سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1962ع (3)

 

صفحو :10

 

ڪريم بخش چنه

 

حقائق اشياءِ

 

آسمان ۾ بيشمار تارن جو ٽمڪڻ، سج ۽ چنڊ، زحل ۽ زهره، مشتري ۽ مريخ ۽ ٻين هزارن سيارن جو اڀرڻ ۽ لهڻ. هوائن ۾ بادلن جو ڊڪڻ ۽ ڊوڙڻ، گجڻ ۽ گوڙ ڪرڻ، وڄن جا چمڪاٽ ڪرائڻ ۽ بارش وسائڻ. اٿاهه سمنڊن جو مقرر وقتن تي موجون هڻڻ ۽ وري موٽڻ. انڊلٺ جو پنهنجي هفت رنگي پل سان اکين کي مسحور ڪرڻ. صبح ۽ شام جو پنهنجي تتر رنگي ڪڪرين سان دلين کي موهڻ. بلند پهاڙن جو برف سان ڇانئجڻ ۽ منجهائڻ، بي انداز ندين جو ريلا ڏيئي لکها ميلن ۾ خدا جي خشڪ زمين کي آباد ڪرڻ. موسمن جي ڦيگهير، موافق فصلن، گاهن، ڦرن، ڦلن ۽ ميون جو اڀرڻ، پچڻ ۽ سڪي وڃڻ. گجگاهه ٻيلن ۾ بي انداز نباتات جو اڀرڻ، ڦرجڻ ۽ وري ناس ٿين. پاڻي ۽ خشڪيءَ تي خدا جي بي انداز ۽ مختلف قسمن جي مخلوق جو اسرڻ، ڦهلجڻ ۽ وري نابود ٿيڻ، ۽ انهن سڀني جي وچ ۾ حضرت انسان جي پنهنجن مختلف قبيلن، قومن، رنگن، جسمن، ڌنڌن، هنرن، مذهبن، عقيدن ۽ معاشرن سميت دنيا ۾ ڪامراني ڪرن، محبت ۽ عشق جا داستان رچائڻ، باهمي جنگ ۽ جدال جا دنگل لڳائڻ. اهي ۽ ٻيا هزارين قدرتي لقاءَ پسندي، هڪ حساس انسان جي دل ۾ ڪيترن قسمن جا سوال پيدا ٿين ٿا ته آيا هيءُ ڪائنات جو مانڊاڻ جيڪو منڊيو ويو آهي، تنهن کي ڪا انتها آهي يا نه، جيڪڏهن نه ته ڪيستائين؛ ۽ ان جو خلقيندڙ ڪير آهي، ان اُپائڻهار جي ماهيت ڇا آهي، ان جي قدرت، طاقت ۽ توفيق ڇا آهي، هيءَ ڪائنات ڇاجي لاءِ ۽ ڇا مان پيد اڪئي اٿس، هن قدرت جي جنسار ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون غيبي طاقتون ۽ پوشيده قوتون سمايل آهن. سج، چنڊ ۽ سيارا ڪهڙيون طاقتون آهن ۽ انهن ۾ ايڏي جوت ڪٿان آئي، انهن کي اهو تحرڪ، اها بي پانهه مقناطيسي قوت ڪنهن ڏني ۽ دلپذير فلڪ نيلگون ۾، هن من موهيندڙ ۽ اکڙين کي خيره ڪندڙ آسماني ڇت ۾ ڪيترا ڪروڙ تارا آهن. انهن جا محور ۽ مدار گهيرائي قطر ڪيتري مفاصلي ۾ پکڙيل آهن. اهي هڪٻئي کان ۽ اسان جي ڌرتيءَ کان ڪيترو پري آهن، انهن مان ڪيترا گره، ۽ سيار ۽ پڇڙ آهن، اهي ڪهڙي طاقت تي بيٺل آهن. سمنڊن ۾ اها وسعت، اهو طلاطم، اها نيراڻ ڪنهن پيدا ڪئي. بادلن کي اها گهرج ڪنهن ڏني، هوائن ۾ اهو شور ڪنهن آندو. زمين ۾ ان جي اندر ۽ ان جي مٿان جملي ڪيتري مخلوق آهي، انهن مان هر هڪ جا قسم ۽ قدر، رنگ ۽ روپ، نفعا ۽ نقصان خصائل ۽ شمائل، عادات ۽ اطوار ڪهڙا ڪهڙا آهن، انهن جي نسرڻ ۽ ناس ٿيڻ جا ڪهڙا ڪهڙا وسيلا آهن. جاندار زندگيءَ جي هن ڄمڻ ۽ مرڻ، وڌڻ ۽ ويجهڻ ۽ وري ناس ٿيڻ، يا هيئت بدلائڻ ۾ صانع اڪبر جو ڪهڙو مقصد آهي؛ زندگي کي نمود ۽ نمائش، تحريڪ ۽ ارادي جي جنبش ڪٿان حاصل ٿي. هن ساري خلقت ۾ انسان جي حيثيت ڇا آهي، هن جو زمين جي نباتات، حيوانات ۽جمادات سان ڪيترو ۽ ڪهڙو لاڳاپو آهي. ڪائنات جي غيبي قوت سان هن جو ڪهڙو واسطو رابطو آهي، ذهن جي هيءَ باريڪ ۽ اٿاهه دنيا جيڪا هن جي کوپڙيءَ جي نازڪ پردن ۾ سمايل آهي، ان کي ايتري قوت ڪٿان حاصل ٿي! هن ۾ اهو شعور ۽ ادرڪا، فڪر ۽ فهم، حظه ۽ حافظو، خومن ۽ خيال جو مادو ڪٿان آيو، انساني دنيا ۾ هي جيڪي فلسفي جا طريقا، مذهب جا قسم، شعر جا داستان، ادب جا ذخيرا، حڪومت جا نمنا ۽ تهذيب جا انواع ۽ معاشره جا اختلاف آهن، سي ڪيڙن اصولن تي ٻڌل آهن. انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جا مستقل اقتدار، گنڀير مقاصد ۽ روشن حقائق ڪهڙا آهن ۽ انهن کي ڪهڙيءَ طرح پرجهي ۽ پروڙي سگهجي ٿو. اهي ۽ ٻيا هزارين سوال، هڪ صحيح ۽ سلام دماغ واري انسان کي هر وقت جواب لاءِ للڪاريندا رهن ٿا ۽ انهن جي جواب جي جستجو ۾ هو هميشه حيران ۽ سرگردان رهي ٿو. ايستائين جو نيٺ هن جي حياتيءَ جو ماڻ ڀرجي اچي ٿو ۽ هو ارمانن جو ڀنڊار سيني ۾ سانڍي، قبر ۾ جاگزينٿئي ٿو. هاڻي سوال آهي ته انهن مٿين ۽ ٻين هزارن سوالن جي جواب لاءِ، انسان کي ڪيتري سمجهه ۽ سونجهه، درڪ ۽ دانش. فهم ۽ فرست عطا ٿيل آهي جو هو نه فقط انهن جا جواب باصواب ڳولي ڪڍي، پر انهن مليل جوابن موافق، هو پنهنجيءَ زندگيءَ کي اهڙي سانچي ۾ هلائي جو هن ارضوي عالم جي ڪابه چيز، هن جي قبضهء تسخير کان ٻاهر وڇي نه سگهي. فلاح ۽ فوز، ڪاميابي ۽ ڪامراني هر وقت هن جا قدم چمندي رهي ۽ غالباً اهائي سندن دل جي استفهامي ڪيفيت هئي، جنهن حضرت سرور ڪائنات جن کي وري وري هن دعا گهرڻ تي آماده ڪيو ته ”رب ارني الاشياءَ کماهِيَ“ (اي منهنجا پالڻهار مون کي پنهنجيءَ قدرت جون شيون پنهنجن اصلي حقيقتن ۾ ڏيکار). ڇو ته اهو ظاهر آهي ته اسان جو مشاهدو محدود ۽ فريب کاڌل آهي، اسان جو ٻڌڻ، ڇهڻ سنگهڻ ۽ چکڻ جون شڪتيون، ڪائنات جي وسعت جي ڀيٽ ۾ بيحد نستيون، نڪميون ۽ معذور ثابت ٿيون آهن ۽ اسان جو علم حقيقت جي بلڪل ٿوريءَ اونهائيءَ تائين پهچي سگهيو آهي. ڪائنات جو تمام گهڻو حصو انسان جي مشاهده، مطالع ۽ تجربه کان اڃا دور آهي. اڻڄائيءَ جي اٿاهه ۽ سياهه پردي مان انساني علم جو ڏيو ڪهڙو نه جهڪو ٽمڪي رهيو آهي، تنهن جي حقيقت ڪندي سر اَئزڪ نيوٽن، انگلنڊ جي مشهور معروف رياضيدان، مُنجِم ۽ فيلسوف هڪ دفعي چيو ته دنيا منهنجي علم بابت الائي ڇا ٿي سمجهي، ليڪن آءٌ ته فقط ٻارن وانگر سمنڊ جي ڪناري تي پيل پٿرين ۽ ڪوڏين سان راند کيڏي رهيو آهيان، پر حقيقت جو اٿاهه سمنڊ منهنجيءَ پروڙ کان ٻاهر آهي. قرآن شريف ۾ خدائي قدرت جي بي پناهه وسعت جو ذڪر ڪندي الله پاڪ فرمائي ٿو ته، تنهنجي رب ڪارساز جي قدرت جا تفصيل تحرير ۾ آڻڻ جي لاءِ، جيڪڏهن دنيا جا سمورا سمنڊ مس ٿي پون، ۽ سمورا وڻ قلم ٿي پون، سموريون زمينون ۽ آسمان ڪاغذ ٿي پون، تڏهن به تنهنجي اُپائڻهار جي قدرت جا تفصيل پوري طرح تحرير ۾ آڻي نٿا سگهن، اگرچ اهڙي قسم جا ٻيا به اسباب آڻي موجود ڪن. موجود زماني ۾ بعيد ترين، آسماني جسمن ۽ باريڪ ترين شين جي مشاهده جي لاءِ جيڪي عظيم الشان دوربينيون، باريڪ خوردبينيون ايجاد ڪيون ويون آهن، انهن جي حيرت انگيز انڪشافات کي ڏسي انسان جو عقل دنگ رهجيو وڃي ۽ بي اختيار زبان مان هي اکر اچارڻ جي لاءِ مجبرو ٿيو وڃي ته بي انت، تنهنجي قدرت يا ڪارساز مولا مثال طور ڪير اعتبار ڪندو ته سج ۾ به چنڊ وانگر اونداها ٽڪر آهن ۽ اهي اونداها ٽڪر وقت بوقت پنهنجي جاءِ ۽ پنهنجي شڪل بدلائنيدا رهن ٿا. هن مان ثابت ٿئي ٿو ته سج هڪ بخار يا ٻاڦ جهڙو جسم آهي جو فلڪ ۾ ”کُل في فَلڪَ يَسبحُون“ (۽ سڀ فلڪ ۾ تري رهيا آهن) جي آيت جي مصداق بي انداز رفتار سان ڦري رهيو آهي. هونءَ به سج ۾ ايتري ته بي انداز گرمي آهي جو اهو ڪنهن به صورت ۾ نهرو يا پٽڙو رهي نٿوس گهي. هن طرف وري سندس مرڪز جي مقناطيسي ڪشش جي ڪري سندس اجزاءَ فلڪ ۾ ڇلجي اچڻ کان محفوظ ٿيو بيٺا آهن. هڪ دفعو ۽ فقط هڪ دفعو، جيتري قدر انساني علم جي پهچ ٿي سگهي آهي، سج جا اهي بخاري اجزاءَ، پنهنجي مادري جسم کان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ٿيا، جڏهن هڪڙو وڏو ۽ عظيم الشان آسماني جسم اسان جي حڪم سان فلڪ جي اٿاهه سمنڊ ۾ ٽلڪندو ٽلڪندو سج جي ڀرسان اچي لنگهيو، جنهن جي ڪري سج جي بخاري جسم ۾ مقناطيسي ڪشس جي ڪري بي انداز لهريون پيدا ٿي پيون. جهڙيءَ طرح اماس ۽ پورنماسيءَ تي چنڊ جي سامهون اچڻ ڪري_ جي سمنڊ ۾ وڏيون لهروين پيدا ٿينديون آهن، ۽ سج هي بخاري جسم جا وڏا وڏا حصا بوندن جي صورت ۾ فلڪ جي ٿڌي ايٿر واري سمنڊ ۾ اچي پيا، جتي ڪروڙن ورهين کان پنهنجي گرمي وڃائي نهري صورت وٺي زمين، مشتري، زهره، عطارد_ مريخ ۽ ٻين جسمن جي نالن سان پنهنجن محورن جي چوڌاري ۽ سج جي چوڌاري ڦري رهيا آهن. ڪئليفورنيا (آمريڪا) وسلن جبلن تي جيڪا طاقتور دوربيني رکيل آهي تنهن، هڪ اهڙي آسماني جسم جو عڪس ڪڍيو آهي جو سج کان ايترو ته دور آهي جو اسان جي هڪ زميني عالم جا جڏهن ٻه هزار ورهيه پورا ٿين ٿا تڏهن مس مس سج جي روشني وڃي هن تائين پهچي ٿي. هاڻي جيڪڏهن سج جي روشنيءَ جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ ڏهه لک ميل آهي ۽ اها اسان جي ڌرتيءَ تائين پهچڻ ۾ فقط ڏهه سيڪنڊ وٺي ٿي ته پوءِ اهو آسماني جسم، سج کان ڪيترو مفاصلو پري هوندو، جنهن تائين سج جي روشنيءَ کي پهچڻ ۾ اسان جي ارضوي علام جا ٻه هزار سال لڳي وڃن ٿا.

