تنقيد جڏهن اهو رخ اختيار ڪري ٿي، تڏهن هوءَ ادبي يا فني دائري
مان نڪري زندگي ۽ سماج تي تنقيد ٿيو پوي2.
تنقيد ۽ سماج: هن نقطه نظر ۾ جيتوڻيڪ وڏي حد تائين نقاد جي ذاتي
ويچارن ۽ نظرين کي دخل ٿئي ٿو، تنهن هوندي به اهي
ويچار ۽ نظريا پنهنجي وقت ۾ هلندڙ ۽ مروج قدرن جي
انهن نظرين تي ٻڌل ٿين ٿا، جيڪي ڪنهن خاص سماج
(Society)
جي قدرن سان لاڳاپو رکن ٿا ۽ انهن جي جهلڪ تنقيد ۾
به نظر اچي ٿي. نظريا مختلف ٿين ٿا ان ڪري تنقيد ۾
يڪساني، يڪرنگي ۽ هڪجهڙائيءَ جو پيدا ٿيڻ ڏکيو
آهي. اهي نظريا ساڳئي دور ۾ مختلف ٿي سگهن ٿا،
ڇاڪاڻ جو هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي نموني ۾ سوچي
ويچاري ٿو. اهوئي سبب آهي جو نه رڳو مختلف زمانن ۾
پرساڳئي دور ۾ به تنقيد جو معيار مختلف شخصن وٽ
الڳ الڳ ٿي سگهي ٿو. ساڳئي وقت ۾ هڪڙو ماڻهو عينيت
پسند ٿي سگهي ٿو ته ٻيو حقيقت پرست! هڪڙو نقاد
ڪنهن ادبي تخليق ۾ صرف سماجي ۽ عمراني قدرن کي ڏسي
ته ٻئي جي لاءِ وري نج جمالياتي قدرن جي تلاش
ضروري ٿي سگهي ٿي.
اهي اختلاف سدائين پئي رهيا آهن ۽ رهندا، پر وڌيڪ علمي ڳالهه
هيءَ آهي ته ادبي تخليقن ۾ سماجي ۽ عمراني قدرن
سان گڏ جمالياتي قدرن جو پڻ جوڳو خيال رکڻ کپي،
ڇاڪاڻ جو ادب جي لاءِ سڀني قدرن جو وجود لازمي
آهي.
تنقيد ۽ جماليات: زندگي جي قدرن جي جاچ جوچ جو ذڪر ٿي چڪو، هاڻي
ادبي ۽ فني قدرن جي سلسلي ۾ جماليات ڏانهن ڌيان
ڏيڻ به ضروري آهي. تنقيد ۽ جماليات جو گهاٽو سنٻڌ
آهي، پر ان تي بحث ڪرڻ کان اڳ ۾ جماليات جي اصليت
۽ حقيقت ۽ ادبيات سان سندس لاڳاپي تي غور ويچار
ڪري وٺڻ گهرجي.
جماليات، فيلسوفيءَ جي هڪ شاخ آهي، جنهن جي شروعات پهريائين
پهريائين يونان ۾ ٿي. يونانين اول (1) علم ڪائنات
(Cosmology)
(2) نفسيات ۽ (3) انساني فعل جي مقصدي نطريي
(Theory of Purpesive Human Activity)
۾ جماليات جي جهلڪ ڏٺي؛ پر پوءِ جماليات انهن
دائرن مان نڪري سونهن جي ما بعد الطبيعات واري
صورت اختيار ڪري پنهنجي هڪڙي مستقل حيثيت بڻائي
ورتي، جنهن ۾ يا ته سونهن ڏانهن روح جو لاڙو بيان
ٿئي ٿو يا انسان جي ٺاهيل سهڻين شين بابت نظريا
قائم ڪيا ۽ پيش ڪيا وڃن ٿا1.
مطلب ته اهڙي طرح جماليات جو ٻج ڦٽو، وڌيو، ويجهيو
۽ اڳتي هلي چڱي خاصي فيلسوفي بڻجي پيو، جنهن کي
سونهن بابت ويچارڻ جو فسلفو چئي سگهجي ٿو.
