٿان تون ٿو اچين، جهاتيون پايان پئي.

پهريون پهر ٿو گذري پورن ۾،

ڏاڍو لطف آيو سڪ سورن ۾،

ٻيو پهر آيو، مون ٻاڏايو پئي،

وڏينياز مان سر کي نمايو پئي،

ٽئين پهر ۾ هر هر نيڻ تمن،

ويٺي ويٺي ڏسان، لڙيو لڙڪ پون،

چوٿين پهر، پرين، پيا چاڪ چڪي،

هڪڙو يار ڪيمل سڪي پني ۽ سڪي،

’خادم‘ صبح ٿيو، ٿي وئي رات گذر،

پنهنجي پرينءَ جي ڪر تون نه ڪنهن سان پچر،

مٺا محب تنهنجي مذڪورن ۾،

پنهنجي پر ۾ پاڻ پچايان پئي.

پنهنجي پاند ڳچيءَ ڳل پايو پئي،

توکي رمز ۾ يارَ ريجهايان پئي.

وڏائي وس ڪيم، بيوس ڪين بيهن،

مان نيڻين نير وهايان پئي.

توکي ياد ڪيم ساري جڳ کان لڪي،

تنهن لالڻ سان لنون لايان پئي.

ڪر ماٺ متان پوي ڪنهن کي خبر،

ڳجهي ڳالهه مان لوڪان ڪايان پئي.

 

’معمور‘ يوسفاڻي‘

 

ڪر سهڻل يار ستاري، الا،

منهنجي تو ريءَ ناهي تاري.

ڏسي منهنجون مديون ۽ ميرا،

مون تان ڀال ڀڃي ويو ڀيرا،

اوهين ساجن سنبهي سويرا،

ويو وير، الا، ڪنهن ويرا؟

مان پرهه نهاريان پيرا،

ڪيا دردن دل تي گهيرا؛

پيا ڇوهون ڇٽي ڪئين ڇيرا،

ٿي دلڙي ٻيرا ٻيرا؛

ٻيو جوش جگر تي جاري الا،

منهنجي تو ريءَ ناهي تاري.

اسين ناهيون پاڻ وهيڻا،

تون ساٿي، تون ئي سيڻا؛

تو ري حال ٿيا ٿئون هيڻا؛

ڪيا جهوريءَ آهيون جهيڻا؛

ٻيا آهن سور سڱيڻا،

ٿيا درد جتي سڀ ٻيڻا؛

ڪن فرق نٿا ڪي ڦيڻا،

سڀ ٽاڪيون ٽوڻا ٽيڻا؛

ڪا ڪانه لڳي ٿي ڪاري الا،

منهنجي تو ريءَ ناهي تاري.

تنهنجو آهي قرب ڪمالي،

تنهنجو جلوو جوت جمالي؛

جا لالڻ تنهنجي لالي،

آ تنهن جي وصف نرالي؛

تون افضل تون ئي عالي،

تون وارث، تون ئي والي؛

هي ’معمور‘ آهه سوالي،

سو در تان وار نه خالي؛

ڪر وصل جي ڍولڻ واري، الا،

منهنجي تو ريءَ ناهي تاري.

 

احمد خان ’آصف‘ مصراڻي

 

عجيبن آسرا ڏيئي مٺيءَ کي مام سان ماوريو،

سڙي ويو ساهه سورن ۾، ڏُکيءَ جو ڏيلُ ڏک ڏورايو.

هُيس اڳ ۾ نه مان اهڙي،

ٿيس جڳ ۾ هينئر جهڙي،

مون کي سڌ سِڪَ سندي ڪهڙي،

سڪڻ سڄڻن ئي سيکاريو.

اَلَڙ ڇا عشق مان ڄاڻي،

آڙايس پر اکين آڻي،

نڀاهڻ نينهن پيو هاڻي،

انهيءَ ڳڻتيءَ اٿم ڳاريو.

ڪئي جي نينهن نابودي،

مگر آهيان مان آسودي،

سڙي سِڪ ۾ ٿيس اُودي،

آندرُ، ’آصف‘، مون اوجاريو.