”ربنا خَلقتَ هذاباطلاً سبحانڪ ففنا عَذاب اَلنار“ (آل عمران) (اي رب: هي تو سڀ اجايو ڪونه خلقيو آهي. تون ئي پاڪ ذات آهين ۽ اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ) هن طرف وري الله جي_ مخلوق جو اهيو عالم آهي جو خوردبينيءَ جي وسليي اهڙا جيوڙا يا جراثيم ڏنا ويا آهن جي هڪ انچ جي دائري ۾ ڇويهن هزارن جي انداز ۾ سمائجي سگهن ٿا. هي اهي جراثيم آهن جن جو اخراج ۽ ادخال اسان جي هرڪنهن ساهه کڻڻ ۾ ٿئي ٿو جي اسان جي ڪن بيمارين جي ڏيڻ ۽ ڪن بيمارين کان ڇٽائڻ جو باعث بنجن ٿا.

موجوده عليم ايجادات جي انڪشافات جي ڪري، ڪائنات جا اُهي اسرار ۽ عجائب ظاهر ٿيا آهن جي هوند ڪڏهن به ڪنهن جي مشاهده يا ويسداهه ۾ اچي نه سگهن.

هاڻي سوال ٿو اٿي ته آيا؟ ڪائنات جي حد فقط ايستائين آهي جيستائين اسان جا علمي آلات پهچي سگهن ٿا يا ان جي پريان به ٻي ڪا ڪائنات آهي، جنهن کي ڪابه حد، ڪوبه ڇيڙو يا سنڌو ڪونه آهي؛ ۽ جيڪڏهن واقعي ڪائانت اهڙي لامحدود آهي، جهڙي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته پوءِ آهي به يا اهڙو ڪو ذريعه آهي؟ جنهن جي بدولت ان جي پوري پروڙ پئجي سگهي.

علم حاصل ڪرڻ جا جيڪي ظاهري ذريعا آهن تن مان گهڻا نڪما ۽ گهڻو ڪري سڀ محدود ثابت ٿيا آهن. هاڻي اچو ته ڏسون ته انساني وجود جي اندر اهڙو ڪو ذريعو يا وسيلو آهي جيڪو ”حقائق اشياءَ“ کي سمجهڻ کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ ۾ اسان جي مدد ڪري سگهي!

هن ڳالهه جي صفائي امام غزالي (رحمت الله عليـﮧ) پنهنجي مشهور معروف ڪتاب ”المنقذ من الضلال“ ۾ چڱي طرح سان ڪئي آهي.

علم جي حصول لاءِ، ظاهري علمن اسبابن جي نڪمائي ثابت ڪرڻ کان پوءِ، هو صاحب انساني دل جي درسينيءَ کي ئي ڪائنات جي حقيقت پروڙڻ جو آخرين ذريعو ٻڌائي ٿو. هيءُ اهو ذريعو آهي جنهن کي تصوف جي زبان ۾ ڪشف، تجلي يا مشاهده چيو وڃي ٿو، ۽ شرعي لغت ۾ ان کي الهام يا القاءُ چيو وڃي ٿو. مشاهده ۽ ڪشف جي حالت ۾ انساني ادراڪ ۾ اها عالمگير وسعت پيدا ٿئي ٿي، ۽ زمين ۽ آسمانن جا اهي اهي اسرار هن جي دل تي روشن ٿين ٿا جي هوند ڪنهن رواجي بصيرت واري شخص کي هرگز سمجهه ۾ اچي نه سگهن. جهڙيءَ طرح ستارن سان ڀريل پورو آسمان، انساني اک جي ننڍڙي تاري تي مُنعڪس ٿي وڃي ٿو؛ اهڙي طرح ڪائنات جا پورا حقائق هڪ سالڪ جي دل تي روشن ٿي وڃن ٿا ۽ هو عجائبات عالم، ۽ معمات فطرت بابت اهي اهي راز ٻڌائي ٿو، جي سائنسدانن کي لکها دوربينين ۽ ڪروڙها خوردبينين سان به حاصل ٿي نٿا سگهن. سياڻن بيشڪ سچ چيو آهي ته ’هڪ پاڪ ۽ صاف دل فطرت جو آئينو آهي‘، ڪائنات جي حقيقتن کي پسڻ ۽ پروڙن جي لاءِ جنهن قسم جي اک جي ضرورت آهي، تنهن جو ذڪر ڪندي شاه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه فرمائي ٿو:

”سا ڪا ڪاني پاءِ، ونن ۾ وصال جي،

دوبينائي دور ڪري معرفت ملهاءِ،

سُپيريان جي سونهن ۾ رخنو ڪونه رهاءِ،

اک اشهد جي چاءِ، ته مشاهدو ماڻيين.

                                          (شاهه)

انسان جي جڏهن اها اک، اشهد ٿئي ٿي تڏهن هو ڏسي ٿو ته هيءَ دنيا پنهنجي هيڏيءَ حيرت انگيز وسعت جي باوجود ڪجهه به ڪانه آهي. مومل واري ڪاڪ جو مانڊاڻ آهي، جنهن کي ڪابه حقيقت ڪوبه ثُبات ڪونه آهي، ۽ اها محض مايا آهي، فريب ۽ دوکو آهي. رڃ آهي، جنهن کي اڃيو ماڻهو پاڻي سمجهي ٿو، پر جڏهن ان جي ويجهو اچي ٿو تڏهن هو پروڙي ٿو ته اها ڪجهه به ڪانه آهي؛ جيئن ته اها نه آهي، تنهنڪري ان کي ڪابه حد ڪانه آهي. ڇو ته نيستيءَ کي ڪابه حد ڪانه ٿيندي آهي. هيءَ دنيا بذاتِ خود ڪا حقيقت ڪانه آهي، پر اصل حقيقت جا اسان جي فهم ۽ ادراڪ کان لڪل آهي، تنهن جو عڪس آهي يا ان جو ٻاهريون جامو آهي. انهيءَ صورت ۾ هيءَ ڪائنات انساني وجود سان گهڻي مشابهت رکي ٿي، جهڙي طرح هيءُ قَفَس عنصري، هيءُ ظاهري جسم انساني روح جي لاءِ هڪ قسم جي سواريءَ هنود ۽ تجلي آرائيءَ جو ڪم ڏئي ٿو، پر بذاتِ خود حادث، فاني ۽ متبدل آهي. اهڙيءَ طرح، هيءُ ڪائنات جو مانڊاڻ به هڪ مخفي حقيقت جو عڪس يا جامو آهي، جنهن جي لاءِ حضرت ابن الفارض مصري هيٺينءَ طرح فرمايو آهي.

’وَ ڪُل الذي شاهد تـَـﮧ فقلُ واحدِ بمنفرد ولا کنـﮧ بالحجبِ آکنـﮧ‘ (هيءُ جيڪي تو ڏٺو سو سڀ هڪڙي (خدا) جو ڪم آهي جو اڪيلو آهي، پر پردن اندر مخفي آهي.) انسان جي حقيقي وجود يعني روح يا شعور کي جيڪا گهري ۽ گهاٽي مشابهت وجود حقيقي سان آهي، تنهن جو اندازو لڳائيندي فيلسوفن انسان کي ڪائنات casmas جو نچوڙ يا اختيار يعني micro- casmas قرار ڏنو آهي.

مولانا رومي ته، انسان کي ئي اصلي حقيقت يا جوهر سڏيو آهي ۽ باقي ڪائنات کي عرض يا حادث چيو اٿس. جيئن ته فرمايو اٿس:

جوهر است انسان وَ چرخ اورا عرض،

جملهء فروع و سايه اند و او غرض.

۽ وري ٻئي هنڌ فرمايو اٿس:

قالب از ما هست شد ني ما از و.

مٿين حقيقت کي ڊاڪٽر سر محمد اقبال مرحوم هيٺينءَ طرح ذڪر ڪرڻ فرمايو آهي.

”تيري آگ اس خاڪدان سي نهين،

جهان تجهه سي هي، تو، جهان سي نهين“.

حقيقت ازليءَ، پنهنجي جلوه آرائيءَ نمو ۽ نمائش جي لاءِ جا شڪلين، رنگن، روپن ۽ جسمن جي ڪثرت اختيار ڪئي آهي سا شل ڪنهن کي نه ڀنڀلائي. وحدت ۽ ڪثرت جي منجهيل مسئلي کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ هيٺينءَ طرح پنهنجي رساله ۾ بيان فرمايو آهي.

1- وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،

حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي نه ڀُل،

هو هلا چو هل، بالله سندو سڄڻين،

2- پاڻ ئي جل جلالـﮧ پاڻ ئي جان جمال،

پاڻ ئي صورت پرينءَ جي پاڻ ئي حسن ڪمال،

پاڻ ئي پير مريد ٿئي پاڻ ئي پاڻ خيال،

سڀ سِيوئي حال، منجهانس ئي معلوم ٿئي.

3- ڪوڙين ڪاياؤن تنهنجون لکن لک هزار،

جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌاروڌار،

پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.