جماليات جو اصطلاح نئون اهي. اهو انگريزي
(Aesthetic)
جو ترجمو آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ هرڪا اها شيءِ
آهي، جنهن جو لاڳاپو حس ۽ خاص ڪري لطيف حس سان
هجي، ان لحاظ سان
(Aesthetic)
جو ترجمو حسيات يا وجدانيات جيڪر وڌيڪ سونهين پر
حسيات تي نفسيات جي ان شاخ هئڻ جي غلط فهمي پيدا
ٿئي ٿي، جنهن جو لاڳاپو حس جي قوت ۽ ان جي محسوسات
سان ٿئي ٿو. وجدانيات تان ذهن وري تصوف ڏانهن وڃيو
نڪري، قياس ٿو ٿئي ته اها ڪا القائي يا حالي ڪيفيت
هوندي.
(Aesthetic)
جو اصل ۾ انهن ڳالهين سان ڪو ويجهڙائيءَ وارو ناتو
ڪونهي، پر ان جو موضوع آهي سونهن ۽ فنون لطيفه
جنهن ڪري جماليات جو اصطلاح اختيار ڪيو ويو آهي،
ائين چئي سگهجي ٿو ته جماليات سونهن ۽ فنون لطيفه
جي ڄاڻپ جو فلسفو آهي. اڳتي هلي ڏسبو ته هن سونهن
سوڀيا ۽ فنون لطيفه جي راز ڳولي لهڻ ۾ اُڀ مان
ڪهڙا ڪهڙا تارا لٿا آهن ۽ ڪهڙي طرح جماليات ۽
مابعد الطبيعات جا حد نشان گڏجي ويا آهن. هن وقت
اهو سمجهڻ گهرجي ته جماليات فيلسوفن جي انهن نظرين
کي چيو وڃي ٿو جن ۾ سونهن سوڀيا ۽ ان جي ڪوائف و
مظاهر (جن ۾ فنونِ لطيفه به شامل آهن) جي تحقيق ۽
تشريح پيش ڪجي ٿي.1
انسان ۾ سونهن جو احساس بلڪل فطري آهي. آدم کان وٺي هن دؤر
تائين ڪوبه اهڙو دؤر ۽ ملڪ نٿو ڏسجي جنهن ۾ سونهن
سوڀيا کي تڇ سمجهي ڌيان نه ڏنو ويو هجي يا انسان
سونهن سوڀيا جو اثر قبول نه ڪيو هجي ۽ حسن جي
ماهيت جي سڌ لهڻ جي ڪوشش نه ڪئي هجي2.
اهوئي سبب آهي جو هر هڪ ملڪ ۽ زماني ۾ سونهن سوڀيا
بابت ڪي نه ڪي خيال ضرور قائم ڪيا ويا آهن، پر
انهن مڙني ۾ اختلاف آهن. هڪڙن کي هڪ هنڌ سونهن ٿي
ڏسجي ۽ ٻين کي ساڳيءَ شيءِ ۾ ٻئي هنڌ. ڪو سونهن کي
خارجي حقيقت ٿو سمجهي ته ڪو داخلي ڪيفيت. والٽر
پيٽر جو قل آهي، ”سونهن جي جامع وصف ڪري نٿي
سگهجي، ڇاڪاڻ جو هسن نالو آهي انفرادي ڪيفيت جو،
جنهن تان ڪُليو نٿو ٺاهي سگهجي، پر ان ڳالهه کان
انڪاري ٿي نٿو سگهجي ته عام طور تي ڪيترن ئي شين
کي حسين ۽ سونهن ڀريو چيو وڃي ٿو. جهڙوڪ باغ جا
ٻارا ۽ گلن جون سنديلون، درياء جو پرفضِا ڪنارو،
سانجهيءَ مهل اڀ جي ڳاڙهاڻ، صبح جو ٻهڪندڙ چهرو،
ماٿرين ۽ جبلن جو دلفريب نظاور، بهار جي موسم،
ڪنهن ڄائو ۽ هوشيار مصور جو شاهڪار ۽ ڪنهن مشهور
سنگتراش جو مجسمو وغيره3.
اهو هڪ ڊگهو بحث آهي ته آيا انهن شين ۾ خارجي
سونهن آهي يا اها انسان جي ويچار ۽ احساس جي
پيداوار آهي. بهرحال هتي ايترو ڄاڻڻ ضروري آهي ته
انسان جي اندر ۾ اهو قدرتي احساس موجود آهي ته هو
سهڻين ۽ من موهڻين شين کي ڏسي خوش ٿئي ٿو. هن وٽ
سونهن جو احساس آهي، جنهن لاءِ آٿت ضروري آهي.
