عبدالله خان مگسي
رني ڪوٽ -
تحقيق جي روشنيءَ ۾
ضلعي دادو(1)
۾ ”سن“ جي قديم تاريخي شهر کان اٽڪل 18 ميل
اولهه طرف جبلن جي نئن رن (رني) جي ماٿريءَ ۾
”رني ڪوٽ“ (1) نالي هڪ تاريخي قلعو آهي، جيڪو
پراڻي عظمت جو نشان آهي. انهيءَ ماٿريءَ جي چوڌاري
هڪ ڪرنگهي دار ٽڪري قدرتي ديوار وانگر آهي،انهيءَ
ٽڪريءَ مان اولهندي کان هڪ نئن وهي، اوڀر طرف
درياهه سنڌ ۾ وڃي پوي ٿي. نئن جي پيٽ ۾ اولهه طرف
هڪ قدرتي چشمو پڻ آهي، جنهنڪري هن سڄي علائقي لاءِ
اتي هر وقت پاڻي موجود رهي ٿو. رني ڪوٽ جي اندر ٻه
ٻيا به ننڍڙا قلعا آهن، جن کي ”ميري“ (2) ۽
”شير ڳڙهه“ (3) سڏيو ويندو آهي. ميري قلعي جي
اولهه - ڏکڻ طرف نئن جي ساڄي ڪپ تي هڪ قديم
قبرستان پڻ موجود آهي.
رني ڪوٽ جي باري ۾ سنڌ جي عالمن، دانشورن ۽ محققن
جا مختلف رايا ۽ نظريا آهن. اسان هتي انهيءَ قلعي
جي باري ۾ تاريخي لحاظ کان ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش
ڪنداسون. رني ڪوٽ جي تاريخي حيثيت تي روشني وجهڻ
کان اڳ دنيا جي تختي تي قلعن ۽ ڪوٽن جي اڏڻ جي
ضرورت جو مختصر جائزو پڻ وٺنداسون.
دراصل قلعن جو رواج انهيءَ دور کان شروع ٿيو، جنهن
دور ۾ انساني معاشري ۾ رياست جو وجود پيو. رياست
جي وجود ۾ اچڻ جو سبب انساني گروهن ۾ اقتصادي
ناهمواري هئي. زمين ۽ ان تي قابض طبقن پنهنجي
اقتدار ۽ دولت کي محفوظ رکڻ ۽ پورهيت طبقن کان پاڻ
بچائڻ خاطر پهريائين پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن کي عالم
پناهون ڏئي، وقت جي دشمنن کان پاڻ کي محفوظ ڪيو.
ان بعد خود پنهنجي ذاتي بچاءَ خاطر قلعا تعمير
ڪرائي، انهن ۾ فوجون رکيائون. اڳتي هلي قلعن اندر
درٻارون، دفتر ۽ محلاتون قائم ڪرڻ جو رواج پيو.
دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته سڀ کان پهريائين قلعي -
بند ٿي ويهڻ جو رواج ”يونان“ ۾ پيو، جنهن کان
متاثر ٿي سڄي دنيا يونانين جو نقل ڪيو، پر ان
سلسلي ۾ رومي سڀني کان وڌيڪ پيش پيش رهيا.
هر دور ۾ هنر ۽ حرفت بدلبي رهي ٿي، ان ڪري اسلح ۽
بچاءَ جا طور طريقا به بدلبا رهن ٿا. شروع ۾ تيرن،
تلوارن ۽ ڀالن کي جنگي هٿيارن طور استعمال
ڪيوويندو هو، ان ڪري انهيءَ دور ۾ بچاءَ لاءِ اهڙي
قسم جا قلعا تعمير ڪيا ويندا ها، جن جي اوچائي
بلنديءَ تي هوندي هئي. ته جيئن تيرن، نيزن ۽ ڀالن
سان مسلح دشـمن فوج ان تي چڙهي نه سگهي. اهڙن قلعن
کي زير ڪرڻ لاءِ چمڙي جا ڪمند ۽ ٻيون اهڙيون شيون
ايجاد ڪيون ويون. حملي آور فوج انهن ڪمندن ۽
ڏاڪڻين وسيلي قلعي کي عبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي،
جنهن جي پيشقدميءَ جي جواب ۾ قلعي اندر رهندڙ فوج
مٿن تيرن، ڀترن ۽ ٻين اهڙي قسم جي نقصان پهچائڻ
وارن شين سان دشمن کي قلعي کان پري رکڻ جي ڪوشش
ڪندي هئي. جنگي حڪمت عمليءَ سببان اڳتي هلي ڏاڪڻين
۽ ڪمندن کان بچاءَ خاطر وقت جي حڪومتن فصيلن ٺاهڻ
جو رواج وڌو، جن تي هر وقت پهريدار مقرر ڪيل هوندا
هئا. قديم دور جي جنگجو قومن بچاءَ جي انهيءَ
طريقي ۾ ڪمزوري محسوس ڪئي. جنگي ۽ فني لحاظ کان
اهو تمام ضروري سمجهيو ويو، ته دشمن جي غنيم کي
قلعي جي ويجهي اچڻ کان ڪنهن به صورت ۾ روڪيو وڃي.
