مير حاجي محمد بخش خان ٽالپور
رني ڪوٽ: ٽالپور حڪمرانن جو ٺهرايل قلعو
جناب اعليٰ! مقالي پڙهڻ کان اڳ، آءٌ ليفٽيننٽ ڪرنل
خواجه عبدالرشيد صاحب کي مبارڪباد ڏيان ٿو، جنهن
هن وسريل ۽ وڇڙيل، تاريخ جي پردن ۾ لڪل، دنيا جي
وڏن قلعن مان هن قلعي کي روشناس ڪرايو. اسان کي
ڪرنل صاحب جي راءِ سان اختلاف ٿي سگهي ٿو ۽ آهي،
مگر هن قلعي کي روشناس ڪرائڻ ۾ هن جي ڪوشش کي ڪڏهن
به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.
ٻي مبارڪباد مان ضلعي ڪائونسل دادوءَ جي چيئرمين
(تڏهوڪي) ميان پير بخش خاصخيلي صاحب کي ڏيان ٿو،
جنهن ضلعي ڪائونسل طرفان، هن اهم قومي ۽ تاريخي
فرض طور سيمينار ملهائڻ جو فيصلو ڪري، ڪجهه فنڊ
مهيا ڪري، هن وسريل قلعي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ
لاءِ مناسب ۽ وقتائتو قدم کنيو آهي.
حڪومت سنڌ ۽ ان جي گورنر صاحب ۽ ٻين کي به
مبارڪباد، جن مزيد فنڊ مهيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ هن
سيمينار ۾ حصو ورتو.
سڀ کان وڌيڪ جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب کي
مبارڪباد، جنهن ههڙن وڏن وڏن عالمن، تاريخدانن ۽
محققن هوندي به انهن جي وڏين ڊگرين جي مقابلي ۾
مون جهڙي قريباً اڻ پڙهيل شخص کي به مقالي پڙهڻ جي
دعوت ڏني.
سامعين ڪرام!
ادب سان عرض آهي ته موضوع تي اچڻ کان اڳ مان چند
منٽ مزيد وٺندس، ته منهنجي تحقيق جو طريقو ڇا آهي
۽ مان معيار ڇا کي ٿو سمجهان؟ ڇو ته ان بعد ئي
منهنجي مقالي جي معيار جي متعلق ڪا راءِ قائم ڪرڻ
۾ اوهان کي سهولت ٿيندي. ان هوندي به اگر ڪو شڪ
شبهو رهيو ته مان مقالي جي آخر ۾، هر سوال جي جواب
ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان.
تاريخ ۽ تحقيق ڪيئن ڪجي ۽ ان جا ڪهڙا اصول آهن؟
ملاحظه فرمايو علامه سخاوي (المتوفي 902 هه) جو
ڪتاب ”اعلان باالتوبيخ“ ، ايڇ . جي . ويلس جو
”آئوٽ لائين آف دي هسٽري“ ، ٽائن بي جو ”مطالعه
تاريخ“ ، هينري ڪوسٽل ڪاميجر جو ”مطالع التواريخ“
، علامه سيد سلمان ندويءَ جو ڪتاب ”ارض القرآن“،
مولانا ذڪاء الله جو ”تاريخ هند جو مقدمو“ ۽
امام المورخين علامه ابن خلدون جو ”مقدم
التواريخ“ . هي اڪثر ڪتاب اردوءَ ۾ ترجمي سان
موجود آهن. انهن موجب تحقيق جا اصول طئه ڪري سگهجن
ٿا ته ڪهڙي تاريخ يا ڪتاب کي وڌيڪ اهميت ۽ ڪنهن کي
گهٽ آهي. ليڪن هڪ ڳالهه صاف آهي ته راءِ يا روايت
يا شخصي راءِ ڪنهن به ريت تاريخ يا ڪتاب کي رد نه
ٿي ڪري، جيستائين ڪه اها قانون فطرت جي خلاف نه
هجي.
علامه ابن خلدون صاحب مثال ڏئي سمجهايو. هڪ آهي
شداد جو بهشت، جنهن بابت غير معتبر ماڻهن چيو آهي
ته اهو موجود آهي. علامه صاحب چيو ته جت ماڻهن جا
ٻڌايل بند هئا، ات هئڻ گهربو هو، باقي صحرا ۾ جت
پاڻي به نه آهي. اُت ٿي نٿو سگهي، ڇو ته ماڻهن ان
ملڪ جو چپو چپو ڏٺو آهي ۽ هر خيابان ۾ آبادي آهي
ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي، جو اکين کان مخفي آهي؟
ٻيو مثال هن عوجه بن عنق جو ڏنو آهي، جنهن جو بيان
بائيبل ۽ اسرائيليات ۾ اچي ٿو ۽ شايد ڪن قرآني
تفسيرن ۽ ڪتابن ۾ آهي. ان موجب عوجه بن عنق جو قد
ايڏو وڏو هو، جو سمنڊ جو پاڻي ان کي گوڏي تائين
ايندو هو ۽ هٿ سان مڇيون جهلي، ٻانهن مٿي ڪري، سج
جي گرميءَ تي پچائي کائيندو هو. هنن جي چوڻ موجب،
اڳي ماڻهن جا قد ايڏا وڏا هوندا هئا، ان کي رد
ڏيندي لکي ٿو ته عاد ۽ ثمود جا گهر اڄ به موجود
آهن. انهن جا دروازا به اڄڪلهه جي ماڻهن جيترا
آهن. اگر ان وقت جا ماڻهو قدآور هجن ها ته انهن جا
دروازا به وڏا هجن ها ۽ ڪمرا به ايڏا وڏا هجن ها.
مگر اهي به اڄوڪي ماڻهوءَ جي قد مطابق ٺهيل آهن.
ٻيو اهو خيال ته هٿ مٿي ڪرڻ سان ڪا گرمي وڌيڪ آهي،
اهو غـلط آهي، ڇو ته جيترا جبل اوچا اوتري گرمي
گهٽ، بلڪ اڪثر بلند جبلن تي ته برف پوندي آهي،
انڪري عوجه بن عنق جي قدآوري چاهي ڪتابي ڳالهه به
غلط آهي ۽ قانونِ فطرت جي خلاف آهي.
تنهنڪري منهنجي نظر ۾ ڪو صاحب ڪنهن ڪتاب جي حوالي
بنا فقط منهنجي پنهنجي راءِ چئي ڪجهه لکي ته نه
اهو مقالو آهي ۽ نه تحقيق، اها صرف مصنف جي راءِ
آهي. اهڙيءَطرح مون کي يقين آهي ته ڪو عالم، اهڙي
ذاتي راءِ کي تحقيق ۽ ڪتاب مٿان هرگز ترجيح نه
ڏيندو.
سامعين حضرات!
مان وڌيڪ تشريح ڪرڻ مناسب نٿو سمجهان، نه ڪي اوهان
جو قيمتي وقت ضايع ڪرڻ چاهيان ٿو. مان پنهنجي
مقالي کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي، ”رني ڪوٽ“ جو ذڪر
ڪندس.
1- ڪلاسيڪل لکندڙن کان وٺي، اڄ ڏينهن تائين ڪنهن
به تاريخ، ڪتاب ۽ ڪتبن ۾ هن ڪتاب جو ذڪر آهي يا
نه؟ اگر نه آهي ته ڇو؟
2- ڪرنل رشيد صاحب جي شايع ٿيل ”رني ڪوٽ“ واري
مضمون جي تاريخي حيثيت ڇا آهي ۽ اهو رايو کيس ڪٿان
مليو؟
3- مان هن قلعي بابت تاريخي ۽ تحقيقي ڪتابن جو ذڪر
ڪندس ۽ انهن جي مصنفن بابت سندن علمي حيثيت تي ٻه
اکر چوندس.
جناب عاليٰ!