                                          (شاهه)

ڪائنات جي هن سلسلئه ڪون و مڪان ۾ چار شيون نمايان ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، يعين روح، مادو، مفاصلو ۽ وقت. هاڻي اچو ته هرهڪ جي ماهيت تي ٿورو غور ڪريون. روح، حقيقت ازليءَ جي اها قوت آهي_ پوءِ اها جلوئي آرائي گلاب جي نازڪ پنکڙين ۾ هجي يا سرءُ ۽ شمشاد جي اتانهين قدن ۾ هجي يا هرڻ جي شيرين اکين ۾ هجي يا شينهن جي ڏهڪائيندڙ گجگوڙ ۾ هجي، مادو: حقيقت ازليءَ جو ٻاهريون جامو يا عڪس آهي جو مختلف رنگ، روپ، جسم ۽ شڪليون وٺي هن جي جلوه آرائيءَ ۾، هن جي مدد ڪري ٿو. جيئن ته اهو متبدل ۽ حادث آهي، تنهنڪري هو رحليت کان خالي آهي. هن عالم ماد جو ذڪر ڪندي علامه محمد اقبال فرمايو آهي.

يه عالم بتخانهء شش جهات

اسي مين تيري شاهي هي به سوءِ منات.

هن بيت ۾ ضميرُ ’اسي مين‘ مان معنيٰ مراد، حقيقت ازلي يا روح يا خودي به آهي، جنهن پنهنجي جلوه آرائي لاءِ مادي جي سڪل ورتي آهي. زمان ۽ مڪان ٻئي نسبتي شيون آهن جن کي ان نسبت کان الڳ ڪابه حيثيت ڪانه آهي. جيئن ته اڄوڪو ڏينهن ڪالهه جي ڀيٽ ۾ سڀاڻي آهي، پر سڀاڻي جي ڀيٽ ۾ ”ڪالهه“ آهي. ساڳيءَ طرح ’الف‘ شهر ’ب‘ جي مقابلي ۾ ويجهو پر ’ث‘ جي مقابلي ۾ ڏور آهي، ۽ جنهن شيءِ کي نسبت آهي سا ڪڏهن به حقيقت تي مبني ٿي ڪانه ٿي سگهي. تنهن کان سواءِ اسان جا زمان ۽ مان سڀ سج ۽ ان سان متعلق رکندڙ اجرام فلڪيءَ سان لاڳاپو رکن ٿا ج خود حقيقت ازلي جي ڀيٽ ۾ حادث ۽ معروف آهن.

مٿينءَ حقيقت کي ڊاڪٽر سر محمد اقبال هيٺينءَ طرح بيان فرمايو آهي:

پڙهي جا يه ڪوهه گران توڙ ڪر،

طلسمهء زمان و مڪان توڙ ڪر.

مٿينءَ تصريح مان ظاهر ٿيو ته ڪائنات جي چئن مکيه عناصر مان روح ئي هڪ شيءِ آهي جنهن کي ڪجهه حقيقت آهڪي، باقي ٻيون ٽي شيون يعني مادو، وقت ۽ مڪان محض اعراض يا حوادث آهن. جن کي بذات خود ڪابه حقيقت ڪانه آهي، روح ڇا آهي، هيءُ اها شيءِ آهي جنهن لاءِ قرآن شريف ۾ فرمايل آهي: ”وما اوتيڪم مِن العلم اِلا قليلا“ يعني ته روح بابت اوهان کي بلڪل ٿورو علم ڏنو ويو آهي. انسان جو علم جيڪو زمان ۽ مان سان وابسته آهي ۽ جيڪو مادي جي مظهر کان سواءِ سراسر انڌو آهي، سو روح جهڙي حقيقت جا پنهنجي اصليت ۾ مادي مظهر کان آجي ۽ زمان ۽ ماڪن جي فندن کان آزاد آهي، تنهن جي ڪيئن خبر رکي سگهجي ٿو. انسان کي روح بابت اهائي خبر آهي ته هن بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي، سواءِ بلڪل ٿوريءَ ڳالهه جي، جا انبياء ڪرام وٽان انسان کي حاصل ٿي آهي.

 

 

پروفيسر منگهارام ملڪاڻي

 

سنڌ_ هندستان جو دروازو _ ۽ ان جي ادبي قدامت

 