ان ڪري ان وقت جي قلعن جون ديوارون مٽيءَ جي بدران
پٿرن ۽ پڪين سرن سان اڏايون ويون،، جن جي چوڌاري
وڏيون شاهي کاهيون پڻ کوٽائيون وينديون هيون، جن
کي پاڻيءَ سان ڀريو ويندو هو، جيئن ڪا به حملي
ڪندڙ فوج قلعي طرف سولائيءَ سان پهچي نه سگهي.
انهن ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي قلعن کي ويڪرو ۽ وسيع
ڪيو ويو، ته جيئن قلعي اندر رهندڙ فوج ڪنهن به
دشمن جي حملي وقت پاڻ سان کاڌ خوراڪ ۽ پاڻيءَ جو
معقول بندوبست ڪري دشمن کان بچڻ لاءِ قلعي - بند
ٿي سگهي. انهيءَ سڄي نظام هوندي به ان دور جي قلعن
جي تسخير ڪرڻ ۾ سڀ کان ڪمزور پهلو سندن دروازا
هئا، ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڪا حملي آور فوج قلعي جو
محاصرو ڪندي هئي، ته ان جي سڀ کان پهريائين اها ئي
ڪوشش هو ندي هئي ته قلعي جي دروازي کي ڀڃڻ ۾
ڪاميابي حاصل ڪجي (4) مٿي بيان ڪيل مقصد حاصل ڪرڻ
لاءِ، ان دور جي فوجي ماهرن منجنيقون ۽ ڏُور - مار
کانڀاڻيون وجود ۾ آڻي، قلعن تي سنگباريءَ جو رواج
وڌو، جنهنڪري قلعن جي مضبوط دروازن کي ڀڃڻ آسان ٿي
پيو. اهڙيءَ ريت منجنيق جي ايجاد کاهيءَ واري
بچاءَ کي بي اثر بنائي ڇڏيو.
جيئن جيئن انساني معاشرو ترقيءَ طرف گامزن ٿيندو
رهيو، تيئن انسان ۾ جستجو ۽ تجسس جو مادو پيدا
ٿيندو ويو. دنيا جي ٻين ايجادن سان گڏ دشمن کي
نيست نابود ڪرڻ جو بارود به ايجاد ڪيو ويو. تاريخ
۾ اچي ٿو ته بارود جو موجد ”چين“ هو، جتان سموري
دنيا ۾ ان جو رواج پيو.
بارود جي ايجاد ٿيڻ وقت اڃا توب جو استعمال رواج ۾
نه آيو هو. ان دؤر ۾ بارود کي منجنيق ۽ کانڀاڻيءَ
وسيلي دشمن جي قلعن، سامونڊي فوجي غورابن ۽ هاٿين
کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.
برصغير هندو - پاڪ ۾ بارود جي گولي کي توب جي رستي
اڇلائڻ جو طريقو مغلن استعمال ڪيو هو. مغل بادشاهه
بابر پاڻيپٽ جي پهرين ويڙهه ۾ توبن رستي ابراهيم
لوڌيءَ کي شڪست ڏني هئي.
توب جي انهيءَ استعمال قديم قلعن جي دفاعي سٽاءَ
کي بلڪل بي اثر بنائي ڇڏيو. چوندا آهن ته، ”ضرورت
ايجاد جي ماءُ آهي“ ، انهيءَ چوڻيءَ جي مصداق ان
دور جي فوجي ماهرن قلعن جي دفاع واسطي قلعن جي
جوڙجڪ ۾ تبديلي آندي. قلعن جي ڀتين ۾ پڪين سرن جي
بجاءِ پٿر جي وڏين ڇپن جو استعمال شروع ڪيو ويو،
يا وري قلعن کي جبلن ۽ ٽڪرين جي چوٽين تي تعمير
ڪرايو ويو. اهڙي قسم جي قلعن جي جوڙجڪ ۾ هڪ ٻيو
اضافو اهو ڪيو ويو، جو انهن جي وچ ۾ اوچا منارا
تعمير ڪرايا ويا، جن تي توبن کي نصب ڪيو ويندو هو،
انهن مـُـنارن سان گڏو گڏ فصيلن تي توبن جا مورچا،
برج ۽ ڳڙکا پڻ ٺهرايا ويا، ته جيئن سامهون ايندڙ
دشمن فوج کي آسانيءَ سان توبن توڙي بندوقن جي مدد
سان روڪي سگهجي. ان دور جي ماهرن اها ڳالهه محسوس
ڪئي ته بارودي توبن جي ڌماڪن ۽ ڌڌڪن جي ڪري قلعي
جي ديوارن ۾ شگاف ٿي پوڻ جو انديشو لاحق آهي، ان
ڪري ديوارن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ انهن کي ڪاٺ
جي ڳرن توڙي وڏن بنڊن جي پـُـشتي ڏني وئي، ته جيئن
ڌماڪن سببان کين ڪو نقصان نه پهچي ۽ انهيءَ پشتي
کي وقت جي ضرورت مطابق دشمن جي حملي طرف سولائيءَ
سان منتقل ڪري سگهبو هو.