هر انسان کي پنهنجو وطن، ان جي بهتري ۽ وڏائي پسند
آهي، جهڙيءَ طرح موئن جو دڙو ۽ هڙپا وطنِ عزيز ۾
آهن، اهڙيءَ طرح اگر ڪي صاحب رني ڪوٽ کي عظيم ۽
قديم چون ٿا ته ڪو گناهه نه آهي. مگر پڙهيل ۽ محقق
به بنا تحقيق جي اها رٿ لڳائين ته عجب ضرور لڳندو،
پر دنيا ۾ فقط اسين ڪو نه آهيون. اسان جي عالمن
کان به وڌيڪ عالم ۽ محقق آهن، سي بغير تحقيق جي
هرگز قلعي جي عظمت ۽ قدامت تسليم ڪو نه ڪندا ۽
اسان وٽ مضبوط بنياد تي دعويٰ هئڻ کپي. اها دعويٰ
غلط ثابت ٿي ته وڏي شرمساري ٿيندي.
قدامت
ڪنهن به ويد، پراڻ، اتهاس يا ڏند ڪٿا ۾ ڪو به ’رني
ڪوٽ‘ جو نالو نشان نٿو ملي، نه وري اهڙي خبر ته ان
جڳهه تي ڪو به ڪوٽ، قلعو، ڳڙهي يا ڪو شهر جو نشان
ملي ٿو.
ڪلاسيڪل لکندڙن، جو ڪجهه سنڌ بابت لکيو آهي سو
سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. هنن جا اچار ۽ نالا اڄڪلهه
جي نالن سان بلڪل مشابهت نٿا رکن. خود جديد محققن
۾ به ان ۾ سخت اختلاف آهي. ڪي ’دلمون‘ کي سنڌ
سمجهن، ته ڪي ان کي بحرين چون، مگر سمجهڻ لاءِ به
ڪي اشارا ئي ملن ٿا، جنهن مان جديد مورخ پنهنجي
راءِ قائم ڪن ٿا، انهن کي سمجهڻ لاءِ تقابلي
مطالعو ضروري آهي.
هڪ هنڌ هڪ ڪلاسيڪل لکندڙ جي حوالي تان حوالو وٺي
جو لئمبرڪ صاحب پنهنجي ڪتاب ”Sindh before the Muslim Conqeust“
(جيڪو سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇپايو آهي) ان جي صفحي
نمبر 77 تي لکيو آهي ته ڪا تاريخ جا 515 قبل مسيح
جي، هڪ بادشاهي قلعي جو ان وقت جي يوناني
جاگرافيدان هيڪٽس بيان ڪري ٿو ته اهو اوپيائي جي
زمين ۾ سنڌو نديءَ جي قريب آهي، جو ڏسڻ ۾ ٿو اچي
ته اهو ايرانين جو لشڪر گاهه هو ۽ نئون سرحدي صوبو
هو. هيڪٽس مزيد لکي ٿو ته اوپيائي جي ملڪ پريان
صحرا (ٿر) آهي، جيئن هندي ان کي سڏين ٿا.
محترم غلام رباني صاحب رني ڪوٽ متعلق پنهنجي ننڍڙي
مضمون ۾ جيڪو رسالي مهراڻ جي 1978/2 ۾ صفحي 194 تي
شايع ٿيو آهي، ان ۾ هيڪٽس جو حوالو لکي، ان متعلق
سنڌ جي ٻن عالمن جي راءِ به ڏني آهي، جنهن ۾ جناب
محمد ابراهيم جويي صاحب جو خيال آهي ته اهو ”رني
ڪوٽ“ ٿي سگهي ٿو، ۽ ٻئي صاحب، جناب محمد حسين
پنهور جو خيال ته لئمبرڪ جنهن قلعي جو ذڪر ڪيو
آهي، اهو ”پٽيالا“ ٿي سگهي ٿو، جنهن جو اصلوڪو
نالو ’نيرون ڪوٽ‘ آهي.
اسان جو فقط ايترو چوڻ آهي ته جناب جويو صاحب اديب
۽ عالم آهي، مگر تاريخ ۽ تحقيق جي ميدان کان غير
واقف آهي. البت پنهور صاحب جن به رني ڪوٽ کي
اوپيائي جو بادشاهي ڪوٽ نه ڄاڻايو آهي. ڪم از ڪم
تاريخي حوالا نه به ڏيون ته ان لاءِ ثبوت آهي ته
سنڌو ندي ان وقت موجوده وهڪري کان 15 - 20 ميل
اوڀر ڏي وهندي هئي، جيئن "ground
Water in Sindh"
از: محمد حسين پنهور ۾ لکيل آهي ته سنڌو ندي
موجوده وهڪري کان 15 - 16 ميل دور هئي ته گويا هن
وقت جي رني ڪوٽ کان 40 - 45 ميل دور هي ذڪر ڪنهن
ان قلعي جو آهي، جيڪو سنڌو نديءَ جي نزديڪ هئڻ
کپي. خود موجود رني ڪوٽ به موجوده سنڌو نديءَ کان
26 ميل کن دور آهي، ان ڪري اوپيائي جو ڪوٽ رني ڪوٽ
ٿي نٿو سگهي.
سڪندر اعظم سنڌ ۾ اهم شهر ۽ قلعا فتح به ڪيا ۽
قلعا ٺهرايا پڻ. لئمبرڪ پنهنجي ڪتاب "Sindh
before Muslim Conquest"
۾ سنڌ مان سڪندر جي واپسيءَ جو صفحي 88 سامهون
جيڪو نقشو ڏنو آهي، ان موجب هن پٽياله کي برهمڻ
آباد قرار ڏنو آهي ۽ ان جي واپسيءَ جو رستو موجوده
رني ڪوٽ جي بلڪل نزديڪ ڄاڻايو آهي. تعجب آهي ته
سڪـنـدر ۽ ان جــي مــورخن رني ڪوٽ جو ذڪر بلڪل
ڪونه ڪيو. هيڏي عظيم قلعي مان سنڌ جي ماڻهن ڪو به
فائدو ڪونه ورتو هو، ٻين هنڌن تي سڪندر سان سامهون
ٿي لڙيا، مگر ههڙي عظيم الشان قلعي مان ڇو فائدو
نه ورتائون. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن فرضي ۽
خيالي قلعي جو ان وقت وجود ئي ڪونه هو، ورنه اگر
کنڊر به هجي ها ته به ان جو بيان ته ضرور اچي ها.
چچ نامي موجب (سنڌي ترجمو، ادبي بورڊ، صفحو 32 کان
36) محمد بن قاسم نيرون کان سيوهڻ تي ڪاهيو هو. ان
تي لئمبرڪ صاحب "Sind a general Introduction"
1964ع صفحي 156 تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته سنڌو ندي
نيرون ڪوٽ يعني حيدرآباد کان 16 ميل اوڀر ۾ وهندي
هئي. نيرون کان محمد بن قاسم سيوستان يعني موجوده
سيوهڻ ڏانهن وڌيو ۽ واٽ تي ’موج’ نالي جڳهه تي
ترسيو به هو(1)
جا معلوم ٿئي ٿو ته سيوهڻ جي نزديڪ هئي، جا هو 30
فرسخ يا 110 ميل ڪري پوءِ اتي پهتو هو. ان تي هيگ
صاحب "The
Indus Delta Country"
By HAIg Publication P 197
۾ اشارو ڏنو آهي ته ٻنهي جڳهين جي وچ ۾ سڌو مفاصلو
80 ميل آهي. ان تي هيگ رايو ڏئي ٿو ته عرب جنرل،
ممڪن آهي ته جبل وارو رستو ورتو هجي، جيڪو طويل
مگر جنگي نقطه نگاهه کان وڌيڪ محفوظ هو.
اسان جي نظر ۾ رستي بابت هيگ جو خيال صحيح آهي، ڇو
ته جنرل جو خيال سيوهڻ تي اوچتو حملو ڪري ڊيڄاري
وٺڻ جو هو ۽ ٿيو به ائين جو هڪ هفتي جي لڙائيءَ
بعد، سيوهڻ جو گورنر ڀڄي ويو ۽ محمد بن قاسم جهڙو
بنا مقابلي سيوهڻ جو قلعو هٿ ڪري ويو (چچ نامو
سنڌي ترجمو، صفحو 34 - 35).
