عبدالوحيد صديقي
سُميري ۽ بابلي تهذيب
سميري تهذيب
تعارف: حضرت نوح عليـﮧ السلام کان پوءِ، سڀ کان پهرين تهذيب جا
مشرق قريب
(Near East)
۾ پيدا ٿي سا هئي ”سُميري تهذيب“. اڪثر مؤرخن ۽
علم آثار قديمه جي ماهرن جو اهو خيال آهي ته دنيا
۾، سڀ کان پهرين جا تهذيب پيدا ٿي سا سُميرين جي
تهذيب هئي. سُميري قوم ڏکڻ عراق ۾ رهندي هئي ۽
فرات ۽ دجلـﮧ ندين مان واهه کوٽي آبادي ڪندي هئي.
سياسي تاريخ: سُميرين وٽ طوفانِ نوح جي وڏي اهميت هئي. هو
بادشاهي خاندانن کي ٻن حصن ۾ ورهائيندا هئا: 1-
اُهي خاندان جي طوفانِ نوح جي ڪري نيست ۽ نابود ٿي
ويا. 2- اُهي جي طوفانِ نوح کان پوءِ برسر اقتدار
آيا1.
طوفانِ نوح کان پوءِ پهريون شهر، جنهن مرڪزي حيثيت اختيار ڪئي
سو ”ڪِش“ جو شهر هو. ڪِش کان پوءِ ”ايرڪ“ جي شهر
ترقي ڪئي ۽ سياسي طور ٻين سڀني شهرن تي فوقيت حاصل
ڪري ويو2.
ايرڪ کان پوءِ ”آر“ جي شهر جي حاڪم زور ورتو، جنهن
جي خاندان کي طوفانِ نوح کان پوءِ ٽيون خاندان ٿو
چئجي. انهيءَ کي آر شهر جو پهريون خاندان به چئبو
آهي. اهو خاندان 3500 ق.م ڌاري شروع ٿو ٿئي. آر جي
خاندان کان پوءِ اڪاد جي سامي قبيلي، ”سارگون
اعظم“ جي ماتحتيءَ هيٺ، سُمير ۽ ڪاد کي ملائي، سن
2750 ق.م ڌاري هڪ حڪومت قائم ڪئي؛ جا انهيءَ زماني
جي سڀ کان وڏي حڪومت هئي. ان کي اڪادي حڪومت به
ڪري چئبو آهي. اهو اڪاد وارو سامي قبيلو، ڪجهه وقت
اڳ، ڏکڻ عربستان مان هجرت ڪري اچي سُميرين جي
سرزمين ۾ آباد ٿيو هو ۽ آهستي آهستي ڪري سياسي
فوقيت حاصل ڪري ويو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو، اڪادي
حڪومت جلد ئي ختم ٿي وئي ۽ وري ”آر“ جو شاهي
خاندان سياسي برتري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. مگر
2275 ق.م ۾ ايران جي هڪ ”عيلامي“ نالي قبيلي اچي
سُميريه تي قبضو ڪيو. انهن جو مرڪزي شهر ”لارسا“
هو. عيلامين آر جي شهر کي هميشـﮧ لاءِ تباهه ڪري
ڇڏيو. هي ماڻهو نه سُميري هئا نه سامِي، بلڪ هڪ
نامعلوم نسل سان تعلق رکندا هئا1.
ساڳئي زماني ۾، ڏکڻ عربستان جي اصلوڪن رهاڪن، ڪن
سببن جي ڪري، اتر طرف هجرت ڪئي. هو آهستي آهستي
سُميريه تي ڇانئبا ويا ۽ 2100 ق.م ڌاري عيلامين جي
سياسي طاقت کي ختم ڪري، ”بابل“ جي شهر کي پنهنجي
گاديءَ جو هنڏ مقرر ڪيو. اُتان ”بابلي تهذيب“ شروع
ٿئي ٿي. ڏکڻ عربستان کان اِهي نوان ايندڙ قبيلا
سامي نسل سان تعلق رکندا هئا ۽ تاريخ ۾ انهن کي
”عموري سامي“ ڪري ڪوٺبو آهي. انهيءَ قبيلي اگرچ
سياسي فوقيت حاصل ڪئي، مگر تهذيبي لحاظ کان سُميري
کانئن گهڻو اوچا هئا. ان ڪري سُميرين جي ڇڏيل
تهذيبي ورثي مان بابلين گهڻو ڪجهه پرايو جنهن جو
بيان ”بابلي تهذيب“ واري حصي ۾ ملندو.
مذهب: سَميرين جو شروعاتي زمانو، حضرت نوح جي ڏنل تعليمات جي
مطابق هو. هو توحيد جا قائل هئا1.
۽ پنهنجي آسپاس جي وحشي قبيلن کي شرڪ ۽ بت پرستيءَ
کان روڪيندا هئا. سندن ترقيءَ جو اصل سبب به اهوئي
هو ته هو خدا کي هڪ ڪري سمجهندا هئا. خدا جي مخلوق
کي به هڪ ڪري سمجهندا هئا ۽ انساني برادريءَ جا پڻ
قائل هئا. حضرت نوح عليـﮧ السلام جيڪو الاهي قانون
کين ڏنو هو، ان جي مطابق عمل ڪندا ها. بادشاهن ۽
سردارن جو اصل مقصد انهيءَ قانون کي نافذ ڪرڻ جوهو
۽ حڪومت هرممڪن طريقي سان انهيءَ کي نافذ ڪري
پنهنجو فرض سرانجام ڏيندي هئي. مگر پوءِ آهستي
آهستي ڪري هو شرڪ ۽ بُت پرستيءَ ۾ مبتلا ٿي پيا.