اسلح سازيءَ جي ان نئين رواج ڪري هندستاني مغلن
پنهنجي دفاع خاطر پنهنجن مرڪزي راڄڌانيءَ وارن
هنڌن جهڙوڪ دهلي، آگري، لاهور، الهه آباد، مرشد
آباد، پاٽنا ۽ ٻين شهرن ۾ پٿرن جا وڏا قلعا تعمير
ڪرايا. مغلن جي انهن دفاعي انتظامن کي ڏسي برصغير
جي ٻين ننڍن ننڍن راجائن ۽ نوابن پڻ انهيءَ طرف
ڪجهه توجهه ڏنو، پر مالي ۽ فني مشڪلاتن سبب پنهنجي
دفاعي قلعن ۾ وڌيڪ واڌارو ڪري نه سگهيا. انهيءَ
ڪري ئي ڏيهي حاڪمن جي فوجن، مغلن جي جنگي حڪمت
عمليءَ آڏو شڪست کاڌي. پر جيئن جيئن مغل شهنشاهت
جي سلطنت جو نظام بگڙندو ۽ منتشر ٿيندو ويو، تيئن
سندن مرڪزي شيرازو پڻ ڪمزور ٿيندو ويو. مغل
شهنشاهيت جا ڏورانهان صوبا انهيءَ بدنظميءَ جو
فائدو وٺي خودمختيار ٿي ويا. سنڌ پڻ مغل سلطنت جو
هڪ پرانهون صوبو هو، جنهن ۾ هتان جي مقامي باشندن
ڪلهوڙن حڪومت قائم ڪئي. اسين جڏهن سنڌ جي تاريخ جو
جائزو وٺون ٿا، ته اسان کي سنڌ ۾ مغل دور جا ڪي
اهڙا به نشان نٿا ملن.
رني ڪوٽ متعلق ڪجهه بيان ڪرڻ کان اڳ سنڌ جي قلعن ۽
ڪوٽن تي ڪجهه روشني وجهڻ ضروري آهي.
سنڌ ۾ قديم زماني کان وٺي ڪيترائي قلعا ۽ ڪوٽ
موجود آهن. انهن مان ڪيترا وقت گذرندي، ڊهي، ڦٽي ۽
تباهه ٿي ويا آهن ۽ ڪي اڃا قائم دائم آهن، جيڪي
پنهنجي دؤر جي تاريخ تي مرثيه خوان آهن. سنڌ جي
تاريخ ٻڌائي ٿي ته اڳئين زماني ۾ سنڌ ۾ اهو رواج
هو ته هر واپاري توڙي مرڪزي شهر کي بچاءَ لاءِ
وڏيون ۽ اوچيون عالم پناهون ڏنل هونديون هيون ۽
ڪوٽ نڪتل هوندا هئا. اڄ به انهن اوچن ڪنگريدار
ڪوٽن جو رواج سنڌ جي وڏن خاندانن جي حويلين کي ڏسڻ
سان معلوم ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجي ماضيءَ ڏانهن اشارو
ڪن ٿا. موئن جي دڙي توڙي سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي آثار
قديمه جي شهرن کي اهڙيون عالم پناهون ڏنل نڪتيون
آهن. سنڌ اندر سيوهڻ جو قلعو، حيدرآباد جو قلعو،
بکر جو قلعو، ڪوٽ ٻاروچو، دليل ڪوٽ، سڌو جن جو
ڪوٽ، عمر ڪوٽ ۽ رني ڪوٽ وغيره جون جوڙجڪون اسان کي
مٿين ڳالهين جي ثابتي ڏين ٿيون. انهن قلعن ۽ ڪوٽن
مان ڪي قدامت جي لحاظ کان قديم آهن. سنڌ ۾ مٽيءَ
مان ٺهيل ڪوٽ ۽ قلعا پٿر واري دور کان اڳ جا آهن.
ان ڪري اسين اهو چئي سگهون ٿا، ته اهي ڪوٽ ۽ قلعا
بارودي دور کان اڳ جا آهن (5)، ڇاڪاڻ ته انهن قلعن
تي ڪا به فصيل يا مورچو ٺهيل نه آهي. ان مان اسان
جو اهو گمان وڌيڪ قوي ٿئي ٿو، ته رني ڪوٽ بارودي
دور جي پيداوار آهي.
رني ڪوٽ جي باري ۾ موجوده دؤر جي مؤرخن ۽ محققن ۾
ڪافي اختلاف نظر اچن ٿا. ڪن عالمن سنڌ جي هن قديم
قلعي کي ”ساساني دؤر“ جو قلعو ڪري سمجهڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. ڪن وري هن کي سنڌ جي ”راءِ گهراڻي جي
دور“ ڏانهن منسوب ڪيو آهي. ليڪن اسان جي تحقيق ۽
مشاهدي دوران هن قلعي جي باري ۾ جيڪي روايتون ۽
مستند تاريخي حقيقتون ملي سگهيون آهن، انهن جي
آڌار تي اسان هن راءِ جا آهيون، ته رني ڪوٽ سنڌ جي
آزاد حڪمرانن جي پهرين چوياريءَ جو عظيم ڪارنامو
آهي. جن عالمن هن قلعي کي ساساني دور جو قلعو
ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تن سچ پچ تاريخ کان اڻ
ڄاڻائيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. ليفٽيننٽ ڪي. اي. رشيد
هن قلعي جي باري ۾ لکي ٿو ته ”هي قلعو سنڌ جي
قديم قلعن مان هڪ آهي، ۽ ‘سٿين جي دؤر’ جو تعمير
ڪرايل آهي“ (6) ڪرنل صاحب پنهنجي ان بيان لاءِ ڪو
به واضح حوالو نه ڏنو آهي. خبر نه آهي ته وٽس ان
بيان لاءِ ڪهڙا مدار ۽ ماخذات آهن، جن جي آڌار تي
اهو رايو ڏنو اٿس.
