سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع (3)

 

صفحو :5

”جيڪي ماڻهو انهن ڪمن کي اهميت نٿا ڏين جن کي عام ماڻهو اهميت ڏين ٿا، صرف اُهي ئي ماڻهو اُنهن ڪمن کي اهميت ڏيئي سگهن ٿا، جن کي عام ماڻهو اهميت نٿا ڏين“_ چانگ چائو.

 

علي بابا

 

ڌُٻڻ

 

غروب آفتاب جو وقت هو، مان شهر جي گوڙ گهمسان کان پري، مهراڻ جي ڪناري تي بيٺو قدرت جي حسين مناظرن کان لطف اندوز ٿي رهيو هئس. ٿڌي هوا لڻ ڪري، مهراڻ جو صاف شفاف پاڻي، لهرون کائي رهيو هو_ هر لهر هڪ عجيب چنچلتا سان وٽ کائيندي اچي ڪناري جي ڀڪن سان ٽڪرائجي، هڪ عجيب ترنگ جاڳائي ٿي وئي_ پري وچ سير مٿان هڪ تاڙو ٽي........ ٽي جا مڌرسر اَلاپي رهيو هو. وري اچانڪ ڪا چنچل مڇي تڙٻي ڏئي، هڪ عجيب ساز ڇيڙيو ٿي وئي، سڄي ماحول ۾ هڪ عجيب موسيقي ڀريل هئي. ڪناري تي پري پري تائين پکڙيل ساوڪ_ جوار جون پوکون_ نم_ بڙ ۽ سرهه جا ڊگها ڊگها وڻ، جهومي جهومي قدرت جو ازلي ناچ نچي رهيا هئا. هتي اچي قدرت ڪيترو نه حسين ٿي ڏسڻ ۾ آئي! مون تي هڪ عجيب ڪيفيت تاري ٿي ئي هئي. مون نظرون ڦيرائي الهندي طرف افق ڏانهن نهاريو. پري تمام پري، جتي آسمان زمين جي مٿان جهڪيل هو؛ جتي ٽامي جهڙو قتل گول سج، هيٺ زمين ڏانهن گهوتو هڻي رهيو هو، جتان افق جا ڪرڻا ڦٽي رهيا هئا، آهستي آهستي_ سج گهراين جي پاتال ۾ لهندو ٿي ويو ۽ افق جا رنگ ويتر گهرا ٿيندا ٿي ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي، هڪ عجيب سمو ٻڌجي ويو. مان گم سم ٿي، چوڌاري نهاري رهيو هئس.

 

انهي مهل پري کان هڪ نوجوان جوڙي کي ڪناري ڏانهن ايندو ڏسي، نه ڄاڻي ڇو منهنجي دل اُداس ٿي وئي هئي_ مون ڏاڍيءَ رشڪ ڀريل نظرن سان انهي جوڙي ڏانهن نهاريو_ منهنجي دل ۾ هڪ عجيب هلچل مچي وئي هئي.

هي مهراڻ جو ڪنارو_ هيءَ شام، هيءُ سمو ۽ مان اڪيلو. ڪاش! ناز مون سان گڏ هجي ها_ پر هوءَ ته برقعي کان سواءِ هڪ قدم به گهر کان ٻاهر نٿي ڪڍي سگهي_ ۽ مون کي ساڻس جيتري محبت هئي، انهيءَ کان وڌيڪ ڪٿي سندس پردي کان نفرت_ عورت چاهي ڪيتري به سهڻي ڇو نه هجي، برقعي پائڻ کان پوءِ هوءَ مون کي ڪپڙن جي ڳوٿري ڏسڻ ۾ ايندي آهي_ مان عورتن جي برقعي جي سخت خلاف آهيان. منهنجي دل چاهيندي آهي ته منهنجي زال مون سان گڏ آزاديءَ سان گهمي ڦري_ مون هن جي برقعي ڇڏائڻ لاءِ، گهڻائي جتن ڪيا_ ڪيترو کيس سمجهايو، پر هن تي ڪنهن به ڳالهه جو اثر نٿو ٿئي_ هن جي اڳيان پردي جي خلاف ڳالهائڻ، رڍن اڳيان رباب وڄائڻ مثل آهي_ هڪ ڏينهن ته مون ڪاوڙ ۾ اچي سٽن ئي ٽن سان، سندس برقعو ڇينهون ڇينهون ڪري ڇڏيو؛ پر انهيءَ سان به ڪجهه نه ٿيو_ خواه مخوواه ڏيڍ سؤ رپين جي ٽي پئجي وئي ۽ دل جي حسرت به پوري نه ٿي.

انهيءَ ڳالهه تان اڪثر اسان جو پاڻ ۾ جهڳڙو ٿي پوندو آهي. مان اڪثر کيس ڇڙٻيون ڏيندو آهيان ۽ ڪئين ڪئين ڏينهن، هن سان ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيندو آهيان ۽ اڪثر گهمڻ ڦرڻ به اڪيلو نڪري ويندو آهيان ته من شايد گهر ۾ اڪيلي ويٺي ويٺي هنئون منجهيس ۽ برقعي جي پچر ڇڏي_ ۽ منهنجي انهيءَ تبديليءَ تي هوءَ به مون کان ڪجهه ناراض ناراص آهي ۽ اُداس اُداس.

اها ڳالهه نه اهي ته منهنجي زال ڪا اڻپڙهيل يا پراڻن خيالن جي ڪا دقيانوسي عورت آهي: نه هن مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن سان پاس ڪئي هئي ۽ هينئر گرلز هاءِ اسڪول ۾ چوٿون انگريزي پڙهائيندي آهي. سندس انهي پڙهائي تي، اسان جي مائٽن کي ڪوبه اعتراض ڪونهي. انهيءَ لاءِ ته قوم جي خدمت جو سوال آهي. مان سمجهندو هئس ته شايد هوءَ مٽن مائٽن جي ڊپ کان ائين نٿي ڪري، ڇو ته اسان جو طبقو اعليٰ تعليم يافته هئڻ جي باوجود اڄ به پردي جو پورو پابند اهي_ سو سمجهايومانس ته ”ڏس ناز! پاڻ پنهنجي شهر کان پورا ٽي سؤ ميل پري آهيون؛ هتي حيدرآباد ۾ پنهنجو ڪو واقفڪار به ڪونهي، جنهن کان گهڻو ڊپ ڪجي“. پر هوءَ اهڙيون ڳالهيون ڪٿي ٿي ٻڌي.، چئي، ”مشرقي عورت جي سندرتا لاءِ، برقعو سڀ کان قيمتي ۽ سٺو زيور آهي.“

مون، هن جي برقعي ڇڏائڻ لاءِ، هزارين حيلا هلايا آهن، پر اڄ به، هوءَ پنهنجي جڳهه تي اٽل آهي ۽ منهنجي دل جي حسرت، حسرت ئي رهجي وئي آهي.

