سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ (رني ڪوٽ نمبر)

مضمون

صفحو :8

  

ڪرنل صاحب جي فن تعمير جي ڪيتري ڄاڻ آهي، ان جي  اسان کي خبر نه آهي، البت اهو چئي سگهون ٿا ته اهڙي عمارت، جنهن جي تعمير کي 2  (ٻه هزار) سال ٿيا هجن، اُن وچ ۾ سندس مرمت به نه ٿي هجي، اهڙي حالت ۾ هرگز رهي نٿي سگهي. دراصل وڪڙ جا دروازا توپ جي ايجاد کان بعد جا آهن، جيڪي مغلن جي دور کان ٿورو اڳ جا هوندا، ڇو ته اڳ جي دور جي قلعن جا دروازا سنوان سڌا ديوار ۾ لڳايا ويندا هئا. اهي اڪثر ڪاٺ جا هوندا هئا. انهن ۾ ڪـِـيـرَ ۽ ڪلا هڻي مضبوط ڪندا هئا ته جيئن هاٿين جي ٽڪر سان ٽٽي نه پون، پر جي سڌا دروازا هوندا ته پري کان توپ جي گولن سان ٽٽي پوندا هئا، انڪري وڪڙ سان دروازا ٺاهيا ويا ته جيئن توپ جي گولن کان محفوظ رهي سگهن.

آءٌ ائين ڪو نه ٿو چوان ته سنڌ جا ٽالپور امير ڪو انهن ورن وڪڙن، خفيه دروازن يا قلعن جا مؤجد آهن، مگر هند و پاڪستان وارو سنڌ کان سواءِ اهڙو ڪوٽ نه آهي، جنهن جو دروازو وڪڙ وارو هجي، ڇو ته ڪرنل صاحب ٻن ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي: (1) هندستان جا قلعا (2) قلعبندي جي تاريخ جي هندستان جا قلعا، ٻئي سڊني ٽاءِ وليم جا 1955ع جا لنڊن جا ڇپيل آهن. انهن ۾ اگر وڪڙ وارن دروازن وارو قلعو هجي ها ته خواجه صاحب ذڪر ڪري ها. پاڪستان ميوزيم لائبريريءَ ۾ انهن ٻنهي ڪتابن کي مون به ڏٺو آهي. انهن ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه نه آهي.

بدقسمتي اها آهي ته خواجه صاحب، ٽالپورن اميرن جي دور جي ٺهرايل قلعن کي تفصيل سان ڏٺو ئي ڪو نه آهي. ڪوٽ ڏيجي خيرپور جي اميرن جو ٺهرايل قلعو ۽ نئون ڪوٽ ۾ ميرپور خاص جي اميرن جو ٺهرايل قلعو (ڊسٽرڪٽ گزيٽ ٿرپارڪر موجب 1906ع، مير علي مراد خان ٽالپور ميرپور جو حاڪم) جا دروازا هوبهو اهڙي نموني جا آهن، جهڙا رني ڪوٽ جا. ساڳيا ور وڪڙ، ساڳيو دروازن جي مٿان ونگ جو نمونو، ساڳيو سردره. ته ڇا اهي دروازا سٿيو ساساني دور جا آهن، جي رني ڪوٽ کان اڳ جا آهن.

هن مان صاف ظاهر آهي ته اهي قلعا جيتوڻيڪ مختلف حاڪمن جا ٺهرايل آهن، مگر اهي هڪ ئي ٽالپور خاندان جا فرد آهن. هڪ ئي زماني يا صديءَ اندر ٺاهيا ويا آهن. انهيءَ وقت جي معمارن جو هڪ ئي ڪلاس آهي، جن ٽئي قلعا اڏيا ۽ انهن کي بنا دليل جي قديم سڏڻ هڪ غلط خيال ۽ راءِ آهي.

حيدرآباد واري قلعي جو دروازو سنئون سڌو آهي، جو اهو ٽالپور اميرن نه بلڪ عباسي ڪلهوڙن جو ٺهرايل آهي، لاهور جي قلعي جو دروازو ڏيڍين اندر مخصوص آهي. مگر ٽالپورن جي قلعن کان دروازو قدري مختلف آهي.

اهم اعتراض قلعي جي ديوارن متعلق ته ديوارون سٿيو ساساني دور جون آهن، پاڻ نه ته ان متعلق اهو ڪونه ٻڌايو اٿس ته فلاڻي قلعي جون ديوارون به رني ڪوٽ جهڙيون آهن، نه ڪي فوٽو ڏيکاري قلعن ۾ مشابهت ڏيکاري اٿس.

مان ڀانيان ٿو ته ڪرنل صاحب ٻين قلعن جي ديوارن جو بيان انڪري نه ڏنو آهي ته اهو سندس حق ۾ نه آهي، ورنه انهن ٻن ڪتابن، جيڪي سڊني ٽاءِ جا لکيل آهن. فوٽو ڏسي ڪو اناڙي ۾ اناڙي به چئي سگهندو ته انهن قلعن ۽ رني ڪوٽ جي ديوارن جي وچ ۾ عظيم فرق آهي. انڪري خواجه صاحب انهن ڪتابن جي حوالي يا صفحي جي نمبر لکڻ کان گريز ڪئي آهي، نه وري رني ڪوٽ جي قلعي جي ديوارن تي يڪ طرح ايڏو بيان ڪرڻو ٿو پوي. انڪري عالمن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به مسئلي جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ Comparative Study  نهايت  ضروري آهي.

خواجه صاحب الاجي ڇا ڇا لکي ويو آهي. پـُـل، منارا، مستطيل منارا وغيره اهي سڀ تفصيل صحيح نه آهن، پر جي هجن ته به ديوار قديم دؤر جي ثابت نه ٿي ٿئي. سڄو بحث لاحاصل. خواجه صاحب ديوار بابت تمام گهٽ بحث ڪيو آهي، يعني 18 صفحن جي مضمون ۾ ديوار متعلق صرف يارهن سٽون، سي به سندن حق ۾ نه بلڪه خلاف وڃن ٿيون.

