سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع (3)

 

صفحو :15

ڪتيون ڪَرَ موڙين، ٽيرو ٽري وڃي، کير ڌارا صاف سڌي سڙڪ بنائي، انسان، فرشتي کي فريبي ڇڏين ته به او ويچارا وايون واٽن سان ونڊيندا رهن.

(5)

مهتاب اڳيان مجال نه آهي کين جو اوڏو اچي سگهن اُن جي. جهڪا پئجو وڃن؛ ٿَڪُ پنهنجي ڦولهه جو ڀڃن ئي ڪين.

اٿڪ آهي اُساٽ سندن؛ لاٽ جا للاٽ سندن مان ٿي لهرون ڪندي نڪري، سا اُڪري اوراڙ يا پراڙ پئي پئي. جيئي به جڳن کان ائين ٿي. ائين ته آهي جو جلال اڳيان جمال جي مجال نه آهي جو منهن مٿي ڪري سگهي.

مهتاب جي سهيلن جي سرومڻ آهي ته ڪائنات جو نور جنهن جي تيج ڪري سيج صبوح جي سجائي ٿي وڃي سو به ڪٿ ٿو پنهنجي منزل ڀڃي؟

(6)

اوڀر کان ڪاري ٻاٽ جهڙي چادر کي چيري، رنگ برنگي ويس پهري نوورنيءَ جيان آهستي آهستي پير پير ۾ رکي ٿو اچي پر گهٽ ٿئي پرٿوي تي.

اُن جي ايندي ئي ساري سنسار ۾ سجاڳي پيدا ٿيو پوي. پَسون پرندا غفلت کي ڦٽي ڪري ڦڙتائيءَ سان ڦرڦر ڪندا نظر پيا اچن.

انسان به هستيءَ ۽ مستي ۾ پگهرُ وهايو، ڳاڙا ڳاڙيو ٻارن ٻچن جي پرورش ۽ پرگهور لهڻ ۾ لڳل ٿا رهن.

سج جي سونهري رٿ تي سواري ڪندو قدرت جي کيتن تي مانجهاندو ڪري شام وييل گمناميءَ جي غار ۾ گُم ٿيو وڃي.

آهستي آهستي اُڀري زمين تي اک کولي؛ اهڙيائي آهستگي سان وري ٽٻيون ڏيندو ٿو رهي.

ڪيڏا نه ڪلاڪاري جا رنگ پنهنجي وڃڻ وقت ڇڏيو ٿو وڃي وس جي وسنوليءَ!

(7)

آنک مچولي آهي يا لِڪَ ڇِپَ: راند آهي يا راڳ؛ سازي آهي يا ايازي؛ نازي آهي يا نيازي؟

آسمان ته ائين بيٺو اَد کان جهڙو هو، اهڙو ئي آهي.

مندون مٽجن:چمڪ ۽ ڇمڪ ڇوهي يا ڇني، ڍلي يا ڍار واري محسوس ٿئي ضرور ٿي، مگر آسمان وري به واٽ ساڳي وٺيو هڪيو بيٺو هجي. خبر نه آهي ڪنهن جي اوسيڙي ۾.

Text Box: 327

سمنڊ جون اونهايون ۽ ترايون سامونڊي مڃاڻڻ ته وري آسمان جا عاشق اُنهيءَ جا ئي ڄاڻندا ۽ سڃاڻندا پنڌ پيچ.

شاعر اُن ۾ حسن پسي ڇٽي پوندو: گيناي وقت ويلو پسي آسمان جي اُتراين ۽ اُڀائن جو ڪلا پنهنجيءَ سان ڪئي ۽ ڪرڻي سندن ڪٿي وجهندو؛ انسان سڄندو ۽ سجهندو پيو؛ هسندو ۽ هنجون پيو هاريندو، پر آسمان وري به لاپرواهه؛ گمراهه کي ٽمڪ سان پيو گس ۾ وجهندو ۽ ڄاڻوءَ کي ڄاڻ ڏئي کيس سڄاڻ پيو ڪندو.

(8)

آسمان ٻيا به گهڻا مگر حسن سندن جوت صور اکين ۾ اُڪاري ڪير. اُڏاري عقابيءَ کان اڳ واري، ٻاريءَ بي حد واريءَ ۾ لاهيو وجهندي.