هاڻي ڏسڻو آهي ته اهو جابلو رستو ڪهڙو هو. جبل
اولهه طرف آهن. ضرور انهن جي نزديڪي ننڍين ننڍين
ٽڪرين مان لنگهيو هوندو ۽ اهو رستو عين بين اتان
آهي، جتي هينئر رني ڪوٽ آهي. مگر تعجب آهي ته اگر
اتي قلعو هو ته ڏاهر جي فوجن ڇو نه مقابلو ڪيو.
سيوهڻ ته ان جي مقابلي ۾ قلعڙو آهي ۽ خود اهو به
تاريخ مان ثابت آهي ته ڏاهر جي فوج هر ممڪن جڳهه
تي، عربن جي فوج جو شديد ترين مقابلو ڪيو ته پوءِ
ههڙو عظيم ترين قلعو ۽ مقابلو نه ٿئي، عجيب ترين
ڳالهه آهي. نه وري عربن ئي هن قلعي جو ذڪر ڪيو،
جيڪي هن جي سايه مان گذريا هوندا. فرض ڪريو ته هي
قلعو ان وقت به ويران هو ته ڇا راجا ڏاهر هن جي
مرمت ڪرائي، ان ۾ فوج نه ٿي رهائي سگهيو. اگر فرض
ڪريو ته اوچتي حملي سبب راجا ڏاهر کي قلعي جي مرمت
ڪرڻ جو موقعو نه مليو ته اهو به غلط آهي.مڪران جو
چچ جي حڪومت ۾ هو، اهو عربن 44 هجري ۾ فتح ڪيو هو
۽ ديبل تي به پهريون حملو گهڻو اڳي ٿيو هو. راجا
ڏاهر کي ڪافي وقت مليو هو ته قلعي جي مرمت ڪرائي
يا خود عرب به اگر ههڙي قلعي کي جنهن ۾ اندر پاڻي
به موجود هو، ته ڇو نه ات فوج رهايائون. مگر حقيقت
اها آهي ته ان وقت هن فرضي قلعي جو ڪو به وجود نه
هو ته پوءِ ذڪر ڇاجو ڪن.
گجرات کان ٺٽي ڏانهن ڪاهيندي، ٺٽي کان 14 ڪوهه پري
21 محرم 751هه مطابق 1351ع سلطان محمد شاهه تغلق
وفات ڪئي. سلطان جي فوت ٿيڻ وقت، سلطان جي دشمنن
يعني مغلن ۽ سومرن جي سبب اهل لشڪر حيران و پريشان
ٿي، بلڪ سلطان جو لشڪر ۽ ٻيا ماڻهو پاڻ ۾ دست و
گريبان ٿيڻ وارا هئا. ٺٽي ۽ مغلن جي لشڪر ۽
بادشاهه جي فوت ٿيڻ جو ٻڌي بلڪل دلير بڻجي پيا.
آخر سلطان جي طرف وارن يڪراءِ ٿي 24 محرم 751هه تي
سلطان فيروز شاهه کي تخت تي ويهاريو. ان خوف جي
وقت، علاءُ الدين ترم شيرين جو داماد نوروز ڪرگين
جو ورهين کان سلطان محمد شاهه تغلق وٽ پلجي رهيو
هو، اهو به ٻاهر کان آيل مغلن سان وڃي مليو ۽ انهن
کي ڦرمار ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائڻ لڳو. اهو لشڪر جيڪو ٺٽي
کان 14 ڪوهه پري هو، بغير وڙهڻ جي بادشاهه جي وفات
جي ٽن ڏينهن اندر، سيوهڻ طرف روانو ٿيو. ان لشڪر
جي اڳيان مغل ۽ پويان ٺٽي وارا، لشڪر کي مارڻ، لٽڻ
۽ ڦرڻ لڳا. انهيءَ ڏينهن فيروز شاهه کي بادشاهه
بنايو ويو. آخر بادشاهه مقرر ٿيڻ بعد، ڪجهه مڙسي
ڏيکاري لشڪر کي وٺي اچي منڇر جي علائقي ۾ پهتو. هڪ
هفتو گهوڙن کي چاري پياري متارو ڪيائون ۽ پوءِ
سيوهڻ کان بکر طرف ڪوچ ڪيائون (اختصار تاريخ سنڌ
مولانا اعجاز الحق قدوسي، بحوالا تاريخ فيروز شاهه
برني).
ان نفسانفسيءَ جي وقت سلطان محمد شاهه تغلق جو
لشڪر، جيڪو ڪنهن جاءِ پناهه لاءِ حيران و پريشان
هو، اهو ٺٽي کان سيوهڻ ويندي، ضرور هن رني ڪوٽ جي
گرد و نواح علائقي مان گذريو. هيڏو وڏو عظيم قلعو
جيڪو اڄ به قريباً سلامت بيٺو آهي، ان وقت ته اڃا
به وڌيڪ بهتر حالت ۾ هوندو ۽ سلطان فيروز شاهه کان
اڳ سلطان محمد شاهه تغلق به سيوهڻ کان ٺٽي ويندي
هتان ئي گذريو. تعجب آهي ته ههڙي وڏي پناهگاهه
هوندي، نه سمن ۽ نه تغلقن ڪو هن قلعي ڏي توجه ڏنو
يا قلعو هنن جي اکين کان اوجهل رهيو. جنهن صورت ۾
ان وقت قلعي جو وجود ئي نه هو ته ان جو ذڪر ڪير
ڪندو؟
مرزا شاهه بيگ 924هه مطابق 1528ع سيوي گنجابه رستي
کان سنڌ ملڪ ۾ پهچڻ کان پوءِ جڏهن باغبان کان
لنگهيو، تڏهن سمن جو لشڪر، دريا خان جي پٽن، موٽڻ
خان ۽ محمود خان جي هٿ هيٺ، ٽلٽيءَ ۾ جا سيوستان
(سيوهڻ کان 3 - 4 ڪوهن تي آهي) جمع ٿي، مقابلي ۽
جنگ لاءِ خواهان ٿيو. باغبان ۾ ملڪ جا باقي ماڻهو
به سندن ملڪن (زميندارن) جي استقبال لاءِ آيا، پر
مٿي ڄاڻايل ماڻهن مان ڪو به نه آيو، انهن سرڪشي
اختيار ڪئي ۽ حاضريءَ کان انڪار ڪيو. نيٺ شاهه بيگ
لڪي جبلن جي رستي ٺٽي جو رخ ڪيو. منزلون ڪندي، ٺٽي
کان 3 ڪوهه ڏکڻ طرف خانواهه جي ڪناري تي منزل
انداز ٿيو. (تاريخ معصومي: ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ،
صفحو 135 - 136).
خير اهو ته اسان جي موضوع کان ٻاهر آهي ته مرزا
شاهه بيگ باغين ۽ مخالفن کي زير ڪرڻ کان سواءِ ڇو
پاسو ڏئي لڪي جبلن مان ويو. مگر جابلو رستي تي هن
کي ضرور رني ڪوٽ جهڙو اهم قلعو نظر آيو هوندو، جتي
سمن مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪو نه ڪو انتظام ڪيو هوندو،
مگر هن قلعي جو ذڪر مرزا شاهه بيگ يا ان جي بعد جي
حڪمرانن يا خود سمن جي دؤر ۾ ڪنهن به نه ڪيو. ڪا
ننڍڙي شيءِ ته نظر انداز ڪري سگهجي ٿي، مگر هيڏو
عظيم الشان قلعو اکين کان اوجهل رهي، عجب جي ڳالهه
آهي. قلعو نه ٿيو، شداد جو بهشت ٿيو، جو ڪنهن کي
به نظر نه اچي.
مغل فوج جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته مرزا جاني بيگ
وڃي سيوهڻ جي قلعي کي مضبوط ڪيو ۽ اتان شڪست کائي
انڙ پور ۾ پهتو (تواريخ ارغون ۽ ترخان آف سنڌ،
انگلش، صفحو 202) ۽ اتي هڪ قلعڙو ٺاهي ويهي مقابل
ٿيو. ظاهر آهي ته هڪدم قلعو ٺاهڻ، سو به فقط مٽيءَ
۽ پٿرن جي آڏ هوندي، نه ڪي پڪو قلعو.