سڀ ته نه بلڪه اڪثر هندستان ۽ ٻين قلعن جون ديوارون بلڪل سڌيون آهن. ڪن ڪن کي هيٺ پلنٿ آهي ته ڪن کي نه، پر رني ڪوٽ جي ديوار ائين آهي. جيڪڏهن ان کي ڏسبو ته پاڙ ۾ پلنٿ ۽ ديوار اڌ گول ۽ لهواري آهي. هيٺ پاڙ وٽ ڪوٽ جي ديوار کان مٿي ديوار، ڪجهه اندر تي مڙيل آهي، جيئن خواجه صاحب جن لکن ٿا ته  ”اُها ديوار مٿان کان هيٺ بلڪل سنئين سڌي نه آهي، نه وري عمودي خط ۾ مستقيم آهي، بلڪ ڪجهه قدر نميل آهي. اُن لاءِ ته ان جي مضبوطي ۽ استواري هميشه قائم رهي“ دراصل انهيءَ ديوار جي بناوٽ ٻين قلعن ۾ ان نموني نه آهي: ليڪن سنڌ جي ٽالپوري قلعن يعني ڏيجي جو ڪوٽ، نئون ڪوٽ ۽ رني ڪوٽ جي بناوٽ پيڙهه کان چوٽيءَ تائين هڪجهڙي آهي، نه ڪي سٿيو ساساني دؤر جي ديوارن جهڙي، جن جو شايد دنيا ۾  ان حالت ۾ ڪو قلعو به نه ملي. نه رڳو ايترو، بلڪه کيرٿر ۾ جيڪي قلعن جون ديوارون 2-4 فوٽ سلامت به آهن ته انهن جي به پيڙهه جي بناوٽ رني ڪوٽ سان ذرو به مشابهت نه ٿيون رکن.

مان هاڻي ديوار ۾ ڳڙکين، ٽـُـنگن، درين ۽ برجن جو ذڪر ڪندس، جن کي بندوقن، توبن، تير اُڇلائڻ، گرم پاڻي ۽ تيل اڇلائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان مان بندوقن ۽ تير هڻڻ وارين جاين، ڳڙکين ۽ ٽنگن کي سنڌيءَ ۾ مارو چيو ويندو آهي.

ياد رهي ته بندوق توپ جي دؤر کان اڳ ۽ ان کان پوءِ قلعن جي تعمير ۾ وڏو فرق آهي. هر دؤر جي فرق کي نمايان بيان ڪرڻ کپي ها. ليڪن خواجه صاحب کي ان فرق کي جدا جدا بيان ڪري، رني ڪوٽ جي ديوار جي مارن کي ڪنهن نه ڪنهن دؤر سان مشابهت ڏيڻ کپي ها. ان دؤر جي قلعن جا فوٽو، نه ته نالا ضرور لکڻ کپن ها، ته فلاڻي ڪتاب جي فلاڻي صفحي تي جيڪو فوٽو آهي، اهو سٿيو دؤر جو يا قبل توپ و بندوق جي دؤر جو آهي، جنهن ۽ رني ڪوٽ ۾ مشابهت آهي.

مسٽر سڊني ٽاءِ قلعي بنديءَ جي تاريخ ۾ صفحي 212 تي لکي ٿو ته گرم تيل ۽ پٿر اڇلائڻ لاءِ جيڪي دريون يا ڳڙکيون قلعن ۾ هونديون هيون، سي ويڪر ۾ 5 کان 6 فوٽ ۽ ڊيگهه ۾ ساڍن ڇهن فوٽن کان 9 فوٽ هونديون هيون. اهي اڪثر قلعي جي چوٽيءَ تي يا ان کان ٿورو هيٺ هونديون هيون. هن ڪتاب ۾ تصويرون ڏئي سمجهايو آهي، مگر رني ڪوٽ ۾ ڪا به اهڙي دري يا جڳهه نه آهي. اهو ثبوت آهي ته قلعو بندوق جي دؤر کان اڳ جو نه آهي.

قديم وقت جي قلعن ۾ نيزن ۽ تيرن هڻڻ لاءِ گول يا مستطيل هڪ فوٽ جي ويڪر وارا ڳـڙک هوندا هئا، اهي اڪثر ڪري قطارن ۾ نه بلڪ هيٺ مٿي هوندا هئا، جيڪي رني ڪوٽ ۾ به بلڪل نٿا ملن. گهڻو بعد مغلن جي دور ۾ جيڪا هنن تعميرات ڪرائي، تنهن ۾ هنن اهي مارا، خاص ڪري نارن جي شڪل ۾ قلعن ۾ ٺهرايا،  مگر نارو ديوار کان ٻاهر هوندو آهي. هي مارا ديوار جي ٻاهرئين طرف، ديوار ۾ اندر لڪل آهن. لاهور جي يا ٻين قلعن ۾ به اهي مارا چوٽيءَ کان 3-4 يا 5 فوٽن تائين آهن، جيڪو نمونو ڪجهه رني ڪوٽ سان ملي ٿو.