سندن دُنيوي ترقي سندن روحاني ۽ اخلاقي تنزل جو
باعث بني. هر شهر جي سردار مرڪزي حڪومت کان بغاوت
ڪئي ۽ ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي شهر جو ڪو خاص
بت مقرر ڪيو. اهڙيءَ ريت هر شهر ۽ هر رياست جو خدا
الڳ ٿي پيو. تيپور شهر وارن پنهنجو خاص خدا ڌرتيءَ
جود يوتا ”اين_ لِل“ يا ”ايل_ لِل“ مقرر ڪيو، جنهن
جي پوڄا لاءِ انهن پڪين سِرن جو هڪ زبردست منارو
يا مندر ٺاهيو. انهيءَ واقعي کي ”توريت“ ۾ قومن ۽
شهرن جي هڪٻئي کان جدا ٿيڻ ۽ هڪبئي کي نه سمجهڻ جو
منڍ قرار ڏنو ويو آهي1.
حقيقت ۾ آهي به ائين ئي. شرڪ ۽ بت پرستي ئي سُمرين
جي ٻڌيءَ ۽ اتحاد کي ختم ڪرڻ جو سبب بنيا، جنهن جو
نتيجو باهمي لڙاين ۽ آخرڪار ڏکڻ عربستان جي سامي
قبيلي ”عموري“ جي عروج جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. شرڪ ۽
بت پرستيءَ جو نتيجو غلاميءَ جي صورت ۾ ظهور پذير
ٿيو.
لارسا جي سهر وارن ”سنج ديوتا“ کي پنهنجو خاص ديوتا قرار ڏنو.
ان جو نالو ”ببار“ هو ۽ اريدو شهر جي رهواسين وري
پاڻيءَ جي ديوتا ”اينڪيءَ“ کي پاڻ تي خاص مهربان
سمجهيو. اهڙيءَ طرح هر شهر جو ڪو نه ڪو خاص ديوتا
مقرر ٿي ويو. مگر هر شهر وارا انهيءَ خاص ديوتا
کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ديوتا مڃيندا هئا. انهن
جي ياد ۾ جدا جدا مندر ٺاهيندا هئا. انهن مندرن جا
پوڄاري ڪن خاص شخصن کي تعليم ڏيندا هئا، هر مند
رکي هڪ خاص لشڪر، خاص ڳائڻا ۽ خاص نوڪر هئا. انهن
جو خرچ مندرن کي مليل جاگيرن ۽ عام ماڻهن جي هدين
۽ تحفن مان پورو ٿيندو هو. مندر جو وڏو پوڄاري
تمام گهڻيءَ طاقت جو مالڪ سمجهيو ويندو هو. گهڻو
ڪري شهر جو حاڪم به مندر جو وڏو پوڄاري ئي ٿيندو
هو.
تمدن ۽ هنر: سُميري ئي پهريان ماڻهو هئا جن لکڻ جو هنر دريافت
ڪيو. انهن وٽ ڪاغذ ڪونه هو، ان ڪري مٽيءَ
جون تخنيون سُڪائي، انهن تي لکندا هئا. سندن لکڻي جو نمونو ٽڪندو آهي. ان
ڪري اُن کي ”ڪيونيفارم“
(Cunei form)
1.
چئبو آهي، سنڌي ۾ ان کي جيڪڏهن ”ٽڪنڊي_ لکڻي“ ڪري
چئجي ته بلڪل مناسب آهي.
هنن ماڻهن کي ڪپڙو اُڻ به ايندو هو. اُن مان هو ڊگها چوغا ٺاهي
پائيندا هئا. مٿا ڪوڙائنيدا هئا. کيتيءَ لاءِ هو
دجلـﮧ ۽ فرات ندين مان واهه کوٽيندا هئا. انهن
واهن جا آثار سندن انجنيريءَ جي فن ۾ قابليت جو
ثبوت ٿا ڏين.
سُميري زراعت کان سواءِ تجارت به ڪندا هئا. سندن واپار خشڪيءَ
توڙي پاڻيءَ جي وسيلي هلندو هو. اولهه ۾ مصر ۽
اوڀر ۾ سنڌونديءَ جي ماٿريءَ سان سندن واپار هلندو
هو. موهن جي دڙي، هڙاپا، ڪوٽ ڏيجيءَ ۽ آمريءَ سان
سندن واپار ڪافي هلندو هو.
بابلي تهذيب
تعارف: بابل جو شهر ڪنهن نه ٻُڌو هوندو؟ سُميري ان کي ڪيدنجر
(Kedingira)
ڪوٺيندا هئا. ان لفظ جي معنيٰ هئي ”خدا جو درواز“.
انهيءَ ڪري ئي ڏکڻ عربستان کان ايندڙ سامي قبيلن
ان شهر جو نالو رکيو ”بابِ اِيل“. (باب=
دروازو _ اِيل=
ديوتا يا خدا). بابل جو لفظ انهيءَ بابِ ايل جي
بگڙيل صورت آهي1.
سُميرين جي زماني ۾ بابل کي ڪڏهن به سياسي برتري حاصل نه ٿي،
مگر مذهبي لحاظ کان اِهو شهر اُن زماني ۾ به مقدس
سمجهيو ويندو هو. عمورين جڏهن اُن شهر کي پنهنجو
مرڪز بنايو ته شهر تمام گهڻي ترقي ڪئي ۽ جلد ئي
ساريءَ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ۽ حسين ترين شهر بنجي
پيو. انهيءَ شهر جنهن علائقي تي حڪومت ڪئي، سو
اڪثر پراڻو ”سُميريه“ ئي هو. اتان جي رهاڪن جي
رهڻي ڪيڻي به پراڻن سُميري نمونن تي هئي، مگر نون
حڪمرانن جي آندل سامي طور طريقن جو به ڪجهه اثر
پيو ۽ ڪجهه وڌيڪ ترقي به ٿي. نتيجي ۾ اُها تهذيب
پيدا ٿي، جنهن کي ”بابلي تهذيب“ ٿو چئجي.
سياسي تاريخ: عمورين جي بابل ۽ سُميريه (ڏکڻ عراق) تي حڪومت
تقريباً 2100 ق.م ۾ شروع ٿي. 1947 ق.م
2
ڌاري انهن جي ڇهين بادشاهه حمورابيءَ تمام گهڻو
نالو ڪڍيو، هن علامين جي قوت کي گهڻي ڀاڱي ختم
ڪري، بابل جو شان بلند ڪيو. ملڪي انتظام ۾ نهايت
ئي گهڻي دلچسپي ورتائين ۽ پنهنجو قانون، پٿر جي
تختين تي اُڪيرائي، اُهي سڄي ملڪ ۾ هڻايائين.