ات ٻجهندي ٻولي ٻيجل واري جنهن مان تنوار جي توائي ترڪندي پئي ايندي ۽ ڏيندي ڏيل، من ۽ دل کي آٿت ۽ آنند.

آسمان به اشارا ٿو ڏي انسان کي ته زمين تان اُڏري اچ يقين جي آسمان ۾ ته توکي لهر نه ڪو لوڏو، نه جر نه ڪو جوکو.

مصور آهي يا معمارُ تنهنجو تصور اک اک پنهنجي پَر ٿي ڪري سگهي. ميزبان آهي يا مهمان تنهن جوڪاٿو ڪرڻ ڪٺن آهي.

اَڇي ٿو آڇ. گهڙي ئي نٿي گذري ته ڪڪرن جون ڊوڙون پسي هسي وهي ٿو هنيون. ٻارَ چون ته پاڻي پيڻ ٿا وڃن. وڏڙا ڏسي ڏيهه هيءُ حسن جو چون پيا پاڻ کي پيءُ، پيءُ.

ڪينَ ۾ ڪيڏي نه ڪڻيا آهي. مهراڻ ۾ مڻيا آهن اڻملها مگر ان کي ته هستي آهي، مستي آهي، مگر آسمان ته بيابان آهي، جنهن کي صرف نانءُ آهي، مگر جنهن جو هنڌ ڪونهي؛ جنهن کي ڪو سنڌ ڪونهي.

(10)

پکيڙ پسي سندس پريشان ٿيو وڃجي؛ ڪٿِ ڪَٿَ جو ڪاٿو ڀڃجي تنهن جو تصور ڪري ئي ڪين ٿو سگهجي.

ماپون ماڻهون ۽ ملڪ جون ماپي سگهن ئيڪين ٿيون سندس لنبائي، ويڪر ۽ اونهائي.

حيرت ته آهي جو نهر هجي يا نارو ته تاڙو ٽمڪ تمڪ ڪندو اچي سيني سندس تي اچيو آرامي ٿئي.

سج هجي يا چنڊ ته او ٻئي درختن کي پاني ۾ اُبتو ڪري کڻي لٽڪائن. ڪڙي جرم ليءِ اها سزا ٿي مڙهجي تنهنجو حال ۽ خيال خير ٿو اُڀري ۽ اُسري.

(11)

ساگر جي صاف سطح کي چانڊوڪي اُڀر کائيندو پسي سياڻن چيو ”هيءَ محبت جي اسَر آهي“. اوڀاري اُڀر پسي عبرت وٺيو وڃي. محبت ڳاراڻو آهي.

آفتاب جو جلال وري وَرُ ئي پنهنجو ونيءَ سان ٿو ڪري.

گهير تانگهي، تَرَ اورانگهي در ڪهڙا ڀيٽي، ڪهڙا سميٽي ٿو انسان.

اونداهو ڇنائجي وڃي، بجيل ڪرڪي، بادل برسي ته او دهلجو وڃي. جمال ۾ او ڪمال مشاعل جو معلوم ٿو ڪري، مگر عالم جو سدا سالم رکي ٿو سمجهه سو ته سجهندي ۾ سرهو ٿيندي اونداهي ۾ ارهو نٿو ٿئي.

Text Box: 329

 

اونداهه ۾ عجيب اُجالو آهي: اونداهه ۾ راهه آهي؛ گواهه آهي گَس جو.

 

(12)

آسمان آهي نيشنا نفي ۽ اثبات جو؛ او آهي مڪان تات ۽ لات جو. ڪير ٿو ان جي تهن مان جهاتي پائي هات ڪري. آمڙ آهي ڪي ٻارُ؛ منڌ آهي ڀتار؛ مهران آهي ڪي ڪنار؛ تار آهي ڪي يڪتار؛ گل آهي ڪي گلزار؟

سڀڪي ته به ڪي ڪين. پوءِ يقين يڪو ۽ پڪو بيهي  ڪئن ٿو عقل کي. نقل کي ته ڪا بيهڪ ٿئي ڪانه. ناٽڪ ۾ پردا ڦرن گهرن پيا مگر سلسلو رٿا جو جاري رهندو ٿور هي.