آخر اهو به مغل فوج ورتو. تعجب آهي ته اگر رني ڪوٽ
ان وقت هو ته مرزا جاني بيگ، ان ٺهيل ٺڪيل قلعي
بدران هٿ جي ٺهيل قلعي کي ڇو ترجيح ڏني. اگر قلعو
هجي ها ته ضرور فائدو وٺي ها.
( ”مرزا غازي بيگ ترخان اور اس ڪي بزم ادب“ از:
سيد حسام الدين راشدي صفحو 46)
مرزا غازي بيگ مغل گورنر ٺٽي کي دهلي گهرايو ويو.
وڃڻ ۾ دير ٿي ته 20 هزار مغل فوج 1011هه ۾ سعيد
خان جي هٿ هيٺ بکر پهتي ته مرزا غازي خان طئه ڪيو
ته لڪيءَ جي پهاڙن ۾ هڪ مضبوط قلعو ٺهرائي پنهنجي
حفاظت ڪري سگهجي ٿي، ليڪن ان تي وڏي خرچ جي ضرورت
هئي. اگر ان وقت رني ڪوٽ جو وجود هجي ها ته معمولي
مرمت سان ڪم ڏئي سگهي ها ۽ مرزا غازي بيگ نئين
قلعي جي تمنا ڇو ڪري ها.
سامعين حضرات!
مان اوهان کي هاڻي فقط هڪ تاريخ جي سير بعد، قلعي
رني ڪوٽ کي اڳ جي تاريخن ۾ قلعي جي ڳولا واري باب
کي ختم ڪندس.
اها تاريخ آهي مظهر شاهجهاني. هي تاريخ جا گهڻو
وقت مغربي خواهه ملڪي محققن جي عام مطالعي ۾ گهٽ
نظر آئي. هيءَ ئي هڪ تاريخ آهي، جنهن ۾ سيوهڻ جي
گورنر مرزا احمد بيگ سندس ظالم ۽ لالچي ڀاءُ يوسف
بيگ جا ظلم، ملڪي قبيلن جي انهن ظلمن خلاف جدوجهد،
هن تاريخ جي مطالعي مان ديسي ۽ رهاڪو قبيلن جا
نالا، ذاتيون، سندن جاءِ رهائش، ديهون ۽ واهڻ،
قلعن، ڳڙهين ۽ ڪوٽن جو، جيڪي ويران هئا خواه
استعمال جي قابل هئا، خواه نوان تعمير ڪيا ويا،
انهن جو مڪمل تفصيل ڏنل آهي. ٿوري نظر هن تي به
وجهڻ کپي.
هن تاريخ جي مترجم هڪ ٻه نقشا به ڏنا آهن، جن ۾ ان
وقت جي پرڳڻي جون حدون ۽ نالا به آهن، البت مترجم
جيڪي ميل ڏنا آهن، اهي اڄڪلهه جي ميلن سان مشابهت
نٿا رکن. اهي ميل اڄڪلهه جي ڪوهه برابر آهن.
جيتوڻيڪ اهو نقشو مترجم پاڻ ٺاهيو آهي يا ڪنهن کان
ٺهرايو اٿس، ۽ خود مترجم انهيءَ مڪتبِ فڪر سان
واسطو ٿو رکي، جيڪي رني ڪوٽ کي سٿيا ۽ پارٿيا
تعمير سڏڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن.
اسان جو واسطو سيوهڻ واري علائقي سان آهي، جنهن ۾
11 پرڳڻا هئا، جن مان 8 پرڳڻا درياءَ جي هن ڀر
قلعي طرف يعني درياءَ جي اولهه طرف ۽ 3 پرڳڻا
درياءَ جي پرئين پاسي يعني درياءَ جي اوڀر طرف
آهن.
درياءَ جي اولهه وارا 8 پرڳڻا: (1) باغبان (2) پاٽ
(3) نيرون وارو قلعو (حيدرآباد وارو نيرون، ٻيو هڪ
پرڳڻو) (4) ڳاهن وارو (5) بوبڪان (6) سيوهڻ حويلي
(7) سن (8) نيرون ڪوٽ، حيدرآباد وارو.
درياءَ جي اوڀر وارا پرڳڻا: (1) جوڻيجن وارو (2)
خطه وارو (3) لاکاٽ وارو.
مگر مصنف جيڪو تعارف، حدود ۽ پرڳڻن جو مختصر ذڪر
ڪيو آهي، ان ۾ هن درياءَ جي اولهه واري اٺين پرڳڻي
۾ ٻئي نيرون ڪوٽ جا الڳ پرڳڻا ڄاڻايا آهن، مگر
تعارف ۾ هو دادوءَ واري نيرون ڪوٽ جو ذڪر ڪري ويو
آهي.
اهڙيءَ طرح مترجم يا جنهن به صاحب هي نقشو ٺاهيو
آهي، ان جي ذهن ۾ رني ڪوٽ به آهي. جيتوڻيڪ هن صاحب
هن ترجمي يا ڪتاب ۾ رني ڪوٽ جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي،
مگر هو ڪنهن ٻئي هنڌ رني ڪوٽ کي نيرون ڪوٽ سڏي، هن
مان رني ڪوٽ کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪرڻ چاهي
ٿو، جو مان اڳتي هلي سمجهائيندس. هن ڪتاب جا تفصيل
۽ حوالا ڏئي، مان وڌيڪ وقت وڃائڻ نٿو چاهيان. هت
هن نئين نيرون ڪوٽ جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جنهن جي
تشريح خود تاريخ هن ريت ڪئي آهي. اڳئين زماني ۾هن
ڳوٺ کي واهي ڪري سڏبو هو. هتي جبلن مان ڪاريز
(دراصل اها نئن هوندي) وهي اچي ٿي، جنهن مان چار
واهيون نڪرن ٿيون ۽ وڃي پٽن ۾ پون ٿيون، جتي ماڻهو
پوکي راهي ڪندا آهن. پهريائين هي ڳوٺ ماڇين جو هو،
جيڪي ڏاڍا اڙي باز هئا. جاگيردار کي ڪا به ڍل نٿي
ڏنائون. بختيار بيگ ترڪمان، انهن تي ڪاهي کين سيکت
ڏني، ان تي اڪبر آباد نالو رکي پنهورن جي حوالي
ڪيائين، جيڪي رعيتي ريت هلندا ٿي آيا. اڃا تائين
اهي ڳوٺ پنهورن وٽ آهن، جيڪي اڳتي باغبان پرڳڻي ۾
شامل هئا. شمشير خان اوزبڪ جي ڏينهن ۾ اهو ڳوٺ
باغبان جي پرڳڻي مان ڪڍي، ان تي نيرون ڪوٽ جو نالو
رکي، سيوهڻ جي راڄڌاني ۾ ڏنو ويو.
(ترجمو سنڌي تاريخ، مظهر شاهجهاني صفحو 163).
مصنف واهيءَ جو ترجمو ڪاريز غلط طور ڪيو آهي.
ڪاريز نٿو ٺهي. واهيون ڪاڇي ۾ اڄ به مشهور آهن،
جيئن واهي پانڌي، واهي عارب يا پٽ جيئن پٽ گل محمد
وغيره. ٿي سگهي ٿو ته اها نئن گاج هجي. (سينسس
رپورٽ، 1972ع ضلعو دادو، ٺٽو).
(تاريخ مظهر شاهجهاني سنڌي ترجمو صفحو 281) هن
حيدرآباد واري قلعي بابت لکي ٿو ته هي سيوهڻ کان
نيرون ڪوٽ جي قلعي وارو آهي. هن قلعي ۾ بهتر ٿيندو
ته 20 سوار ۽ 10 توبچي وهاريا وڃن. ظاهر آهي ته 30
ماڻهو 24 چورس ميلن واري قلعي ۾ ڪهڙو بچاءُ ڪندا،
جڏهن ساڳي تاريخ لکي ٿي ته فسادي چئن، پنجن بلڪ
ڇهن هزارن جي تعداد ۾ به حملو ڪندا هئا ۽ نيرون
وارو پرڳڻو، جيڪو سيوهڻ کان هڪ ميل جي مفاصلي تي
آهي، هن جي چوڌاري ڳاهن، بوبڪن ۽ حويلي سيوهڻ جا
ڳوٺ آهن.