اِهوئي سبب آهي جو حمورابيءَ کي قانون جو ابو
(The father of law) به چئبو آهي.
حمورابيءَ کان پوءِ ڪجهه وقت تائين بابل جو ستارو چمڪندو رهيو، مگر پوءِ اتر
طرف عاشور نالي هنڌ جا ماڻهو زور وٺڻ لڳا. عاشورين
کان سواءِ حتي
(Hittites)به زور وٺڻ لڳا، جي اڪثر محققن جي خيال مطابق ”آريا“ هئا.
هوڏانهن اڀرندي جي جبلن کان ڪسدي
(Kassites)
قبيلا پڻ وڌڻ لڳا. ارڙهين صديءَ ق.م کان ٻارهين
صدي ق.م تائين ڪسدين جي طاقت سڀني کان زور هئي. هي
قبيلا منڍ ۾ وحشي ۽ غير مهذب هئا، مگر پوءِ بابلين
سان تعلق ۾ اچڻ ڪري سُڌري ويا. سندن زماني ۾ بابلي
سياسي ۽ تجارتي ٻولي هئي ۽ سميري وري مذهبي زبان
هئي. ارڙهين صديءَ ق.م کان وٺي ويندي نائين صدي
ق.م تائين ڪسدين بابلين، عاشورين ۽ حتين جي رسه
ڪشي رهي ۽ نتيجي ۾ عاشوري برسر اقتدار اچي ويا ۽
بابل جو چمڪندڙ چنڊ گرهڻ ۾ اچي ويو. مگر ستين
صديءَ ق.م ۾ هڪ وار وري بابلي عروج تي اچي ويا. سن
612 ق.م ۾ ڏکڻ عربستان کان ايندڙ نون سامي قبيلن،
عاشورين جي مرڪزي شهر نينوا کي هميشه لاءِ تباهه
ڪري ڇڏيو، ۽ عشوري قوم جي اقتدار کي به اهڙو ڌڪ
پهچايائون جو اُها وري اُڀري نه سگهي. اِهي نوان
ايندڙ قبيلا ڪلداني
(Chaldean)
جي نالي سان مشهور آهن. انهن پنهنجو مرڪز بابل
جوشهر مقرر ڪيو.
ڪلداني دور ۾ سڀ کان مشهور بادشاهه بخت نصر
(Nebuchadnezzar II)
ٿي گذريو آهي. هن بادشاهه جي غير معمولي فتحن،
تعميرن ۽ ملڪي انتظام کيس تمام گهڻي مقبوليت عطا
ڪئي، ۽ پوءِ جي روايتن
(Myths)
۾ کيس مافوق البشر هستي قرار ڏنو ويو. بابل جي شهر
کي هن بادشاهه دنيا جي ستن عجائبن مان هڪ عجائب
بنائي وڌو. سندس ٺهرايل ”لٽڪندڙ باغ“
(Hanging gardens)
اڄ تائين ڪنهن کان ڪونه وِسريا آهن.
بخت نصر کان پوءِ، اُن جا پويان، عيش ۽ عشرت ۾ غرق ٿي ويا.
نتيجي ۾ سن 539 ق.م ۾ ايران جي بادشاهه خسرو
ذوالقرنين1.
(Cyrus)
بابل جو شهر فتح ڪري، بابلي ڪلداني حڪومت کي هميشه
لاءِ ختم ڪري ڇڏيو.
تمدن: سارگون اعظم جي زماني کان وٺي ڏکڻ عربستان جي سامي قبيلن
سُميريه ۾ هجرت ڪرڻ شروع ڪئي هئي ۽ ٻه هزار قبل
مسيح کان پوءِ ته هوان علائقي جا مستقل طور تي
حاڪم به بنجي ويا هئا، مگر تمدن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ۾
انهن سڀ ڪجهه سُميرين کان ورتو ۽ پوءِ اُن ۾ ڪجهه
اضافو ڪيائون.
سُميريه ۾ اچڻ کان اڳ هي قبيلا وحشي ۽ جهنگلي هئا،. شڪار ۽
جانورن جي پالنا سندن خاص ڌنڌو ۽ معاش جو ذريعو
هو. مگر سُميريه ۾ اچڻ کان پوءِ انهن سُميرين جي
ئي تمدن کي اختيار ڪيو. ٻيو ته ٺهيو پر خود مذهب
به سُميرين وارو اختيار ڪيائون. لکڻيءَ جو طريقو
به ساڳيو ميخائون ۽ ٽڪندو يا ڪيونيفارم هلندو
رهيو_ ۽ مذهبي تقدس واري زبان به سُميري ئي رهي،
اگرچ اڳتي هلي بابلي سامي زبان عام ڳالهائڻ ۾ اچي
ويئي. ڪلدانين جي دور ۾ هر نقطه نگاهه کان ڪلداني
بابلي زبان کي اُهو شرف حاصل ٿي ويو جو ٻه هزار
ورهيه اڳ سُميريءَ کي حاصل هو. مشرق قريب ۾ اهائي
زبان بين الاقوامي حيثيت حاصل ڪري وئي. مذهبي،
علمي ۽ تجارتي هئڻ جو شرف به انهيءَ کي حاصل ٿيو.
بابلين جو خاص ڌنڌو تجارت هو. انهن جا تجارتي قافلا ۽ جهاز پري پري تائين
ويندا هئا. نديون ۽ نهرون يا ته پُلين جي ذريعي
پار ڪندا هئا ۽ يا وري ٻيڙين وسيلي. سندن ٻيڙين جا
ڪئين نمونا هوندا هئا، جن مان ٽوڪري جهڙيون ٻيڙيون
ته اڄ به بغداد جا ملاح استعمال ڪن ٿا1.
تجارتي روانگي عام طور تي اناج، تيل، کجور، چمڙو ۽
مٽيءَ جا ٿانو هوندي هئي ۽ آمدنيءَ جون خاص شيون
هيون: سون، چاندي، ٽامو، پٿر، ڪاٺ، لوڻ ۽ غلام2.