رنگ ۽ دنگ، ونگ ۽ ڍنگ ڍار هڪ تي ڍلندا ٿا رهن. او ٿا لهن لک وارا، چک وارا چوکا پر سندن لڀ جي سمڪ آلڀ ۾ الوپ ٿيو وڃي. روپ سندس اروپ؛ آڪارُ سندس ڊول کان وانجهي هوندي به صبوح سانجهي سرود سرائيندو ٿو رهي، سونهن ۽ سرهاڻ جو اَدي آهي ته منادي سندس آبادي ڪندي ٿي رهي.

اوٽ الستي ۾ مرادي کان منڪر ٿي هو شادي منائيندو ٿو رهي سدا شاهواڪر جيان.

موڙي سندس پوري ٿئي ڪين. هلت سندس حاڪماڻي مگر لوڏ سندس لک ڏيندي رهي اباڻي.

راز ساز تنهنجي جو، اي آسمان گمان ۾ گسڪيو وڃي ڀلا پوءِ انسان ڪٿون ڪٿي ڪهڙيون؟

رحيمداد خان مولائي شيدائي

 

شاهه جا گندرا

 

        تون سمو، آءٌ گندري مون ۾ عيبن لَکَ،

        هن منهنجي حال جي توکي سڀ پَرکَ،

        ڪارڻ رَبَ الَکَ، متان ماڱر مٽئين.

                                                _ شاهه

انڪشاف حقيقت_ شاهه ڀٽائيرح جي بيتن کي سمجهڻ، پرجهڻ لاءِ فڪر ۽ فلسفي جي ايتري ضرورت ڪانهي، جيتري مذهبي علم ۽ عمل جي ضرورت درپيش آهي. مغربي ڪاليجن ۾ جيڪا تعليم ڏني وڃي ٿي، تنهن کي مزهبي علم ۽ مذهبي زندگيءَ سان ڪو واسطو ڪونهي. جن شاگردن جي ذهن ۽ دماغ تي مغربي تعليم جو اثر پيل هجي، سي سدا جيئري شاعر جي الهامي ڪلام کي فلسفانه موشگافين ذريعي ڪيئن حل ڪري سگهندا، جڏهن ته اسلام سان سندن نالي ماتر قومي رشتو آهي؟ اسلامي تعليم سان عام بيپرواهي ۽ بي تعلقي هوندي، شاهه سائين جي شعر جي اسرارن کي فقط عقل ۽ تهذيب جي دائره اندر حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. عقل پنهنجي هنڌ تي ٺيڪ آهي، پر عشق ٻيءَ شيءِ جو نالو آهي. اهڙيءَ طرح ماديت ۽ روحانيت ۾ وڏو فرق آهي. اهوئي سبب آهي جو حضرت شاهه سائين جي رسالي جو مفهوم اڃا حل ٿي نه سگهيو آهي. شاهه سائين جي رسالي جي بيتن جي عقده ڪشالي ڪرڻ کان اڳ اسان جي مفڪرن ۽ فلاسافر اڪابرن کي پهريان هي ڏسڻ گهرجي ته دنيا ۾ ڪهڙا ڪهڙا انقلاب رونما ٿي رهيا آهن؟ اسلامي دنيا جي ڪهڙي حالت آهي؟ مغربي شاطرن ڪهڙا ڪهڙا علل ۽ اسباب پيدا ڪيا آهن، جن جي وسيلي، مسلمانن جي قومي زندگي کي مٽائي رهيا آهن؟ جڏهنا سان جن دماغن ۾ مٿين سوالن کي سمجهڻ جو فڪر ۽ شعور پيدا ٿيندو، تڏهن اسين شاهه سائين جي شاعرانه ڪمال، باطني محاسن ۽ مجتهدانه انداز کي سمجهي سگهنداسون. مهراڻ جي هن صحبت ۾ مان صرف چند سنڌي قومن کي تاريخي آئيني ۾ اهلِ دل کي ڏيکارڻ گهران ٿو؛ جن کي سنڌي عوام ’ماڇي ۽ مهاڻا‘ سڏي ٿو ۽ شاهه سائين پنهنجيءَ زبان مبارڪ سان انهن کي ”مير“ جي لقب سان سڏي ٿو. آخر ان لاءِ ڪهرو سبب آهي؟ ڇا اسان سنڌين ڪڏهن ان بنيادي سوالن تي به غور ڪيو آهي؟ اسان جا مغرب زده سيکڙاٽ فقط هڪڙو جواب ڏين ٿا ته سمي ڄام تماچيءَ، نورعين گندريءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ مهاڻن کي ڪينجهر ۽ هيلايا جون ڍنڍون انعام ڏنيون هيون. منهنجو عرض آهي ته جيڪي ائين سمجهن ٿا، سي شاهه سان ڄڻ غداري ڪن ٿا.