فنون لطيفه جو سونهن سوڀيا سان گهاٽو ناتو اهي. ان ڳالهه تي ته
سڀيئي متفق آهن ته فنونِ لطيفه کي، سونهن جي جزي
کان سواءِ، لطيف فن ڇئي نٿو سگهجي. البت ان سونهن
جو معيار ڌار ڌار ٿي سگهي ٿو. ڪيترن ماڻهن جو خيال
آهي ته فنونِ لطيفه سونهن سوڀيا، ٽيڪنڪ ۽ هئيت
پيدا ڪن ٿا. ٽيڪنڪ يا هئيت جو مطلب آهي ان جي ٺاهه
جوڙ جو انداز يعني ان جي صورت، ڏيک ويک، ظاهري
ٺاهه ٺوهه ۽ سينگار وغيره. هربرٽ
(Herbert)
جو چوڻ آهي ته فن
(Art)
۾ سونهن صرف لِيڪن ۽ رنگن جي باهمي تعلق سان پيدا
ٿئي ٿي؛ فيشنر
(Fechner)
پنهنجي نظريي مطابق هي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته
ڪهڙي قسم جي هئيت، رنگ ۽ لِيڪن کي ڪهڙي قسم جا
ماڻهو پسند ڪن ٿا. ڪن جو خيال اهي ته سونهن سوڀيا
ته فقط اظهارِ بيان ۾ ٿئي ٿي. گوئٽي شروعات ۾
انهيءَ جو قائل رهيو. ٻين ليکڪن سونهن جي تخليق ۾
مواد جي اهميت کي محسوس ڪيو. جهڙوڪ وليم مورس
(William Morriss) چيو ته افاديت ۽ سونهن کي الڳ الڳ نه ڪرڻ گهرجي ۽ نڪي ڌار ڪري
سگهجي ٿو. فن کي ساڳئي وقت مفيد ۽ سونهن ڀريو هئڻ
گهرجي. ٻيو نظريو هيءُ به آهي ته سونهن، سٺائيءَ ۽
حق مان پيدا ٿئي ٿي، فن، فطرت يا قدرت جو نقل آهي.
اهو نظريو پهريائين پهريائين افلاطون پيش ڪيو،
جنهن جي ويچار موجب سونهن، سٺائيءَ جو نقل آهي، فن
يا فنونِ لطيفه خاص خاص شين جو نقل آهن، ان ڪري
فنونِ لطيفه ڪا اهميت ڪونه ٿا رکن. ارسطو وري ان
تي حاشيو چاڙهيو، چي، سونهن اهڙي سٺائي آهي، جنهن
سان اسين دلچسپي وٺون ٿا ۽ ان مان حظ حاصل ڪريون
ٿا. ان کان سواءِ ڪن جي لاءِ سونهن سوڀيا چئجي ئي
ان کي ٿو جنهن مان انسان حظ حاصل ڪري، پوءِ کڻي ان
جي نوعيت ڪهڙي به قسم جي هجي؛ امس اڪئيناس
(Thomas Aqunas) به ان نظريي جو قائل آهي. شوپنهار جي ويچار مطابق فنونِ لطيفه،
وجدان جي وسيلي سان، عالمِ زمان و مڪان جي جزن جي
هئيت کي بدلايو ڇڏين، ان ڪري عوام ان مان خوش ٿئي
ٿو ۽ ان ۾ کيس سونهن نظر اچي ٿي. برڪ
(Burke)
پڻ سونهن کي خط جو مترادف ٿو سمجهي. سنتانيا ان جي
وصف هيءَ ٻڌائي آهي، ”ڪنهن شيءِ ۾ حظ ڏيڻ جي جيڪا
صلاحيت ۽ خاصيت خار جي طور تي موجود ٿئي ٿي، تنهن
کي سونهن چئجي ٿو.“ اڄڪلهه هي نظريو عام آهي ته فن
۽ فنون لطيفه جو لاڳاپو واقعن سان نه بلڪ جذبن سان
آهي. اهو خيال ڪانٽ
(Kant)
کان شروع ٿيو، جنهن چيو ته سونهن ذهن ۾ موجود ٿئي
ٿي. ويران
(Veron)
جي ويچار ۾ فن، جذبات جي زبان آهي، جنهن جي ذريعي
ماڻهو پنهنجي شخصيت جو اظهار ڪن ٿا.ڪروچي
(Croce)
جو نظريو آهي ته فن تاٿرات يا وجدان جو اظهار آهي1.