سنڌ جي هڪ ٻئي عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو
رايو آهي ته ”رني ڪوٽ جي متعلق ٽالپرن جي نواب
فيملي وٽ هڪ روايت آهي، جنهن مان قلعي جي باري ۾
صحيح ۽ صاف اشارا ملن ٿا، ته ٽالپرن جي وزير سلطنت
نواب ولي محمد خان لغاريءَ نئن رنيءَ وٽ قلعي کي
ٺهرائڻ جون رٿائون تيار ڪيون ۽ سندس ئي نگرانيءَ ۾
قلعي جي تعميرات جو ڪم شروع ٿيو.“ (7) ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جي مذڪوره راءِ جي پٺڀرائي هزهائينس مير حسن
علي ٽالپور جي هن بيان مان بلڪل واضح ٿئي ٿي ته
مير صاحب پنهنجي مشهور منظوم مثنوي ”فتح نامي“ ۾
رني ڪوٽ جو مفصل ذڪر ڪيو آهي ۽ هن قلعي کي مير ڪرم
علي خان جي دور حڪومت (44 - 1227 هه) جو هڪ عظيم
ڪارنامو سڏيو آهي (8).
مسٽر اي. ڊبليو. هيوز پنهنجي مشهور تصنيف ”سنڌ
گزيٽيئر“ (1876ع) ۾ هن قلعي جي باري ۾ پنهنجو
رايو ڏيندي لکي ٿو ته ”هي قلعو ٻن ٽالپورن ميرن
هلندڙ صديءَ جي ابتدا ۾ تعمير ڪرايو هو.“ هو صاحب
اڳتي هلي هن قلعي جي ٺهرائڻ جو مقصد بيان ڪندي لکي
ٿو ته ”مير صاحبن جو اهو رايو هو ته وٽن هڪ اهڙو
مضبوط ۽ محفوظ قلعو هجي، جو اهو ڪنهن به ڏکئي وقت
سندن خزاني جي سلامتيءَ لاءِ تحفظ جو ڪم ڏئي سگهي،
۽ ساڳئي وقت سندن پناهه گاهه به ثابت ٿي سگهي“
(9).
فوجي ڪئپٽن ڊلهائوسيءَ جون 1839ع ۾ هڪ رپورٽ ڏني
هئي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته ”رنيڪا ڪوٽ مير ڪرم علي
خان ٽالپر 1812ع جي لڳ ڀڳ ٺهرايو هو، جنهن تي
ٻارهن لک رپيا خرچ ٿيو هو، ليڪن ان ۾ رهائش اختيار
نه ڪئي هئائون. ڇاڪاڻ ته هيءُ هڪ باراني علائقو هو
۽ منجهس پاڻيءَ جي سخت اڻاٺ هئي.“ ساڳيو ڪئپٽن
اها راءِ پڻ ڏي ٿو ته ”هيءُ قلعو مير صاحب پنهنجي
پناهه لاءِ ٺهرايو هو.“ (10)
ليفٽيننٽ ڪرنل ڪي - اي - رشيد مٿين ٻنهي نظرين کي
غلط ٺهرائيندي، پنهنجي راءِ ڏئي ٿو ته ”ٽالپور هن
قلعي جا اصل معمار ٿي نٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته ميرن وٽ
ايتري مالي وسعت نه هئي، ۽ نه وري وٽن اهڙا ذريعا
۽ وسيلا هئا، جو ايڏو وڏو تعميراتي ڪم ڪرائي سگهن
ها“ (11).
ڪرنل صاحب جو مذڪوره رايو خام خيال آهي. ميرن جو
دؤر سنڌ جي تاريخ ۾ خوشحاليءَ جو دؤر هو، ۽ هن
قلعي تي ايڏي رقم خرچ ڪرڻ هنن خودمختيار حاڪمن
لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ڪا نه هئي (12). خود هزهائينس
مير حسن علي ٽالپور پڻ خرچ جو تخمينو سترهن لک
ٻڌايو آهي (13). ڪرنل صاحب اڳتي هلي ڪئپٽن
ڊلهائوسيءَ سان اختلاف ڏيکاريو آهي ته هيءُ قلعو
1812ع ۾ تعمير نه ٿيو هوندو، پر ان جي مرمت ٿي
هوندي ۽ ان سان گڏ قلعي جي اندر ڪجهه ڦير ڦار ٿي
هوندي. ان لاءِ صاحب موصوف پنهنجي راءِ جي تائيد ۾
جي دليل ڏنا آهن، تن ۾ ڪا مضبوطي ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي
اچي.
قلعي جي هيئت ۽ ساخت تي نظر وجهندي، اسان چئي
سگهون ٿا ته هيءُ قلعو ايراني ۽ ٽالپوري دور جي
مروج فني تعميرات جو سنگم آهي.ايران، سنڌ جو
پاڙيسري ملڪ آهي ۽ سنڌ جي ٽالپور حڪمرانن جا
ايراني درٻار سان خوشگوار تعلقات قائم هئا.