 

نياز علي شاهه ’محسن‘

 

زماني جي گردش ڪيا ڌار ساٿي،

هُئي جا به ٿيڻي، سڄڻ، نيٺ سا ٿي!

ڏيان ڏوهه ڪنهن کي، نه ڀاڳن ڀڙايو،

هئا جي به گڏ، سي ويا سڀ جدا ٿيِ.

اجايو ڏکن جي شڪايت ڪرين ڇو،

ٻه_ ٽي ڏينهن، اي دل، ڏُکيا يا سُکيا ٿِي.

مِليِ ويندو هڪ ڏينهن محبوب، ’محسن‘،

ڌڻيءَ مان نه مون آهه اميد لاٿِي.

 

عبدالجبار ’شام‘

 

ساٿ ويو جو رات، الا،

مون کي ڏاگهن جو ڪو ڏَسُ ڏيو.

ڪَرهن سندو قافلو، نيِو ته ڏاڍيءَ ذات_ الا...

ڌيءَ ته ڌاري آهيان، ذات تي ناهي ڏات(_ الا...

ٻيو ته ٻُجهان ڪينڪي، رڳي برهه جي بات_ الا...

ورتيم واٽَ وندرجي، وائي پُنهل جي وات_ الا...

مرشدَ لالَ لطيف جي، آءُ ڪريان ڪا لات_ الا...

آهي ’عبدالجبار‘ کي، توريءَ ٻي تات الا...

محمد صالح سپيو ڪربلائي

ويٺا قسمت جا هِتي ڏينهن ڪَٽيون،

ڪڏهن، دوست، اوهان کان نه مَٽيون.

اُهي ڏينهن اُهي رَوَ راتيون سڀ،

اُهي محب مزا، ملاقاتيون سڀ،

اُهي برهه واريون برساتيون سڀ،

مون کي ياد آهن، ڪين هِنئين تان هَٽيون.

هيئن ڪنهن آ اسان کي دور ڪيو،

مجبور زماني آهي مجبور ڪيو،

بيدردن هيءُ دستور ڪيو،

تڏهن ور ور ڏيو پيون وههِ جون وٽيون.

هيڏا ڏينهن جدائيءَ جا گهارڻ،

هيڏا ورِههَ وڇوڙا سر وارڻ،

هيڏا قول ڪيل سڀ پيا پارڻ،

هيڌا، ’صالح‘، ويٺا سانگ سَٽيون.

 

محمد صالح سپيو ڪربلائي

 

سگهو وَرُ، ولِهيءَ جا تون وارث وسيلا،

وڌيم تو لئه فالون، هلايا مون حيلا.

ڏنم ڪانگ کي ڪالهه تو لئه نياپو،

جڏيءَ جو آهه ڪهڙو جُڙيا توري جياپو،

مليو هوندو آن کي ڏکيو سو ڏوراپو:

اوهان جي وڇوڙي وِڌا نيٺ وِبلا.

ڏکيا ڏينهن ڏاڍا ڏکن جا ٿا گذرن،

وڇوڙي جا ور ڏيو نوان سور نه وِسرن،

محبت جا ميلا نه وِسريا، نه وِسرن:

لڳيم تنهنجي لوري اصل کان آصيلا.

گهڻا گهڻگهرا ڏينهن گهاريم گهنگهر ۾،

اچي رس رُليل کي، ڀُليل کي، تون بر ۾،

تون رک هن نماڻيءَ کي پنهنجي نظر ۾:

ٿيا رنگ جنهن جا آهن زرد پِيلا.

تون ’صالح‘، سٻاجهو اصل کان جو آهين،

سڀئي توکي سريو، ڪرين جيڪي چاهين،

متان هٿ مهر جو، لالڻ، تون لاهين:

سڄي جڳ کان سهڻا، شهنشاهه شڪيلا.

 

عبدالڪريم پلي

 

نينهن نهوڙي آهيان، اديون،

ڪنهن جي وڃي در داهيان، اديون!

لوڪَ لاڳاپا سڀيئي لاهي،

ڪيچ ڌڻيءَ ڏي قربؤن ڪاهي،

پِرت پنهنجي ٿي نباهيان، اديون.