مطلب ته فن ۽ سونهن بابت مختلف زمانن ۽ دورن ۾ ڪئين خيال ۽
نظريا عام ٿيا آهن، جن ۾ اختلاف به رهيا آهن ۽
رهندا اچن؛ پر انهن سڀني کي اڳيان رکندي ان ڳالهه
تي اچي بيهڻو ٿو پوي ته گهٽ ۾ گهٽ فن ۾ اهڙي خاصيت
ضرور هئڻ گهرجي جنهن جي بنا تي ان کي فنونِ لطيفه
۾ جاءِ ڏيئي سگهجي ۽ اهائي خاصيت منجهس سونهن پيدا
ڪري ٿي. سونهن جي داخلي ۽ خارجي معيارن کان انڪار
ڪري نٿو سگهجي، جي ضرور ٿين ٿا ۽ فنونِ لطيفه ۾
انهن جو نه هئڻ، سونهن جي نه هئڻ جي علامت آهي.
ائين آهي ته ظاهري سونهن جو بيان فنونِ لطيفه ۾
شامل آهي ۽ ان جي تخليق ۾ ظاهري شين جي بيان کي
وڏو دخل آهي. انسان محسوس ٿو ڪري ته قدرت پنهنجي
حسن جو پورو جلوو نه، بلڪ هڪڙي جهلڪ ڏيکاري ٿي ۽
خبر نه آهي ته ان جي دلبريءَ جا ڪهڙا ڪهڙا نُڪتا ۽
راز نظرن کان لڪل رهن ٿا، پر انسان جو محدود ۽
غيرفاني شعور پياسو پياسو رهي ٿو. جيڪڏهن فنونِ
لطيفه نه هجن ته هوند انسان جي پياس وسامي ئي ڪين.
فنونِ لطيفه جي مدد سان ڪڏهن ڪڏهن ”حسن مطلق“ جو
ادراڪ ٿئي ٿو ۽ جز ۾ ڪل کي پسجي ٿو. شاعر، مصور يا
ٻئي ڪنهن هنرمند ۾ سونهن پروڙيندڙ بصيرت عام انسان
کان تيز ٿئي ٿي. اها هڪ وجداني قوت ٿئي ٿي، جنهن
جي وسيلي هنرمند سونهن جون سڀئي رمزون پروڙيو وڃي،
جن جي عام ماڻهوءَ کي لکا ڪانه ٿي پوي. هنرمند نه
رڳو سهڻين شين جي انفرادي سونهن کي ڏسيو وٺي، بلڪ
سڀني سهڻين شين ۾ جيڪو قدرتي لاڳاپو ۽ ناتو آهي سو
به محسوس ڪري ٿو. تشبيهه ۽ استعاري جو مطلب آهي ته
شاعر، معشوق جي چهري ۽ گل ۾ هڪجهڙي شگفتگي ڏسي ٿو
۽ ان جي چهري ۾ گل چئي ٿو پڪاري. هو پرواني ۽ عاشق
جي بيقراري ۽ بيصبريءَ ۾ مشترڪ عنصر ڏسي، پرواني
کي شمع جو ديوانو ٿو سڏي. هنرمند جنهن روپ ۾ ڪا
شيءِ پيش ڪري ٿو سا اصل کان وڌيڪ من موهيندڙ ٿئي
ٿي. اهو هن ڪري جو هنرمند، سونهن جون سڀيئي
نيرنگيون پيش ڪري ٿو، جيڪي اصل شين ۾ پڻ لڪل ٿين
ٿيون، جن کي رواجي بصيرت سان پسي نٿو سگهي1.
ان ڪري هنرمند ۽ فنڪا رکي به اهميت آهي.