ڪلداني دور بابلي عروج جو زمانو هو. علم ۽ صنعت ۾ ساريءَ دنيا
جو بهترين ملڪ هو. علم نجوم
(Astronomy)
۾ ڪلداني عالمن تمام گهڻي مهارت پيدا ڪئي هئي3
انهن ڏينهن رات کي چوويهن ڪلاڪن ۾ ورهايو هو ۽ سال
کي وري ٻارهن قمري مهينن ۾ ورهايو هون، جن مان هر
مهينو ٽيهن ڏينهن جو هوندو هو ۽ بعضي بعضي وري سال
۾ هڪ ”واڌو
(Intercalary)
مهينو“ وڌائيندا هئا، تان ته شمسي حساب سان سال
پورو بيهي4.
تارن ۽ گرهن جي فرق کي به سڀ کان پهرين ڪلدانين
دريافت ڪيو. اُهي پنج گرهه جن تي پنهنجي مخصوص
ديوتائن جا نالا ڏنائون سي بخت وارا سمجهندا هئا.
اهوئي سبب اهي جو مردوخ، نبو، عِشتر وغيره سيارن
يا گرهن کي بخت وارو سمجهي انهن جي پوڄا ڪندا هئا.
اڳتي هلي يونانين ۽ رُومين ڪلدانين کان اهو علم
پرايو. مردوخ کي رومين جو پيٽر
(Jupiter)،
نبوءَ کي مرڪيوري
(Mercury)
۽ عِشتر کي وينس
(Venus)
چيو1.
مذهب: بابلي حڪومت جي شروعاتي زماني ۾ ٽي مکيه ديوتا هوندا هئا،
جي ڪائنات جي ٽن مکيه حصن تي حڪومت ڪندا هئا. اُهي
هن ريت هئا:
(1) اَنَو: قديم بابلي ۽ سامي زبان ۾ اَنَو جون لفظي معنائون
هيون آسمان، چمڪندڙ ۽ منور2.
اَنو ديوتا کي اهو نالو هن ڪري ڏنو ويو ته اُهو
بابلين وٽ آسمان جي تجسيم
(Personification)
هو. هي آسمان جو ديوتا هو ۽ لاگاس جي پروهت
بادشاهه
(Priest King)
گوديا (ص: 2060_2042 ق.م) جي ڏينهن کان هن کي ٻين
سڀني ديوتائن کان مٿاهون درجو ڏنو ويو هو. پنهنجي
آسماني گهر ۾ آبِ حيات ۽ نانِ حيات مهيا ڪري رکيو
هئائين. بادشاهن جي بادشاهي حقيقت ڪري اَنو جو
پرتو هئي3.
(2) اين لِل يا ايل لِل: انهيءَ ديوتائي ٽِڪي
)تثليت (Triad
جو ٻيو ديوتا ايل لِل هو. هن کي زمين ۽ طوفان جو
ديوتا قرار ڏنو ويو هو. فصلن لاءِ برسات ۽ پاڻي به
هي ديوتا مهيا ڪندو هو. عِبلامين جي آر کي تباهه
ڪرڻ ۾ هن ديوتا جو وڏو هٿ هو1.
(3) آنيڪِي يا ياغ: بابلي ديوتائي ٽِڪي جو ٽيون فرد اينڪي
”آپسو“
)آوڙاه
(Abyss
نالي هنڌ تي رهندو هو، جنهن جي مٿان زمين بيٺل
هئي. سڄيءَ حڪمتِ الاهيءَ ۽ لدني علم
(Esoteric knowledge)
جي تجسيم اينڪي هو. اهوئي سبب آهي جو اينڪيءَ جي
پُوڄا سازن، منترن ۽ راڳ وسيلي ٿيندي هئي. اينڪيءَ
جي باري ۾ اهو به خيال هو ته ان انسان کي طوفان
نوح کان پوءِ لکڻ، جاميٽري، شهرن ۽ مندرن ٺاهڻ جي
حرفت، ٻني ٻارو ڪرڻ جو طريقو ۽ ٻيا هنر سيکاري کيس
مهذب ۽ شائسته بنايو.زندگي ڏيندڙ ۽ تقدير جو مقرر
ڪندڙ به اينڪي ئي هو.
باوجوديڪ انهيءَ ديوتائي ٽِڪي جي هٿ ۾ تمام گهڻي قوت هئي، مگر
انهن ٽن ديوتائن مان ڪنهن کي به بابل ۾ اهو درجو
نه مليو هو، جو مصر ۾ سراع يا سج ديوتا کي عنايت
ٿيو هو ۽ جنهن جي باري ۾ اهو خيال هو ته هو زمين
تي فرعون جي صورت ۾ اچي ٿو حڪومت ڪري2.
اڳتي هلي انهيءَ ٽڪي جي مشهوري ويتر ختم ٿي ويئي، ڇو ته ٻيا به
ڪئين ديوتا نڪري نروار ٿيا، جهڙوڪ: ’سِن يا چنڊ‘،
’شمس يا سج‘ ديوتا، ’عداد يا طوفان‘ ديوتا ۽ ’عشتر
ديوي‘.
بابل جو خاص ديوتا بعل مردوخ اُن دور ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ڪري
ويو، جڏهن سندس باري ۾ اها آکاڻي ماڻهن ۾ پکڙي ته
اُن طيامت نالي هڪ اَرڙ نانگ جي شرارتن کي تباهه
ڪري ڇڏيو. انهيءَ روايت جي پکڙجڻ کان پوءِ عام
ماڻهن وٽ کيس سڀني ديوتائن کان مٿاهون درجو مليو ۽
سندس صفتون ساڳيون اين لِل واريون مقرر ڪيون ويون.
حمورابيءَ بعل مردوخ کي بابلي سلطنت جو وڏي ۾ وڏو
ديوتا مقرر ڪيو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ جيڪو قانون نافذ
ڪيائين، ان جي باري ۾ به اهوئي مشهور ڪيائين ته
اُهو کيس مردوخ عطا ڪيو هو1.