ور ڏيو، بي سبب ورايو،

ڇوٿيون عبث مون کي سمجهايو،

وس ۾ جڏهن ناهيان، اديون.

محب مٺي منٺار سڄڻ جي،

جيءَ جڏي جي جيِار سڄڻ جي،

چانئُٺ چمڻ ٿي چاهيان، اديون.

پنهنجو پاڻ ’ڪريم‘ سڃاڻي،

سگهو اچي سو ٿيندو ساڻي،

جنهن جي پٺ ٿي ڪاهيان، اديون.

 

عبدالڪريم پلي

 

بيزر ٻانهي تنهنجي آهيان،

سينو ڪهڙو توسان ساهيان.

پيارا تنهنجي پرت پياريءَ،

منهنجي جڏڙي جان جياري،

پٺ پوءِ تنهنجي ڪيئن نه ڪاهيان.

هرهر، سهڻا، توکي ساري،

نت نت تنهنجيون راهون نهاري،

لڙڪ اکين مان ويٺي واهيان.

’ونحن‘ واريون واري وايون،

جيءَ ۾ جوڙيئه جڏهن جايون،

ڳُڻ پوءِ تنهنجا ڪيئن نه ڳائيان.

مَون سان به، اي سهڻا سائين،

هردم ٿو تون ڀال ڀَلائين،

آس ’ڪريم‘ ڪيئن تومان لاهيان.

 

گيت

 

امداد حسيني

آئين نه بهارن سان

ساوڻ به ويو گذري، هاءِ آئين نه بهارن سان!

دل ڪيترو جيِ سگهندي، صرف يادن جي سهارن سان!

رات به منهنجي وياڪل من جيان پاڻ کان هئي بيزار،

چنڊ به آيو هاءِ، انهيءَ دم هار ڪري سينگار:

تنهائيءَ جو ٿيو احساس، چنڊ کي ڏسندي ستارن سان!

مست هوائن جون تلوارون سيني منجهان اُکتيون،

هاءِ، تمنائون ويچاريون سڏڪي سڏڪي ستيون:

اکين مان وهيو دريا، هاڻ ڇا ٿيندو ڪنارن سان؟

سڀ ڪا پنهنجي ور سان واڳيل، ڪيترو پاڻ جهليان؟

آءُ اڪيلي، درد جي ماري، ڪنهن سان سور سليان؟

دنيا کي رسي وڃبو، ڪير پهچي ٿو پيارن سان!

رات کي ڪيڏي پيار منجهان پيو صبح ڳر هاٽي پائي،

هاءِ اسان جي گهايل من کي ڪير اچي پرچائي!

مشڪل به هجي هڪڙي، ڪير پهچي ٿو هزارن سان؟

 

لکميچند ’پريم‘

 

راڳي

 

دُور اَفقِ کان جنهن دم، راڳي، تنهنجو ٿو آواز اچي،

وياڪل مَن جو مور اچي مستيءَ ۾ ٿو ان وقت نچي.

سوز منجهان تون ساز وڄائي،

تنهن تي مٺڙا گيت ٻُڌائي:

مستيءَ ۾ تون گيت ڇڏين ٿو لهر بڻائي، عرش اُڏائي،

نَڀ_ منڊل جي لهرين جي ٿي ڀُو_ منڊل تي موج مچي:

تنهنجو ٿو آواز اچي.

تنهنجي مٺڙي مڌر راڳڻي،

آهه جيئن مدهوش ڪامڻي:

وار کِنڊيري، يڪتاري تي، ڀيرؤ ڳائي، جيئن ويراڳڻي،

تنهنجي سامهون وڻن ٽِڻن، ٻُوٽن جي ٿي راس رَچي:

تنهنجو ٿو آواز اچي.

آهين، راڳي، بيشڪ گهايل،

تو ۾ آهي سوز سمايل:

شايد تون بيدري زماني جي سورن جو آنهه ستايل،

تنهنجو هِردو، ’پريم‘، پريم جي آگ ۾ ٿو اِن لاءِ پَچي:

تنهنجو ٿو آواز اچي.

 

ڪشور بهوجا

 

بڻي پڙاڏو لولي

 

گُن_گُن ڳائي پِيو مَن - ڀَنوَرو،

لالُ ڏِسيِ هِندوري!