مون هي ذڪر ان ڪري ڪيو آهي ته اهي صاحب، جيڪي رني
ڪوٽ جي مصنوعي قدامت لاءِ ڪوشان آهن، سن 1972ع جي
دادو ضلعي جي سينسس رپورٽ(انگلش) جيڪا گورنمينٽ
پبليڪيشن آهي، ان ۾ رني ڪوٽ جي قلعي جي تصوير ڏئي
هن لاءِ لکيو آهي ته هن کي ناران ڪوٽ يا نيرون ڪوٽ
به سڏيو وڃي ٿو. ظاهر آهي ته هي جرئت وارو قدم
آهي، هن مسلمانن جي ٺهرايل قلعي کي مشرف به ڪفر
ڪرڻ جي ڪوشش هرگز قبول ٿي نٿي سگهي! ياد رهي ته
1972ع واري ڇپيل سينسس رپورٽ کان اڳ ڪنهن به سينسس
رپورٽ ۾ نه ته رني ڪوٽ قلعي جي تصوير ڏنل آهي، نه
وري ان جو ڪو ذڪر آهي. هي سموري ڪارستاني، ڪرنل
خواجه رشيد صاحب جي رني ڪوٽ جي مقالي شايع ٿيڻ بعد
ڪئي وئي آهي، تاڪه مظهر شاهجهانيءَ جي روايت جي آڙ
وٺي هن قلعي کي قديم ثابت ڪجي.
مظهر شاهجهانيءَ جي وقت ۾ خصوصاً مرزا احمد بيگ ۽
ڀاڻس يوسف بيگ جي ظلمن سبب، رعيت جا ماڻهو کلم
کـُـلايو وڙهي رهيا هئا ۽ هن بدامنيءَ جنهن کي
اسان جي مشهور سنڌ جي مورخ محترم محمد حسين پنهور
صاحب هڪ مقالي
Heroic Struggle of Sind against Feudalism 1500 A.C. to 1843 A.C.
(سنڌ يا لاجيڪل اسٽڊيز، 1979ع
Summer
صفحو 26) ۾ لکيو آهي ته اها پنهنجي عروج تي هئي.
هن حڪومت کي صلاحون به ڏنيون اٿس، جن ۾ ويران ٿيل
قلعي، تن جي مرمت تي زور ڏنو اٿس. جيڪي قلعا درست
حالت ۾ آهن، انهن جو ذڪر ۽ ٺهرائيدڙن جا حوالا به
لکيا اٿس. انهن قلعن جو به ذڪر ڪيو اٿس، جيڪي صفا
ويران ٿي ويا آهن ۽ هاڻي انهن جي ضرورت به نه آهي.
اسان هڪ لسٽ انهن قلعن جي ڏيون ٿا ته هن مصنف جي
ڪوشش جي خبر پوي ته درياءَ جي اولهه وارن سيوهڻ
سرڪار جي پرڳڻن ۾ قلعن جو حال ڇا هو.
تاريخ مظهر شاهجهانيءَ ۾ مفاصلو آهي. مان ان بابت
مطمئن نه آهيان ته ان وقت ميل ۽ ڪوهه ۾ ڪيترو
فاصلو هو.
1 - پاهڻي ڪوٽ: هي سيوهڻ کان 13 ڪوهه ۽ جبل کان 8
ڪوهه پري آهي.
(سيوهڻ پرڳڻي ۾).
2 - نار جو قلعو: هي سيوهڻ کان 8 ڪوهه ۽ جبل کان 4
ڪوهه ٿيندو.
هي قلعو مغل گورنر شمشير خان ازبڪ ٺهرايو هو.
3 - ٺيڙهيءَ جو قلعو: احمد بيگ مغل گورنر ٺهرايو
هو. سيوهڻ حويلي پرڳڻي ۾ هو.
سيوهڻ شهر کان 3 ڪوهه ۽ جبل کان 2 ڪوهه پري آهي.
4 - ڪاڪي وارو قلعو: هي دادو ضلعي ۾ دادو شهر جي
نزديڪ آهي.
5 - نئنگ جو قلعو: هي قلعو به مغل گورنر احمد بيگ
ٺهرايو هو.
6 - آمريءَ جو قلعو: هي قلعو به مغل گورنر احمد
بيگ ٺهرايو هو.
7 - ڳاهن جو قلعو: هي قلعو گهورئي واڻئي ٺهرايو
هو، جيڪو هت جاگيردار ۽ پرڳڻي جو مغل حڪومت جي وقت
۾ ٺيڪيدار هو.
ميرڪ يوسف ان وقت جي وڙهندڙن ۾ نومڙين جو ذڪر بار
بار ڪيو آهي. انهن جي قوت، زور ۽ لشڪر، جيڪو 1500
سوارن ۽ 4500 پيادن جو ذڪر ڪيو آهي (صفحو 179)
انهيءَ کان مصنف خائف هو ۽ نومڙين کي برن لفظن سان
ياد ڪيو اٿس ۽ انهن کي روڪڻ، انهن جي طاقت گهٽائڻ
۽ انهن کان بچاءَ ۽ اڳواٽ اطلاع ڏيڻ لاءِ مناسب
جڳهين تي قلعن اڏڻ جا به مشورا ڏنا اٿس.
تاريخ مظهر شاهجهاني ڪنهن به ويران يا سالم قلعي
جو ذڪر نه ڇڏيو آهي. اگر ڪنهن جڳهه جو ذڪر نٿو ملي
ته اُهو آهي رني ڪوٽ، حالانڪه اهو نومڙين جي
گذرگاهه تي آهي. اگر قلعو هجي ها ته ان جو ذڪر
ميرڪ يوسف ضرور ڪري ها. جيڪڏهن اڃا به ڪو صاحب هن
رني ڪوٽ جي قدامت کي مڃي ته اُها سندس مرضي، مگر
تاريخ ۽ ڪتابن ۾ هن جو ذڪر ڪونه آهي. علاوه ازين
اهو ضروري نه آهي ته هر ڳالهه تاريخ ۾ هجي، مگر
اهو مڃڻ به مشڪل آهي ته ههڙي اهم، وڏي ۽ جنگي
اهميت واري قلعي کي هر تاريخ جي هر دور ۾ بلڪ هر
لوڪ روايت هن کي نظر انداز ڪري؟ قلعو ٿيو يا شداد
جو بهشت. اگر ائين چئجي ته قلعو ويران هو، ان ڪري
ذڪر نه آيو آهي ته پوءِ 1500 - 2000 سالن جو قلعو
زمين دوز ٿي چڪو هوندو. خود هن وقت به سٿين پارٿين
جو ڪو به قلعو اسان کي نطر نٿو اچي، جيڪو رني ڪوٽ
واري قلعي جهڙي حالت ۾ موجود هجي.
هي غائب قلعو، جيڪو اوچتو ڳولي ڪڍيو ويو آهي، جي
نه ته به ٽالپورن ۽ برٽش حڪومت جي وقت ۾ عالم غيب
کان نڪري عالم وجود ۾ آيو. هن جي ايراضيءَ لاءِ
محڪمه آثار قديمه وارن چڱو ڪم ڪيو آهي، خصوصاً
مسٽر مجمودار جنهن جون ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل رپورٽون اڄ
به موجود آهن، جن ۾ چپي چپي جي سروي ڪيل آهي، جنهن
۾ رني ڪوٽ جي گرد و نواح جو به ذڪر ڪيل آهي، مگر
رني ڪوٽ يا ان ۾ ڪنهن قديم بستيءَ جو ذڪر نه ڪيو
ويو آهي.
مسٽر مجمودار هن طرف تمام گهڻو ڪم ڪيو، حتاڪه هت
ڪاڇي ۾ ئي ڌاڙيلن هٿان مارجي ويو. افسوس جو هو
ويچارو به رني ڪوٽ جي سڃاڻپ ۽ قدامت ظاهر نه ڪري
سگهيو. وڏي تعجب جي ڳالهه آهي ته اِها سعادت کيس
نصيب نه هئي.