 

مغربي تعليم جو اثر_ سنڌ جي سدا حيات عوامي شاعر ڀٽائي گهوٽ، پنهنجي سبق آموز ۽ دلگذار بيتن ۾ جن سنڌي قومن جا نالا ڏنا آهن، انهن مان ڪي هن وقت پنهنجي ڪرت ڪري ڪوري، رنگريز، واڍا، مهاڻا، ماڇي ۽ ميربحر سڏجن ٿا. انهن مان مهاڻن ۽ ميربحرن کي شاهه سائين ”مير“ جو ان ڪري لقب ڏنو آهي جو اهي اڳ حڪمران قومون هيون ۽ سندن ڪارناما تاريخ سنڌ جا وسريل سونهري ورق آهن. شاهه سائين جيڪا اسان جي رهنمائي ڪئي آهي، سو اسان تي سندس بينظير احسان آهي.ماڇي، مهاڻن ۽ ميربحرن جون سنڌ ۾ ٽي مکيه قومون آهن: ميد، سولنڪي ۽ گندرا. ٽنهي حڪمران قومن،شان ۽ شوڪت سان ڪو وقت حڪمراني هلائي، جنهن لاءِ تاريخون شاهد آهن. ليڪن ماهيگيري پيشي اختيار ڪرڻ ڪري اڄ عوام جي نظر ۾ نيچ تصور ڪيا وڃن ٿا. مغربي تعليم ۽ تهذيب جي اهڙي هوا اسان جن دماغن ۾ سمايل آهي، جو اسين حقيقت کان بينياز بنجي، هن رنگ ۽ بوءِ جي دنيا ۾، اسلامي عالمگير برادري جي زرين اصولن کي وساري، انتشار جي اوڙاهه ۾ غوطا کائي رهيا آهيون. اها خبر به پئجي نٿي سگهي ته فرنگين جو مٿيون اجياد ڪيل طلسم ڪڏهن ٽٽندو. انهيءَ رنگ ۽ بوءِ جي دنيا ۾ فرنگي شاطرن تعليم ۽ تهذيب جو بنياد اهڙي ٻوقلموني رنگ ۽ ڍنگ سانرکيو آهي. جو مشرقي قومون، اتحاد، اخوت بدران، انتشار ۾ مبتلا ٿي هڪٻئي سان دست بگريبان آهن. اسان جن نونهالن کي مغربي تعليم ذريعي رنگ ۽ بوءِ جي مڪتبن ۾ سُتي پياري وڃي ٿي. چند جغرافيڪل ۽ تاريخي مثال ڏيون ٿا.

 

شاطران_ مغرب، ڏور مشرقي منگول قومن جاپانين، چينائن، انڊونيشي ۽ ملايائن تي ”ييلو پيرل“ (Yellow Peril) يعني ”زرد خطرو“ نالو رکيوآهي_ مغرب الاقصيٰ ۽ ايشائي مسلمانن، موراڪو، الجيريا، ٽيونس، لبيا، مصر، عريبيا ۽ هند ۽ پاڪ تي (Moors) ”موئرس“ نالو رکيو آهي، يعني ”ڪاري چمڙيءَ وارا“، ۽ آفريڪا تي (Dark Continent) يعني ”اونداهو کنڊ“. اُتر قطب جي رهاڪن تي (Red Indians) يعني ”سرخ فام هندي“. اهو طلسم ۽ پاکنڊ ان ڪري ايجاد ڪيو ويو آهي ته جڏهن نونهال فارغ التحصيل ٿي ڪاليجن کان ٻاهر نڪرن تڏهن سندن دلين ۾ اتحاد، برادري ۽ قومي وحدت بدران تعصب، خنادناي تفاخُر ۽ باهمي بي اعتمادي جي باهه ڀڙڪندي رهي_ حقيقت ۾ ماديت پرست فرنگي جو مٿيون ايجاد ڪيل طلسم، دنيا جي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ هڪ دائمي خطرو آهي، جو ائٽم ۽ هئڊروجن بم کان وڌيڪ تباهه ڪن آهي. هن صحبت ۾ مون کي ”شاهه جي گندرن“ تي روشني وجهڻي آهي، جيڪي ”هيلايا“ ڍنڍ جا مهاڻا هئا، چونڪ ميد ۽ سولنڪي به ماڇي مهاڻا هئا ۽ ساڳي پيشه وارا آهن، تنهنڪري ضمني طور انهن تي به مختصر نوٽ لکان ٿو، جيئن لطيفي لطف جي صدقي ۾ انهن ميربحرن جي اوج ۽ اقبال جي هلڪي جهلڪ کان قارئين ڪرام آشنا رهن.