جڏهن اهو نوجوان جوڙو، منهنجي ويجهو آيو ته، ڏٺم ته اهو نوجوان منهنجو گهرو دوست ياسين هو_ هو پنهنجي سهڻي ساٿڻ سان، ڪيترو نه مست مگن ٿي جهومي جهومي هلي رهيو هو؛ ڄڻ سڄي دنيا سندس ڀڪار ۾ هئي! مون کي هن جي قسمت تي رشڪ اچي رهيو هو.

هن مون کي ڏسي، مئل دل سان هٿ جو سلوٽ ڪيو، ڄڻ منهنجو اتي هئڻ کيس سخت ناگوار گذريو هو. مون کي، سندس ائين پري کان هٿ هلائڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي_ مان ته سمجهيو هئس ته، منهنجو گهرو دوست جو ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ڏسڻ ۾ آيو آهي، مون سان هميشه وانگي ڊوڙي اچي ڀاڪر پائي ملندو ۽ پنهنجي سهڻي ساٿڻ جو تعارف ڪرائيندو جا شايد سندس زال زرينه هجي: جنهن جي ڪيترا دفعا هو منهنجي اڳيان ساراهه ڪري چڪو آهي_ پر هو ته مون کي ڏسي ائين نظرانداز ڪري وڃي رهيو هو ڄڻ مان ڪو غير هئس. مون کي مٿس ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي، ته جيڪڏهن مون سان اچي ملي ها، ته ڇا مان سندس سهڻي زال کي چڪ هني ڪڍان ها! مان ڪيتري دير تائين، هنن ٻنهي کي پٺيرو ويندو ڏسندو رهيس.

منهنجي لاءِ، شام ۾ ڪابه رنگيني باقي نه رهي هئي. سڄو سنگيت نه ڄاڻي ڪيڏانهن ٻڏي ويو هو_ ساري رنگيني نه ڄاڻي ڪٿي لڪي ويئي هئي_ هوريان هوريان، ڌنڌ وڌي رهي هئي_ ڪناري جا مبهوت مبهوت وڻ ڄڻ وقادن کان ڪنهن جي انتظار ۾ بيٺا، ٿڌيون آهون ڀري رهيا هئا_ مون گهٻرائجي مهراڻ جي اڇ ڏانهن نهاريو. اچانڪ، پاڻي ۾ ڪا شرير مڇي تڙٻي کائي، مون کي چٻرا ڏئي ويئي. پري لهرن مٿان پرواز ڪندڙ تاڙو منهنجي نظرن کان پري ٿي ويو، هن جي ٽي.... ٽي جو پردرد آواز، اڃان به منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. مان، ڇا اُداس ٿي ويو هئس، ساري ڪائنات اُداس ٿي وئي هئي، شام جي رنگيئي ڦڪي پئجي وئي هئي، تنهنڪري منهنجا قدم گهر ڏانهن کڄڻ لڳا!

رات جو جڏهن يارن دوستن وٽان ٿيندو ڏهين بجي گهر پهتس ته، پنهنجي زال جو ڪوماڻيل ۽ اُداس چهرو ڏسي، دل کي لوڏو اچي ويم_ ڪجهه به ٿي پوي اها حقيقت هئي ته، مون کي هن سان بي انتها پيار هو_ هن جون ٻئي وڏيون وڏيون خمار ڀريل اکيون، سڄيل سڄيل ۽ ڳاڙهيون هيون، ڄڻ هوءَ ڪيتري دير کان روئيندي رهي هجي. مون دل ئي دل ۾ پاڻ کي ملامت ڪئي ته، مان به ڪيترو نه ردي ماڻهو آهيان، جو نڪا ڳالهه نه مهاڙ، اجايو ٿو سندس دل کي رنجايان_ ڀلا هوءَ پنهنجي دل ۾ ڇا سوچيندي هوندي، مون کي پنهنجي پاڻ تي ڪاوڙ هئي. هوءَ مون کي ڏسي اُٿي.

”تون ماني ڇو نٿو کائين_ توکي ڇا ٿي ويو اهي_ توکي منهنجي صورت نٿي وڻي؟“ هن جي آواز ۾ درد هو. شڪوه شڪايت هئي. هن جي ڍنڍ جهڙين گهرين اکين ۾، پاڻي چمڪي رهيو هو. تون ايترو ڪٺور ڇو ٿي ويو آهين_ ٻڌاءِ ته توکي ڇا ٿي ويو اهي؟“ مون کان ڪوبه جواب نه ٺيه سگهيو_ مان هڪ مجرم وانگر خاموش بيٺو هئس، بلڪل ڀتر وانگر. پوءِ هن پيار سان پنهنجون ٻئي ٻانهون منهنجي گلي م حائل ڪري ڇڏيون. ”مان ڄاڻان ٿي تون مون کان ڇو ڪاوڙيو آهين_ انهيءَ لاءِ نه، ته مان برقعي کان سواءِ توسان ٻاهر نٿي نڪران؟ اڄ اکن پوءِ، مان ڪڏهن برقعو نه پائيندس_ تون به ڇا سمجهندو هوندين، ته مان تنهنجي لاءِ ايترو به نٿي ڪري سگهان.“

Text Box: 103

 

مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ مان خواب ڏسي رهيو هجان. منهنجي زال منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي، پر برقعو نٿي ڇڏي سگهي! ڪنن کي اعتبار نٿي آيو ته اهي منهنجي زال جا الفاظ ٿي سگهن ٿا. مون سندس اک جهلي، پاڻ کي زور سان چهنڊي لڳائي، ته ڪٿي مان خواب ته ڪونه ڏسي رهيو آهيان، پر اها حقيقت هئي. مان خوشي کان پاگل ٿي، کيس زور زور سان ڦيرائڻ لڳس_ هوءَ ڇڏائڻ جي ڪوسش ۾ منهنجي ٻانهن ۾ ڦٿڪي ٽهڪ ڏيڻ لڳي.

 

”هاڻ هلي ماني کاءُ_ ڏس ته مون تنهنجي لاءِ ڇا ڇا پچايو آهي.“ خوشيءَ کان ته منهنجي بک ئي مري ويئي هئي، پر هوءَ زوري مون کي کاڌي جي ڪمري ۾ وٺي آئي.

اُنهيءَ رات ساري رات مون کي ننڊ نهآئي. ايندر صبح جو منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي حسرت پوري ٿيڻ جو ڏينهن هو. مان سڄي رات، ڏينهن جا خواب ڏسندو رهيس.