انهيءَ ڪري اهو ممڪن آهي ته اتان جا ڪي فني
تعميرات جا ماهر سنڌ جي ٽالپور حڪمرانن گهرايا
هجن. اهو ئي سبب آهي جو هن قلعي جي ديوار کي ڏسڻ
شرط ڏسندڙ اهو ئي دوکو کائي وڃي ٿو.
آخر ۾ اسان سنڌي ادب جي ابي مرحوم مرزا قليچ بيگ
جو رايو ڏيون ٿا. هو صاحب ان باري ۾ چوي ٿو ته :
”رني ڪوٽ، سن جي شهر کان ٽن - چئن ڪوهن تي جبل تي
آهي. اهو سن 1812ع ڌاري مير ڪرم علي خان ۽ مير
مراد علي خان ٺهرايو هو. انهيءَ لاءِ ٺهرايو ويو
هو ته مشڪلات جي وقت انهيءَ ۾ وڃي پناهه وٺجي.“
(14)
مرزا قليچ بيگ ۽ هزهائينس مير حسن علي ٽالپور
ساڳئي دور جا عالم ۽ مؤرخ آهن. مير حسن علي خان
ٽالپور جا سوانح نگار سندس جنم جي تاريخ 1824ع
ڄاڻائين ٿا (15). ان جي معنيٰ ته رني ڪوٽ مير صاحب
جي ڄمڻ کان فقط ٻارهن سال اڳ تعمير ٿيو هو. مير
صاحب پنهنجي تصنيف ”فتح نامي“ ۾ هن قلعي ٺهڻ جي
مدت اندازاً هڪ سال ڄاڻائي آهي. اسان جي راءِ موجب
مير صاحب جي راءِ وڌيڪ مستند آهي، ڇاڪاڻ ته مير
صاحب ”فتح نامو“ تصنيف ڪرڻ وقت ضرور پنهنجي
خاندان جي صحيح روايتن کي آڏو رکيو هوندو. انهن
چند عالمن جي راين ۽ نظرين کي سامهون رکندي، اهو
خيال قوي غالب آهي ته رني ڪوٽ ٽالپوري دؤر جو عظيم
ڪارنامو آهي.
رني ڪوٽ جي تعميراتي دور جو تعين ڪرڻ کان پوءِ هن
ڪوٽ تي سياسي نقطئه نگاهه کان روشني وجهڻ جي ڪوشش
ڪنداسون. سنڌ جي تاريخ جو غور سان مطالعو ڪرڻ سان
اسان کي معلوم ٿيندو ته ان دور ۾ سنڌ کي دُرانين ۽
رنجيت سنگهه جي طاقتن کان خطرو هو. ساڳئي وقت اوڀر
۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حڪومت قائم هئي، جنهن جا
پڻ سنڌ طرف ناپاڪ ارادا هئا. پنجاب جو حاڪم رنجيت
سنگهه سنڌ جي حڪومت سان کؤنسندو رهندو هو.سنڌ جو
بيدار مغز مدبر ۽ صحيح سياسي بصيرت رکندڙ شخصيت
نواب ولي محمد خان لغاري ان وقت سنڌ جو وزير سلطنت
هو. نواب ولي محمد خان ان دور جي سياسي حالتن کي
نظر ۾ رکندي، سنڌ جي ٽالپور حڪمرانن کي اها رٿ ڏني
ته آئيءَ ويل لاءِ سنڌ جي تحفظ ۽ حڪمرانن جي بچاءَ
لاءِ هڪ مضبوط دفاعي قلعو تعمير ڪرائجي. انهيءَ
راءِ جي مدنظر ”رني“ نئن جي ڪنڌيءَ تي، جابلو
ٽڪرين جي مٿان هن قلعي کي تعمير ڪرايو ويو. هن ڪوٽ
جو جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان فوجي لحاظ کان تجزيو
ڪبو ته اهو بلڪل واضح ٿي ويندو، ته هيءُ قلعو ان
وقت جو وڏي ۾ وڏو دفاعي قلعو هو. قلعي جي جوڙجڪ
ٻڌائي ٿي ته ڪنهن حملي آور دشمن فوج کي ٽوٽا چٻائڻ
۾ هيءُ قلعو نمايان ڪردار ادا ڪري سگهيو ٿي. سمورو
قلعو پٿرن جو ٺهيل آهي. ڪرنل ڪي. اي. رشيد پنهنجي
مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”ٽالپور ميرن ايڏا پٿر اتي
ڪيئن ۽ ڪٿان آندا هوندا“ (16). ليڪن اسان کي خود
رني ڪوٽ جو معائنو ڪندي ائين ڏسڻ ۾ آيو، ته اهي
پٿر اتي ئي ٽڪرين ۽ ”لڪي“ جي پهاڙن تان آندل
آهن. گهڻي ڀاڱي پٿرن کي گهڙيو ويو آهي. قلعي جي
فصيل تي توبن رکڻ جا مورچا، بندوقن جا ڳڙکا ۽ شير
ڳڙهه جو اوچو ٺهيل مورچو آهي، جنهن تي توب رکي
دشمن کي قلعي کان پري روڪي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ
اتان سڄي قلعي اندر فوجي چرپر تي به نظر رکي سگهجي
ٿي. ڏکڻ طرف کان قلعي جي ديوار جي ٻاهران ننڍين
ننڍين ٽڪرين تي مورچا پڻ ٺهيل آهن، جن جي وسيلي
دشمن کي قلعي تائين پهچڻ کان روڪڻ ۽ قلعي اندر فوج
کي تيار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ مقصد هو. ان کان
سواءِ قلعو پهاڙي علائقي تي هئڻ ڪري دشمن لاءِ اهو
وڏو مسئلو پيدا پئي ٿيو، ته هو توبن کي اتي ڪيئن
پهچائي، استعمال ۾ آڻين.