اڄڪلهه دهليءَ ۽ بمبئيءَ کي ”هندستان جا دروازا، ڪري ڪوٺيندا آهن، جن جون نشانيون، دهليءَ ۾ India Gate ۽ بمبئيءَ ۾ Gateway of India انگريزن جي صاحبيءَ ۾ اڏيا ويا، پر حقيقت ۾ هندستان جو جهوني ۾ جهونو دروازو اسان جو سنڌ ديس هو، جتي اهڙو ڪوبه يادگار قئام ڪيل ڪونهي، پر اُها سنڌ هاڻوڪي محدود نسڌ نه، ليڪن آڳاٽي ”مها سنڌ“ هئي، جنهن ۾ هاڻوڪو پنجاب ۽ قنڌار (گنڌار) پڻ اچي ٿي ويا. مشهور ڀاسا وگياني (Linguist) ڊاڪٽر سُنيتي ڪمار چئٽرجيءَ جي اختياريءَ موجب، عيسوي سن کان اتڪل 25 صديون اڳ، آريه لوڪ، وچ ايشيا جي پوٺن مان لهي، گهڻي ڀاڱي ايران جي رستي، اُن قديم سنڌ ۾ داخل ٿيا، جنهن کي ”سپت سنڌو“ (ست نديون) ڪوٺيندا هئا، جنهن مان هاڻوڪي پنجاب جون پنج نديون، موجوده سنڌ جي سنڌو ندي، ۽ ستين سرسوتي ندي به وهندي هئي، جا پوءِ سُڪي ويئي. انهن ندين جي ڪنارن تي ئي اريه لوڪن پهرين پنهنجا ڏيرا وڌا، ۽ پوءِ رفتي رفتي مڌيه ديس ۽ اوڀر هندستان ڏانهن پکڙندا ويا. بمبئيءَ جي ڀارت وگيانيءَ (Indologist) پادري هيرس جي سَند موجب، سنڌو نديءَ کي اهو نالو آرين کان آڳاٽن رهاڪن دراوڙن ڏنو هو، جن جي ٻوليءَ ۾ ”سند“ يا ”سندُو“ لفظ جي معنيٰ هئي، ندي يا درياءَ. آرين اُن اکر کي ڦيرائي ”سنڌ“ يا ”سنڌو“ ڪيو، جنهن پٺيان سمورو ملڪ جنهن مان اُها ندي لنگهي ٿي، تنهن تي ”سنڌ“ ديس جو نالو پئجي ويو. پوءِ اهو نالو ايراني واپارين ”سنڌ“ مان ڦيرائي ”هند“ ڪيو، جنهن مان هاڻوڪو ”هندستان“ ٿيو آهي، ڇو ته انهن سڄي هندستان جو نالو اهوئي سمجهيو. تنهن کان پوءِ رومي واپارين ان کي وڌيڪ ڦيرائي ”انڊ“ ڪري ڇڏيو، جنهن مان هاڻوڪو ”انڊيا“ بنيو آهي، جو به ڏيهي نالو اهي ۽ نه يورپي، جيئن عام طور سمجهيو ويندو آهي. هندستان تي ”ڀارت“ نالو ته گهڻو پوءِ پيو، جڏهن راجا دشينت ۽ شڪنتلا جو پٽ ڀرت راڄ ڪندو هو. تنهنڪري ڏسبو ته سڄي ملڪ کي ”هندستان“ نالو ئي اسان جي سنڌو نديءَ ۽ سنڌ مان مليو آهي ۽ سنڌو نديءَ جي سڀيتا (Civilization) اسان جي سنڌ مان ئي کڄي ساري هندستان ۾ ڦهلجي ويئي اهي. ”سنڌي ٻويءَ جي مختصر تاريخ“ عنوان سان پرسال کان ”مهراڻ“ مخزن ۾ هڪ گنڀير مباحثو چالو آهي، جنهن جي دؤران ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ گهڻيءَ کوجنا بعد ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته موجده سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتل ڪانهي، بلڪ سنسڪرت کان آڳاٽي دور جي سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي آهي؛ ان جي بناوت ۾ سامي_ صفت زبانن جو وڏو اثر آهي، ۽ پوءِ سنسڪرت مان نڪتل لفظن جو گهڻو ذخيرو منجهس داخل ٿيوآهي. ٻئيپاسي، مسٽر سراج الحق پنهنجي ”تنقيدي جائزي“ ۾ بيشمار حوالن سان نتيجو قائم ڪيو آهي (توڻي ٻنهي عالمن هڪٻئي جي مقالن کي غير مستند ”قياس آرائيون“ ڪري سڏيو آهي) ته موجوده سنڌي ٻولي سڌيءَ طرح سنسڪرت جي تدريجي بدليل صورت آهي ۽ اهڙو ڪوبه تاريخي ثبوت ڪونهي جنهن جي اڌار تي ان کي سامي سٿ جي ٻولين سان ڳنڍي سگهجي. هن بندي جي خيال ۾، ڊاڪٽر بلوچ جي غلط فهمي هن جملي ۾ سمايل آهي: ”هن وقت تائين جن به عالمن سنسڪرت کي سنڌيءَ جو سرچشمو سمجهيو آهي، تن جي ته متفق راءِ آهي ته ٻين پراڪرتن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ’وراچڊ اپڀرنش‘ مان اُسري آهي، ۽ اها ’وراچڊ اپڀرنش‘ نڪي سنسڪرت آهي ته نڪي ٻين پراڪرتن وانگر سنسڪرت مان نڪتل نج پراڪرت، بلڪ....... سنڌيءَ جي اها سڳي ماءُ هڪ نهايت بگڙيل ٻولي آهي“. (”مهراڻ“ 1960ع، 1_2) ليڪن، سنڌيءَ ۾ اها سڳي ماءُ ٻي نهايت بگڙيل ٻولي ڪانه هئي، بلڪ سنسڪرت مان نڪتل، نجِي نه، ته بگڙيل ’پراڪرت‘ ضرور هئي، جنهن کي ”اپڀرنش پراڪرت“ ڪوٺيندا هئا. اهو وچ وارو تدريجي ڏاڪو ڊاڪٽر صاحب کان شايد گُسي ويو ٿو ڏسجي. اها ”اپڀرنش پراڪرت“ ئي وڌيڪ بگڙندي ”وراچڊ اپڀرنش“ ٿي، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي جنم ڏنو ۽ جنهن تي ئي ڊاڪٽر بلوچ زور ڏنو آهي. سنسڪرت کي سنڌيءَ جو سرچشمو چوڻ بابت عالمن جي متفق راءِ هيءَ آهي ته سنسڪرت (سڌريل ٻولي) ڦري پراڪرت (رواجي ٻولي) ٿي؛ ان مان درجي بدرجي بدلجي اَپڀرنش (بگڙيل) پراڪرت ٿي، جا وري وراچڊ (بنهه بگڙيل) پرڪارت بني، جنهن مان آخر سنڌي ٻولي ٺهي، پر انهي بگاري م به سڌارو رکيل آهي، جيئن اڳتي هلي بڌائبو. تنهنڪري، سراج الحق صاحب جو نتيجو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي هڪ تدريجي بدليل صورت آهي، بلوچ صاحب جي خيال موجب ”“محض زوراوري“ نه آهي، پر سَر رچرڊ برٽن، ڊاڪٽر ٽرمپ، ڪئپٽن اسٽئڪ ۽ پروفيسر ڀيرومل جهڙن زباندانن جي سَنَدن تي ٻڌل آهي. بهرحال، تواريخي کوجنائن جي انتها اچڻ واري ئي ڪانهي، جن لاءِ دماغ جا در سدا کليل رکڻ کپن. خصوصاً سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ بابت تحقيقات ته ابتدائي دور ۾ آهي، جنهن لاءِ اڃا اونهي کوجنا کپي. پر نئين تحقيقات جا جيستائين محقق ۽ خاطرخواهه نتيجا قائم نه ٿيا آهن، تيستائين روايتي نتيجا ئي قبول ڪرڻا پوندا. کوجنا جي کيتر ۾ آخرين نتيجو ته ٿيڻو ئي ڪونهي.

پهروين سنسڪرت گرنٿ:

ڀاشا وگيانين جو چوڻ آهي ته هندستان جو، بلڪ ساري جهان جو، جهوني ۾ جهوني گرنٿ ”رگ ويد“ عيسوي سن کان ڀريون ويهه کن صديون اڳ، سنڌ جي مٿاريءَ ۾ ئي رچيو ويو. ڪراچيءَ جي مشهور ڌرتي_ وگيانيءَ (Geologist) ڊاڪٽر پٿاوالا به ان ڳالهه جي تصديق ڏني آهي ته ”ويدڪ ڪوي، جي سنڌو ماٿريءَ جي مٿئين ڀاڱي (پنجاب) ۾ رهندا هئا، سي پنهنجا پوتر ڀڄن سنڌوءَ جي جل کي ارپڻ ڪندا هئا.“ يعني ته ويد، جي سنسڪرت سهات جو بنياد آهن، سي سچ پچ مها سنڌ ديس جون ئي اوائلي تصنيفون آهن_( پوءِ ڀلي سنسڪرت ۾ لکيل هجن، ڇو جو تنهن زماني ۾ سنڌ جي ٻولي ئي سنسڪرت هوندي هئي ۽ برهمي لپيءَ ۾ لکبي هئي.

تنهن کان پوءِ، چوڻ ۾ اچي ٿو ته ٻيا سنسڪرت ودوان جهڙوڪ_ آچاريه پاڻني، رشي پاتنجلي ۽ ديول رشي، عيسوي سن کان شمار 5-6 صديون اڳ، ڄاوا نپنائي مهاسنڌ ۾ هئا ۽ پنهنجا سنڪسرت وياڪرڻ ۽ ٻيا پستڪ پڻ اتي ئي لکيائون؛ جنهن ڪري انهن کي به سنڌ ديس جو جهونو ساهت سمجهڻ کپي_ پر نه ”’سنڌي‘ ٻوليءَ جو، جنهن گهڻو پوءِ جنم ورتو. پراچين تڪش سلا وشوَ وديالي (Taxila University)جا کنڊهر اڃا تائين راولپنڊي ضلعي ۾ کڙا آهن (جو قديم مهاسنڌ ۾ هو)، جنهن جي ويجهو آچاريه پاڻني عيسوي سن کان پنج صديون اڳ ڄائو هو. سنڌي تمدن جي قدامت جو جهان_ معروف يادگر مُهن جو دڙو، جنهن جي قدامت جو پورو پتو اڃا نه پئجي سگهيو آهي، سو ته هاڻوڪيءَ سنڌ ۾ ئي موجود آهي.