صبح جو پنهنجي زال کي سنڀرندو ڏسي، منهنجي دل پئي بهار ٿي. خوش قسمتيءَ سان، اڄ آچر هو_ اسان پروگرام ٺاهيو هو ته اڄ سڄو ڏينهن سير تفريح ۾ گذارينداسين. اڄ هن ڪپڙا به منهنجي پسند جا پهريان هئا. هلڪي سائي جمپر ۽ سلوار ۽ ڳاڙهي سينڊل ۾ هوءَ ڏاڍي مٺڙي لڳي رهي هئي. دل ۾ آيو ته، چوانس ته لپس_ اسٽڪ به لڳائي، پر ڊنس ته ڪٿي سڄو پروگرام نه گڙٻڙ ٿي وڃي.

جڏهن پاسي واري فليٽ وارن اسان کي گهر کان ٻاهر نڪرندي ڏٺو ته، ڏسندائي رهجي ويا. انهن، پهرين ڪڏهن به منهنجي زلا کي برقعي کان سواءِ نه ڏٺو هو ۽ هوءَ سامهون فليٽ واري ٽيڊي ڇوڪري، جا مون کي لفٽ ئي نه ڏيندي هئي، سا به اڄ اکيون ٺپي ٺپي من ڏانهن نهاري رهي هئي. مون کيس نظرانداز ڪري پنهنجي سهڻي زال ڏانهن نهاريو. هوءَ برقعي کان سواءِ ڪنهن به قسم جو شرم يا جهجهڪ محسوس نه ڪري رهي هئي، ڄڻ برقعي سان ڪڏهن سندس واسطو ئي نه رهيو هو. مون کي سندس انهيءَ تبديليءَ تي خوسي سان گڏوگڏ، حيرت به ٿي رهي هئي. سچ انهيءَ مهل هن کان مون کي هڪ عجيب اجنبيت محسوس ٿي رهي هئي.

اسان ٻئي جڏهن پنهنجي خوبصورت فورڊ ۾ اچي ويٺاسين، ته هڪٻئي کي ڏسي بار بار اسان جي چهرن تي مرڪ ڊوڙي ٿي وئي! مون هن ڏانهن نهاري مسڪرائي سيلف دٻايو_ ڪار هڪ فرائيءَ سان اسٽارٽ ٿي ويئي.

ساڳيو شهر هو_ ساڳيون گهٽيون_ انهيءَ کان پيشتر به مان ڪار ۾، ناز سان سوين دفعا انهن سڙڪن تان گذريو هئس، پر اڄ هر چيز پهرين کان مختلف نظر اچي رهي هئي. اڄ پهريون ڀيرو مون کي احساس ٿيو ته، حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي جهڙو سهڻو ڪراچي ۽ لاهور ۾ هڪ روڊ به ڪونهي. مون مسڪرائي پنهنجي زال ڏانهن نهاريو. هوءَ هڪ عجيب دلرباڻي انداز سان ڪار جي دري تي ٺونٺ ٽيڪيو ويٺي هئي_ دل چاهيو ته بس ڏسندو ئي رهان، انهيءَ کان پهرين برقعي ۾ هوءَ ڪيترو نه بور لڳندي هئي. خواه مخواه موڊ آف ٿي ويندو هو. اڄ هن برقعو ڇا لاٿو هو هرشيءِ جو حسن بي نقاب ٿي ويو هو.

”ڀئي! مون ڏانهن ڇا ٿو نهارين_ ٽريفڪ تي ڌيان رک. ڪٿي ايڪسيڊنٽ نه ٿي پوي“، هن جملو ڪسيو ۽ اسان ٻئي ٽيڪ ڏيئي کلڻ لڳاسين.

ٿوروئي اڳتي اچي مون اسٽرنگ ڪاٽيو ۽ اسان جي ڪار ٺنڍي سڙڪ تي، ڪشتي وانگر ترڻ لڳي. انهيءَ مهل دل چاهيو ته، اسان جي ڪار ائين وهندي وڃي_ اهو سلسلو ڪڏهن نه ٽٽي. اسان ٻئي گم سم هڪٻئي کي ڏسي رهيا هئاسين.

”اڄ موسم ڪيتري نه خوشگوار آهي! راڻي باغ جو چڪر هڻجي؟“ ”ها... ها... ڇو نه_ ٻي هتي تفريح گاهه ئي ڪهڙي آهي،“ ناز وراڻيو. راڻي باغ پهچي مون ڪار وڃي وڻن جي جهنڊ ۾ بهاري، ۽ لهي، هن لاءِ در کولي، کيس هٿ جو سهارو ڏنم ته انهيءَ مهل مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ هوءَ مون کي پهرين وار ملي هجي. هوءَ پهرين کان ڪيترو نه مختلف نظر اچي رهي هئي_ اڄ هن جي چال ۾ ڪيتري نه لچڪ، ڪيتري نه تمڪنت هئي، ڄڻ ڊيل ٽلي رهي هجي! منهنجي دل خوشي کان اڇلون کائي رهي هئي؛ انهيءَ البيلي نوجوان وانگي، جنهن کي ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ يار جو ديدار نصيب ٿيو هجي. هن سان گڏ راڻي باغ جي خوبصورت ڦلواڙن جي ٻارن مان هلندي مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ منهنجي بوٽن جي تري ۾ اسپرنگ لڳل هجن. مان انتهائي جهومي جهومي هلي رهيو هئس.

جهڙالو هئڻ ڪري راڻيءَ باغ ۾ ڪافي هجوم هو_ ڪئين نوجان برقع پوش عورتون، ٽيڏي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون، پوڙها ٽهلجي رهيا هئا_ هڪ نوجوان جنهن سان گڏ هڪ برقع پوش ساٿي هئي، گهڙي گهڙي گوراکون وجهي فلم ايڪٽرن وانگي، ايڪشن ڏئي، ناز ڏانهن نهاري رهيو هو_ مون کي مٿس ايتري ڪاوڙ آئي جو وس پڄيم ته ٻئي آڱريون تير ڪري دوڏا ڪڍي ڇڏيانس. گڏهه جو پٽ، پرايون زالون ٿو تڪي، بيوقوف کي ڪپڙن جي ڳوٿري کڻي گهمڻ ۾ ڇا خاڪ مزو ايندو هوندو_ ايڊيٽ_ سوئر_ پاجي.... مان دل ئي دل ۾، مٿس ڦٽڪار ڪئي.

ڪافي دير تائين راڻي باغ ۾ ٽهلجڻ کان پوءِ، اسان وري اچي پنهنجي ڪار ۾ ويٺاسين. اسان جي ڪار وري، راڻي باغ جي وڏي ويڪري سڙڪ تان ڊورڻ لڳي.