 

Text Box: 332

 

ڄاريون، کاريون، ڇَڄَ، ڇِپِرِيون، جن جي محبت مَڇيءَ ساڻُ،

 

رَهَن، وِهَن سَرِ ٻانڌِئين سڀيئي ٻَدبوءِ هاڻُ،

لُڌِڙنِ جِئن لطيف چئي، پاڻِيءَ وِجهَنِ پاڻُ،

تن مَلاحَنِ جو ماڻُ، سمي سِرِ ڪيو پانهنجي.

                                              _ شاهه

(1) ميد (Meds)سنڌ جي تاريخ ۾ هن جهازران قوم جو ذڪر مهاڀارت کان شروع ٿئي ٿو، يعني 1400 ق.م کان ميد ”انڊو_ يوروپين“ (Indo-European) قوم هئي، جنهن مهاڀارت کان گهڻو اڳ ايراني مٿاهين پٽ جي اُتر اولهندي حصي تي ميڊيا (Media)جي سلطنت جو بنياد وڌو هو ۽ ان جون حدون آرمينا کان پري ايشيا مائنر جي اوڀر حصي تائين هيون. هن طاقتور قوم ست صديون ق.م کان اڳ آشور جي پُرشوڪت شهنشاهت جي بنياد کي لوڏي ڇڏيو هو. ڇهين صدي ق.م جي وچ ڌاري ايران جي شهنشاهه ’سائرس‘ هٿان ميڊيا جو خاتمو ٿي ويو. اُتان ٽڙي پکڙي مڪران ۽ سنڌ ۾ سڪونت پذير ٿيا_ جهاز راني ۽ مڇيءَ جي شڪار جي پيشو اختيار ڪيئاون_ حڪمراني جي زماني ۾ پنهنجي تختگاهه ”ايڪباتانا“ (Ecbatana) (همدان) جي محلاتن ۾ رهندا هئا. سنڌ ۾ وارد ٿين کان پوءِ سمنڊ جهاڳڻ لڳا ۽ بحري ڦورو بنجي ويا_ سندن موجودگيءَ ۾ سنڌ ۾ گهڻائي انقلاب ايندا رهيا. اُنهن مان ڪي تاريخي اهميت رکن ٿا_ اهي ميد ميربحر هئا، جن سرانديپ جي جهازن کي ديبل وٽ ڦري مسلم بيواهه خواتين ۽ يتيم ٻارن کي قيد ڪيو هو_ هن حادثي جي ڪري محمد بن قاسم 711ع ۾ اسلامي لشڪر سان سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ برهمڻي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ سنڌ ”باب الاسلام“ بنجي وئي.

سڙهه ٿي سبيائون، بندر جن تڙن تي،

سڙهه سبي ساڄا ڪري کوها کنيائون،

بيرقون بحرن ۾ ڇوڙي ڇڏياءُ،

لهريون لنگهيائون، لطف سان لطيف چئي.

نه سي تڙ اوطاق، نه واوين وڻجارن جون،

سرتيون سامونڊين جا اڄ پڻ چِڪيم چاڪ،

مارينم فراق، پاڙيچيون پرين جا.

                                         _ شاهه

(2) سولنڪي_ هن راجپوت قوم جي عهدِ گل جو افسانو به ميدن وانگي مدعيان علم لاءِ عبرت انگيز آهي. جن جي گهوڙن کي اسپين جي گاٿن وانگي سونا نعل لڳل هئا. سولنڪي ”اگني ڪُل“ جا راجائون دٻدبي سان رهندا هئا. مصر جي فراعنـﮧ وانگر زيردست قومون سندن سنگهاسن کي سجدو ڪنديون هيون_ سولنڪي راجئان مهاراشٽر، ملابار ۽ سوراشٽر تي حڪومت ڪئي. عربن جي پوئين زماني ۾، سنڌ ۾ ”ماڻڪ تاره“ رياست قائم ڪيائون. هن رياست جو حاڪم جيسر ولد ججـﮧ ماڇي سولنڪي هو.