ڪير سُڃاڻي، ڪير ٿو ڄاڻي؟

ٻولي ٿوچِت چوري!

 

اکين جي پلڪن تي آ ڇانئي،

سپنو عجب ڏسي مُسڪائي،

جاڳي نِنڊ، سَڏي ٽهڪن سان،

ڇڏي ڪم ڪار، گودِ کڻان مان،

 

ڇانيئ ننڊ جي راني؛

ننڊ بڻي آ ڪاڻي؛

مَن کي لُڀائي واڻي:

خوب ٿئي گڏ جاڻي!

 

ڏِسي ڪُڇ، ٻُڌي ڪڇ، سمجهي ڪُڇ،

من جا ڀاوَ وِلوڙي!

ڪير سُڃاڻي، ڪير ٿو ڄاڻي؟

ٻولي ٿو چِت چوري!

 

ڏسن اکيون گل، ٽڙي من جو گل،

ڀري ڇڏي ويران چمن جي،

عجب نِهارَ، بڻيا سَڏَ نيارا،

ڪير نه پَرکي عجب اشارا،

 

لال بَڻيس مان گولِي؛

لال جي ٽهڪن جهولي؛

ٻُڌ توتيلي ٻولي:

بَڻي پڙاڏو لولي!

 

من وندريا، ڳلي لڳايان،

لال سان ڳالهيون اوري!

ڪير سُڃاڻي، ڪير ٿو ڄاڻي؟

ٻولي ٿو چِت چوري!

قيوم طراس

ڪنهن سان تنهنجو پيار، ڀنورا!

 

گُن گُن پيو گونجار، ڙي ڀنورا، ڪنهن سان تنهنجو پيار؟

     ڙي ڀنورا، ڪنهن سان تنهنجو پيار؟

ڪهڙو پاپي پيڇ اڙائي، تن من ۾ ڪو ديپ جلائي،

ساوڻ اکئين تنهنجي لاتو، توهي جوڳي ويس آ پاتو:

چين ڪيئه بيڪار! ڙي ڀنورا، ڪنهن سان تنهنجو پيار؟

ڪين پَڇاڻِي نينهن اڙايئه، بيري، ڪهڙو درد پرايئه،

خالي پِيلي روڳ لڳائي، دکڙن جو تو داءُ لڳائي:

جِيت ڦِري ٿي هار! ڙي ڀنورا، ڪنهن سان تنهنجو پيار؟

اَنَ بِن بَنَ ۾ ڪونه هڳاءُ، چانڊوڪيءَ ۾ ڪونهي ساءُ،

ڪوئل ڪانهي، پپر ويڳاڻو، بي ڦل بڙ پڻ آهي ساڻو:

تن کان من بيزار! ڙي ڀنورا، ڪنهن سان تنهنجو پيار؟

ڪوڙي ڀيس تو ديسن ڇڏايو، آجري روپ تو دل ڀرمايو،

آس لڳائي اُڏري آئين، برهه سندا هي گيت ٿو ڳائين،

ڪنهن جي تون اُڌار؟ ڙي ڀنورا، ڪنهن سان تنهنجو پيار؟

 

عبدالله ’خواب‘ 

پاڻ وڃايم

 

پاڻ وڃايم توکي پائي، توکي پاتم پاڻ وڃائي.

نينهن نسورو توسان لاتم،

پرت جا پيچ سمورا پاتم،

مرڻ جيئڻ جون رمزون ڄاتم،

هِت هُت توکي صحيح سڃاتم:

پاڻ وڃايم توکي پائي، توکي پاتم پاڻ وڃائي.

تارن ۾ ٿي واٽ نهاريم،

چانڊوڪين ۾ توکي ساريم،

رڻ پٽ ۾ ٿي رات گذاريم،

تات هئي تنهنجي، توکي تنواريم:

پاڻ وڃايم توکي پائي، توکي پاتم پاڻ وڃائي.

راهه ۾ تنهنجي پاڻ پٿاريان،

تون جي اچين اکڙين ۾ ويهاريان،

پلڪ پڇاڙي واٽ ٻهاريان،

دنيا ڇا، دين توتان واريان:

پاڻ وڃايم توکي پائي، توکي پاتم پاڻ وڃائي.