”سون.... آه“ ناز، هڪ وڏو ساهه کنيو. ”ڪهڙي نه ڀنل ڀنل خوشبو آهي سرهه جي وڻن جي_ ڇا ڄامشوري هلي رهيو آهين؟“

”نه پياري! ڄامشوري ۾ ته شام جو رونق لڳندي آهي، جڏهن پل جا رنگين قمقمٰ، ستارن وانگي ٽمٽم ڪري جهرڪڻ لڳندا آهن“.

”اڄ ته مون کي تنهنجن ڳالهين مان شاعري جو واس ٿو اچي“. ”تنهنجي نوازش آهي.“ اسان ٻئي کلڻ لڳاسين.

ٿوريءَ ئي دير ۾، اسان جي ڪار ڪوٽڙيءَ جي پل مان گذري رهي هئي_ اسان جي پٺيان ٻي ڪابه گاڏي نه هئي، تنهنڪري مون ٿوري دير لاءِ، ڪار پل ۾ بهاري ڇڏي.

”هو ڏس ناز! ڪيترو نه سهڻو منظر آهي“.

Text Box: 107

 

”اوه! ڪيترو نه عجيب منظر آهي_ دريا جي گولائي ته ڏس، جهڙو ٻن سڱنوارو چنڊ. هل نه: ٿورو مهراڻ جي ڪناري ٽهلجنداسين“، ناز للچائجي وئي. ايتري ۾ مون محسوس ڪيو ته، پٺيان ٽرڪ وارو، هارن جي دم مچايو بيٺو آهي_ مون جلدي ڪار اسٽارٽ ڪئي، ۽ پل جو پورو چڪر ڪاٽي، هيٺ ڪناري جي حفاظتي بند تي بهاري_ مون تصويرون ڇڪڻ لاءِ، ڪيمرا به کنئي هئي. ڪيمرا ڳچيءَ ۾ لڙڪائي، اسين ٻئي، هٿ ۾ هٿ ڏئي ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳاسين.

 

”اوه! ڪيتري نه هموار گولائي آهي درياءَ جي_ وري هي واريءَ جا دڙا ته ڏس، ڪهڙو نه سهڻو منظر آهي_ جهڙو ڪوهه مريءَ جي سبز شاداب پهاڙين تي وڇايل نرم نرم برف.“

”ها ناز! واقعي اهي واريءَ جا دڙا ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا آهن_ پر هڪ انجنيئر جي حيثيت سان، مونکي اهي دڙا بلڪل نٿا وڻن، مان ڪيقدر سنجيده ٿي ويو هئس ۽ ناز حيرت سان مون ڏانهن نهارڻ لڳي!

”ڇا مطلب،“ مون چيو:

”ڏس ناز! تون آساني سان سمجهين سگهين ٿي ته جڏهن درياءَ موج ۾ اچي ٿو ته انهن دڙن سان وڃيون ڌڪ هڻي ۽ انهن دڙن جي سڄي واري پاڻ ڏانهن ڇڪيو اچي_ ڏس ته ائين هوريان هوريان هي ڪنڌي ڪيتري نه مٿاهين تي ٿي وئي آهي، ۽ انهيءَ جي مدمقابل ڪوٽڙيءَ جو شهر ڪيترو نه هيٺاهين تي آهي، ۽ تون اهو به چڱي طرح ڄاڻين ٿي ته پاڻي هميشه هيٺاهينءَ تي زور ڀريندو آهي_ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته آخر هيءُ ويچارو معمولي بند، ڪيستائين درياءَ جو منهن موڙيندو رهندو“.

”اوه.... سمجهي ويس_ پوءِ توهان ڪجهه ڪيو ڇو نٿا؟“ مون هڪ ٿڌو ساهه ڀري چيو ”ناز! منهنجو تعقل روڊ سب ڊويزن سان آهي_ دريائن ۽ واهن سان منهنجو ڪو تعلق ڪونهي.“

Text Box: 109

 

”پر انساني زندگين سان ته توهان جو تعلق آهي.“ مون کلي چيو ”تون ته ايرو ڊڄي وئي آهين، ڄڻ تنهنجو گهر به ڪوٽڙيءَ ۾ هجي.“

 

”ڇو نه! آخر ڪوٽڙي ۾ به ته مون جهڙا هزارين جيو رهن ٿا.“ مون کان ٽهڪ نڪري ويو. ناز ڪاوڙجي چيو:

”انهيءَ ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي!“ مون بمشڪل پنهنجي کل تي قابو پاتو، ۽ چيومانس، ”ٽڪي باسيئي؟“.

ناز به شايد منهنجي شرارت سمجهي وئي هئي، چيائين ”ها! ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي؟“

مون چيو ”ڏس ناز! درياءَ جڏهن چڙهندو آهي نه، ته انهن درن جي واري، پاڻ ڏانهن ڇڪي ايندو آهي ۽ وري جڏهن درياءَ لهندو آهي، ته هوا، وري انهيءَ کي اڏائي، انهن دڙن تي اڇلائيندي آهي_ هي دڙا اتي وقادن کان قائم آهن.“

”اوه!..... تون ته ڏاڍو هوشيار آهين.“ اسان ٻئي کلڻ لڳاسين.

”چڱو هاڻ اچ ته تصوير ڪڍان.“ مان پنهنجي مووي ڪيمرا، ڳچيءَ مان لاهي تصوير ڪڍڻ لاءِ، سهڻو منظر جانچڻ لڳس_ مون ٻه ٽي دفعا ڪيمرا کي اک تي لڳائي ڏٺو ۽ پوءِ ناز کي هڪ هند بهاري چيم:

”ٺيڪ اتان ڏاڍي سٺي تصوير ايندي_ کاٻي ٻانهن ٿورو مٿي ڪر ۽ اسٽائيل ۾ هلڻ جو انداز رک. ٺيڪ!“ انهي مهل مون کي ڪيمرا جي فوڪس مان، هڪ ٻيو سايو به پاڻ ڏانهن ايندو نظر آيو_ پر تنهن هوندي به مون تصوير ڇڪي ورتي، ۽ جڏهن ڪيمرا اک تان لاٿم ته، هلڻ جي لوڏ مان سڃاتم ته منهنجو گهرو بي تڪلف دوست، گوهراچي رهيو هو_نه ڄاڻي ڇو، انهيءَ مهل هن جو اتي هئڻ، مون کي ناگوار گذريو. هن پري کان ئي مونکي ڏسي، رڙ ڪئي. ”هلوُ انجنيئر.“ ”هلؤ شاعر.“ مون مسڪرائي، ساڻس هٿ ملايو ۽ سندس تعارف ناز سان ڪرايو.