 

Text Box: 334

 

(3) گندرا_ هيءَ دولتمند ۽ متمدن قوم هئي، جنهن جي افساني ۾ عاومي شاعر جاذبيت معنوي جو رنگ ڀري، نورعين گندري جي اهڙي انداز سان مشاطگي جا فرائض ادا ڪري ٿو، جو ککي کاري کڻندڙ مهاڻي سنڌ جي راڻين جي راڻي بنجيو وڃي ٿي. هن قوم جو اصلي وطن مهراڻ جي مٿاري ۾ ”گنڌاراديس“ هو، جنهن جي تمدن جا آثار ٽئڪسلا جي عجائب خناي ۾ ڌارين ملڪن جا سياح ڏسي تصوير حيرت بنجيو وڃن ٿا. گنڌرا آرٽ تي مملڪت پاڪستان کي ناز آهي. زمانو ظالم آهي. هڪ ادنيٰ لغرش قومن لاءِ صدين تائين ماتم جو سامان پيدا ڪري ڇڏي. مڇيءَ مار مهاڻن کي به زماني لپاٽ هڻي تخت تان پٽ تي ڪيرائي پاٻوڙا پوش بنائي ڇڏيو. صدين کان سڏجندڙ ڪنجهر به ”ڪلري“ پيو سڏجي. تماچي ڄام ۽ نماڻي نوريءَ جي روحن کي ڪيترو نه صدمو پهتو هوندو؟

 

تهڙو ڪنجهر ۾ ڪي نه ٻيو، جهڙي سونهن سندياس،

مَڏ، مِياڻيون، مَڪُڙا، مڙِئي معاف ٿياس،

مورڇَلُ مَٿانِس، اُڀو تماچي هَڻي.

                                            _ شاهه

گنڌاراديس_ گندرن جي وطن گنڌارا تي فاتح اربن ”اوهند“ نالو رکيو هو. هن ديس جي جاءِ وقوع متعقل مورخن جيڪي به بيان ڏنا آهن، سي هن طرح آهن ته گندرا قوم اتر اولهندي هندستان ۾ هڪ سرحدي قوم هئي. ڪمبوجا ۽ مدراس، سندن پاڙيسري قومون هيون. اصطخر ۽ ’نقش_ رستم‘ جي ڪتبن ۾ ڄاڻايل آهي ته پنجاب جو راولپنڊي ضلع، پشاور، ڪابل سميت گنڌارا جا صوبا هئا. ونسينٽ اِسمٿ جو به ساڳيو نظريو آهي. رهيزڊيوڊس به هن فيصلي سان متفق آهي. پروفيسر ايڊورڊميئر ”برٽانيڪا انسلائيڪو پيڊيا“ جي مضمون ايران ۾ ڄاڻايو آهي ته پروپانيسوس (هندوڪش) جبل ۽ ڪابل ماٿريءَ جا رهاڪو گندرا هئا، جن کي سائرس زير ڪيو هو. اهي هندو نسل مان هئا. اها حقيقت آهي ته مهراڻ جو اولهندو حصو ايران جي ماتحت هو. ڊاڪٽر ايس_ ڪي آئنگر پنهنجي ڪتاب ”قديم هند“ ۾ رقمطراز اهي ته اڀرندي افغانستان کان وٺي سراڪالا (راولپنڊي) ضلعي تائين گندرن جي حڪومت هئي، جتي هينئر ٽئڪسلا جا آثار پکڙيل آهن. آئين اڪبري موجب پولولي (ڪشمير) اٽڪ جي وچ وارو حصو، گنڌاراديس سڏبو هو. مسٽر اين_ آئي ڊي پنهنجي قديم جاگرافي ۾ لکي ٿو ته: پشاور جو هاڻوڪو ضلعو ۽ وتي مردان، جتي يوسف زئي رهن ٿا، گنڌاراديس هو. مسٽر ڪننگهام مصنف ”هندوستان جي قديم جاگرافي“ ۾ ٻن چينائي سياحن ’فاهين ۽ هوئن تسانگ‘ جي حوالن سان گنڌارا جون حدون اولهندي ۾ لغمان ۽ جلال آباد ۽ اتر ۾ سوات ۽ بُنير جا جبل، اوڀرندي ۾ مهراڻ ۽ ڏکڻ ۾ ڪالاباغ حدون ڏيکاري ٿو. يوناني جاگرافيدانن مان استرابو گندرائي ديس ڪونر ندي ۽ ڪابل ندي کان مهراڻ تائين ڄاڻائي ٿو. هيڪتايوس جي بيان موجب گندرن جي تختگاهه شهر جو نالو ڪسپا پيروس يوناني هجي ۾ هو. وري رنيل پنهنجي ”ميمائرس آف اي مئپ آف انڊيا“ ۾ بلخ جو مغربي پرڳڻو جنهن کي يونانين ”مارگيانا“ نالو ڏنو هو، گندرا ديس هو. مسٽر ولسن جي خيال موجب هندستان جي حد هندوڪش جبل جا ڏاکڻا رهاڪو گندرا هوا. اُهي قنڌار کان نڪري پنجاب ۽ ڪشمير تائين پکڙجي ويا. مٿين بيانن مان چئي سگهجي ٿو ته تاريخ جي مختلف دورن ۾ گنڌارا جون حدون بدلجندين رهيون، ويدڪ آرين کي به هن قديم قوم جنهن کي ”ريڍار“ ڄانائين ٿا، جيئن ته رگويد جي هڪڙي شلوڪ ۾ اهڙو اشارو هن طرح ڏنل آهي:

”راجا ڀاويا، جنهن جي حڪومت مهراڻ تي هئي، تنهنجي راڻي لوماسا، مڙس کي چوي ٿي: مان چوٽيءَ کان پيرن تئين گندرن وانگي ڍڪيل آهيان.“

 

هن شلوڪ مان اها خبر پوي ٿي ته گندرا ريڍار، رڍن جي اون مان اوني ڪپڙا آڻي ڍڪيندا هئا. آٿرويد ۾ گندرن جو نالو ”گنداون“ ڏيکاريل آهي ۽ برهمڻي لٽريچر ۾ ”گندرا“ ڄاڻايل آهن، جيئن ڇاندو گيا اپنشد ۾ ڏيکاريل آهن_ سوترن ۾ ”گندارا“ نالي سان ڄاڻايل آهن. سوترن جو زمانو ڇهين صدي ق.م جو پويون حصو هو_ اُن دور ۾ ايراني شهنشاهت جا ٻه حصا هوا: (1) اپنشد ۽ سوترن کان سواءِ مهاڀارت ۾ به گندرن جو بيان ڏنل اهي،جڏهن ڪورو راجا، سو والا گندارا راجا جي ڌيءَ سان شادي ڪري ٿو.

تڏهن هن کي پنجاب جي گندرا راجا جي پٽ سڪونيءَ سان جنگ ڪرڻي پيئي، هن جنگ ۾ گندرن جي هار ٿي حالانڪ هنن وٽ تيز رفتار گهوڙا هئا_ گندرا توڻي سندن پاڙيسري ڪمبو جا پورا شهسوار هئا_ آسوڪا جي ڏينهن ۾ ٻڌ مت گندرا ديس ۾ پوري اوج تي هو_ پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي ته آسوڪا گندرن جي خوشحالي لاءِ ڪي پنڊت مقرر ڪيا هئا_ فاهين چين وارو به ڄاڻائي ٿو ته آسوڪا جو پٽ ’ڌرماويورڌنا‘ گندرن تي راڄ ڪندو هو_ عيوس يستين صديءَ جو سياح هوئنتسانگ ڄاڻائي ٿو ته گندرن جو راڄ ”سين“ سنڌونديءَ تي هو ۽ سندن تختگاهه پولو شاپولو (پورو وساپورا) هو_ گندرا ماٺيڻي سڀاءُ وارا هوا، علم سان کين بيحد چاهه هو_ ليڪن ٻڌ ڌرم سان کين دسپي ڪانه هئي_ چنانچه ٻه صدين اڳ جيڪي آسوڪا هن ديس ۾ مندر تعمير ڪرايا هئا. سي چينائي سياح ويران ڏٺا_ پينني مشهور گرامردان گندرا ديس جي ’سلاتولا‘ شهر ۾ ڄائو هو_ گندرن جا ٻه تختگاهه هئا: (1) پشڪالاوتي، (2) ٽئڪسلا_ پهريون شهر شڪالاوتي هينئر پشاور سڏجي ٿو جو مهراڻ جي اولهندي ڪپ تي آهي ۽ ٽئڪسلا اوڀر ندي ڪپ پريان اڄ به ڳوٺ آهي. مئڪ ڪرنڊل، ٽيو تختگاهه ڪپسيا به ڄاڻايو آهي_ چينائي سياحن ٽئڪسلا تي ”شي شي چيننگ“ نالو رکيو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”مٿو“ سندن چوڻ اهي ته مهاتما گوتم هن شهر ۾ اچي پنهنجي سِسِي دان ڪئي هئي. اهڙي ثبوت لاءِ ٽئڪسلا جي ڀر ۾ هڪڙي ويران شهر