آريه لوڪ سنڏ ديس کي دروازو بنائي اتر هندستان ۾ وسي ويا، پر ڌارين قومن به هندستان تي ڪاهڻ ۽ قبضي ڄمائڻ لاءِ سنڌ کي ئي ڦاٽڪ ڪري چونڊيو. اهڙو پهريون حملو ڪندڙ ايران جو شاهه دارا هو، جنهن عيسوي سن کان اڳ ڇهين صديءَ ۾ مهاسنڌ فتح ڪئي ۽ سندس خاندان ڪي سو سال اُتس راڄ ڪيو. اُن زماني ۾ به ملڪ جي عام ٻولي سنسڪرت هوندي هئي، ۽ ديوناگري لپيءَ ۾ لکي ويندي هئي، جا برهمي لپيءَ جي نئين صورت هئي. ايراني حاڪمن سنڌ جي سنسڪرت ٻولي ايراني اکرن ۾ لکڻ چالو ڪرائي، يعني پهريون دفعو ڌاري لپي سنڌ ۾ شروع ٿي. سنڌ جا ماڻهو ان کي ”کَروشٽي“ (يعني گڏه جي چپن وانگر بيڊولي) ڪري سڏيندا هئا؛ تنهن هوندي به ڪي صديون پئي هلي، ۽ آخر عيسوي سن کان هڪ صدي اڳ ختم ٿي ويئي.

عيسوي سن کان اڳ چوٿين صديءَ ۾، يوناني سڪندرِ اعظم بحري رستي مهاسنڌ فتح ڪئي، ۽ الور (روهڙي) جي راجا ۽ سوين براهمڻن کي سندس لشڪر قتل عام ڪري ڇڏيو، ته سنسڪرت جو واهپو سنڌ مان گهڻي ڀاڱي نڪري ويو. ساڳيءَ صديءَ ۾، سڪندر جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، مورين گهراڻي جي سمراٽ (شهنشاهه) چندرگپت، يوناني گونر کي شڪست ڏيئي ملڪ مان هڪالي ڪڍيو، ۽ سنڌ_ پنجاب پنهنجي قبضي ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾، هندو ڌرم سان گڏوگڏ، چندرگپت ۽ سندس پوٽي مهاراجا اشوڪ جو ٻوڌي ڌرم پکڙجي ويو، ۽ سنسڪرت سان گڏ، ان مان نڪتل پالي ٻوليءَ (يعني جنهن ۾ ٻوڌي متا پاليل هجن) و واهپو وڌندو ويو. ٻڌ ڌرمجا يادگار، ميرپورخاص وارو ڪاهوءَ جو دڙو وغيره، اڃا سنڌ ۾ بيٺا آهن.

پهريون پراڪرت پستڪ

پاليءَ کان پوءِ سنسڪرت مان نڪتل ٻي شاخ پراڪرت، عيسوي سن کان 3_4 صديون اڳ، هندستان سان گڏ سنڌ ۾ به چالو ٿي، جا به ديوناگري لپيءَ ۾ لکي ويندي هئي. انهيءَ سنڌي_ پراڪرت ۾ جهوني ۾ جهونو پستڪ راجا روال جي منتريءَ سِير جو لکيل ”راجائن لاءِ سکيا“ ڏسڻ ۾ ٿو اچي، جو عيسوي سن کان اتڪل ٽي صديون اڳ جوڙيل هو، ۽ منجهس مهاڀارت جي لڙئايءَ کان آڳاٽيءَ سنڌ جي تاريخ تي روشني وڌل هئي ۽ پانڊون جي راڄ کان پوءِ ڪن هندو راجائن جون ڪهاڻيون به ڏنل هيون. ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ جي هن اهم کوجنا موجب اهو پهريون سنڌ ۾ لکيل پراڪرت نثر جو ڪتاب هو، ۽ ”مهاڀارت“ ۽ ”گيتا“ کان به آڳاٽو هو، جي ٻئي عيسوي سن کان ٻه صديون اڳ لکيا ويا. هن تحقيقات جي پڌرائي ”هندواسي“ مخزن جي 28- سيپٽمبر 1958ع واري پرچي ۾، شري جيرامداس دولترام هن ريت ڪئي هئي: ”ابو صالح ان پستڪ جو عربي ترجمو شايد عيسوي سن جي 8-9 صديءَ ۾ ڪيو هجي.....  جو ابوالحسن عليءَ 1026ع ۾ پارسي ٻوليءَ جو ترجمو ڪيو. ان ترجمي جو اختصار 1127ع ۾ پارسي ڪتاب ’مجمل التواريخ والقصص‘ ۾ هڪ باب (”هند واني بادشاهه ۽ سندن نسل“) جي صورت ۾ وڌو ويو. هن پوئين ڪتاب ۾ جنهن نموني هندو راجائن ۽ راڻين جا نالا (اصلوڪي عربيءَ تان اتاريل) لکيا ويا آهن، تنهن مان ڊاڪٽر سُنيتي ڪمار چئٽرجي، هندستان جي مکيه ڀاشا وگيانيءَ، انومان ڪڍيو آهي ته ’هند واني‘ پستڪ_ ’راجائن لاءِ سکيا‘_ سنسڪرت ۾ لکيل نه هو..... ڊاڪٽر چئٽرجي انهيءَ راءِ جو آهي ته جنهن ٻوليءَ کي ’هند واني‘ (هند يا هندن جي) ڪوٺيو ويو آهي سا الهندي هندستان، يعني پنجاب يا سنڌ پاسي جي مڪاني ٻولي آهي. پڪيڙو انومان جيڪي سو سنڌ جي ٻوليءَ جي فائدي م ڪڍيو اٿس، ڇو جو انهيءَ ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ ڏانهن اشارا آهن ۽ ڪي نالا سنڌي ٻوليءَ جي نيمن پٽاندڙ بدليل آهن. سِپر جي زماني جي ٻوليءَ (پراڪرت) کي ڊاڪٽر چئٽرجيءَ ’پراڻي سنڌي‘ ڪري ڪوٺيو آهي...... سِپر جو پستڪ 8-9 عيسوي صديءَ تائين (عربن جي فتح کان پوءِ) ته سنڌ ۾ موجود ٿي ڏٺو، ڇو جو ان تان ابو صالح عربي ترجمو ڪيو.... سنڌيءَ جي ساهت جو هڪ پراچين ورق ڄڻ اسان جي اڳيان وريو آهي.“ اتي عيسوي سن کان اڳ جو احوال پورو ٿيو.

عيسوي سن کان پوءِ:

عيسوي سن شروع ٿين پُڄاڻا، سنڌ ۾ لکيل جهونو پستڪ ”ديولسمرتي“ چيو ٿو وڃي، جو سنڌي اتهاس ڪار (Historian) گنگارام سمراٽ جي کوجنا موجب اٺين عيسوي صديءَ ۾ ڪنهن اڻڄاتل ليکڪ جو سنسڪرت ۾ رچيل هو. ڪتاب جي نالي مان انومان ٿو نڪري ته منجهس ديول رشيءَ جي آتم ڪهاڻي ورنن ڪيل هوندي، ڇو جو اُهو ود وان سنڌ ۾ ئي پيدا ٿيو هو، جنهن جي يادگيريءَ ۾ ديول بندر تي اهو نالو پيو ٿو ڏسجي_ پر اهو صرف انومان آهي.

عيسوي سن 711 ۾ عربستان مان محمد بن قاسم هندستان تي حملي ڪرڻ لاءِ سنڌ کي ڦاٽڪ بنايو ۽ راجا ڏاهر سنگ کي شڪست ڏيئي، سنڌ ۽ اُن جي پسگردائيءَ تي قبضو ڄمايو؛  پر 750 ۾ راجپوتن عربن کي  ڀڃائي ڪڍيو ۽ پوءِ سومرا (جي راجپوتن مان مسلمان ٿيا هئا) نسڌ جا راڄ_ ڌڻي ٿيا. ڪن سنڌي تاريخ نويسن، جهڙوڪ ڀڳوان تولاڻيءَ (سنڌو هتيا ڪانڊ“_ 1943ع)، غلام حيدر گبول (”ادب سنڌ“) ۽ سراج الحق (”مهراڻ“_ 1959_4) جو رايو آهي ته هن زماني تائين جيڪو سهات ۽ اتهاس جو ڀنڊار سنڌ ۾ سنسڪرت، پاليءَ پراڪرات ۾ پيدا ٿيو هوندو، سو، فاتحن جي جشيلي دستور موجب، عربن جلائي ڀسم ڪري ڇڏيو. اهوئي ڪارڻ آهي جو اُن قديم سنڌي ادبي خزاني مان اڄ هڪڙو به اصلي جواهر هٿ نٿو لڳي.