خير، فن ۽ ادب ڪهڙي به کڻي مقصد لاءِ تخليق ڪيا وڃن پر ان ۾
انهيءَ پهلوءَ جو هئڻ ضروري آهي، جيڪو بذات خود هڪ
مقصد بڻجي پوي ٿو. مثال طور سائنس جي سموري
معلومات، رومزره جا سڀئيي واقعا، زندگيءَ ۾ کڻي
وڏي اهميت جا مالڪ هجن، پر انهن کي ادب ڇئي نٿو
سگهجي. پر انهيءَ ساڳئي موضوع کي ڪو هنرمند يا
فنڪار پنهنجي نموني سان پيش ڪندو ته اهائي شيءِ
ڦري ادب يا فنون لطيفه بڻجي پوي ٿي. حسن ۽ سونهن
جو موضوع ادب ۽ فن ۾ عام آهي، پر فن کان علحده حسن
۽ عشق جي واقعن کان مختلف ٿئي ٿو. موضوع هڪڙو ئي
ٿئي ٿو پر فنڪار پنهنجي اندازِ بيان ۽ طرزِ ادا
سان ان ۾ جادو جاڳايو ڇڏي، جنهن جي ڪري ان ۾ هڪ
مترنم جذباتي ڪيفيت پيدا ٿيو پوي. حسن ۽ عشق بذات
خود هڪڙو مقصد ٿي سگهي ٿو، يعني ڪنهن کي حاصل ڪري
ان مان حظ حاصل ڪرڻ پر هڪ عشقيه نظم ايستائين
محدود نٿو رهي. ان جي ذريعي مطلوب حاصل به نه ٿئي
ته به اهو نظم سدا جيئرو رهي ٿو ۽ پڙهندڙ ان مان
لطف حاصل ڪندا رهن ٿا1.
ان جو مطلب ٿيو ته فن ۽ ادب ۾ موضوع کان سواءِ به اهڙي خاصيت
ٿئي ٿي جا ان کي دلچسپ ۽ دلڪش بڻائي جيئرو رکي ٿي.
اها خاصيت ان جي صوري، صوتي ۽ ظاهري حسن آهي جنهن
۾ شاعر جي پنهنجي شخصيت، جذبا ۽ صلاحيتون صاف
جهلڪا ڏيندي نظر اچن ٿيون. ادب ۾ نه رڳو چند جملا،
صفحا يا لفظن جا مجموعا ٿين ٿا، بلڪ ايٿل ڊي پفر
جي چوڻ موجب حقيقت ڪري اسين جملن جي آوازن ۽ ڇاپيل
صفحن جي لفظن ۾ جذبن ۽ احساسن جون هلندڙ چلندڙ ۽
جيئريون جاڳنديون تصويرون ڏسون ٿا، جيڪي جيتوڻيڪ
اسان جي زندگي جي روزمره جي تجربن کان ڪي قدر
مختلف ٿين ٿا، تنهن هوندي به انهن جو لاڳاپو زندگي
سان ٿئي ٿو ۽ انهن جي ذريعي اسان جي آڏو حياتيءَ
جي اصل تصوير کان وڌيڪ وڻندڙ تصويرون اچن ٿيون2.
ادب جي انهيءَ خاصيت ۾ جمالياتي پهلو ٿئي ٿو. پهريائين پهريائين
ادب ۽ فن جو احساس يا تجربو، پڙهندڙ يا ڏسندڙ جي
اڳيان هڪ خاص ڪيفيت آڻي ٿو، جيڪو اظهار جو ذريعو
ٿئي ٿو. جهڙيءَ طرح مصوريءَ ۾ رنگ، موسيقي ۾
سرتار، نظم ۾ لفظن جو آواز وغيره. اهي سڀيئي شيون
سونهن جي احساس کي تسڪين ڏين ٿيون ۽ جيستائين
انسانن ۾ چرپر پيدا ڪندڙ احساسن جي قدرن جو احساس
موجود نه هوندو، تيستائين هو نيڪ حسن کي محسوس ڪري
سگهي ۽ نه ان جو متوالو ۽ شيدائي ٿي سگهي ٿو، ائين
آهي ته ان کي شاعريءَ ۾ سمايل خيالن جو اندازو ٿي
سگهي، هو انهن کي پرکي وٺي، پر هو جيستائين لفظن
جي آوازن ۽ مترنم ڪيفيت کي آڏو آڻي نٿو ڏسي
تيستائين کيس ذهين ۽ جذباتي آٿت اچي ته باقي ذوق
کي آٿت ۽ سڪون نٿو اچي سگهي1.