”ناز! هيءُ آهي منهنجو گهرو دوست ۽ سنڌ جو مايه ناز شاعر مسٽر علي گوهر، ۽ هيءَ آهي توهان جي ڀاڄائي ناز.“

”اوه، توهان سان ملي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي گوهر صاحب.“ ناز، ڏاڍي گرم جوشيءَ سان منهنجي شاعر دوست سان هٿ ملايو_ وري مون ڏانهن نهار يچيائين ”توهان مون کي پهرين ڇو نه ٻڌايو ته، گوهر صاحب توهان جو دوست آهي، نه ته هند مون کي ساڻن ملاقات جو شرف پهرين ئي حاصل ٿي چڪو هجي ها؟“

”سچ پچ توهان سان ملي مان فخر محسوس ڪري رهي آهيان.“ منهنجي زال جي واتان، پنهنجي ساراهه ٻڌي، منهنجي شاعر دوست جو ڪنڌ فخر کان آڪڙجي ويو هو، ۽ مون کي پنهنجي زال تي حيرت لڳي رهي هئي_ هن جو هٿ اڃان تائين شاعر جي هٿ ۾ هو_ حالانڪ مان آزاد خيالنن جو ماڻهو آهيان، پر تنهن هوندي به منهنجي حالت ئي عجيب ٿي رهي هئي.

منهنجي زال، جا بنهين ٿور ڳالهائڪ ۽ سنجيده قسم جي هئي، وري چهچها ڪرڻ لڳي:

”توهان جا گيت جنهن به رسالي ۾ ڏسندي آهيان_ مان اهو ضرور خريد ڪندي آهيان. توهان جا اشعار پڙهي، دل چاهيندي آهي ته، ڪاش مان به ڪا شاعره هجان ها_ مهراڻ جي موجن تي ڪو مڌر گيت ڇيڙيان ها ۽ سدائين قدرت جي حسين مناظرن سان همڪلام رهان ها!“

منهنجو دوست جنهن جا هينئر ٻئي هٿ پينٽ جي کيسن ۾ هئا، چوڻ لڳو:

”توهان جهڙي باذوق خاتون لاءِ شاعري ڪرڻ ڪا مشڪل ڳالهه ته نه آهي. توهان کي رڳو فعولن فعولن فعولن جي جدول ياد ڪرڻي پوندي.

انهيءَ مهل مون کي پنهنجي دوست تي، ڏاڍي ڪاڙ اچي رهي هئي. منهنجي زال کي ٿو شاعري ڪرڻ سيکاري_ وڏو آيو آهي شاعر جو پٽ_ فعولن فعولن جي جدول_ عورتن سان ڳالهائڻ جي تميز به ڪانهيس_ ڇا! هڪ دوست جي زال سان ائين اکيون اکين ۾ وجهي هٿ هٿ ۾ ملائي ڳالهائبو آهي_ گڏهه ڪٿي جو، شاعري ڪرڻ هليو آ پٽ_ وري مون کي ڪاوڙ ته پنهنجي زال تي اچي رهي هئي، جا خواه مخواه سندس مٿان ساراهه جون پليون ٻڌي رهي هئي. هن جي شاعري هئي ڇا، ڪاغذن تي ٻوڙ هاريندو هو.

Text Box: 111

 

”ڊارلنگ! گوهر صاحب جي پهرين ملاقات جي يادگار لاءِ مان ساڻن فوٽو ضرور ڇڪائينديس!“ ”هاها!! ڇو نه،“ منهنجو ته اندر ئي سڙي ويو هو. پر نيٺ اخلاق به ته ڪا شيءِ آهي. مان فوٽو ڪڍڻ لاءِ تيار ٿي ويس. جڏهن تصوير ڇڪڻ لاءِ مون ڪيمرا جي اک مان ڏٺو ته، دل ۾ آيم ته ڪيمرا کڻي درياءَ ۾ اڇلايان، منهنجو ته دماغ چڪر کائي ويو! اف.... منهنجي زال جي بيهڻ جي اسٽائل، ته پاڪستاني ايڪٽريسن کي به مات ڪري ڇڏيو هو. ڪير چوندو ته هيءَ ڪا اُهائي ساڳي ناز هئي، جا برقعي کان سواءِ هڪ قدم به گهر کان ٻاهر نٿي ڪڍي سگهي! دل ۾ آيو ته سٽ ڏئي، سندس هوا ۾ لهرائيندڙ آواره وار پٽي کيس گِهريندو وڃان_ پر اهو فقط مان سوچي گهيس ٿي_ مون کي تصوير ڪڍڻي ئي پئي.

 

جڏهن مون ڪيمرا اک تان لاٿي ته منهنجي زال مون ڏانهن نهاري چيو:

”ڇو پيارا! توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه_ ههڙي ٿڌري هوا ۾ به توهان کي پگهر اچي رهيو آهي!“

مون گهٻرائجي چيو ته ”نه، مان بلڪل ٺيڪ آهيان.“ ۽ جڏهن پيشاني تان هٿ ڦيرايم ته پگهر جا ڪئين سنهڙا سنهڙا قطره، منهنجيءَ آڱرين تان ترڪندا، ڪناري جي چمڪيلي واريءَ ۾ چوهجي ويا.

ٿوري ئي دير ۾ منهنجو شاعر دوست، اسان کان موڪلائي وڃڻ لڳو. ناز به مون کان ڪيمرا وٺي، هٿ سان لوڏيندي ڪار ڏانهن وڃڻ لڳي.

مون کي نه ڄاڻي ڇا ٿي ويو هو. مان ڪجهه دير ڪناري تي بيٺو، هڪ ٽڪ نظرن سان لهرن ۾ نهاري رهيو هئس. هر لهر ڇلڪندي، وٽ کائيندي، ڪناري جي ڀڪ سان ٽڪرائجي، منهنجو منهن چيڙائي ٿي وئي_ مون ڪاوڙ ۾ اچي، ڪناري تان گپ کڻي پاڻي ۾ اڇلائي_ هڪ آواز سان گڏ پڻي ۾ گول دائرو پيدا ٿي ويو. انهيءَ کان پهرين ته اهو گول دائرو تحليل ٿي وڃي، مان ڪار ڏانهن موٽڻ لڳس.

جڏهن مان ڪار جي در وٽ پهتس ته، منهنجون اکيون حيرت کان کلي ويون. منهنجي زال ڪار ۾ برقعو پائي، بٽڻ بند ڪري رهي هئي. هن مون کي ڏسي، هڪ ادا سان برقعي جو پلؤ مٿي ڪري، مون ڏانهن نهاريو_ هن جي شرير نظرن مان، مان سڀ ڪجهه سمجهي ويو هئس.