سنڌ جي ٽالپوري دور جي قلعن، جهڙوڪ ڪوٽ ڏيجي، نئون ڪوٽ ۽ رني ڪوٽ جي ديوارن ۽ انهن جي مارن جي وچ ۾ ڪو به فرق ڪو نه آهي. اگر ڪنهن غير واقف ماڻهوءَ کي ٽنهي قلعن جي ديوارن جون تصويرون ڏيکاريون وڃن ته ڪو به فرق محسوس نه ڪندو. سنڌ جي قلعن ۾ هڪ ٻي به خصوصيت آهي ته اهي چوٽيءَ کان هيٺ 15-20 بلڪ 25 فوٽ ڊگها آهن. پيڙهه کان فقط 5-10 فوٽن تي اچيو ختم ٿين بمع حيدرآباد قلعو. ان نموني جي تعميرات دنيا جي ٻين قلعن ۾ نٿي ملي. انهن مارن جي ويڪر 5-6 انچ بلڪ 8 کان وڌيڪ نه آهي، جنهن مان پٿر هيٺ اڇلائي سگهبو، فقط ان کي ريڙهي هيٺ ڪيرائي سگهبو. مون عملي تجربو ڪري ڏٺو ته اهو پٿر دشمن کي لڳندو ئي ڪو نه. وڌ ۾ وڌ ته هو پنهنجي ڍال تي روڪي سگهندو. هي مارا پٿر اڇلائڻ لاءِ نه آهن، پر بندوق هڻڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن. ساڳيءَ طرح اگر تيل پاڻي گرم ڪري هنن مارن ۾ نائبو ته ڪجهه ته فصيل تي بيٺل سپاهين جا پير ساڙيندو، باقي وڃي قلعي جي ديوار تي ڪرندو، ڇو ته ديوار جي بناوٽ اهڙي آهي.

آئون، سنڌ جي مخصوص طرزِ تعمير جنهن کي ٽالپور تعمير سان منسوب ڪري ٿو سگهجي، ان جو هڪ مثال ڏيان ٿو. 1843ع ۾، سنڌ تي انگريزن جي قبضي بعد، نام نهاد ڪميشن وهاري سنڌ جي قبضي مان سرحدي پٽيءَ جا 10-12 ميل حصو راجائن کي ڏنو ويو، جنهن ۾ خيرپور جا 3-4 قلعا (تاريخ خيرپور، مصنف مرزا قليچ بيگ بزبان سنڌي) ۽ ٻاکاسر شهر به هو. (ميمائرس آف ٿر ائنڊ پارڪر از: ڪئپٽن ريڪس) 1965ع جي انڊو - پاڪ جنگ دوران پاڪستاني فوج ۽ حر مـجاهدن جيسلمير محاذن تي انڊيا جا ٻه قلعا هٿ ڪيا. (1) گهوٽارو (2) ڪشن ڳڙهه. ڪشن ڳڙهه ته اصلي راجائن جو ٺهرايل هو ۽ گهوٽاري جو قلعو اصل خيرپور جي اميرن جو ٺهرايل هو، جو پوءِ انگريزن راجائن کي ڏئي ڇڏيو. اخبار جنگ ۾ 8 جولاءِ 1965ع ۾ هـنـن ٻـنـهـي قـلـعـن جا فوٽو به شايع ٿيا هئا. ٻنهي جي تعمير ۾ نمايان فرق آهي. گهوٽارو ٽالپورن جو قلعو عين رني ڪوٽ ۽ ٻين ٽالپورن جي قلعن جهڙو آهي، گويا ٽالپورن جي مخصوص طرزِ تعمير ان وقت رائج العام هئي ۽ ان گهوٽاري جي قلعي جي ديوار ۽ مارا عين بين رني ڪوٽ وارا آهن. فصيل جي ڪنگرن يا چوٽين جي شڪل ۽ بناوٽ ڪوٽ ڏيجيءَ جي آهي. اهڙيءَ طرح ڪنهن به نموني رني ڪوٽ جي دروازن، ديوار ۽ ٻي بناوٽ کي قديم چئي نه ٿو سگهجي. اگر رني ڪوٽ قديم آهي ته قلعي گهوٽارو، ڪوٽ ڏيجي، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد جي قدامت به ان دؤر سان لڳائڻي پوندي.

صاحب مضمون يا جيڪي رني ڪوٽ کي قديم چون ٿا، تن کي واضح ڪجي ٿو ته موجوده بناوٽ ۽ ساخت 2 هزار سال قديم هرگز نه آهي. پوءِ طوعاً و ڪرهاً چون ٿا ته شايد ٽالپورن مرمت ڪرائي هوندي. مگر ڏسجي ٿو ته لفظ  ”ٽالپور“  به مشڪل سان لکيو ويو آهي. سندن مضمون جا چند ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا:

رساله مهراڻ صفحو 147:  ”ڇو ته سنڌ جي حاڪمن وقت بوقت انهن ديوارن جي پئي مرمت ڪرائي آهي، تنهن ڪري عمارت سازيءَ جي سموري جس انهن کي ئي حاصل ٿئي ٿي.“  اهو هڪ ڌُڪو آهي ته ديوارن جي مرمت ڪرائي وئي آهي. انهن حاڪمن جو نالو گم، دؤر گم ۽ گهراڻو گم. مرمت انهيءَ شيءِ جي ڪرائبي آهي جيڪا پاڻ کي يا ٻئي ڪنهن کي ڪم اچي. هن رني ڪوٽ جو نالو ته تاريخ ۾ ئي ڪو نه ٿو ملي. پوءِ مرمت ڪرايائون، ان مان فائدو نه ورتائون. اهڙي اهم قلعي کان فاتح يا مفتوح نه ڪم ورتو، نه استعمال ۾ آندو ۽ نه ڪنهن قصي ڪهاڻي يا روايت. باقي مرمت ڇو؟ ڇاڪاڻ ته بنان مرمت جي 2000 سال جي ديوار ته ٺهندي به نه. سو ان جي مصنوعي قدامت ڏيکارڻ لاءِ قلعو مرمت ٿيو هوندو ۽ اسان چئون ٿا ته مرمت ڪا نه ٿي آهي. ثابتيءَ جو بار دعويٰ ڪندڙ تي ئي هوندو آهي، نه ته اسان صحيح آهيون ته قلعو قديم نه آهي.