جماليات، سونهن سوڀيا بابت غور ۽ ويچار ڪرڻ، ان جي ماهيت،
اصليت، حقيقت، ضرورت ۽ اهميت جي سڌ لهڻ جي فيلسوفي
آهي ۽ ادب ۾ سونهن جي ڳولا ڪرڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ
جو سونهن جون قدرون ئي ان کي ادب بڻائين ٿيون، ان
ڪري جماليات جو ادب سان گهاٽو فاتو آهي.
تنقيد وري ادب جي نبض شناش آهي، تنهنڪري ادب ۾ سونهن سوڀيا جي
ماهيت، اهميت، اصليت ۽ حقيقت جي خبرچار لهڻ سندس
فرض آهي، پر جيڪڏهن پاڻ اهو فرض بجا نه آندائين ته
کيس مڪمل تنقيد نه چئبو. اهوئي سبب آهي جو عيني
توڙي مادي مفڪر سڀيئي ان ڳالهه کي مڃين ٿا ۽ ادب ۽
فن جي انهيءَ پهلوءَ کي ڪا گهٽ اهميت ڪونه ٿا ڏين.
مارڪس، جيڪو هر ڪنهن شيءِ کي سماجي ۽ مادي نقطه
نظر سان ڏسندو رهي ٿو سو پڻ ادب ۽ فن جي جمالياتي
پهلوءَ جو قائل آهي. هو پنهنجي تصنيف
(A contribution to the critique of political
economy)
۾ يوناني علم الاصنام تي بحث ڪندي، ان جي جمالياتي
پهلوءَ تي روشني وجهي ٿو ۽ هو ان کي ساراهه جوڳو
سمجهندي ان جو سبب ڏيئي ڇوي ٿو ته اگرچ ان جو
لاڳاپو سماجي اوسر سان ناهي تنهن هوندي به هو اڄ
اسان جي احساس جمال جي خوشيءَ جو باعث ڇو ٿو ٿئي؟
ان جو سبب اهوئي اهي جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.
تنقيد ان پهلوءَ ڏانهن به ڌيان ڌري ٿي ۽ افادي پهلوءَ کي به
نظرانداز نٿي ڪري. جڏهن تنقيد جو لاٿو فني پهلوءَ
ڏانهن ٿئي ٿو، تڏهن هوءَ جمالياتي تنقيد ڪوٺجي ٿي.
علمي تنقيد: علمي تنقيد، ادبي تخليقات ۽ ان جي خلقيندڙ_ فنڪار_
بابت سڀني پهلوئن تي بحٽ ڪري، ان دور جي سماجي
حالتن ۽ مروج خيالن جي روشنيءَ ۾ ان جي اهميت جي
خبرچار لهي ٿي. ان جو مکيه مقصد آهي ته فنڪار ڪهڙي
حد تائين انهن مروج خيالن ۽ حالتن جي ترجماني ڪئي
آهي ۽ ان ۾ هو ڪيتري تائين ڪامياب ٿيو آهي.
ان قسم جي تنقيد جو وڏي ۾ وڏو علمبردار ”ٽين“
(Taine)هو، جنهن جي خيال موجب فني ۽ ادبي تخليق ٽن طاقتن جي پيداوار
ٿئي ٿي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ انهن مڙني طاقتن جي
پوريءَ طرح ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لازمي آهي. -1 فنڪار جون
ڪٽنبي حالتون، قومي ۽ نسلي خاصيتون -2 ماحول جنهن
۾ فنڪار پرورش پاتي، تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي. 3-
ان زماني جون سماجي، معاشي ۽ مذهبي حالتون جن جي
اثر هيٺ ان جي تشڪيل ٿي. انهن سڀني ڳالهين جي
خبرچار لهڻ ضروري آهي، ورنه ڪنهن به فني تخليق کي
پوريءَ طرح سمجهڻ ڏکيو آهي1.