”اوه! شرير ڪٿي جي_ تو ته منهنجا لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا!“ ”هي... هي... هي...“ هوءَ کلڻ لڳي. پوءِ ته اسان ٻئي اچي کلڻ ۾ ڇٽاسين، ايستاهين جو منهنجو دم گهٽجڻ لڳو هو ۽ ناز به، اونڌي سڌي ٿي رهي هئي.

”ٽڪي باسيئي؟“

”ها“، مون هاڪار ڪئي_ ۽ ناز سنجيده ٿي چوڻ لڳي:

”مشرقي عورت جي سندرتا لاءِ، برقعو سڀ کان قيمتي زيور آهي، هي مارئيءَ جو ديس آهي، ۽ هن جي سونهن لوئيءَ ۾ ئي ساراهي ويئي آهي؛ جيڪڏهن هن جي ڪهاڻي مان لوئي ڪڍي ڇڏجي ته باقي سندس ڪاهڻي ۾ ڇا رهندو.“

مان نٿو چئي سگهان ته، انهيءَ مهل پنهنجي زال جي اڳيان، منهنجون نظرون عقيدت سان جهڪي ويون هيون يا شرم کان. منهنجي زال وري چيو:

”ٽڪي باسيئي؟“ ۽ مون ڪنڌ ڌوڻي، ها ڪئي، ۽ اسان ٻئي پاڻ ۾ نهاري وري کلڻ لڳاسين.

ٻئي ڏينهن دفتر مان واپسيءَ مهل جڏهن مان گهر پهتس ته منهنجي هٿ ۾ ڏهه وال 16000 لٺي جا هئا. هاڻ منهنجي زال گول اڇو برقعو پائيندي آهي_ ۽ هوءَ انهيءَ برقعي ۾ مون کي ڏاڍي پياري لڳندي آهي.

هاڻي ڪنهن به آزاد جوڙي کي ڏسي، منهنجي دل ۾ رشڪ نه پيدا ٿيندو آهي. هاڻ جڏهن به ڪو نوجوان جوڙو منهنجي نظرن اڳيان گذرندو آهي ته، مان دل ئي دل ۾ چوندوآهيان.

”اي منهنجي جيجل مهراڻ جا ٿڃ شريڪ ڀاءُ_ تون زماني جي وهڪري تي چاهي، منهنجي پرڻي تهذيب ۾ڪيتري ڦيرگهير ڇو نه آڻين! چاهي تون منهنجي مارئيءَ ڀيڻ کان سندس لوئي ڇو نه ڇڏائي ڇڏين! پر ياد رک؛ منهنجي پراڻي تهذيب هردم تنهنجو گلو دٻائيندي رهندي، تون هر جاءِ هر هنڌ ڌٻڻ محسوس ڪندين!“

 

 

شائق سنڌي

 

گابڙو

 

”اوئان! اوئان!! اوئان!!!“

”آيس ڙي، آيس. منهنجا گابڙا! تنهنجي ڳئون اجهو ٿي اچي مِڙي، ۽ توکي کير پياري ڍؤ ٿي ڪرائي!“

ماءُ ڏاڍي ٻاٻوهه مان پٽ کي اچي کنيو، ۽ کيس چمي ڏيئي، ڇاتيءَ سان لڳائي، ٿنڃ ڏيڻ لڳس، جا هو ڳٽ ڳٽ ڪري پيئڻ لڳو.ماءُ وري کيس پيار ڪري چوڻ لڳي ”اوهو! منهنجي گابڙي کي ڏاڍي بک لڳي هئي!“

”امان! امان! ڀايڙي کي ”گابڙو“ متان چوندي وڃين!“ ننڍڙي فيروزه، ماءُ کي اهڙيءَ سنجيدگيءَ ۽ تنبيـﮧ مان اها هدايت ڪرڻ لڳي، جو ڄڻ ڪو وڏو سمجهدار ۽ جهانديده مائٽ، پنهنجي برخردار کي سمجهاڻي ڏيندو هجي. ماءُ کلي کيس چيو ”ڇو ڀلا؟ ڀايڙي کي گابڙو ڇو نه چوان؟ ڏسين نٿي ته ڪيئن نه پنهنجي مٺڙي ڳئون جو کير، موج سان پيو ڌائي؟“

”امان! تون سمجهين نٿي.“ فيروزه وري به سنجيدگيءَ ۽ تنبيـﮧ جي انداز ۾ چيو ”امان! جيڪڏهن ڀايڙي کي ”گابڙو“ چوندي رهندئينءَ ته امان وڏي کيس ڪڏهين نه ڪڏهين ڪهائي ڇڏيندي.“

”امان وڏي هن کي ڪهائيندي؟“ ماءُ ٽهڪ ڏيندي چيو، ”هن امان وڏيءَ جو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي جو کيس ڪهائيندي؟“

”گناهه ٻناهه ڪونهي، پر امان وڏيءَ کي جيڪو ”گابڙو“ وڻندو اهي ۽ جنهن کي پيار ڪندي آهي، ان کي ضرور ڪهائيندي آهي!“

”سو ڀلا ڪيئن؟“ ماءُ مرڪندي پڇيو.

ڇوڪريءَ بلڪل سنجيدگيءَ سان معصومانه انداز ۾ چيو، ”امان! ڪلهه ويئي هيس، امان وڏيءَ جي گهر، اتي ڏٺم ته هو جيڪو امان وڏيءَ جو پيارو گابو هو نه، جنهن جي ماءُ کيس به کير ڌارائيندي هئي، ۽ امان وڏيءَ جن کي به پيئڻ لاءِ کير ڏيندي هئي، سو ويڙهي ۾ ٻڌو بيٺو هو. امان وڏيءَ هڪڙو گهرايو هو ملان، ٻيو ڪاسائي؛ پوءِ ڪاسئاي، ڪاتي تکي ڪري ڏني ملان کي، ان انهي ڪاتيءَ مٿي مِن مِن ڪري ڏني امان وڏيءَ کي، انهيءَ وري مٿس ٻي مِن مِن ڪري سندس پٽ جي بت کي ڇهائي، پوءِ وري ڏني ملان کي......“

ماءُ هاڻي ڏاڍيءَ دلچسپيءَ سان هن معصومانه داستان کي ٻڌڻ لڳي ۽ مرڪندي پڇيائين ”ڀلا پوءِ؟“

”پوءِ مان! چاچا ۽ ملان، گڏجي کڻي گابي کي دسيو ۽ ڪاساسءَ ڪاتي کڻي زور سان گابي جي ڪنڌ تي ڦيري، پوءِ ان ڏاڍي زور سان رڙ ڪئي ”امڀان!“

فيروزه، گابي جي رڙ جو نقل اهڙي ته سهڻي نموني ڪيو جو ماڻس کي کل اچي ويئي، ۽ هن پڇيس ”ها، پوءِ ان جي امان سندس سڏ تي اچي ويئي نه؟“