رساله مهراڻ صفحو 49:  ”دراصل مون کي ته ائين معلوم ٿئي ٿو ته گول منارا اصل هئا ئي ڪين“ ، پر  اها راءِ آهي، بنا وزن جي، ان تي ڪير هلندو؟ وري صفحي 56 تي لکن ٿا ته  ”ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ٽالپوري دؤر ۾ هن قلعي جي مرمت ٿي هوندي، منجهس ڪجهه ڦير ڦار به ٿي هوندي.“  خواجه صاحب ان ڦير ڦار جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي ته ڪهڙي قسم جي ٿي هوندي، جڏهن ته مرمت جا ٽالپور مدعي ڪو نه آهن ته پوءِ ڇو ٿا اها جوابداري انهن تي ڌريو. صفحو 59-  ”ٽالپورن ۽ ميرن هن قلعي کي پنهنجي رهائشي مقاصد لاءِ پڻ استعمال ڪيو هوندو. شايد ضرورت جي وقت ان کي پناهه جي جاءِ طور پڻ استعمال ڪيو هجي.“  شايد جو لفظ شڪ جو آهي. ٽالپورن جي حڪومت جي ڪا ڳالهه تاريخ يا ڪتابن کان لڪل نه آهي، پر جي ڪتابن ۾ نه آهي ته لوڪ روايت ۾ ضرور ملندي. 1843ع ۾  ”شير سنڌ“  مير شير محمد خان ٽالپور واليءَ ميرپور خاص، جن جو ڪٽنب انگريز جي لڙائي بعد، سنڌ ۾ جڏهن گوريلا جنگ لڳي، تڏهن ٿوري عرصي لاءِ هت رهيو. خواجه صاحب جي چوڻ موجب ته رني ڪوٽ جو قلعو ٽالپور اميرن جو نه آهي. ان تي هن صاحب جيڪي اعتراض اٿاريا آهن، تن مان هڪ اهم اعتراض هيءُ به آهي ته ٽالپورن ۽ ڪلهوڙن جا جيڪي به قلعا لڌا ويا آهن، سي سنڌونديءَ جي اوڀر طرف آهن، نه ڪه الهندي طرف (صفحو 59).

جيڪڏهن انهن کي اولهه کان خطرو نه هو، ته پوءِ مرمت ڇو ڪرائين، مرمت تي سو به ان وقت جا 17 لک روپيا، اڄڪلهه جي 17 ڪروڙن کان به وڌيڪ آهن، ڇو خرچ ڪن؟

قلعي جي مرمت بابت هڪ خيالي بلڪه مان ان کي غير تاريخي ماڻهوءَ جي ڄاڻ چوان ته به درست آهي ته ٽالپورن جا قلات جي خان سان اختلاف هئا، ان ڪري هنن قلعي جي مرمت ڪرائي. ان بابت نه ته اختلاف جو ذڪر ڪيو اٿن ۽  ان جي ڪا سـَـنـَـدَ. جيڪڏهن بي سـَـنـَـدَ جو اسان سـَـنـَـدَ سان جواب ڏيون ته مقالي مان ڦري ڪتاب ٿي پوندو. ڀلي ڪو صاحب سـَـنـَـدَ سان ان کي رد ڪري، پر اسان جو احوال سـَـنـَـدَ آهي.

تاريخ يا روايت ۾ ڪلهوڙن خواهه ٽالپورن جي حڪومت وقت، اڪيلي سر قلات جي فوج ڪڏهن به فتح نه پاتي آهي ۽ نه سنڌ جي فوجن کي شڪست ڏني اٿن. بلڪ جڏهن به هت آيا ته پٺاڻ لشڪر سان گڏ طفيلي بنجي آيا. ڪلهوڙن جي لشڪر ۾ غالباً اڪثريت سندن بلوچ مريدن جي هئي، جنهن جي اڳواڻي ٽالپور سردارن جي هٿ هيٺ هئي.

قلات جو خان عبدالله، جنهن کي خان قهار ۽ جبل جو شاهين به چوندا هئا، ان ڪڇي کي فتح ڪرڻ لاءِ ڇيڙڇاڙ شروع ڪئي، جتي اڪثريت بلوچن جي هئي.

تاريخ ڪلهوڙا مولوي غلام رسول مهر صفحو 390 کان 399 موجب خان عبدالله 1731ع ڌاري حملو ڪيو، جا ننڍيري سبي ضلعي ۾ ڪا جاءِ آهي. ڪلهوڙن جي فوج ۾ نامور سردار مير ڄام نندو، مير بهرام، مير چاڪر، مير شاهه علي، مير خيرو خان، دادو، مراد ۽ شاه بهارو (مير مسو خان) هئا. باوجود سخت بهادري ڏيکارڻ جي، ڪوهستان جي شهباز کي شڪست آئي، بلڪ پاڻ مارجي ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته نادر شاهه ڪڇيءَ جو علائقو، ڪلهوڙن کان ڦري، قلات کي ڏئي ڇڏيو.

ميان عبدالنبي ڪلهوڙي پنهنجي مدد ۽ ٽالپورن خلاف حملي لاءِ عمر ڪوٽ جو قلعو راجا جوڌپور کي، ڪاڇو ۽ ڪراچي خان قلات کي ڏنا. ٽالپور فوج ميان صادق محمد عباسيءَ جي حڪومت ۾، جوڌپور  ۽ قلات ٻـنهي فوجن کي شڪست ڏني. بروهيءَ جي فوج، جنهن ۾ ميان ۽ سندس سنڌ وارو همراه، بروهين جي فوج جو مهندار مير زرڪ بروهي نصير خان اعظم والي قلات جو داماد هو، اهو به مارجي ويو ۽ سنڌ جي فتح ٿي. اها لڙائي پل چالڪ جي جنگ سڏجي ٿي، غالباً لاڙڪاڻي ضلعي ۾ لڳي هئي.

هسٽري آف سنڌ (انگلش) صفحو 206 از مرزا قليچ بيگ، مير ڪاڇو (نين مان آباد ٿيندڙ علائقي) به 1792ع ۾ هٿ ڪيو، جيڪو ڪلهوڙا خان کي ڏئي ويا. بلڪ ڪابل حڪومت به خان جي آهه و فغان ٻـڌي. ان وقت قلات جو حاڪم نصير خان هو، جنهن کان وڏي ۾ وڏي لشڪر وارو قلات جو ڪو به حاڪم نه ٿي گذريو آهي.