مٿي ڪن عالمن جا رايا ڏئي آيا آهيون، جن جي چوڻ
مطابق هيءُ قلعو ساساني يا ان کان اڳ جي دور جو
آهي. سندن نظرين ۽ راين کي اسان ضعيف سمجهي سندن
رد ۾ ڪافي دليل دلائل ڏنا اٿئون. تاريخي لحاظ کان
اسان جڏهن سڀني روايتن کي درايت جي ڪسوٽيءَ تي
پرکيون ٿا، ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته هي قلعو
”ساساني دؤر“ جو ٿي نٿو سگهي. رني ڪوٽ جي جائزي
وٺڻ سان اسان کي ان جي محل وقوع جي ڀرسان ڪي به
شهر يا آباديءَ جا ڪي نشان نظر ڪو نه ٿا اچن،
سواءِ هڪ ننڍڙي قبرستان جي، جيڪو مسلم دور جو آهي.
ساڳئي وقت تاريخ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته سنڌو
درياءَ ساساني يا راءِ گهراڻي کان وٺي ڪلهوڙن جي
صاحبيءَ تائين نصرپور واري هنڌ تان وهندو هو.
محترم شمس الدين قريشي پنهنجي ڪتاب ”آئينهءِ قديم
سنڌ“ ۾ سنڌو درياءَ جي وهڪري جو بيان ڪندي ان
راءِ جو آهي ته مکيه درياءَ جو وهڪرو اهو ئي آهي،
باقي سنڌ ۾ ٻيا وهندڙ درياءَ يا ته منجهانئس
نڪرندا هئا يا ڀرتي ڪندڙ درياءَ هئا، جيئن هاڪڙو،
وهند ۽ سهڻيءَ وارو درياءَ وغيره. انهيءَ نقطئه
نگاهه کان اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪلهوڙن پنهنجي
دور ۾ ”خداآباد“ کي پهريائين گاديءَ جو هنڌ
بنايو، پر پوءِ فوجي ۽ اقتصادي لحاظ کان
”حيدرآباد“ کي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنائون. ان ڪري
چئي سگهجي ٿو ته رني ڪوٽ تي درياءَ جي تبديلين جو
ڪو به اثر ڪو نه پيو هوندو (17). جيڪڏهن هيءُ ڪوٽ
ساساني يا راءِ گهراڻي سان ڪا به نسبت رکندڙ هجي
ها، ته ڀيرومل مهر چند آڏواڻي پنهنجي مشهور تاريخي
ڪتاب ”قديم سنڌ“ ۾ ضرور ان جو ذڪر ڪري ها. ان
کان سواءِ تاريخ اسلام جي مطالعي مان واضح ٿئي ٿو،
ته ساسانين جي گاديءَ جي شهر ”مداين“ (جنهن کي
اميرالمؤمنين حضرت عمر رضه فتح ڪيو هو) ۾ به اهڙي
وڏي قلعي جو ڪو قديم نشان نٿو ملي، نه صرف ايترو،
بلڪ ساساني دور جي سموري تاريخ ۾ رني ڪوٽ جي قلعي
جو اشارتاً به ذڪر نٿو ملي. قديم ايراني آتش پرست
هئا. هنن جتي به پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، اتي هنن
پنهنجا آتش ڪده قائم ڪيا. خود سنڌ جو قديم شهر
”برهمڻ آباد“ پڻ ان دور جو يادگار آهي (18). تعجب
آهي ته جيڪڏهن رني ڪوٽ ان دور جو هجي ها، ته ضرور
قلعي ۾ ڪٿي نه ڪٿي ان جا نشان يا اهڃاڻ ملن ها، پر
سموري قلعي اندر ڪٿي به اهڙو نشان ڪو نه ٿو ملي.
پوءِ هن قلعي کي ساساني دور سان ملائڻ تاريخ سان
هٿ چراند مثل آهي.
عرب مؤرخ، سياح ۽ جاگرافيدان، جن سنڌ بابـت
ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، تن جا ڪتاب پڻ هن قلعي جي
احوال کان وانجهيل آهن. مذڪوره بيانن مان اها
ڳالهه چڱيءَ طرح واضح ٿئي ٿي، ته ان قديم دؤر ۾
رني ڪوٽ جو ڪو به وجود ڪو نه هو.