هڪ مفروضو ليفٽيننٽ اليگزينڊر برنس پنهنجي ڪتاب (Travels in to Bokhara
جي جلد
iii
صفحي 266)۾ لکي ٿو ته:
”لڪي جبلن جي قطار ۾ مانجهندو، جيڪو سنڌو نديءَ
تي آهي، ان کان 16 ميل اولهه طرف رني نالي ٽڪريءَ
تي قلعبندي آهي، جا گذشته عهد ۾ هڪ مضبوط ڪيل جڳهه
هئي، مگر ويجهڙائيءَ ۾ هن کي نظر انداز ڪيو ويو
هو. سنڌ جي اميرن ڪافي رقم خرچ ڪري ان کي مرمت
ڪرايو آهي، مگر جيڪا مون کي خبر آهي ته رنيءَ جي
مضبوطي ان ڪري آهي، جو قلعي جي آسپاس ٽڪرين ۾ پاڻي
ڪونه آهي، مگر قلعي اندر پاڻي موجود آهي.“
سن 1830ع ڌاري هي صاحب لاهور ويندي، هتان بطور
سياح جي سنڌ مان گذريو. هي ڊاڪٽر برنس، ميرن جي
معالـج جو ڀاءُ هو، ان ڪري ميرن هن جي ڪافي عزت
ڪئي.
معلوم ائين ٿو ٿئي ته جنهن کان به برنس مٿيون
احوال ٻڌو، ان جو نه ته رني ڪوٽ ڏٺل هو، نه ڪا
واقفيت، ڇو ته رني ٽڪريءَ جو نه، مگر نئن جو نالو
آهي، ان مان ظاهر آهي ته سندس معلومات غلط آهي.
هونئن به هو سياح هو ۽ سياح بابت ائبٽ صاحب (SIND by J.Abbot Page 6)
لکي ٿو ته سياحن جو تاريخ، بيان ڪرڻ اهڙو آهي،
جهڙو انڌا هاٿيءَ جو ذڪر ڪن، جنهن کي هاٿيءَ جي
جهڙي شيءِ هٿ لڳندي ، هو هاٿيءَ کي اهڙو ئي
سمجهندو.
اهو ئي سبب آهي، جو بعد جي مورخن، جن تحقيق ڪئي ۽
روبرو قلعي کي ڏٺو، جهڙوڪ ڪزن، ائٽڪن ۽ لئمبرڪ، تن
سڀني رني ڪوٽ کي ٽالپورن جو ٺهرايل قلعو چيو آهي ۽
هنن برنس جي لکيت کي کنگهيو به نه ، ڇو ته سندس
اها لکيت غلط آهي.
ڪرنل رشيد صاحب جي مضمون ۽ ان جي هم خيالن تي هڪ
نظر
مان سمجهان ٿو ته هن کان اڳ، اسان ايترو تاريخي
مواد ڏئي چڪا آهيون، جو اگر هن موضوع تي وڌيڪ ڪجهه
به نه لکون ته به قلعو قديم هرگز ثابت نه ٿيندو.
مگر اسان هن تي مڪمل تحقيقاتي نظر وجهنداسون، تاڪه
هي غوغاءُ ۽ تاريخي مغالطو هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي.
ڊاڪٽر ڪرنل رشيد صاحب جو مضمون ”اقبال رويو“
ڪراچي 1965ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو سنڌي ترجمو جناب
شمس الدين عرساڻي صاحب سه ماهي سنڌي رسالي مهراڻ،
جلد 16 نمبر 3، سال 1967ع ۾ شايع ڪرايو، جيڪو هن
وقت اسان جي سامهون آهي. اِهو تقريباً 18 صفحن تي
مشتمل آهي. منهنجي نظر ۾ مترجم نه ته ڪا گهٽتائي
ڪئي آهي، نه وري وڌاءُ ڪيو آهي.
ڪرنل صاحب آخر ۾ ڪتابن جي ببليو گرافي ڏني آهي،
جنهن ۾ 11 ڪتابن جا نالا به لکيا اٿس. مان سمجهان
ٿو ته اها ببليو گرافي بطور فئشن ڏني آهي ته مضمون
۾ جان پوي ۽ اسان جهڙا اڻ پڙهيل ڪتابن جا نالا ڏسي
مرعوب ٿين، ٻيو ته ڪجهه به نه آهي، ڇو ته سندس
مضمون ۾ سواءِ هڪ ٻن ڪتابن جي ٻين جو حوالو ئي
ڪونه ڏنل آهي، نه وري ڪتاب جو صفحو ڄاڻايل آهي ته
ڪرنل صاحب اهو احوال ڪٿان ورتو.
ڪتاب جو نالو لکجي، پر صفحو نه لکجي ته ان کي
تجاهل عارفانه چئي ٿو سگهجي، مگر جيڪو نه صفحو
لکي، نه ڪتاب جو نالو، جنهن تان احوال ورتو ويو
هجي، ان کي ڇا چئجي؟ اها خبر مون کي نه آهي، ڀلي
ٻڌندڙ عالم فيصلو ڪن. بنا حوالي جي جيڪو فقط راءِ
لکي، جيڪا نه رڳو بنا مدد جي هجي ۽ تاريخن، ڪتابن
۽ عالمن جي نفي ڪري، ان راءِ جي تحقيق جي ميدان ۾
ڇا وقعت آهي، اهو به فيصلو کين ڪرڻو آهي.
ڪرنل صاحب قلعي جي پکيڙ، ڊگهائي ۽ ويڪرائي ڦاڪ،
جيڪي مضمون ۾ ڏيکاريا آهن، يا رستي جي تڪليف جو
ذڪر ڪيو آهي، ان سان اسان جو گهٽ واسطو آهي، ڇو ته
قلعي جي پکيڙ ۾ اسان سندس تائيد ٿا ڪريون. اسان جو
واسطو قلعي جي قدامت سان آهي. راءِ جو جواب راءِ
ٿي سگهي ٿو. ڪرنل صاحب پنهنجي راءِ لکي، اسان ان
جو جواب لکون ته اسان جي راءِ ڪرنل صاحب جي راءِ
صحيح نه آهي ته ان جو جواب اچي ويو. هونءَ به جيڪو
شخص پنهنجي راءِ لکي ته ان جي ثبوت راءِ لکندڙ تي
آهي، نڪي جواب ڏيندڙ تي. اسان ائين ڪري سگهون ٿا.
مگر ان سان اسان جو مقالو فقط مضمون ٿيندو ۽ ان جي
جواب ۾ نه حسد پيدا ٿيندو، نه وري هن ڇڪتاڻ جو
خاتمو، ان ڪري اسان ڪرنل صاحب جي راءِ کي تاريخ ۽
تحقيق سان جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
راءِ ۾ هي ڏسڻو آهي ته اها ڪرنل صاحب جي پنهنجي
تحقيقي راءِ آهي يا ان راءِ جي سنوارڻ ۽ سهيڙڻ ۾
ٻئي به ڪنهن جو حصو آهي يا راءِ جو محرڪ ڪير آهي؟
جيئن مقالي ۾ (صفحي 53 تي) جناب جي .ايم. سيد جي
مهمانيءَ مان لطف وٺڻ جو اظهار ڪيل آهي. جي. ايم.
سيد جي هن قلعي بابت ڇا راءِ آهي، ان جو صاف ۽
کليو ذڪر جناب غلام رباني آگرو صاحب، رسالي سه
ماهي مهراڻ 1978ع جي نمبر 2 ۾، صفحي 194 ۾ لکيو
آهي ته ”منهنجي خيال موجب، رني ڪوٽ تي اهو پهريون
اهم علمي ۽ تحقيقي مضمون هو. خواجه صاحب، رني ڪوٽ
کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو قرار ڏنو آهي ۽ ان جي
تعمير بابت ٽالپورن سان منسوب ٿيل عام مشهور روايت
کي رد ڪندي، جناب جي. ايم. سيد سان اتفاق راءِ ڪيو
ته رني ڪوٽ ايران جي ساساني بادشاهن جو ٺهرايل ٿو
ڏسـجــي.“ گــويــا جـنـهـن راءِ کي ڪرنل صاحب
پنهنجي راءِ ڪري ظاهر ڪيو آهـي، اهـا سـنــدن نـه
بـلــڪ جـنــاب جـي. ايـم. سيد جي راءِ آهي، ۽ اها
راءِ ڪرنل صاحب کان به اڳ جي آهي، گويا ان راءِ جو
مؤجد، اسان جو سائين جي .ايم. سيد صاحب ئي آهي. هر
ڪنهن کي پنهنجي راءِ جو حق آهي، پر منهنجي خيال
موجب اها نه تحقيق آهي، نه تصديق، محض ذاتي راءِ.