تون جو اچين تان شاهه سڏايان،

بخت سڪندر پنهنجو ڀانيان،

ڳُڻ ڳاڻيٺا تنهنجا ڳايان،

دنيا پنهنجيءَ کي بدلايان:

پاڻ وڃايم توکي پائي، توکي پاتم پاڻ وڃائي.

خيال ۾ تنهنجي محو رهان ٿو،

بنا ڏسڻ جي توکي ڏسان ٿو،

سهڻا سهڻا ’خواب‘ لهان ٿو،

جنت جي لوڏُن ۾ لڏان ٿو:

پاڻ وڃايم توکي پائي، توکي پاتم پاڻ وڃائي.

 

بلاول ’پرديسي‘

پاپي هي سنسار

 

پاپي هي سنسار، او پيارا، پاپي هي سنسارا

هي جڳ ڪنهن سان ڪين نڀائي،

دل جو لڳائي، درد پرائي_

ڪوڙو قول قرار: او پيارا، پاپي هي سنسار.

هن دنيا ۾ پاپ ٿا پلجن،

دل تي ستم جا پربت ڪڙڪن_

هه پريشان پيار: او پيارا، پاپي هي سنسار.

کوٽي جڳ جا ڍنگ به کوٽا،

ڏيک به کوٽا، رنگ به کوٽا_

کوٽو سڀ سينگار: او پيارا، پاپي هي سنسار.

دل وارن تي دنيا وارا،

ڪن ٿا تيرن جا وسڪارا_

جيئڻ ڄڻ آزار: او پيارا، پاپي هي سنسار.

ظاهر سونا، دل جا ڪارا،

پريت ڇا ڄاڻن هي جڳ وارا_

سُورن جو سنسار: او پيارا، پاپي هي سنسار.

رات انڌيري، گم ٿيون راهيون،

نانگ غمن جا ڪن ٿا ڪاهون_

منزل ٿي دشوار: او پيارا، پاپي هي سنسار.

منزل کان اڳ وڇڙيا ماهِي،

قسمت بگڙي، ڀٽڪيا راهي_

جيئڻ ٿيو لاچار: او پيارا، پاپي هي سنسار.

وقت جي طوفانن جا گهيرا،

آس جي ڪشتي پرزا پرزا_

جت ڪٿ پاڻي تار: او پيارا، پاپي هي سنسار.

سيج سُڃيءَ تي نينهن نماڻي،

ويٺي لڙڪ وهائي راڻي_

ناهي ڪو غمخوار: او پيارا، پاپي هي سنسار.

دل ڳايا دردن جا ترانا،

ڇلڪيا اکڙين جا پيمانا_

مَن کي ناهه قرار: او پيارا، پاپي هي سنسار.

جيوَن جي هن دوراهي تي،

پريت جي پياسي ’پرديسي‘ کي_

جيئڻ ٿي ويو بار: او پيارا، پاپي هي سنسار.

 

 

 

نظم

 

محمد خان ’غني‘

پيغام شالامار

 