جا آثار موجود اهن، جنهن کي ”سِرڪَپ“ سڏين ٿا. ٿورا سال اڳ 1955ع ۾ راقم الحروف هي ويران شهر ڏٺو هو_ هوئنتسانگ ۽ استرابو گندارا ديس جي سرسبزي ۽ گلن ڦلن جي تعريف ڪن ٿا_ واقع ٽئڪسيلا سبز آهي_ ڪننگهام ڄاڻايو آهي ته ٽئڪسلا گندرن جي تختگاهه شهر ۾ پنجونجاهه ستوپ، اٺاويهه خانقاهون ۽ نَوَ مندر هئا_ ٽئڪسلا سڄي برصغير ۾ وڏي يونيورسٽي ڪري مشهور هو، جتي هندستان جي علائقن جا شاگرد تعليم وٺندا هئا_ نقص فقط هي هو ته برهمڻن ۽ کترين کان سواءِ ٻين ذاتين جي شاگردن کي داخلا ڪونه ڏيندا هئا_ عيوسي نائين صدي ۾ پنجاب جي لولاشاهي هندو راجائن گندارا تي قبضو ڪري مهراڻ جي اولهندي ڪپ تي ”اوهند“ جو شهر اڏايو هو، جنهن کي 256هه ڌاري ڪابل فتح ڪرن کان پوءِ فاتح عربن پنهنجو تختگاهه جوڙيو هو_ هن عربي رياست اندربشاري مقدسيءَ، بتير، نوج لوار، سماڪوج شهرن جا نالا ڏنا آهن_ وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته اوهند (ويهند) ۾ ٻه رياستون هيون، هڪڙيءَ تي هندو راجا حڪومت ڪندو هو ۽ ٻئي حصي تي مسلمان امير جي حڪومت هئي_ سنه 1021ع ۾ ’اوهند‘ تي محمود عزنويءَ قبضو ڪيو.

هي آهي شاهه ڀٽائي رح جي هڪڙي ندري مهاڻي نوريءَ، جي قومي تاريخ جوپس منظر! انهيءَ طرح جيڪڏهن شاهه سائينجي رسالي جي بيان ڪيل قومن جو سلسلي وار بيان ڏبو ته اوهين ويچار ڪيو ته جيترو بيان مفڪر يا فلاسفر شاهه سائين جي تصوف تي ڏيندا، تن بيانن کان وڌيڪ جلد، ڏنل قومن تي تيا رٿي سگهندا، پر سوال آهي ته هن مسئلي تي ڌيان ڪير ڏيندو؟ شاهه سائين جن گندرن جو بيان ڏنو آهي اُهي حڪمران قوم مان آهن، جن ميدن ۽ سولنڪين وانگر حڪومت وڃائڻ کان پوءِ ماهيگيري جو پيشو اختيار ڪيو، جنهن ڌنڌي اختيار ڪرڻ کان پوءِ اُهي مڇيءَ مارا ۽ پاٻوڙا پوش، رڇن، ڇڄن، ڄارن ۽ مڪڙن وارا بنجي وياڏ ليڪن سوال آهي ته سنڌ جي اقتصاديات ۾ انهن مهاڻن جو وڏو حصو آهي.

ٿيا تماچيءَ ڄام سين مُهاڻا مَحرُوم،

ننڍيءَ وڏيءَ گندريءَ مٿي ماڙيءَ ڌُوم،

ڪنجهر جي قُوم، ڏسي سلامي سڀ ٿيا.

                                     (شاه رح)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com