ٽين جا ويچار ڪي نوان نه آهن. ان جا اثرات هرڊر تي به پيل ٿا
ڏسجن، جنهن جو اثر نه رڳو تنقيدنگارن تي پيو، بلڪ
ان زماني جا فيلسوف ۽ مفڪر به انهن خيالن کان
متاثر ٿيا. هيگل جي جماليات ۾ پيش ڪيل ويچار
بههرڊر سان ملندڙ جلندڙ آهن. هيگل غور ۽ ويچار ڪرڻ
بعد ساڳيو خيال فيلسوفاڻي انداز ۾ پيش ڪيو آهي_
خاص ڪري نسل ۽ قوم جا اثر جن کي اڳتي هلي
(Taine)
پنهنجو ڪري پيش ڪيو2.
مطلب ته اهڙي قسم جا خيال اوڻيهين صدي جي شروعات ۾ عام ٿيا ۽
انهن جي پيش ڪرڻ ۾ ليسنگ، هرڊر، ٽين ۽ مادام ڊي
سٽيل وغيره اڳرا رهيا آهن. اهي سڀيئي ادب کي سماجي
پس منظر ۾ ڏسڻ جا قائل هئا، جي ان ۾ نه رڳو ادبي ۽
فني بلڪ زندگي جي قدرن جي سڌ لهڻ به ضروري ٿي
سمجهيائون_ اهو آهي علمي تنقيد جو مختصر خاڪو.
انهي علمي تنقيد سان گڏ جيئن خيال ۽ نظريا بدلبا ويا، تيئن
تنقيد جون نيون نيون شاخون ڦٽنديون آيون. مثال طور
تاريخي تنقيد وجود ۾ آهي، جنهن جو ڪم آهي ته هوءَ
ڏسي ته فن ۽ فنڪار ۾ ڪهڙا ڪهڙا عمراني، سياسي ۽
نفسياتي مظاهر نظر اچن ٿا، تاڪ اڳلي جي معلومات ۾
واڌارو ٿئي. ساڳئي نموني ۾ نفسياتي يا سوانحي
تنقيد منهن ڪڍيو، جنهن موجب ماحول جي اثرن جي
ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بدران، اٽلندو فنڪار جي ذهني ۽ جذباتي
اثرن جي خبرچار لهڻ، وڌيڪ اهميت واري ٿئي ٿي. اهو
نظريو ٽين جي مقابلي ۾ ويران
(Veron)
پيش ڪيو. ٽيئن ٿئي ٿي علمي تنقيد، جيڪا هنر ۽
ڪاريگريءَ جي انهن عجيب و غريب ڳالهين ڏانهن ڌيان
ڌري ٿي، جن کان فن جي تخليق ۾ ڪم ورتو وڃي ٿو ۽
چوٿين آهي اخلاقي تنقيد جا ادبي تخليق جي اهميت ۽
تاثر تي بحث ڪرڻ جي بجاءِ اهو ڏسي ٿي ته ان
انفرادي توڙي اجتماعي طرح اخلاق تي ڪهڙو اثر وڌو
آهي1.
تنقيد جا اهي چارئي قسم جيتوڻيڪ ويچارن ۽ نظرين جي اعتبار کان
هڪٻئي کان مختلف آهن. تنهن هوندي به انهن سڀني کي
علمي تنقيد ڪري ليکڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو اهي
سڀيئي فن
(Art)
۾ فقط ڪاريگري يا جمالياتي قدرن جي ڳولا نٿيون ڪن،
بلڪ ان دائري کان نڪري ڪن، ٻين قدرن جي سڌ ڏين ۽
وٺن ٿيون. اهي زندگيءَ جي قدرن جون مختلف قدرون
آهن.
برائيٽ فيلڊ پنهنجي ڪتاب
(Issue in literary criticism)
۾ انهيءَ علمي تنقيد تي کلي ڪري بحث ڪيو آهي. هن
جي خيال موجب علمي تنقيد ۾ هيٺيون خاصيتون هئڻ
گهرجن:
(1) ان کي تجزياتي
(Empirical)
هئڻ گهرجي، جنهن لاءِ لازمي آهي ته سندس بنياد
اهڙي مواد تي هئڻ گهرجي، جنهن جي ڇنڊڇاڻ ٿي سگهي،
جنهن کي پرکي ۽ جاچي سگهجي ۽ ان طريقي جي مخالفت
ڪري جيڪو عام تجربي ۽ جاچ جوچ جي دائري ۾ نٿو اچي.
|