دنيا جي تهذيب يافته ۽ متمدن قومن جو لوڪ ادب انهن
قومن جو آئينو هوندو آهي. لوڪ ادب ۾ قومن جي مزاج،
تهذيب و تمدن، سماجي ۽ معاشرتي ڳالهين جو ذڪر
هوندو آهي. تاريخي يا نيم تاريخي قصا ۽ ڪهاڻيون
لوڪ ادب جي دامن ۾ جنم وٺنديون آهن. اسان جيڪڏهن
سنڌي لوڪ ادب جو باريڪ بينيءَ سان مطالعو ڪنداسين
ته اسان کي سنڌ جي تاريخي روايتن توڙي وقت جي
حڪمرانن جي سياسي ۽ سماجي ڳالهين سان گڏ سنڌ جي
جاگرافيائي حـالتن، قلعن، ڪوٽن، دريائن، واهن،
ڦاٽن، وسين ۽ وستين جو ذڪر ملي ٿو. لوڪ ادب جي
روشنيءَ ۾ جهونا ڳڙهه، عمر ڪوٽ، وڳهه ڪوٽ، روپا
ماڙي، ٿري، ساموئي، ٺٽو ننگر، بکر، سيوهڻ ۽ ٻين
ڪيترن شهرن جو ذڪر اذڪار ملي ٿو. جيڪڏهن رني ڪوٽ
پنهنجي قدامت جي لحاظ کان ايڏو قديم هجي ها، ته
ضرور سنڌي لوڪ ادب ۾ ڪو نه ڪو سگهڙ يا شاعر ان کي
پنهنجو موضوع سخن بنائي ها (19).
رني ڪوٽ جي باري ۾ اسان مٿي تاريخي نظرين کي پيش
ڪندي، ان ڳالهه جو تجزيو ڪيو آهي ته سنڌ جو هيءُ
قديم قلعو ساساني دور جو يادگار نه آهي، بلڪ سنڌ
جي ٽالپر حاڪمن جي صاحبيءَ جو نشان آهي. هن قلعي
جي قدامت، هيئت، جوڙجڪ ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين تي مٿي
ڪافي روشني وجهي آيا آهيون، جنهن مان معلوم ٿيندو
ته جي مورخ ۽ محقق هن قلعي کي قديم ايراني -
ساساني دور ڏانهن منسوب ڪن ٿا، تن جا سڀ رايا صرف
سندن خوش فهميءَ تي مبني آهن. جديد دور جو محقق ۽
تاريخ جو طالب علم شايد ئي ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ
تيار ٿئي. تاهم تحقيق ۽ تلاش جو ميدان وسيع آهي.
هن ڏس ۾ منهنجا پيش ڪيل رايا حتمي نه آهن. ڀلي ڪو
محقق ۽ تاريخدان ان موضوع تي اڃا به وڌيڪ روشني
وجهي، ته جيئن سنڌ جي هن شاندار قلعي لاءِ ڪا صحيح
راءِ قائم ڪري سگهجي.
حوالا ۽ واڌارا
(1) |
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب
”واعظ العشاق عرف ڪلام فقير نواب ولي محمد
لغاري“ ۾ رني ڪوٽ جي تاريخي قلعي کي ”علي
آباد“ به ڪوٺيو آهي. اسان کي اهو نالو ڪنهن
به سنڌ جي تاريخ ۾ نظر نه آيو آهي. خود
ڊاڪٽر صاحب ان لاءِ ڪو به تاريخي حوالو ڪونه
ڏنو آهي. |
(2) |
”ميري“ بلوچي لفظ آهي. ”ميري“ ان جاءِ
کي چوندا آهن، جتي سردار يا حاڪم اچي رهي،
پر ساڻس مستورات به گڏ هجن. مثلاً ميري
قلات، ميري خان اعظم چاڪر خان، سبي وغيره -
سنڌ جا مير به بلوچ قبيلي سان تعلق رکندڙ
هئا. ان ڪري هن قلعي لاءِ ”ميري“ جو اکر
استعمال ڪيو ويو. |
(3) |
”شير ڳڙهه“ جي معنيٰ آهي شينهن جي رهڻ جو
هنڌ. هيءُ قلعو اوچي ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي.