منهنجو شاهي باغ شالامار ٿيو تو کي خطاب

دور کان آيو آهيان ڏي جلد ڪو مون کي جواب

ڇاسبب آهي جو حسرت کي نمايان ٿو ڏسان

ياس آهي رنج آهي غم فراوان ٿو ڏسان

هر رَوَش تنهنجي رهي ٿي ڪنهن جي غم ۾ سوگوار

سنگ جي اک جي ڏسان ٿو سا به آهي اشڪبار

آهي لالا ڪنهن جي ماتم ۾ ڍڪيو خوني ڪفن

مرثيه خوان ٿو ڏسان ڇالاءِ مرغانِ چمن

ڪنهن جي رخسارن جي روءِ کان شرمسار آهي گلاب

ياد ڪنهن جي زلف جي ۾ کائي سنبل پيچ تاب

هيءَ نزاڪت آهه ڪنهن جي نسترن جي ناز ۾

ڊول ڪنهن جي چال جو ٿيو ڊيل جي انداز ۾

ڪنهن جي نيڻن جو نظارو ياد نرگس ٿو ڪري

ڇو رهي بيمار ٿو ڇالاءِ ڳڻتين ۾ ڳري

ڪنهن جي قد جي ياد ۾ ٿيا سَرُوَ تنهنجا سرنگون

چوسيو ڪنهن جي چپن مان آهه مينديءَ لال خون

ڪنهن جي دامن کي ڇڪڻ لئي خار آهن منتظر

۽ سلاميءَ لئي کڙا اشجار آهن منتظر

ڪنهن جي پابوسيءَ جو آهي شوق سبزه زار کي

منتظر ڪنهن لئي ڏسان ٿو هيئن درو ديوار کي

مرمرين پٿر جو سينو آهه ٿيو ڇا لئي شگاف

محو حيرت آهيان هن راز جو ڪر انڪشاف

گل جدا بلبل کان بلبل آهه ٿي گل کان پري

بوالعجب هن کان سوا هن جي الاجي ڪيئن سري

ڇو رهن طيور ٿا خاموش هيئن بستان ۾

خوشنوائي بند ڪنهن جي ياد خوش الحان ۾

ڪوڏمان ڪنهن هي ڪهڙا مرمرين منصب ڪيا

جن بنايو باغ توکي سي ڀلا ڪيڏانهن ويا

توکي شايد ياد آهي ڪو فسانو عشق جو

ها ته ڪجهه مون  کي ٻڌائي داستانو عشق جو

چنڊ جي چانڊاڻ جا ڪهڙا نظارا تو ڏٺا

مينهن جي مانڊاڻ جا ڪهڙا نظارا تو ڏٺا

ياد ڪا توکي به آهي محفلِ چنگ و رباب

ڪنهن جي آهه صبح ٿي اي باغ تو ۾ مستجاب

تو ڏٺا معطر فضا کان هت ٿيل مدهوش ڪي

طالب و مطلوب جا آغوش در آغوش ڪي

ياد توکي وصل ۾ ڀي هجر جا اشعار ڪي

ياد پيمانه وفا ڪي قول ڪي اقرار ڪي

عشق جو سر زانوءِ الفت مٿي تو ڪو ڏٺو!

مست ڪنهن جي ميگساريءَ جو مزو هو ڪو ڏٺو.

آهي هيءَ سرخي شفق ۾ ڪنهن جي رنگين جام جي

جا ڏياري ياد ٿي پوشاڪ، ڪنهن گلفام جي

اڄ پپيهو ٿو پڪاري پر انهيءَ جو ’پي‘ ڪٿي

چؤ ته اُن جي روح جي راحت ڀلا اڄ ٿي ڪٿي

...         ...         ...         ...

جيڪي هو چوڻو مون کي سومون ته چئي ڇڏيو شتاب

دل ۾ آيم ڪير ڏيندو هاڻ انهيءَ جو جواب

ڇا ڏٺم جنبش ٿي پيدا گل ۾ توڙي خار ۾

شور طوفان جو مچي ويو هر صفِ اشجار ۾

نهر جي پاڻيءَ ۾ هڪ جوش طلاطم خيز ٿيو.

جو نظارو پرسڪون، سو خوف سان آميز ٿيو

۽ فضا کي باغ جي آئي ٽَڪر ديوار سان

هت وڃي در سان لڳي ۽ هُت لڳي اشجار سان

شور محشر جو مچايو گويا مرغان، چمن

سخت وحشت ۾ اچي ويا عندليبان چمن

صاف مطلع ۾ ڏٺم ڪارا ڪڪر پيدا ٿيا

رعد جو آواز ٿيو بجليءَ به اُت ڀڙڪا ڪيا

ههڙي منظر ۾ اُڏامي هوش سڀ منهنجو ويو

مون ائين سمجهيو ته هرذره به گويا ٿي پيو

هيءَ خبر مون کي نه آهي خواب آهي يا خيال

پر ٻڌم جيڪي ٻڌايان سو اوهان کي آءُ حال

ڄڻ ڪو آيو جسم انسانيءَ ۾ منهنجي روبرو

۽ اچڻ سان هن ڪئي مون سان شروع هيءَ گفتگو.

To be continue...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com