رباني صاحب جيڪو لکيو آهي ته قلعي جي تعمير بابت
ٽالپورن سان ٿيل عام مشهور روايتون، سو ٽالپورن جي
هن قلعي جي تعمير بابت انهن رپورٽن، ڪتابن، تاريخن
۽ تاريخ جي ماهرن جي راءِ کان واقف نه آهي، جيڪي
اسان هن قلعي بابت ڏينداسين. اميد ته صاحب موصوف
انهن مستند ثبوتن بعد پنهنجي راءِ بدلائيندو. ڪرنل
صاحب ٻه ٽي بي دليل سبب لکي، هن قلعي رني ڪوٽ کي
ٽالپور حڪمرانن جي تعمير نٿو سمجهي، انهن مان ڪي
خاص خاص دليل هي آهن:
1. هن صاحب ڪو سٿيو - پارٿن نقشه نگار ڏٺو آهي، ان
ڪري هن رني ڪوٽ کي قديم تعمير ٿو چوي.
2. قلعي جي اڏاوت ۽ دروازا ۽ دريون سٿين دور جون
آهن.
3. ٽالپور حڪمرانن وٽ ايترو پئسو ڪونه هو جو
هـُـو ههڙا قلعا ٺهرائي سگهن. مگر هڪ هنڌ ڪرنل
صاحب پنهنجي مضمون ۾ بيچيني ۽ بيوسي جو اعتراف هنن
لفظن ۾ ڪري ويو آهي. اهو جملو هن پنهنجي مضمون جي
آخر ۾ لکيو آهي. ”هي قلعو ڪنهن تعمير ڪرايو؟ هن
باري ۾ مان پنهنجي بيوسي جو اعتراف ڪريان ٿو،
ڇاڪاڻ ته مان ڪنهن به قطعي فيصلي تي پهچي نه
سگهيو آهيان“ . (رساله مهراڻ، صفحو 60) ٻئي هنڌ
لکي ٿو ته ”زماني جي لحاظ سان اهو ڪيترو زمانو اڳ
ٿيو هوندو، تنهن بابت آئون هن وقت تخمينو لڳايان،
سو ناممڪن ٿيندو.“ (صفحو 47). هي جملا ئي صحيح
آهن، جي هـُـن پنهنجي مضمون ۾ صحيح طور لکيا آهن.
هن مان ثبوت ملي ٿو ته ڪرنل صاحب کي خود پنهنجي
مضمون تي اعتماد ڪونه هو. ٿيندو به ڪيئن؟ هي ڪو
سندس اڪيلو رايو به ڪو نه هو، پر هن راءِ ۾ سندس
سـَـنَ وارن مهربان ميزبانن جي راءِ به شامل آهي،
پر اها به راءِ آهي.
هاڻي اچو ته خواجه صاحب جي اعتراض تي هڪ نظر
وجهون. پاڻ فرمائين ٿا ته کين پٿرن تي ڪي سٿيو
ساساني نقش نگار نظر آيا. (صفحي 54 مهراڻ) سن واري
دروازي جي بناوٽ اندرين طرف جي سٿيو ساساني دور
سان تعلق رکي ٿي،(صفحو 59 مهراڻ) ميري جي قلعي ۾
جاين ۽ حجرن تي يا انهن وٽ به کين گلن جي نقش نگار
وارا پٿر نظر آيا، جي پڻ سندن نظر ۾ سٿيو ساساني
نقش نگار جا آهن ۽ اصلي عمارت مان کنيل آهن (صفحو
53 مهراڻ).
ڪرنل صاحب فرمائين ته مڃجي، پر جيڪي تحقيق جا اصول
آهن، ان موجب هن کي پهريائين اهو ثبوت ڏيڻ کپي ها،
ته هو ڪهڙي دليل ۽ حوالي سان انهن کي سٿيو- ساساني
دور جا چوي ٿو؟ هو انهن نقش نگارن کي پنهنجي راءِ
موجب سٿيو - ساساني نٿو چئي سگهي، نڪي وري بي وزن
۽ بي دليل راءِ کي ڪو محقق تسليم ڪندو. پاڻ مثال
ڏئي ها ته فلاڻو قلعو ۽ فلاڻي عمارت، جا سٿيو ۽
ساساني دور جي ٺهيل آهي، جنهن جو فوٽو فلاڻي ڪتاب
يا رپورٽ ۾ ڏنل آهي، نه موازنو ڪيل آهي، ۽ نه وري
ڪا تحقيقي ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي. انڪري اها به سندس راءِ
آهي، نه ڪي تاريخ.
تهذيب ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون مشترڪ ٿينديون آهن.
رشيا جي انو جي کنڊرن، موئن جي دڙي، عراق جي
سميرين ۽ اشورين جي تهذيب ۾ مشترڪ ڳالهيون آهن،
مگر هنن جو نه نسل ساڳيو آهي، نه تهذيب. انڪري ته
ائين ڪونه چئبو ته اها هڪ تهذيب آهي.
Myth of Bybolon & Assyria Indus Valley & early
iron، Department of Archaeology Pak.
هڪ خيال ۽ راءِ نقش نگار واري مدهم ڪوشش آهي. زير
زمين ناليون موئن جي دڙي مان به لڌيون آهن ته
برهمڻ آباد - المنصوره مان به ۽ هاڻي ته ڪراچي ۽
ٻين وڏن شهرن ۾ ۽ يورپ جي شهرن ۾ به عام آهن.
خدانخواسته موجوده زير زمين نالين وارو سرشتو ختم
ٿي وڃي ۽ تاريخ به ڀلجي وڃون ۽ ان کان 1000 سال
بعد، ڪا ٽيم کوٽائي ڪرائي ته ائين چئي سگهبو ته هي
دڙو موئن جي دڙي يا برهمڻ آباد يا المنصوره جو
همعصر آهي.
ٻيون شيون هڪ ٻئي کان گهٽ ورثو وٺنديون آهن، پر
پٿر جي گهڙائيءَ جو فن هڪ ٻـئي کان گهڻو متاثر
ٿيندو آهي، ڇو ته ٻيون شيون ته زمين دوز ٿي
وينديون آهن. قلعي جي سردري جو نشان ظاهر آهي.
عمارت ڊهڻ بعد به دڙي جي مٿان هوندو، جيڪو ٻيو ڪو
ڪاريگر ڏسي ان جو نقل ڪنهن به دور ۾ پيش ڪري سگهي
ٿو. ڪرنل صاحب جن نقش نگارن جو ذڪر ڪيو آهي، اُهي
ته مان کيس مسلمان دور جي عمارتن تي به ڏيکاري
سگهان ٿو.
رني ڪوٽ وارو پٿر (Sand
Stone)
وارياسو پٿر آهي، (سنڌ جنرل انٽروڊڪشن لئمبرڪ ۽
گرائونڊ واٽر محمد حسين پنهور). جيڪو گهڻو وقت
ساڳي حالت ۾ قائم نه رهي سگهندو. بقول جي - ايم -
سيد ته ميريءَ جي قلعي جا حجرا فقط 30 سال اڳ جا
ٺهيل آهن، يعني 1930ع ڌاري. پراڻو پٿر ته استعمال
ٿي سگهي ٿو، پر 2000 (ٻه هزار) سال جو پراڻو ٽڪيل
پٿر، جنهن جا نقش و نگار به مدهم ٿي چڪا آهن، سي
عمارت جي زيب زينت لاءِ استعمال ٿيڻ جو فلسفو
سمجهه کان ٻاهر آهي، جڏهن نقش نگار سٿيو ساساني
دور جا هجن.