”نه امان! ان جي امان ويئي هئي جهنگ ۾ گاهه چرڻ، هن وري به زور سان ٻيو سڏ ڪيو ”امڀان!“

”پوءِ ڀلا ٻئي سڏ تي ماڻس آئي؟“

”نه امان! هو ڀلا ڪٿان ٿي اچي، جنگن تي پري هو نه. پوءِ امان، گابي جي ڪنڌ مان لَتَ (رت) وهڻ لڳو ۽ گابو ڇڙيون هڻڻ لڳو. ملان، ۽ چاچي کڻي ڇڏيس، هن هڪ دفعو وري به زور سان چيو ”امڀان!“ پوءِ ماٺ ڪري پئجي رهي، ۽ پوءِ امان...... پوءِ امان......“ ائين چئي، فيروزه اوڇنگارون ڏيئي روئي پيئي. ماءُ حيرت مان هن ڏي ڏسي چيو ”ڇو ڀلا، تون ڇو ٿي روئين؟ توکي ته ڪونه ڪٺو هئائون نه؟“

لڙڪ اگهي، پاڻ سنڀالي فيروزه وري چيو ”نه امان آءٌ ته گابڙي ڪانه هيس، پر مون کي روئاڻي هن ڪري ائي، جو اڄ صبح جو آءٌ وري به سندن گهر ويئي هيس. ڳنئون ته پري کان پٽ کي سڏڪندي پئي آئي. اڳي ته گابڙو به سندس سڏن جي جواب ۾ چوندو هو ”امڀان“ پر هينئر گابڙو ڪُهي کئيرات ڪري ڇڏيو هائون سو ڀلا ماءُ کي ڪٿان ٿو سڏ ڏئي! پوءِ امان، ان جي ماءُ ڊوڙندي آئي. امان وڏيءَ سندس اڳيان چاري جي ڪونڊي کڻي رکي، پر ڳئون ڏارو ڪونه کاڌو ۽ سڏ ڪندي ڪندي وڃي اتي بيٺي جتي سندس گابو بيهندو هو.“

اتي فيروزه کي وري به اوڇنگار آئي. ماءُ دلچسپيءَ سان سندس ڳالهه ٻڌي رهي هئي. هن وري به سڏڪو ڀري، اکيون اگهي چيو ”پوءِ امان، ڳنئون اتي اچي گابڙي جي لَتَ (رت) کي سنگهيو ۽ پوءِ وٺي رڙيون ڪرڻ لڳي. پوءِ هن وري به لت پئي سنگهيو ۽ رڙيون پئي ڪيون.“

فيروزه سڏڪو ڀريندي چيو، ”پوءِ امان، آءٌ ته وٺي ڀڳيس. ان ڪري ته توکي چوان ٿي نه، ته ڀايڙي کي گابڙو نه چوند يڪر، نه ته امان وڏي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن هن کي به ڪُهرائي ڇڏيندي.“

اتي ڇوڪري کير پي ورتو هو. ماءُ کيس ڀاڪر پائي چمي ڏيئي چيو ”ڪير منهنجي مٺڙي جو نالو وٺي!“ ۽ کيس کڻي پينگهي ڏي وڃڻ لڳي ته اوچتو هڪ ٽهڪ جو آواز آيو. خديجه ڇرڪ ڀري اوڏانهن نهاريو ته سندس ڀاءُ قاسم اچي رهيو هو.هن وري ٻيو ٽهڪ به ڏيئي چيو ”بي اوني متان رهين! تنهنجي ديندار نڻان مان اهو به انديشو آهي جو ڪڏهين ڀاڻس کي اها به صلاح ڏيندي ويرم ڪانه ڪندي ته جيئن حضرت ابراهيم عليه السلام سندس پٽ کي ٿي ڪٺو، تيئن تون به الله جي راهه ۾ ڪراچيءَ واري حڪيم وانگر پنهنجي پٽ کي ڪُهي ڇڏ.“

”ادا! تون ته هميشه ويچاريءَ اديءَ جي ديني ڪمن تان ٽوڪون ڪندو رهندو آهين. ڀلا سندس پيارو پٽ موت جهڙيءَ آپريشن جي منهن مان نڪري آيو، تڏهن هوءَ خيرات به نه ڪري ڇا؟“

قاسم کٽ تي وهندي سنجيدگيءَ سان چيو ”پٽ جي بچڻ جي خوشيءَ ۾ ٻيءَ گگدام ماءُ جو پٽ ڪُهڻ به ڪا صحيح خيرات آهي؟ آءٌ هاڻي پيو سندن گهران اچان، وڃي ڏس ته سهي ته اتي ڪهڙو نظارو آهي؟“

”ڪهڙو نظارو آهي ڀلا!“ فيروزه پڇيو.

Text Box: 119

 

سندس ٻانهن کان وٺي کيس سندس نڻان جي گهر ڏي گهليندي، قاسم چيو ته ”اهو نظارو ٻڌائڻ لائق نه، بلڪ ڏسڻ لائق آهي.“

 

خديجه حيرانيءَ مان ساڻس گڏ هلڻ لڳي. گهر ويجهو هو. اتي وڃي ڏسي ته گابي جي کلل کي ڪاٺين جي بوتي تي چڙهائي ڳنئون اڳيان رکيو ويو آهي، هوءَ ويچاري بي زبان، کيس چٽي رهي آهي، ۽ ديندار نڻان کيس هٿ ڦيري رهي آهي ۽ سندس مڙس کير ڪڍي رهيو آهي.

هيءُ نظارو ڏسي خديجه کي به اکين ۾ پاڻي اچي ويو. هن وڌي انهيءَ مظلوم ماءُ جي منهن تي هٿ ڦيريا، جنهن کي يپار ڪرڻ لاءِ هاڻي صرف ٻچڙي جي کل وڃي بچي هئي.