بابلي پنهنجي ديوتائن جي پوڄا لاءِ هڪڙا منارا ٺاهيندا هئا، جن
کي هو ”رغورت“ ڪري ڪوٺيندا هئا، اُنهن جي شڪل هن
ريت هوندي هئي.
زغورت جي مٿينءَ ماڙيءَ تان هُو ستارن جي پوڄا ڪندا هئا. اها
ستارن جي پوڄائي هئي، جنهن علم نجوم
(Astronomy)
کي جنم ڏنو2.
انهيءَ زماني ۾ ڪن شهرن ۾ بادشاهن جي پوڄا جو رواج به پئجي چڪو هو. حضرت
ابراهيم جي قصي جو تعلق به اهڙي قسم جي هڪ بادشاهه
نمرود سان آهي.
قانون: جڏهن کان انسان هڪ هنڌ ڳوٺ ٻڌي ويهڻ سکيو تڏهن کان منجهس
قانون جي شروعات ٿي، ڇو ته قانون کان سواءِ معاشري
جو هلڻ ۽ ترقيءَ طرف قدم وڌائڻ ناممڪن بنجيو پوي.
اهو قانون زماني سان گڏ ترقي ڪندو هليو ۽ حمورابيءَ جي دور
حڪومت تائين ڪافي ترقي ڪري چڪو هو. حمورابيءَ جو
قانون هڪ ڊگهي پٿر تي اُڪريل مليو آهي ۽ ان تي ڪل
285 قانون لکيل آهن1.
انهن جو تعلق انساني معاشره جي تقريباً سڀني حصن
سان آهي. موجوده زماني جي مروج قانونن جي نسبت اهي
قانون ڏکيا آهن. يهودي ۽ اسلامي قانون سان گهڻي
مشابهت ٿا رکن.
راز بلڙائي
”حضرت طالب الموليٰ جو ڪلام“
حضرت طالب الموليٰ جن موجوده دور جي اُنهن ٿورن مستند ۽ معتبر
شاعرن مان آهن، جن جو فڪر هر صاحب ذوق کان خراج
تحسين حاصل ڪري ٿو. سندن شعر و سخن جي گلن ۾ نظر
افروز شادابي ڏسبي آهي. حضرت جن جو ڪلام، پاڪ ۽
صاف محبت جي جذبات جي حسين تصوير آهي، جنهن ڪري
سموري ڪلام ۾ هر جڳهه سنجيدگي آهي. ڪالم جي پاڪيزه
خيالن سان گڏ لفطن جي خوبصورتي ۽ اسلوب جي
ادائيگيءَ جو حسن به هر هنڌ نظر اچي ٿو. سندن
شاعريءَ ۾ زورِ بيان ۽ مضمون آفريني سان گڏ سوزو
گداز رندي و مستي ۽ حسن و عشق جا ساغر ڇلڪندا نظر
اچن ٿا. عشق جي ڪيف و مستيءَ ۾ سرشار ٿي بيباڪانه
انداز ۾ فرمائين ٿا.
”ڊڄيو نه محتسب کان نه واعظ کان شيخ کان،
ڪرڻون جي عشق آهي ته هيڏو جگر ڪبو.“
مٿئين شعر ۾ ”هيڏو جگر ڪبو“ اهڙو ته سهڻو ادا ڪيل آهي، جنهن شعر
۾ جان پيدا ڪري ڇڏي آهي. ازانسواءِ بندش ۽ مضمون
آفرينيءَ شعر کي نهايت ئي لطيف بنائي ڇڏيو آهي.
شاعري جذبات جي اظهار جو نالو آهي ۽ جذبات ۾ زياده شديد جذبو عشق جو آهي.
جنونِ عشق ۾ سرشار ٿي پنهنجي شعر ۾ زورِ بياني
پيدا ڪندي فرمائين ٿا:
”محبوب سان پيار ڪبو عمر ڀر ڪبو،
بيشڪ ڪبو، ضرور ڪبو، بي خطر ڪبو“.
۽ وري فرمائين ٿا:
”هڪڙي کي دل ڏيئي نه هزارن سان لائبي،
دنيا ۾ سجده گاه به هڪڙو ئي در ڪبو“.
جوشِ عشق جي انتها ملاحظه فرمايو:
”پرواهه نه ڪر ڪڏهن به ٽڻيءَ ٽامڻيءَ جي ڪا،
سر کي رکي تريءَ تي نه ڪنهن کان حذر ڪبو“.
حضرت طالب الموليٰ جن کي شعر و شاعريءَ سان فطري لاڳاپو آهي؛
اِهوئي سبب آهي جو هو صاحب جيڪو به شعر چوي ٿو، سو
نهايت پر اثر آهي؛ ڇاڪاڻ جو هرڪو شعر واردات قلب
جي تحت لکيو وڇي ٿو ۽ نه رسماً.
زندگيءَ جو حقيقي لطف ۽ مزو محبت مان ئي ميل ٿو، پر جنهن دل ۾
محبت جو گذر نه آهي، سا دل زندگيءَ جي لطف و مسرت
کان يڪسر خالي ۽ بي بهره آهي. زندگيءَ جو حقيقي
لطف ڪيئن حاصل ٿيندو، تنهن لاءِ فرمائين ٿا.
”ائين جيئري جيءُ جئن مرڻ کان پوءِ نه مرين،
جام جيئڻ جو ’طالب‘ هاديءَ هٿان پيءُ،
مرد مچي تون ٿيءُ، محبت جي ميدان ۾“.
زندگيءَ جي انهيءَ نشان افزا مقام تي پهچڻ لاءِ ڪيترائي ڏک ۽
ڏاکڙا، تڪليفون ۽ ڪشالا ڪاٽڻا پون ٿا؛ ڇاڪاڻ جو
حياتي فقط عيش و عشرت ۽ لطف و سرور سان نه آهي،
بلڪ اُن ۾ ياس و حرمان ۽ درد و الم جا جزا به شامل
آهن. هڪ سچو شاعر اُنهن سڀني ڪيفيتن کان ضرور
متاثر ٿئي ٿو. اهڙن ڏکن ۽ تڪليفن کان متاثر ٿي
ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ اُنهن جو حال اوريو
آهي، مگر ”حضرت طالب الموليٰ“ جي ڪلام ۾ ڏکن جو
انداز ئي نرالو آهي. اُنهن ته ويتر راحت ڏني آهي.