اهڙيءَ طرح ڪراچي به خان قلات کان بذريعه زور بازو واپس سنڌ جي حڪومت هٿ ڪئي. قلات جا حڪمران ڪجهه به نه ڪري سگهيا. ٽالپورن جي مقابلي ۾ قلات جي قوت ڪجهه به نه هئي، نه وري ٽالپورن کي قلات کان خوف هو. بلڪه مير مراد علي خان قلات جي خان جي ڀائٽئي ۽ رندن جي سردار شير محمد جي همشيره هن سان شادي ڪرائي دشمنيءَ کي دوستيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو. بلڪ نهمردي، جي مغلن جي حڪومت ۾ درد سر هئا ۽ ڪلهوڙن جا مددگار هئا، سي به ٽالپورن حڪمرانن جي پيش پيا. انهن مان ئي هن ايراضيءَ کي خطرو هو. اهي ٽالپورن جا رشتيدار بنجي پيا. (هسٽري آف ائلي نيشن صفحو 5، حصو 2) ملڪ احمد خان بلفت (نهمردي) جي هڪ دختر سان هزهائينس مير ڪرم علي خان شادي ڪئي ته ملڪ احمد خان جي همشيره سان هزهائينس مير نور محمد خان شادي ڪئي، ان ڪري ڪو به علاقائي يا قلات جو خطرو نه هو.

جاگرافيءَ جي ٿوري به ڄاڻ رکندڙ چئي سگهندو ته رني ڪوٽ وٽان، کيرٿر جبل مان ڪو به اهڙو لڪ يا رستو ڪو نه آهي، جتان ڪا وڏي فوج يا توبخاني سان اوچتو حملو ڪري سگهجي. قلات جي فوجن هميشه وڏن وڏن لڪن کان حملا ڪيا آهن، جيڪو لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد مان رستو ٿي سگهي ٿو ۽ انهن جي خطري کان قلعو به اوڏانهن ٺاهڻ کپين ها، نه ڪه بقول خواجه صاحب رني ڪوٽ ۾. قلات جي فوج ٻاهرين حملن ۾ ڪڏهن به 12 هزارن کان مٿي نه رهي آهي، اها به بروهين جي. ٽالپورن جو بلوچي گهگهي جو ننگ ۽ برادري سبب خود يا ته بلوچن کي حملي ۾ استعمال نه ڪن ها يا وري بلوچن جو ڪردار مشڪوڪ رهي ها. 10-12 هزار فوج لاءِ 15 يا 24 ميلن جي قلعي جي نه ضرورت هئي، نه وري ايڏي خرچ جي ضرورت.

قلات جي حالت ان وقت اها هئي، جو نصير اعظم 1795ع ۾ وفات ڪري چڪو هو ۽ سندس صغير پٽ مـير محمود خان تخت تي ويٺو ۽ هن جي خلاف نصير خان جي وڏي ڀاءُ، مير محبت خان جي پٽ، شهزادي بهرام خان گوڙ مچائي ڇڏيو. محمود خان جا ماٽيجا ڀائر مير مصطفيٰ خان ۽ مير رحيم خان پاڻ ۾ اختلاف ڪري هڪ ٻئي ۾ وڙهي مارجي ويا (هسٽري آف بلوچستان از: مولائي شيدائي، صفحو 61-64).

قلات جهڙي ننڍڙي علائقي جي حاڪمن مان ڪنهن کي ڊپ ٿيندو، جو 17 لک رپيا خرچ ڪري ويران قلعي جي مرمت ڪرائي. تاريخي نقطه نگاهه کان خواجه صاحب جي سوچ صحيح نه آهي ته ڪو قلات جي حاڪمن جي ڊپ کان هنن قلعي جي مرمت ڪرائي. قلعي ٺهرائڻ جو سبب ٻيو آهي، جو اڳتي هلي سمجهايو ويندو.

اسان ڪيترن ئي ڪتابن تان قديم و جديد فوٽو هٿ ڪيا آهن. سنڌيالاجيءَ ۾ فوٽن ڏيکارڻ لاءِ پروجيڪٽر آهي، اسان جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا کي استدعا ڪئي آهي ته هو هن سيمينار ۾ فوٽن ڏيکارڻ جو بندوبست ڪرڻ فرمائين، تاڪه خواجه صاحب جي دليلن ۽ ثبوتن جي درستيءَ جي خبر پئجي سگهي.

ڪتاب Honey Comb & Arab Esque جوSach ererell، sit well  (صفحي 192) موجب صليبن جو قلعو شام ۾ آهي، جنهن جو نالو Krak des Chevelier آهي، جو هڪ اهم ڊبل ديوار وارو قلعو آهي. هن ۾ تيرن هڻڻ، پٿر ۽ گرم تيل اڇلائڻ جو بندوبست ڪيل آهي، مگر هن ۾ رني ڪوٽ وارن مارن ۽ نارن بدران ڳڙک آهن، تاهم هنن جي رني ڪوٽ سان مشابهت نه آهي.

سڊني ٽاءِ جي قلعن متعلق ٻه ڪتاب جن جا نالا خواجه صاحب پنهنجي مضمون ۾ لکيا آهن، سي اسان ڏٺا آهن. انهن ۾ ڪيترن ئي قلعن جا فوٽو به ڏنل آهن. مان دعويٰ سان چوندس ته قديم يا جديد قلعن ۾، هڪ به اهڙو قلعو نه ٿو لڀي، جنهن ۾ ذري جي به رني ڪوٽ جي قلعي سان مشابهت هجي. گويا خواجه صاحب جن ڪتابن تي مدار رکيو، تن مان ئي سندس ترديد ٿئي ٿي. ان ڪتاب ۾ صفحي 14 تي عيسوي سن کان اڳ جو تراگو قلعو، صفحي 52 تي قسطنطنيه جو شهر پناهه، صفحي 82 تي روچيسٽر جو قديم قلعو ۽ صفحي 182 تي چين جي شهر تسنان شنگ جو قلعو. هي سمورا قلعا قديم آهن. انهن جي بناوٽ هرگز هرگز رني ڪوٽ سان مشابهت خصوصاً مارن ۽ نارن ۾ نه آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هن ڪتابن جا نالا ته لکيا آهن، مگر ڪو هڪ به حوالو نه ڏنو اٿن، ڇو ته رني ڪوٽ بندوق جي دور جو آهي ۽ ڄاڻايل قلعا اڳ جا آهن، ان ڪري انهن سان يڪسانيت بلڪل ناممڪن آهي.