هيءُ ڏسي نڻان محسوس ڪيو ته اڄ ضرور سندس ڀاڄائيءَ کي هن جو ڀاءُ گمراهه ڪرڻ خاطر، ڪو نئون حربو هلائي آيوآهي، تنهن ٻانهن وڌائي ڳنئون کي ڀاڪر پائيندي چيو ”غم نه ڪر! تنهنجو ٻچڙو الله پاڪ جي راهه ۾ قربان ٿيو آهي، ڪو آڪارت ڪونه ويو اهي.“

قاسم مرڪندي چيو ”الله جي راهه ۾ يا ملان جي راهه ۾!“

”تون ته آهين دهريو، توکي ڀلا دين جي اسرارن جي ڪهڙي خبر؟“

”ڇو نه خبر اٿم؟“ قاسم ٽهڪ ڏيندي چيو ”اهي ”مالڪيا“ مون توکان وڌيڪ پڙهيا آهن، مائي صاحب! مون کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته اهو الله سائين جو ارشاد آهي ته اوهين تيستائين سچا نيڪ هرگز بنجي نٿا سگهو، جيستائين ڪ پنهنجي پياري چيز نه خيرات ڪريو.“

”پوءِ مون جو پنهنجي پٽڙي جي صحت جي خوشيءَ ۾ ههڙو پيارو، سٺو ۽ متارو گابو الله جي راهه ۾ خيرات ڪيو، اهو ڪو برو ڪم ڪيو اٿم جو تون ڀاڄائيءَ کي دين کان کارڻ خاطر هتي وٺي آيو آهين؟“

ديندار مائيءَ جو ديني جوش وچان اهو جملو ٻڌي قاسم ٽهڪ ڏيئي چيو ”ڇا، خيرات صرف ڪنهن ابهم جي گلي تي ڪاتي ڦيرڻ سان ئي ٿي سگهي ٿي؟ تو بيشڪ، پياري چيز الله جي راهه ۾ ڏيئي نهايت چڱو ڪم ڪيو، پر جيڪڏهن انهيءَ گابي کي ڪهڻ ۽ سندس گگدام ماءُ کي غم جي درياءُ ۾ ٻوڙڻ بدران اهو سلامت ئي ڪنهن غريب هاريءَ کي خيرات ڪري ڏين ها، ته هو کيس پالي وڏو ڪري، هر ۾ وهائي ان سان ٻچن جو قوت نه ڪڍي ها؟“

قاسم جا جوشيلا دليل ٻڌي، ديندار مائيءَ جي ديني حميت تي به هڪ ڌڪ لڳو ۽ هن سنجيدي ٿي چيو ”پر مولوي صاحب ته چيو ٿي ته ٻارڙي خاطر صحيح خيرات آهي ڪنهن پياري جانور جو رت وهائڻ.“

”تڏهن ته چوان ٿو ته ڀيڻ، اهو گابو الله جي راهه ۾ نه، پر ملان جي راهه ۾ ڪُساڻوآهي. قرآن شريف خيرات لاءِ ضرور حڪم ڏئي ٿو، پر انهيءَ خيرات جي معنيٰ ڪا هروڀرو ڪُهڻ ڪانه آهي، اها ته آهي ملان صاحب جي فرمايل معنيٰ ته انهيءَ ڍور جي ڪهڻ سبب کيس چڱو خاصو گوشت ۽ ميڄالو ملي پوندو، پر ڇا تون سمجهين ٿي ته الله پاڪ به تنهنجي هن ڪم تان خوش ٿيو هوندو؟ ڇا تنهنجو مڙس به جيڪڏهن تنهنجي انهيءَ پٽ کي الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ خاطر کيس اهڙي تعليم ۽ تربيت ڏياري، جو هو وڏو ٿي انهيءَ نيڪ راهه ۾ سر جي سودي تائين هر طرح جي جدوجهد ڪندو رهي، ته اهو چڱو يا توکان لڪائي وڃي جهنگ ۾ ڪهي ڇڏي ته اهو چڱو؟“

Text Box: 121

 

مائيءَ يڪدم ڳنئون کي ڇڏي پنهنجي پٽڙي کي ڀاڪر پائي چميون ڏيئي چيو ته ”خدا نه ڪري جو منهنجي پٽڙي کي ڪو ڪوسو واءُ به لڳي.“

 

پوءِ اوچتو پٽ کي ڇڏي ڳنئون جي ڪڌ ۾ ڳراٽڙي پائي کيس چمي ڏيئي چوڻ لڳي ”ادي! مون بيشڪ توسان ظلم ڪيو آهي، پر اهو ظلم ڪرڻ جي بانيڪارڻ آءٌ نه آهيان، مگر اهي چالاڪ شخص آهن، جي جيري خاطر ٻڪري ڪهائڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه سمجهندا آهن. هاڻي تون يقين رک ته اڄ کان منهنجون به اکيون کليون آهن ۽ کانئن انهن ظلمن جو انتقام انهيءَ طرح وٺنديس جو کين پنهنجي ڇا، پر پنهنجي عزيزن ۽ ساهيڙين جي چانئٺ به اورانگهڻ ڪانه ڏينديس.“

”شڪر ٿيو، شڪر!“ مائيءَ جي مڙس ٽهڪ ڏيئي چيو ”ميان! مرشدن جي وڪڙ کان ڇٽاسون ته وڃي مُلن وٽ ڦاٿاسون، ڄڻ ته آسمان مان ڪرياسون ۽ ڪونڀٽ ۾ اٽڪياسون؛ مرشد ته سال ۾ هڪ دفعو ايندا هئا، پر هنن ملان صاحبن جو رينگٽ ٻارهن ئي مهينا پيو هلندو هو. بس، نڪاح کان شروعات ڪن ۽ چاليهي تي وڃي دم پٽين. انهيءَ ۾ هرڪنهن ننڍيءَ خواهه وڏيءَ ڳالهه تي هنن جو قبضو، ڪا ذرڙي چيز به هنن جي پڇڻ کان سواءِ ڪري نه سگهجي، نه چُري سگهجي نه ڦري سگهجي.“

مائيءَ وري ٽهڪ ڏيئي چيو ”اهي مئا چاليهي تي به رڳو ساهي کڻندا آهن، پوءِ وري نئين سر هلڻ شروع ڪندا آهن، چي: اڄ مئل مون کي خواب ۾ هنن چيو، اڄ هيءَ فرمائش ڪيائين، اڄ ڪپڙ ۾ اٻالو هو، اڄ وار اڻڀا هوس، اڄ چهر لاءِ چريو هو، انهي کان سواءِ ٻاراهي جو ختمو ته ٺهيو رکيو آهي.“

مڙس به ٽهڪ ۾ ٽهڪ ملائنيدي چيو ”هاڻي ڏسو، پاڻ ته ميڄالو وٺي وڃي گهر سکيا ٿيا ۽ اسين هتي غريب ڳنئون سان هن طرح پيا جنڊ ڪڍون، ۽ هوڏانهن اسان جو ڇوڪرو، جنهن جي صدقي ۾ ويچارو گابو ڪٺوسون، سو به گابي کي ياد ڪري پيو روئي رڙي. ڀلا، سندس هٿن جو نيپاج هو نه!“

مائيءَ نهايت سنجيدگيءَ مان ڳنئون کي ڳراٽڙي پائي قاسم کي چيو ”ادا! تنهنجي مهرباني جو اسان جون اکيون کوليئه، هاڻي اسان جي گهر ۾ ڪڏهن به نڪي گگدام گابڙا ڪسندا، نڪي مظلوم مائرون لڙڪ لوڙهينديون.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com