فرمائي ٿو.
”دل جي دنيا ته مسرت سان نه آباد ڪجي،
عيش و عشرت کي غمِ يار ۾ برباد ڪجي،
گردشِ پيرِ فلڪ کان جي تڪاليف ملن،
خوب خوش ٿيجي مگر تن کان نه فرياد ڪجي“.
ڏکن کي سکن تي ترجيح ڏيندي فرمائي ٿو.
”ڏکن ڪين ڏکوئيو سُکن ڏنا سور،
ڏکن واري ڏيهه ۾ محبن جا مذڪور،
ڏکين ڏاهپ نه اچي آهن محو ۽ مخمور،
محبوبن جي ملڪ کان ڏکيا ناهن ڏور،
’طالب الموليٰ‘، مرد ٿي محبت ڪر منظور،
آڌي ۽ اسور ڏکن سان پيو ڏور تون“.
عاشق، پنهنجي محبوب جي جور و جفا ۽ ظلم و ستم کان بيزار نٿو
ٿئي، مگر اُن کي عين راحت سمجهي ٿو. هجر و فراق کي
به گلن جي سيج سمجهي ٿو، جيئن فرمائين ٿا:
”داغهائي هجر کان سينو گلستان ٿي ويو،
عاشقِ مهجور يعني گل بدامان ٿي ويو“.
۽ وري ڳاتي هيل فرمائين ٿا.
”با تبسم تيغي ابروءَ سان جڏهن هُن وار ڪيا،
ٿو خدا ڄاڻي ته هرهڪ زخم خندان ٿي ويو“.
عاشق جو عشق اُن حد تائين پهچي ٿو، جتي ستمِ محبوب به لطف کان
گهٽ معلوم نٿو ٿئي ۽ محبوب جي جور و جفا کان خفا
نٿو ٿئي، پر هر هر دعا ٿو ڪري، ته،
”منهنجو ته وار وار ٿو هرهر دعا ڪري،
ڪوسو لڳي نه واءُ سڄڻ کي خدا ڪري“.
”طالب الموليٰ“ جي سعر جي زبان ۽ اُن جي استعمال ۾ انتها درجي
جي سادگي آهي ۽ ان سادگيءَ ۾ ايڏي ته شيريني آهي
جو لطف اچيو وڃي، فرمائين ٿا:
”هن آسري تي پاڻ کي بيمار مون ڪيو،
مَن منهنجو يار منهنجي ڪڏهه ڪا پڇا ڪري.“
حسن و عشق جي شاعريءَ ۾ شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر چشم و نگاهه جي
انهن تمام ڪيفيتن جو اهڙي ذوق ۽ شوق سان ذڪر ڪيو
هجي، جهڙو حضرت طالب الموليٰ جن پنهنجي شاعريءَ ۾
ڪيو آهي. حقيقت هيءَ آهي، ته چشم و نگاهه جي لذت،
حسن جو سڀ کان وڏو انعام آهي ۽ اها نگـﮧ سرمه سا،
شاعر لاءِ سرمايهء نشاط آهي. نگـﮧ سرمه سا ۽ ڪيف
زا کان لطف اندوز ٿيندي فرمائين ٿا.
”عاشق جو درد دل نه خميرن سان دور ٿئي،
ٿيندي شفا جي هو نگـﮧ ڪيفزا ڪري،
زاهد جي زهد جي به ته قلعي کلي پوي،
اُن ڏي حسين ڪو نگـﮧ سرمه سا ڪري.“
چشم و نگاهه جي موضوع تي اهڙو ته رنگين مضمون پيدا ڪيو اٿن، جو
اُن جي پڙهڻ سان حسن و عشق جو هڪ دفتر کليو پوي.
بيباڪ نظرن جي تيراندازي ملاحظ فرمايو.
”ڪاريون ڪيف ڪڪوريل ڪجليون،
ڪن ڪلسائڪي ڪار اکيون،
سارين ٿيون مهيرن کي“.
وري فرمائين ٿا.
”ڪجليون ڪڪوريل ڇا چوان، گهايو وجهن هڪ گهور سان،
نازڪ نهاري ناز سان، پهرين نظر سان پاڪ ڪن،
جنڏي نگاهون ٿيون کڙيون_ جيءَ ۽ جگر ۾ سي جڙيون،
سَو سر ۽ ڌڙ ٿي پيا ڌڙيون_ ڪاريون قتل جي ڪارڪن.“
اکيون به عجيب آهن. فرمائين ٿا.
”اکيون اڳيئي عجيب، ٻيو جو پائن سرمون،
شهزاديون شوق مان نهارين نجيب،
اهي حسن حضرت شاهه جا نوراني نقيب،
گهايو وجهن گهور سان غازي ۽ غريب،
هيرايون حبيب، وَر وَر ڏيو وڙهڻ لاءِ.“
حُسن و عشق جي شاعري نهايت وسيع آهي، پر اُن جي خاص ڪيفيت ۽ لطف
اندوزيءَ جا جيڪڏهن ٻيا به مثال وٺجن، تڏهن به شعر
جي لطافت ۽ حُسن بيان ۾ ”حضرت طالب الموليٰ“ جن
مڙئي سرس نظر ايندا ۽ سندن شاعرانه خوش سليقگي،
بندس، زورِ بيان، رواني برجستگي ۽ طرزِ ادا جي
دلڪشيءَ جو داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.
حضرت ”طالب الموليٰ“ جن انساني قدرن کان به بخوبيءَ آگاهه آهن.
سوز و ساز سان گڏ پنهنجي شاعريءَ کي حياتِ
انسانيءَ جي انفرادي ۽ اجتماعي اقدار جي اصلاح جو
به ذريعو بنايو اٿن. هن موضوع تي به حضرت جن جو
ڪافي ڪلام غزل، نظم ۽ ڪافيءَ جي صورت ۾ به موجود
آهي، مگر جيئن ته اُهو سردست ميسر نه ٿيڻ سبب، هتي
حضرت جن جي بيتن جو سهارو وٺندس، جن ۾ هُن صاحب
انساني قدرن جي ترجامين نهايت خوش اسلوبيءَ سان
ڪئي آهي.