عربن جي فتح کان پوءِ لکها سنڌي هندو مسلمان بنيا ۽ ٻيا راجپوتانا ۽ ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويا؛ جنهن ڪري ئي عرب حڪومت کان پوءِ سنڌ ۾ ڪو ڇڊو پاڊو هندو شاعر يا ليکڪ پيدا ٿيو، تنهن هوندي به، ڀريون ٽي صديون، باقي بچل سنڌي هندن جي ٻولي ساڳي سنڌي_ پراڪرت ۽ پوءِ اپڀرنش (بگڙيل پراڪرت) ٿي رهي، جا به ديوانگريءَ ۾ لکي ويندي هئي.

هاڻوڪي سنڌي ٻولي:

تان جو يارهين صديءَ ڌاري هاڻوڪي سنڌي ٻولي، پنهنجين هندستاني ڀينرن_ هندي، پنجابي، بنگالي، مرهاٽي، گجراتيءَ سان گڏوگڏ، وراچڊ_ آپڀرنش_ پراڪرت مان رفتي رفتي صورت بدلائي ظاهر ٿي ۽ ديوانگريءَ يا شاستري لپيءَ ۾ لکڻ ۾ ايندي هئي. ڊاڪٽر بلوچ، موجوده سنڌيءَ جي تشڪيل ڇهين عيسوي صديءَ ڌاري ڏيکاري آهي، يعني ته سنڌيءَ کي ٻين هندستاني ڀينرن کان 5 صديون اڳ جنم وٺڻ جو مرتبو ڏنو اٿس. مگر جيسين هن نئين کجنا جو مڪمل فيصلو نه ٿيو آهي، تيسين ڊاڪٽر چئٽرجيءَ ۽ استاد ڀيرومل جو هيلتائين تسليم ٿيل نتيجو قبول ڪرڻو پوندو ته موجوده سنڌي ٻولي 1100 عيسوي سنه ڌاري پيدا ٿي، يعني عربن جي فتح کان ٽ يصديون پوءِ، سومرن جي راڄ ۾، پر ياد رکڻ کپي ته سنڌي ٻوليءَ جي بگڙيل وراچڊ اَپڀرنش مان پيدا ٿيڻ جي باجود، ڊاڪٽر ٽرمپ ان جي ساراهه ڪندي لکيو هو: ”سنڌيءَ جو پراچين پراڪرت سان وڌيڪ لاڳاپو آهي ۽ پنهنجي نحوي بناوتن جي ججهائي اهڙي قائم رکي اٿس جو ٻين مڙني ڀينرن کي اُتس رشڪ اچڻ کپي.“

اها نِجي سنڌي ٻولي عربن کان پوءِ ارغون، ترخان ۽ مغل حاڪمن جي ايام ۾، ڪنهن مقرر لپيءَ ۾ لکڻ ۾ ڪانه ايندي هئي. ڪن هندو راجائن جي وچ واري عرصي کان سواءِ مسلم حڪومت جون ڀريون اٺ صديون (1100_1843ع)، سنڌي ٻوليءَ جو ذخيرو دنيا جي ٽن مشهور قديم ٻولين_ سنسڪرت، فارسيءَ ۽ عربيءَ جي ملاوت سان گويا مهراڻ بنبو ٿي ويو، تنهن هوندي به انهن حڪمرانن ان لاءِ ڪا باقاعدي آئيويٽا ڪانه ٺاهي؛ جنهن شخص کي جيڪا صورتخطي ايندي هئي، تنهن ۾ پيو لکندو هو. سرڪاري ڪاروبار اڪثر فارسيءَ ۾ پيو هلندو هو، مسلمان باشندا سنڌي ٻولي عربي اکرن ۾ لکندا هئا، ۽ هندو لوڪ ديوناگري (شاستري)، پنجابي (گرمکي) يا هندو_ سنڌي (اعرابن بنا واڻڪن) اکرن ۾. عام فهم جي ڳالهه آهي ته جنهن ٻولي لاءِ خيال قلمبند ڪرڻ جو ڪو مقرر واهڻ نه هوندو، تنهن جو ادب_ خاص ڪري نثري ادب_ ڪيئن ٺهندو، ڪيئن وڌندو؟

اوائلي سنڌي شعر:

مرحوم محمد صديق جي اختياريءَ موجب، جهوني ۾ جهونو سنڌي شعر ”دودي ۽ چينسر جو قصو“ هو، جو چوڏهين صديءَ ڌاري، سومرن جي صاحبيءَ ۾، ڪنهن نامعلوم شاعر جو زباني طور چيل هو، ۽ ڀَٽَ ۽ ڀانَ ڪچهرين ۽ مجلسن ۾ ڳائيندا هئا (”سنڌ جي ادبي تاريخ“_ 1937ع_ اهو قصو گهڻو پوءِ، انگريزن جي راڄ ۾، ڪئپٽن اسٽئڪ جي ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“ جي آخر ۾ ضميمي طور ديوناگري لپيءَ ۾ ڇپايو ويو هو (1849ع). مٿينءَ تحقيقات جي برعڪس، جناب لطف الله بدوي ٺهرايو هو ته ”دودي ۽ چنيسر جو قصو“ تاريخي خواهه ادبي لحاظ کان سومرن جي صاحبيءَ جو ٿي نٿو سگهي؛ خاص طور هن ڪري جو منجهس آيل ٽن سٽن وارا بيت، سومرن کان پوءِ سمن جي دور واري وڏي شاعر قاضي قاذن جي ڪلام ۾ به نظر نٿا اچن ”تذڪره لطفي“، جلد پهريون _ 1943ع). هن بندي جو وڌيڪ اعتراض آهي ته دودي چنيسر وارن بيتن جي عبارت مان او هڳاءُ نٿو اچي، جو چوڏهين صديءَ جي لکيت مان اچڻ کپي، ۽ اها گهڻو پوءِ واري زماني جي ۽ هاڻوڪيءَ سنڌيءَ کي ويجهي ٿي لڳي. ساڳيءَ طرح، ڊاڪٽر بلوچ جيڪو هڪڙو بيت اٺين صديءَ جو ڄاڻايو آهي (اٺين عيسوي صدي يا هجري صدي، سو چٽو چيل ڪونهي)، تنهن جي طرز به اهڙي قديم ڪانه ٿي لڳي (”مهراڻ“، 1959_1).

پندرهين عيسوي صديءَ ڌاري، سمن جي راڄ ۾ (جي، سومرن وانگر، راجپوتن مان مسلمان ٿيا هئا)، ڪن نامعلوم سگهڙن ”عمر_ مارئي“ ۽ ”مومل_ راڻو“ جا قصا سنڌي شعر ۾ جوڙايا هئا؛ ۽ ساڳيءَ صديءَ ۾ ماموئي فقيرن جا پيشنگوئيءَ وارا بيت به چيا ويا. سورهين صديءَ ۾ قاضي قاذن جا بيت ٺهيا، ۽ سترهين صديءَ ۾ شاهه عبدالڪريم (شاهه لطيف جي پڙ ڏاڏي) جو ڪلام مشهور آهي.