منهنجي لائبريريءَ ۾ هڪ ڪتاب نالي: good news. the new testament with 500 illustration & maps آهي. هن ۾ ڪن قديم قلعن ۽ عمارتن جون تصويرون به آهن. مان اهو ڪتاب کڻي آيو آهيان، جنهن جي صفحن تي قلعن جون تصويرون ڏسي معلوم ٿيندو ته هڪ به اهڙي تصوير نه آهي، جيڪا هن نام نهاد رني ڪوٽ سان مشابهت رکندي هجي.

ٽالپور اميرن وٽ قلعي ٺهرائڻ جي طاقت

هي اعتراض خواجه صاحب ۽ انهن صاحبن وٽ وڏي ۾ وڏو هٿيار آهي ته ٽالپور اهڙا دولتمند نه هئا، جو ههڙو قلعو ٺهرائي سگهن. خواجه صاحب کڻي سنڌ جي تاريخ ۽ معاشيات کان واقف نه هجي، مگر ٻيا ته واقف هئا. انهن به خواجه صاحب کي نه ٻـڌايو، ڇو ته ٻڌائين ها ته سندن خيالي قدامت وارو قلعو ، جنهن جي پيڙهه هنن واريءَ تي رکي آهي، سو ڌڙام ڪري اچي پٽ تي پئي ها.

ڏسڻو آهي ته ميرن جي آمدني ڇا هئي؟ رپئي جي قيمت ڇا هئي؟ ان وقت ملڪ جي سـُـڪار ۽ سهانگائيءَ متعلق حڪيم فتح محمد سيوهاڻي هڪ ڪتاب لکيو آهي ۽ ڇپيو به آهي، جنهن موجب سنڌ ۾ سـُـڪار واري وقت ۾ ڪچي مان مکڻ جون ٻوريون ڀرجي اينديون هيون. هڪ رپئي سـَـت لـَـپا ڪوڏر جا مکڻ وڪامندو هو. جي هڪ لپي ۾ ڏيڍ يا ٻه سير سمجهون يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ سير ته به رپئي جا ست سير مکڻ. اڄڪلهه خالص مکڻ يا گيهه ملڻ مشڪل آهي، پر جي ملندو ته به 30 رپيا في سير ته ستن سيرن جي قيمت 210 رپيا ٿيندي، يعني اڳي جو روپيو اڄڪلهه جي 210 رپين جي برابر ٿيو. اسان ان ڪتاب جو حوالو نٿا ڏيون، ڇو ته هي هڪ مسلمان جو لکيل آهي.

ڊاڪٽر ايس. پي. ڇٻلاڻيءَ جو ڪتاب، مسٽر سراج الحق ميمڻ ترجمو ڪري پيش ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ وارن سال 1958ع ۾ ڇپايو، جنهن جو نالو آهي  ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“  (1592ع کان 1843ع). ان جو مکيه موضوع ٽالپور اميرن تي سخت ترين حملا، شڪايتون ۽ گلائون آهن. مصنف 90 سيڪڙو حوالا انگريزن ۽ ڌارين تان ورتا آهن. ان ۾ جيڪي به ڳالهيون اميرن جي خلاف هيون، سي ڏنيون اٿس، انگريز ۽ هندو، ظاهر آهي ته فقط پنهنجي مطلب جي ڳالهه لکندا. هن سڀ ڪجهه لکيو آهي، مزدور جي مزدوري به لکي اٿس، اگر نه لکي اٿس ته فقط هڪ ڳالهه ته ٽالپورن جي وقت ۾   کاڌي - پيتي جي شين جا اگهه ڇا هئا. ان نه لکڻ جو مقصد محض هڪ آهي ته اُهي ظاهر ٿيا ته سندس واويلا اجائي ثابت ٿيندي. حالانڪ 4 کان 12 آنا في مڻ اناج هو. ان مان اوهان سمجهي سگهندا ته مزدوري گهٽ هئي ته کاڌي جي شين جا اگهه بنهه گهٽ هئا. ٽي رپيا في گهر کاڌي جو خرچ هو، جو اڄ 200 رپين ۾ به پورائي نٿي ٿئي. ڇٻلاڻي فقط هڪ هنڌ صفحي 67 تي اناج جو اگهه ڀلجي 5 آنا في مڻ لکيو آهي.

هونئن ته سنڌ ۾ ٽالپورن جون ٽي حڪومتون هيون، مگر هت اسان فقط حيدرآباد جي حڪومت جو ذڪر ڪنداسين:

خواجه صاحب لکي ٿو ته ميرن جي فوج مستقل نه هئي، مگر هو 50 هزار ماڻهو گڏ ڪري ٿي سگهيا. سندن آمدني قط 35 لک هئي. اسان جو ان جي جواب ۾ ايترو عرض آهي ته انگريزن جون گهڻي وقت کان سنڌ ۾ اکيون هيون. هو آهستي آهستي سنڌ ۾ دخل ڏيندا رهيا. مختلف بهانن سان ميرن کان ڏنڊ به وصول ڪندا رهيا، جو ڪڏهن ڪڏهن 20 لکن کان به وڌيڪ هو، بلڪ 3-4 لک رپيا ساليانه ۽ ٻيون به چٽيون هيون، تنهنڪري هو پنهنجي ساليانه آمدني گهٽائي ٻڌائيندا هئا، پر گهٽ يا وڌ ٻڌايل به انگريزن جي آهي. انهن جي معلومات جو ذريعو ڇا هو؟ ڇا اهو صحيح به هو؟ ڇٻلاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ صفحي 65 تي پوسٽن جي حوالي سان لکيو آهي ته 1809 کان 1843ع تائين 46 لک سراسري آهي، پر اها رقبن جي ڍل آهي، ٻيا ٽئڪس ان ۾ نه آهن. ڪلهوڙن جي وقت ۾ 80 لک پيدائش هئي.