انسان کي گهرجي ته هو پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار کي سنواري ۽ پنهنجي زندگي ۾
پختگي پيدا ڪري. شاعر جڏهن انسان کي پنهنجي اخلاق
کان بي بهره ۽ دنيا جي ظاهري ڏيک ويک تي موهت ۽
اُڻ جي رنگينيءَ ۾ محو ڏسي ٿو ته گهڻو متاثر ٿئي
ٿو. اُن حقيقت حال جو اظهار ڪندي فرمائي ٿو:
”ڏٺا اٿئون ڏيـﮧ ۾ سکن وارا سَوَ،
خوف نه اٿن خدا جو هو رلندي ڪَن ٿا رَوَ،
محبت رکن ٿا مال جي ۽ مچيو ڪَن ٿا مَوَ،
دنيا آهي ڍونڍ تنهن کي ڍونڍيو پيا ڪَن ڍَوَ،
ڏکن جي ڏهڪارن کان ڪَنبيو ڪَن ٿا ڪَوَ،
ڏکن واري ڏيـﮧ کان ڪَن ڀورا ڀڄيو ڀَوَ.
’طالب‘، موليٰ ساڻ هو نٿا لائين لَوَ،
هينئڙي اندر هَوَ، هو ڪانه رکن ٿا قرب جي“.
انسان مان هُن جي خودپسندي، خودنمائي ۽ خودطلبيءَ سبب، غيرتِ
نفس جو احساس ئي موجود نه رهيو آهي؛ شاعر جي نظر ۾
اهو غيرتِ نفس هڪ نور آهي جو حق سبحان تعاليٰ کان
هن کي عطا ٿيل آهي ۽ ان سان انسان جي اخلاق ۽
اعمال ۾ پاڪيزگي ۽ سيرت و ڪردار ۾ بلندي پيدا ٿئي
ٿي، پر اِها عجيب دولت به عشق حقيقيءَ کان سواءِ
حاصل ٿيڻ مشڪل آهي ۽ جيستائين عشق جي حقيقي ڪيفيت
کي حاصل نٿو ڪجي، تيستائين ان منزل تي پهچي نٿو
سگهجي. شاعر انسان کي ان منزل جي راهه ڏسيندي کيس
غيرتِ نفس جو احساس ڏياريندي فرمائي ٿو.
”جيئڻ جن جهاد مرڻ تن مشاهدو،
مَن عرف نفسـﮧ فقد عرف ربـﮧ اعليٰ هي اِرشاد،
الحب الله و البغض الله چئي عاشق ٿي آزاد،
’طالب موليٰ‘ مرد ٿي، پنهنجو وڄائي ناد،
عالم کي آباد_ شل الله ڪري عشق سان“.
راهِه حق کي ڪيئن ڳولجي تنهن لاءِ فرمائين ٿا:
”پهرين پس پرين جو جلوه ۽ جمال،
پوءِ عاشق عجيبن جي ڪر قرب ۾ ڪمال،
شريعت ۾ شير ٿي وٺ حقيقت جو حال،
طريقت ۾ ترقي ڪري ميڙ معرفت جو مال،
پوءِ ووڙي لهه وصال ’طالب موليٰ‘ مرد ٿي“.
تصوف جن دامن ۾ ڪيتريون ئي دل آويز، الخاقي ۽ روحاني حقيقتون
موجود آهن ۽ هڪ شاعر، خوش سليقي سان اُنهن حقيقتن
مان موتي چونڊي جڏهن شعر جي لڙين ۾ پُوئي ٿو ته
اهي نه فقط دلڪش ٿين ٿيون، پر سبق آموز به؛ حضرت
جن تصوف جي چراغ سان پنهنجي شاعريءَ جو ڪاشانو
روشن ڪري پنهنجي ڪلام ۾ عجيب لطافت پيدا ڪئي آهي.
فرمائين ٿا،
”سا ڪا ٻولي ٻول، جنهن سان راءُ ريجهايئين،
ڳجهه اندر جي ڳالهڙي ڳهلو ٿي مَ ڳول،
ڪانڌ تنهنجي ڪول_ تون وڃين ڇو وڻڪار ۾“.
”مؤليٰ جي محبت، رک تون روح اندر ۾،
سدا سهاڳي آهي، سهڻي جي صحبت،
محبت ۽ معرفت، ماڻ ته پوءِ مرد ٿيئين“.
”جن پاڻ فنا ري الله ڪيو اثبات،
ڪُل شيءِ محيط، آهي تنين کي تجلات،
هردم آهن حيات، و مرد مرن ڪينڪي“.
جهامنداس ڀاٽيا
آسمان
نيلي گنبذَ جي ڇَتِ، مَت کي مست ڪيو، الست جو آواز بي آواز
الائي، ٻڌائي رهي آهي. ٻول حيرت ۽ عبرت جا. پولارَ
۾ آڌار آهي پَرندي جو؛ آڪار آهي اُن ۾ سرودَ جي
سرندي جو؛ للڪار آهي لاهوتي سندس حسن جي هٻڪار ۾.
چمن آهي چَمڪ جو آسمان! ڇَمڪَ ڇٻيليءَ جو آهي او
نيشان. ڪِٿ آهي ڇانگ ڇيلن جو گهمسان؟ گهرَ آهي
گهمندڙن جو آسمان. تَرُ اهي تارن جو آسمان؛ ڪهڙو
تڏهن گمان ته آسمان آهي نانهن جو مڪان.
رات جڏهن جهوڪَ جهان تي ماري؛ آسمان تڏهن سِرهَه سنڀاڙي اُڪاري
آبدار آبَرَ ديس پرديس.
تاتِ تارن جي تکي آسمان جهلي؛ ٽم ٽم وارو حسن ڇُو هو ڇقلي. ڇُلي
ڇاتي اِنساني ٻاري، ٻارڻ هڪو؛ آسمان جو تيج آهي
توائي ۾ تکو.