سمجهه ۾ اچي ٿو ته هيءُ قلعو فوجي ڪمانڊر
سڄي جنگ کان باخبر ٿيڻ ۽ جدا جدا محاذن تي
چرپر کي سولائيءَ سان نظر ۾ رکڻ جي مقصد سان
تعمير ڪرايو هوندو. |
(4) |
سڪندر اعظم ملتان جي قلعي تي جڏهن حملو ڪيو
هو، ته ان وقت قلعي جي دروازي کي ٽوڙيندي
زخمي ٿي پيو هو.(ڏسو تاريخ ملتان، جلد اول،
ص 67 -66). حضرت علي ڪرم الله وجہ لاءِ اها
روايت آهي ته خيبر جي قلعي تي حملي ڪرڻ وقت
پاڻ قلعي جي دروازي کي ٽوڙيو هئائون. |
(5) |
سڪرنڊ تعلقي ۾ دليل ڪوٽ، موري تعلقي ۾ سڌوجن
جو قلعو وغيره، جي مٽيءَ جا ٺهيل آهن، سي
تيرن ۽ تلوارن جي استعمال جي دور جا قلعا
آهن. سيوهڻ ۾ سڪندر وارو قلعو عرف ڪافر
قلعو، بکر وغيره جا قلعا بارود جي استعمال
کان اڳ جا قلعا آهن. انهن قلعن جي ٻاهران
پاڻيءَ جون کاهيون ثابت ڪن ٿيون ته اهي
انهيءَ دور ۾ ٺهيا هوندا، جنهن دور ۾
کانڀاڻيون ۽ منجنيقون استعمال ڪيون وينديون
هيون. عمرڪوٽ جي قلعي جي ٻاهران اڃا تائين
کاهي موجود آهي، ان ڪري چئي سگهون ٿا ته اهو
ڪوٽ به قديم دور جو آهي، بعد ۾ منجهس توبن
رکڻ لاءِ نئين ٿلهي جو واڌارو ڪيو ويو، ليڪن
اهو واڌارو ڪارگر ثابت نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته
نادر شاهه جي حملي وقت قلعي مان توبخاني سان
مقابلو ڪري نه سگهڻ جي صورت ۾ ميان نور محمد
پيش پيو. (جنت السنڌ، ص 525). |
(6) |
سه ماهي مهراڻ نمبر 3، سال 1967ع، ص 61 -
56. |
(7) |
ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري، ۽ رسالو
ايضاً ص 56. |
(8) |
سنڌ جو شاهنامو عرف فتح نامو: مير حسن علي
خان ٽالپور، ص 92. |
(9) |
رسالو مهراڻ نمبر 3، سال 1967ع، ص 58 - 57. |
(10) |
ايضاً، ص 57. روزانه انگريزي اخبار ”ڊان“ ،
تاريخ 23 - نومبر 1980ع. |
(11) |
ايضاً، ص 58. |
(12) |
جنت السنڌ، ص 84 - 771. |
(13) |
سنڌ جو شاهنامو عرف فتح نامو: مير حسن علي
خان ٽالپور ص 92. ان کان سواءِ ٽالپورن جي
صاحبيءَ کان اڳ ۾ ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت ۾ پڻ
سنڌ ايڏو ته خوشحال واپاري ۽ صنعتي ملڪ هو،
جو سنڌ جي ساک ٻڌي نادر شاهه، سنڌ تي حملو
ڪيو. حملي ڪرڻ وقت ميان نور محمد ڪلهوڙي کان
پڇيائين ته سنڌ ۾ سون ۽ چانديءَ جا کوهه ڪٿي
آهن؟ جواب ۾ ميان صاحب نادر شاهه جي اڳيان
ڪڻڪ ۽ چانور پيش ڪيا. ساڳئي وقت تاريخ ۾ اچي
ٿو ته نادر شاهه، مغلن جي رهيل خراج جا هڪ
ڪروڙ رپيا ميان کان وصول ڪيا ۽ آئيندي لاءِ
ويهه لک رپيا ساليانو خراج ڏيندو رهيو. ان
مان ثابت ٿيو ته هيءُ هڪ خوشحال ملڪ هو.
(تاريخ تمدن سنڌ، ص 459، جنت السنڌ، ص 525). |
(14) |
قديم سنڌ: مرزا قليچ بيگ، ص 51. |
(15) |
قريشي حامد علي خانائي: سنڌ جو شاهنامو
(مقالو) رسالو ”پيغام“ ، ڪراچي، ص 63،
ڊسمبر 1978ع. |
(16) |
ايضاً. |
(17) |
قلعن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اڪثر ڪري قديم
قلعا دريائن، واهن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي تعمير
ڪرايا ويندا هئا ته جيئن پاڻيءَ جي فراهمي
سولائيءَ سان ٿي سگهي. انهن دريائن کي قلعي
جي ٻاهران بچاءَ طور استعمال ڪري سگهبو هو،
جهڙوڪ سنڌ ۾ بکر جو قلعو، سيوهڻ جو قلعو،
حيدرآباد جو قلعو، هندو پاڪ ۾ لاهور جو
قلعو، الهه آباد، دهلي، پاٽنا، ڊاڪا ۽ آگري
وغيره جا قلعا. |
(18) |
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: چچ نامه، تعليقات،
ص 397. ايرانين اهڙا آتش ڪده پنهنجي پوري
سلطنت جي مکيه شهرن مثلاً ٽيڪسيلا، ملتان،
برهمڻ آباد، سيوستان، ڪابل، بخارا، مرؤ، ريِ
(تهران)، اسطخر، مداين، بعلبڪ، حيفا، دمشق
جي قلعن سان گڏ تعمير ڪرايا. |
(19) |
جيئن ته يوناني ادب ۾ ”هيلن ٽراءِ“ جي
ڪهاڻي يوناني قلعن جي فتح ڪرڻ جي ڪهاڻي آهي،
اهڙي نموني سنڌ ۾ چوندا آهن ته ”گڊن ۾ گڊ،
پر گڊ ته جيسلمير جو“ (يعني قلعن ۾ قلعو،
پر قلعو ته جيسلمير جو) ساڳئي نموني حضرت
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، سـُـر سورٺ ۾
جهونا ڳڙهه جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪري ٿو ته:
”جهونا ڳڙهه جهـُـري، پوندي جهانءِ جهروڪ
۾“
اسان جي ادب ۾ عمرڪوٽ جو ذڪر مارئيءَ جي
داستان ۾ ملي ٿو. |
------
شير ڳڙهه جي ديوار
|