ڪلهوڙن کي نادر شاهه لٽيو. احمد شاهه ابدالي ويندي تيمور شاهه خوب ڏنڊ وڌا ۽ نور محمد بعد، ڪلهوڙن ۾ خانه جنگي بند ئي ڪانه ٿي، ته به آمدني 80 لک ته پوءِ ٽالپور، جن جي وقت ۾ خاصو امن امان هو، ته پوءِ ڇو پيدائش گهٽ ٿي؟

ٽالپورن جي وقت ۾ نه خانه جنگي، نه فرقيوارانه فساد ٿيا. هنن خوب نوان نوان واهه کوٽايا، جن جو لئمبرڪ به معترف آهي. هونئن به اڄ پراڻا واهه ۽ ڀڏا جهڙوڪ مير واهه، نصير واهه، شير واهه، شادي واهه، ماڻڪ واهه، مسو واهه ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڪلهوڙن کان ٽالپورن وڌيڪ واهه کوٽارايا ته پيدائش وڌڻ کپي يا گهٽجڻ؟ منهنجي تخميني موجب، حيدرآباد جي اميرن جي آمدني 60 لک ساليانه هئي.

سنڌ هميشه سرسبز، خوراڪ ۽ سستائيءَ ۾ مشهور هئي. 1904ع ۾ برٽش دور کي هزهائينس مير عبدالحسين خان سانگي پنهنجي شعرن ۾ هن ريت سمويو آهي (ڪليات سانگي صفحه 142).

ماهه مارچ آهي سال اوڻيهه سؤ چار
ڪيترن ڏينهن کان ڪيٽي رهون ٿا شاد

 

چيٽ سڀ آهي پڪو آهن هي لابارن جا ڏينهن
ول لڻيو ڀاڪر ڀريو هاري کڻن ٿا هيج مان

 

کيت ۾ پنهنجو فصل هر ڪنهن ڪيو آهي تيار
سڀڪوئي جولان ڪري پوکن ۾ پنهنجي پهلوان

 

جو ٽڪر لڻجي ٿو تنهن ۾ مال چارڻ لاءِ ڇڏين
ٻڪريون، مينهون، ڍڳيون ڪن قوت کائي بي گمان.

 

نون پاين ۾ ٿو ملي هڪ سير يڪو کير جو
ڏيڍ رپئي ٿو ملي حلواڻ، ٻن روپين جوان

 

ڏيڍ سير ۽ اٺ دُڪا مکڻ ٿو روپئي جو ملي
هن اگهن هي شيون وڪڻن ٿا شورا شوق مان

 

رهندي هت ڇويهه ڏينهن ٿيا آهن بالفضل خدا
خير خوبيءَ سان ٿا گذرن باامن و امان.

ان وقت رپئي ۾ 16 آنا يا 32 ٽڪا يا 64 پئسا يا 192 پايون هونديون هيون، هڪ آني ۾ 4 پئسا يا 12 پايون. ڪسيرو، اٺ آنيون ۽ پائلي به رائج هيون. 9 پايون هڪ سير خالص کير. حلواڻ يعني ٻاڪرو 5 - 6 سير گوشت ٻن روپين جو، جيرانڊي، کـَـل ۽ سري پايا ڇڏي، باقي گوشت ان وقت 4 آنه، پر باقي ٻين شين جي قيمت شمار ڪجي ته 3 آنه في سير گوشت ۽ اناج في مڻ ٻن روپين جو. پو وڏڙن، جن مير صاحبن جي حڪومت جي وقت جا سستا اگهه ٻڌا يا ڏٺا، سي انگريزن جي حڪومت کي منحوس حڪومت سڏيندا هئا ته اگهه مهانگا آهن.

 ”ڊراءِ ليوز فرام ينگ ايجنٽ“  ۾ لکيل آهي ته 1843ع ۾ حيدرآباد جي قلعي مان انگريزن 18 ڪروڙن جي ملڪيت لٽي ۽ ڪن 8 ڪروڙ چيو آهي. خود انگريز گهٽ ٿا مڃين. در حقيقت قلعو لڙائيءَ کان ٽي ڏينهن پوءِ والاريو ويو هو. ان وچ ۾ ڪجهه خزانو مير شير محمد ڏانهن موڪليو ويو ۽ ڪجهه مٽيءَ ۾ دفن ڪيو ويو. ته به ايترو خزانو برٽش کي هٿ اچڻ سندن شاهوڪاريءَ جو دليل آهي.

برنس بخارا ڏي ويندي حيدرآباد ۾ ترسيو هو. ميرن جي مهمان نوازيءَ جو به مزو ورتو هئائين. هت هنن جا خفيه ايجنٽ ۽ گماشته حيدرآباد ۾ لهندا هئا. انهن ۾ عامل ۽ لهاڻا پيش پيش هئا. اڪثر اميرن وٽ هندو رهندڙ به هئا ۽ نوڪرين ۾ به هئا. انهن کان پڇي هن مير صاحبان وٽ خزانو هڪ هنڌ (صفحو 47) ڏيڍ سؤ لک پائونڊ ته ٻئي هنڌ (صفحو 213) 200 لک پائونڊ ٻڌايو آهي. ان وقت جي پائونڊ ۾ 12 يا 13 رپيا به سمجهون ته هن هڪ هنڌ 18 ڪروڙ ۽ ٻئي هنڌ 24 ڪروڙ رپيا ٻڌايو آهي. اهو انگ 1830ع جو آهي. ان مان به ٽالپور اميرن جي شاهوڪاري عيان آهي. انهن خفيه رپورٽن برٽش ڪمپنيءَ جي لٽيرن کي آماده ڪيو ته هو سنڌ تي قبضو ڪن.