ڪئن ٿيون ايهي لاٽون لهن سنسار تي؛ ڪئن ٿا چشما ايهي بيهن آسمان
تي؛ ڪئن وري ڪن رقص رمڻيون ته آدم حيران ٿئي! نڪو
قصد ڪو ابهو آسمان کي؛ نڪو ناتو نينهن جو ڪو آهي
انسان کي؛ ڇو تڏهن او ٿو ناحق پريشان ٿئي؟
ڪائنات جي قوت ڇا، آهي آسمان ۾؟ ڪائنات جي لذيت آهي ڇا، آسمان
۾؟ انسان جو عَقُل ڇا آهي بيابان ۾؟ اکيون اکن
جهڙيون مگر اکن ۾آگ جو آکيرو؛ لقاءُ ساري لک جو
لکائن چڱيرو؛ وِ رهَه جو ويڙهو آهي اکن جي آسمان
۾، ڏسڻ ڏسڻ جو سنڌو لاشڪ؛ انسان ڪيڏي ڪَمفهمي ڪري
چَڪِ چَڪِ؛ آسمان چُپ چاپ ۾ چکي ٿو ڍَڪِ ڍَڪِ.
آسمان! رنگ تنهنجو نيلو، ونگ وجهي وِ رهه وارن کي؛ يوڳيءَ جو يوڳي رنگ ۾ رتو
رهي ته رڳن ۾ رَسُ ۽ جَسُ لهي.
(2)
ڪائنات جي ڇِتِ بنجي ڀائرن کي ڀيرو بنائي؛ ڀتيون وِٿيون ڀل
وجهن؛ مگر ڇِت هڪڙي هڪ بنائي؛ آسمان ايڪائي جو
گهنڊ چُپ چاپ ۾ پيو وڄائي.
آسمان پولار آهي. حيرت اها آهي ته حسن جي پوک، سونهن جو سرود،
روشنيءَ جي رم جهم ڪئن ٿو اڇي اُهو جنهن جي هستي
آهي ئي ڪين.
حقيقت آهي حسن. سرود به ڪو خيالي ڪينهين. عالمن ۽ عارفن حق ايهو
ڪيو قبول. چون ٿا آهي آواز ايهو ڪائنات جو مول.
آسمان کي اِسم آهي، جسم آهي، جمال آهي جلال آهي، پوءِ ڪمال
ڪاريگر جو رازُ ڪئن نه منجهس سمايل هوندو؟
ڪَڪَرَ سطح سندس تي پنهنجا بوراڪَ چلائن؛ سج چنڊ پنهنجون
حياتيون اُت هلائن ۽ ٻڌائن ٻول ڄاڻن کي.
ڪهڙي گهر ۾ ٿو چنڊ ويهي، ڪهڙي در کان ٿو سورج پيهي؛ ڪيترو وقت
ڇنڇر ڇالون ماريندو، ڪيترو وقت شِڪرُ پنهنجو
چَڪَرُ پورو ڪرڻ ۾ وٺندو.
ايها حڪمت ڄاڻو ڄاڻن مگر عام ته نه هيءُ ڄاڻن ۽ نه هو پڇاڻن
پوءِ ڪئن اُماڻن انومان دنيا هڪ مان ٻيءَ ڏي؟
(3)
آسمان جي اُتانهن تان اچن آواز ٿا. رازَ اُهي ٿا الائن انقلاب
جا.
انقلاب جا اقرار آهن اسرار آسمان جا.
تواريخ چوي کڻي هيءُ آهن نيشان انسان جا؛ مگر آسمان خاموشيءَ ۾
آغوش پنهنجي ۾ کڻي انسان کي، اُڇلائي ٿو کيس مقام
تي ۽ پوءِ چويس پيو ”او انسان ٻڌاءِ، مست آهين،
مستان آهين مستيءَ ڪهڙيءَ ۾“.
شاهوڪار هئين، شهزور هئين مگر هاڻ، ماڻ تنهنجو ڪٿ؟ تاڻ تنهنجو
ڪٿ؟ واڻ تنهنجو ڪٿ؟ واهڻ تنهنجو ڪٿ؟
انسان جي ڊُڪَ وري به آسمان ڏانهن.
آگي جو آکيرو آسمان جي اونهائين ۾ ڀانئين ڀُليل رُليل ۽ ڀلارو،
ٻارُ خواهه ٻڍو اکيون آسمان ڏانهن اُڀاري التجا،
عاجزيءَ مان ڪندو ٿو رهي. آرام ۽ آٿت لهي به اُتان
ئي ٿو. اُهي ڪير وري ٻيو جو بي سهارن جو سهارو
ٿئي.
اکر آکي ٿو ڪين آسمان؛ يقين ته به ڏئي ٿو؛ طاقت طاعت ۽ عبادت جي
ٿو بخشي.
ڪيڏو نه قَدُ آهي آسمان جو؛ ڪيڏو نه شان آهي سندس ڪمان جو.
هڪ هڪ رنگ مهمان آهي جي ته ميزبان به ٿئي ٿو اوئي.
(4)
ستارن جو سور نو روز جو نعرو هڻندو ٿو رهي. ڏينهن رات هڪ ڪيو ٿا
ڇڏين. سڌ ڪا کين سور جي؛ نه وري ٻڌ کين ٻوڙ جي؛
نور جي نمڪين نر واري سندن آهه نرالي. سرڪو سندن
قدمن جو نه چرڪي جو چٽ ٿو ڇڏي ۽ نه وري ترڪو تيج
جو ٿو ڇٽي.
عڪس آهي ڪنهن جو؛ رقص آهي اهنجو ته به سهنجو آهي سٽاءُ وارو
سونهن جو.
روشني جو رونشو آهي ڪِ محفل آهي مهتاب جي جت آفتاب پنهنجو آب ۽
تاب ڏيکاري سگهي ئي ڪين!
سنتري سنوان سڌا پنهنجي فرض ادائيءَ جو ثبوت خدائي ۾ ڏيندا ٿا
رهن.
|