خواجه صاحب پنهنجي مضمون ۾ لکن ٿا ته هن ڪوٽ جي هڪ
دروازي جو نالو آمريءَ جو دروازو آهي، اهو تڏهن
جڏهن آمريءَ جو شهر آباد هو، ان ڪري هي قلعو به ان
دور جو آهي. آمريءَ جي تهذيب ختم ٿي وئي. ماڻهو
مري کپي ويا، خود آمريءَ جو ڪوٽ ۽ شهر زمين دوز ٿي
ويو، پر هي جـِـناتي قلعو رني ڪوٽ، شداد جي بهشت
وانگر گم رهيو، تاڪه هن تي قدامت جو سهرو ٻڌو وڃي،
عجيب ڳالهه آهي!
کيرٿر جبل ۾ هر جڳهه پراڻين ڊٺل ڀتين جا نشان
موجود آهن، جن کي ڪافر ڪوٽ يا جنن ۽ ديون جا ڪوٽ
سڏين ٿا، پر آهن فقط پيڙهن جا نشان، جڏهن ته انهن
جي مقابلي ۾ رني ڪوٽ صحيح سلامت بيٺو آهي، ڇو؟
خواجه صاحب ڪا نه ڪا ڳالهه چئي ويندو. وڪڙ جي
دروازن واقعي کيس وڪڙ ۾ وجهي ڇڏيو. ان لاءِ وري
ڳالهه ٺاهيائين ته اهي بعد جا تعمير ٿيل آهن، گويا
مسلماني دور جا. حالانڪه ڪنهن به تاريخ يا ڪتاب
مان مسلمان حڪمرانن مان ڪنهن به هن جڳهه جو نالو
به نه ورتو آهي ۽ نه هيڏانهن لڙيو، نه وري خود
خواجه صاحب ڪنهن مسلمان جو نالو ٿو وٺي، پر چوي
ائين ٿو ته بعد جي تعمير آهي. پاڻ قلعي جي اها
حالت ڏسي اِهو ته چوي ٿو ته ٽالپورن مرمت ڪرايو
هوندو يعني کيس يقين آهي، پر وڪڙ ۽ قلعي جي ديوار
جي بناوٽ ۾ ڪو به فرق نه آهي، هڪ ئي دور جون
تعميرون آهن.
خواجه صاحب، وڪڙ کي ڏسي، حيران ضرور ٿيو ٿو ڏسجي،
شايد کيس ٻيو ڪو به اهڙو قلعو ڏسڻ ۾ نه آيو، نه ڪي
سندس مطالعي جي ڪتابن ۾ ڪو اهڙو فوٽو ئي کيس مليو،
ڪنهن وڪڙ واري قلعي جهڙو ٻيو ڪو قلعو ڏسڻ ۾ آيو،
انڪري وڪڙ کي مشرف به اسلام ڪري وڃي منصوره تي
پهتو.
خواجه صاحب منصوره جا کنڊر پاڻ وڃي ڏٺا آهن يا
ٻُڌل ڳالهه لکي اٿن، سا خبر ائين پوندي ته منصوره
۾ وڪڙ جو قلعو نه آهي، نه وري دروازي کي وڪڙ آهي.
مون منصوره تي هڪ خاص مقالو تحقيق سان لکيو آهي،
جيڪو سه ماهي مهراڻ ۾ ٻن قسطن ۾ شايع ٿيو آهي. مون
ان کنڊر کي موجوده کوٽائيءَ کان اڳ به ۽ کوٽائيءَ
دوران به شايد 5-6 دفعا ڏٺو آهي. موقعو نه آهي
ورنه ان قلعي جي به تشريح ڪري سگهجي ٿي. اهو اصل
قلعو هندن جي وقت ڪچو هو، پوءِ ان کي پڪو ڪيو ويو،
ڇاڪاڻ ته هي سيلاب جو شڪار ٿيندو رهيو، انڪري
پاڻيءَ کي شهر ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ چوڌاري واري ۽
مٽيءَ جو بند قلعي جي ديوار کي لڳو لڳ ڏنل آهي، پر
درياءَ جي ٻوڏ جو پاڻي دروازي مان اچي سگهيو ٿي،
انڪري هنن دروازو به مٿي ڪري ٺاهيو. هيٺان مٽي
وجهي مٿان سرن جو فرش هڻي گذرگاهه ٺاهي وئي، تاڪه
شهر ۾ پاڻي نه اچي سگهي. دروازي وٽ وڪڙ نه آهي،
البت ان چاڙهي ۾ ٿورو گهڻو وڪڙ آهي. ڪرنل صاحب جو
هڪ خاصو ۽ اهم سوال آهي، جنهن ۾ هن صاحب قلعي جي
دروازن، ديوارن ۽ مورچن جي بناوٽ تي پنهنجي مضمون
۾ ان کي سٿيو - ساساني دور ۽ ان وقت جي بناوٽ بابت
لکيو آهي. جيڪڏهن هي بنيادي اهميت واري ڳالهه ثابت
ڪئي وڃي ته اسان جيڪر سندس ڳالهه کي 50 سيڪڙو ضرور
مڃون ها. اچو ته ان تي به هڪ نظر وجهون.
ڪرنل صاحب ان ڏس ۾ هيٺين ڳالهين تي توجه ڏنو آهي:
1- قلعي جا دروازا 2- قلعبندي يا مکيه ٻاهرين
ديوار ۽ ان ۾ گرمارا، پيڙهه وغيره 3- قلعي جي
پکيڙ.
1 - قلعي جا دروازا: ڪرنل صاحب جو چوڻ آهي ته وڪڙ
وارن دروازن جي تعمير مسلمانن کان اڳ واري دور ۾
قلعن ۾ داخل ٿيڻ جا دروازا سنوان سڌا هوندا هئا.
آڏن لنگهن جي تاريخ فقط المنصوره شهر کان شروع ٿئي
ٿي. هن قلعي جي تعمير متعلق جيڪي به روايتون هٿ
لڳي سگهيون آهن، سي سڀ ٽالپورن ڏانهن منسوب ٿيل
آهن، جن ۾ آهي ته هو هن قلعي جا اڏيندڙ هئا. ليڪن
ڪن ۾ وري اڃا به قلعي جي اوائلي تعمير جي جس
ڪلهوڙن کي ڏنل آهي (صفحه 55).
سچ هي آهي ته ڪرنل صاحب جو مضمون سراسر ڳجهارتون (Mysterious) آهي. هر ڳالهه جو معيار به پاڻ مقرر ڪري ٿو. هن تقابلي
تحقيق بلڪل ڪا نه ڪئي آهي. نه حوالو، نه دليل، نه
ڪتاب ۽ نه صفحو، پر ڳالهيون لکندو ويو آهي ته
مسلمانن جي دور جو ته هي آهي نه آهي! ڇو نه آهي،
اهڙي ڪا به وضاحت نٿو ڪري. مثلاً ٽالپورن جي دور
جي تعمير متعلق هن نه ته تحقيق ڪئي آهي، نه وري ان
تي اعتبار. ڪتابن ۽ تاريخن کي به هو روايت ٿو سڏي.
هن کي اها خبر ئي نه آهي ته روايت ڇا آهي؟ تاريخ
ڇا آهي؟ ليڪن هو ڳالهين کي هميشه اڻپورو ڇڏي ٿو.
سندس اها روايت ته رني ڪوٽ ڪلهوڙن ٺهرايو هو. ان
سندس روايت جو سرچشمو ڇا آهي؟ اها زباني روايت آهي
يا ڪتابي حقيقت يا سندس دم پخت، ڇو ته ڪلهوڙن جو
رني ڪوٽ سان واسطي جو انڪشاف ڪندڙ شايد دنيا ۾
پهريون شخص ليفٽيننٽ ڪرنل خواجه عبدالرشيد آهي. هن
رني ڪوٽ ۾ قبرن ۽ ڪتبن ۽ انهن تي لکيت ڳجهارت ئي
رهڻ ڏني آهي.
|