جهوني عربي آئيويٽا:

سترهين صديءَ جي آخر ۾، ٺتي واري آخوند ابوالحسن، خانگي طور، عربي ۽ فارسي رسم الخط جي ملاوت سان هڪ’الف_بي‘ ٺاهي هئي، پر اُها سنڌي ٻوليءَ جي مڙني اُچارن ڪڍڻ لاءِ ڪارگر ڪانه ٿي.

1700ع ڌاري مولوي صاحب اُن اڻپوريءَ عربي آئيويٽا ۾ هڪ مذهبي رسالو ”مقدمـﮧ الصلواة“ نظم ۾ لکيو هو، جنهن کي مرحوم ميمڻ صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون لکيل ڪتاب ڪوٺيو هو. هن آئيويٽا کي ابوالحسن جي سنڌي سڏيندا هئا، جنهن ۾ تخمني روءِ پنجاهه کن اسلامي مذهب ۽ تواريخ جا ڪتاب، عربيءَ ۽ فارسيءَ تان ڪن معروف مخدومن سنڌي نظم ۽ نثر جي ميلاپي طرز ۾ ترجمو ڪيا هئا.

ارڙهينءَ صديءَ ۾ ڀٽائي گهوٽ لطيف جو رسالو ۽ سچل سرمست جو ڪلام، سندن مجاهدن، اٺاويهن حرفن واري عربي دستخط ۾ لکيا هئا، جنهن مان به انهن ڪاملن جي ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ جا اُچار پورا نٿا نڪري سگهن، ۽ تنهنڪري اُنهن نسخن پڙهڻ ۾ دقت ٿي ٿئي. ”شاهه جو رسالو“ گهڻو پوءِ، انگريزن جي راڄ ۾، ڊاڪٽر ٽرمپ پهريون دفعو جرمنيءَ مان 1866ع ۾ ڇپايو هو؛ پر مخصوص سنڌي اُچارن لاءِ ڇاپي جي اکرن نه هئڻ ڪري، اُهو به پڙهڻ ۾ ڏکيو آهي.

پهريون سنڌي نثر جو ڪتاب:

ارڙهين صديءَ جي آخر ۾، سنڌيءَ ۾ پهريون نجو نثر جو ڪتاب آخوند عزيزالله جو، ”قران شريف جو ترجمو“ هو، جو به صرف اٺاويهن حرفن واريءَ عربي آئيويٽا ۾ لکيل هو، جنهن ڪري پڙهڻ ۾ مشڪل هو؛ پر انهيءَ ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ آڻيندر جيتوڻيڪ عربيءَ تان لفظي ترجمو ڪيو هو، تنهن هوندي به جملن ۾ اکرن جي ملاوت، هيٺ مٿي ڪري، اهڙيءَ ته ڪاريگريءَ سان بيهاري هئائين جو سندس نثر مان نظم جو ساءُ پيو اچي_ گويا جديد زماني جو نظماڻو نثر (Poetic prose) لکي ويو آهي. هيٺيون فقرو مثال طور ڪافي آهي.

”اي مومنا، همراهي وٺو منجهه مشڪلين، ساڻ صبر ۽ نماز. تحقيق، خدا ساڻ صبر ڪندڙن آهه، ۽ مَ چؤ واسطي تن جي، جي ڪُسن ٿا منجهه واٽ خدا جي، اوءِ مئل آهين؛ بلڪ اُهي جئرا آهين..... اُو صابرسي آهين، جڏهن رَسي اُن کي سختي، چونِ اسين خدا جا آهيون ۽ خدا ڏانهن موٽون ٿا.“

اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ سنڌ جو سنت_ ڪوي سامي صاحب پنهنجا هزارين سلوڪ گرمکيءَ ۾ چٽڪين تي لکي مَٽن ۾ وجهندو ويو، جي پوءِ ديوان ڪؤڙيمل کلناڻيءَ سندس وارثن کان ڪٺا ڪري، ٽن جلدن ۾، سوڌي سنواري ڇپايا هئا (1885ع_ 1892ع).

هاڻوڪي عربي آئيويٽا:

آخر سنڌي آئيويٽا ۽ لپيءَ جو مسئلو انگريزن جي حڪومت ۾ ئي حل ٿيو. 1853ع ۾، سنڌ فتح ڪرڻ جي ڏهن سالن اندر، سنڌ جي پهرئين چيف ڪمشنر، سر بارٽل فريئر جي سرجوشيءَ سان (جنهن جو يادگار فريئر هال ڪراچيءَ ۾ آهي) ۽ عربي_ فارسيءَ جي عالم سَر رچرڊ برٽن جي سفارشن سان (جنهن مشهور ڪتاب (Arabian Nights) لکيو هو)، ۽ ٻين سنڌي عالمن_ ديوان اُڌارام ٿانورداس ۽ مرزا صادق علي بيگ (مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ) جي مدد سان، هاڻوڪي 52- حرفي عربي آئيويٽا ٺهي تيار ٿي. ڪئپٽن اسٽئڪ، جو سنسڪرت توڙي عربيءَ ۾ ماهر هو، تنهن جو رايو هو ته سنڌي لکڻ لاءِ ديوناگري لپي وڌيڪ ڪارگر ٿيندي؛ پر سنڌ ملڪ ۾ مسلمانن جي اڪثريت جي مدِنظر تي، ڪلڪتي مان اِيسٽ انڊيا ڪمپنيءَ عربي ائيويٽا ۽ لپي منظرو ڪئي. هن نئين رسم الخط ۾ چار نجا سنڌي حرف_ ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ وڌائون؛ ۽ چار نجا عربي حرف _ ف، خ، غ ۽ ز به گڏيائون؛ ۽ ڪي فارسي ۽ ترڪي حرف پڻ ملايائون؛ جنهن ڪري شايد دنيا ڀر ۾ ايترن حرفن واري آئيويٽا ڪانه ملندي. نتيجو اهو آهي جو سنڌي ماڻهن جي گلن مان ايترا نرم خواهه سخت اُچار نڪري سگهن ٿا، جيترا ٻيءَ ڪنهن به قوم جا لوڪ ڪين ڪڍي سگهندا.

هن مقرر عربي_ سنڌي آئيويٽا ٺهڻ کان پوءِ، سنڌي ساهت کي وڏي هٿي اچي ويئي، ۽ نثر جو دور ته خاص طور ڌام ڌوم سان شروع ٿي ويو_ جنهن جي اڳي اڻاٺ هئي. ديوان ڪوڙومل، مرزا قليچ بيگ، ديوان ڏيارما، ديوان ليلا رامسنگ، پرمانند ميوارام، حڪيم فتح محمد، ديوان واڌومل، ڀيرومل مهرچند، لعلچند امر ڏنومل، ڄيٺمل پرسرام، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي پارا نثر جا اُستاد ڪنهن کان ڳجها آهن؟ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ به، سنڌ ۾ توڙي هندستان ۾، انيڪ نوجوان سنڌي ليکڪ پيدا ٿي پيا آهن، جي نظم خواهه ڪهاڻي ۽ ناول نويسيءَ ۾ سنڌي ادب کي مالامال ڪري رهيا آهن. سرحد جي ٻنهي پاسي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت جي کوجنا ۾ به ڪيترا معتبر عالم جُنبي ويا آهن، جن جا نتيجا عاليشان رسالن ۽ مخزنن ۾ شايع ٿي رهيا آهن، تنهنڪري خاطريءَ سان هام هڻي سگهجي ٿي ته سنڌي ساهت زنده آهي، ۽ ڪنهن به انديشي بنا اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي ته ان جو آئيندو روشن رهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com