ميرن حڪمرانن کي نه نشي جو شوق هو، نه سندن درٻارن ۾ گـَـوَيا راڳيندڙ هئا ۽ نه وري وڏا وڏا محلات ٺهرايائون. سندن شوق، شڪار، قلعا ٺهرائڻ، اعليٰ بورچي رکڻ ۽ مهمان نوازيءَ تي هو.

ٽالپورن جي وقت ۾ بقول ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ته مزدور جي مزدوري 5 کان 6 پئسا روز هئي (سنڌ جي اقتصادي تاريخ) ان حساب سان ڪاريگر يا رازي کي 10 کان 15 پئسا روز ملندو هو. اسان ڪجهه تخمينو وڌائي ڪيو آهي، نه ته جي 1600 مزدور ۽ 400 ڪاريگر ڪم ڪن ته ٻن سالن ۾ 2,80,000  رپيا خرچ ايندو ته 17 لک ته هن قلعي لاءِ گهڻا آهن.

راڻه ڪومڀا 50 سال چتور جي حڪمراني ڪئي. هن پنهنجي دؤر ۾ ميواڙ جي 84 قلعن مان 32 قلعا تعمير ڪرايا، جن مان ڪي قلعا 8 چورس ميل به هئا (ٽاڊ جو راجستان، جلد اول، صفحو 132). چتور جابلو علائقو آهي، نه ڪي نهري. ان جي آمدني پڪ سان سنڌ جيتري نه هوندي. جيڪڏهن اهو حاڪم 32 قلعا ٺهرائي ٿو سگهي ته ٽالپور 60 سالن جي حڪومت ۾ 15 - 12 قلعا نه ٺهرائي سگهيا هوندا؟ مان نٿو ڀانيان ته اڃا ڪو اعتراض هوندو ته هي قلعو ٽالپورن جو ٺهرايل نه آهي.

ان وقت جي سستائي نه رڳو سنڌ بلڪ بلوچستان ۾ به هئي، جنهن جو ذڪر ڪتاب  ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر“  (سنڌي ترجمو ادبي بورڊ، صفحو 136) لکي ٿو ته قلات جي سراوان شهر ۾ ڪڻڪ رپئي ۾ 30 - 40 ڪاسا ملي ٿي.

قلعي جي پکيڙ

خود خواجه صاحب جي مضمون ۾ قلعي جي پکيڙ لاءِ هڪ رايو نه آهي. هو لکي ٿو ته وليم نيپيئر، جنهن هي قلعو ڪڏهن به نه ڏٺو آهي، اهو قلعي جو گهيرو 15 ميل چوي ٿو. ڪو نقشو، جنهن جو نالو خواجه صاحب جن ڪونه لکيو آهي، ان موجب قلعي جو گهيرو 13 ميل چوي ٿو. جي. ايم. سيد جي تخميني موجب، جنهن سان خواجه صاحب شامل راءِ آهي، قلعي جي پکيڙ 18 ميل ٿئي ٿي. ڪم از ڪم هن مضمون ۾ خواجه صاحب قلعي جو گهيرو 18 ميل مڃي ٿو. مگر معلوم ائين ٿئي ٿو ته پاڻ ان خيال کان هٽي ويا آهن، جو پاڻ خود محترم غلام رباني آگري کي ٻڌايائون ته رني ڪوٽ 22 ميلن ۾ آهي (مهراڻ رسالو، 2/1978 صفحو 194) خواجه صاحب اهو ڦيرو ڇو کاڌو، ان جي خبر اسان کي به نه آهي. مگر جيئن جيئن کين ۽ سندن هم خيالن کي، جيڪي هن رني ڪوٽ کي قديم ۽ دنيا جو وڏو قلعو ٺهرائڻو هو، ان ڪري رني ڪوٽ به ويو وڌندو ۽ ويجهندو. ڇو ته بقول رباني صاحب 18 ميل جي هڪ قلعي جي خواجه صاحب کي خبر پئجي چڪي هئي، جو وچ هندستان ۾ هو. هاڻي جَي رني ڪوٽ به 18 ملي ٿئي ٿو ته پوءِ گويا ٻئي قلعا هڪ جيڏا ٿي پوندا، تنهنڪري رني ڪوٽ کي 18 ميل مان وڌائي 22 ميل ڪري ڇڏيائون، پر حفظ ماتقدم جي خيال کان ته متان 22 ميلن جو به ڪو قلعو هجي، تنهنڪري سال 1972ع جي سينسس رپورٽ ۾ هن جو نالو رني ڪوٽ عرف نيرون ڪوٽ ۽ گهيرو 24 ميل ڪري ڇڏيائونس. غلام رباني صاحب پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي ته راجستان ۾ هڪ قلعو 24 ميل گهيري جو آهي. ان جو جواب هي دوست يا ته انڪاريءَ ۾ ڏيندا يا وري ڪٿ هن جو گهيرو 32 ميل لکي ڇڏيندا. لکڻ ۾ ڪهڙو خرچ. گويا قلعي کي نه رڳو شداد جي بهشت وانگر گم ٿيڻ جي عادت آهي، بلڪه هو رٻڙ وانگي وڌي به ٿو سگهي ۽ ان کي وڌائي به سگهجي ٿو. ڇا هي تحقيق آهي؟ ڇا هن کي تاريخ سڏيو ويندو؟ صد افسوس. اگر ڪو هن جي صحيح ماپ ڪري لکي ۽ ان کي چئلينج ڪري ته پوءِ رٻڙ جي پوزيشن ڇا بيهندي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com