صدر قلعو (قلعي جو وڏو حصو) يا ٻاهرين قلعبندي:
پري کان نظر ڪبي ته صدر قلعي جي ديوار ڀاڱن ڀاڱن ۾، ٽڪريءَ مٿان
هلندي، هيٺ ماٿريءَ ۾ لهندي نظر ايندي. جيئن ڪو
ماڻهو سن دروازي وٽ رسندو ته سندس ڌيان سـُـڪل نهر
ڏانهن ڇڪجي ويندو، جا ان جي وچ مان آرپار گهاءُ
وجهندي لنگهندي وڃي ٿي. ڪن هنڌن تي اڃا به ان ۾
ٿوري مقدار ۾ پاڻي موجود آهي، جو صاف ۽ سوادي آهي.
نهر جي ٻنهي پاسن کان ٻه گول برج آهن، جن منجهان
ڏاڪڻ جا پيچ و خم اندرئين طرف ۽ ڪجهه مٿي ٿيندا
وڃن ٿا. نهر جي سڪل پيٽ جي وچ ۾ بيضوي شڪل جا ٿنڀا
کتل آهن، جن مان هڪ پنهنجي اصلي حالت ۾ اڃا تائين
قائم آهي ۽ ٻئي جو ڪجهه حصو ڀڳل آهي، جنهن کي
پنهنجي مقرر جاءِ تان کڻي ٻئي هنڌ رکيو ويو آهي.
انهن ٿنڀن ۾ پاسن کان سوراخ آهن، جي مٿان کان هيٺ
تائين قطار ۾ مسلسل هلندا اچن ٿا. انهن سوراخن مان
ظاهر ٿئي ٿو ته ٿنڀن جي وچ ۾ نهريون سيخون وڌيون
ويون هيون، جن سان ڪاٺ يا ڌاتوءَ جي تختن کي قابو
ڪري، پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ بند ٻڌو ويو هو. اهڙيءَ
طرح سان ماٿريءَ ۾ هڪ ڍنڍ بنجي پئي هئي، جنهن جا
نشان اڄ به ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿا. ٿنڀن جي انتهائي
بلنديءَ تي ڪاٺ جا سڌا تختا رکي ”ڪلدار پل“
بنائي وئي هئي، جنهن ماڻهن کي هڪ طرف کان ٻئي طرف
تائين، يعني قلعي جي پار پهچڻ جي قابل بنايو ٿي.
پل کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ، سـُـڪل نهر (جا ڪنهن
زماني ۾ تار وهندي هئي) جي پيٽ جي ٻنهي پاسن تي ٻه
گول منارا ٺاهيا ويا هئا، جن تي پل کي بيهاريو ويو
هو. اهڙيءَ طرح سان آسپاس جي ميدان کي بلڪل ان جي
فطري خصوصيتن جي مطابق، وڏيءَ مهارت سان استعمال
ڪيو ويو آهي. ڊيم ۽ ڪلدار پل جو نمونو، اتر-
اڀرندي دروازي يا آمري دروازي وٽ پڻ لڌو ويو آهي.
انهيءَ ڇيڙي کان قلعي جو لنگهه پڻ هڪ گول مول نموني جو ٺهيل
آهي. اندر وڃڻ لاءِ کٻي پاسي واري گول برج جي
چوڌاري اوچتو تڪڙو ڦيرو کائڻو پوي ٿو. اهڙيءَ طرح
اهو لنگهه عام ماڻهن کان لڪل هو ۽ جيستائين ڪنهن
کي ان جي صحيح ڄاڻ نه هوندي هئي، تيستائين ان جو
هٿ اچڻ مشڪل هو. پل جي ٻنهي پاسن تي، ٻه - ٻه گول
برج يا منارا بيٺل آهن. از ان سواءِ ٻيا وري انهن
جي پٺيان قائم ڪيا ويا آهن، انهن کي وري مستطيل
منارن مان ڦيرائي گول منارا ڪيو ويو آهي. جنگي
اسباب کي صحيح پوزيشن ۾ رکڻ لاءِ، انهن جو بعد ۾
اضافو ڪيو ويو آهي. دراصل مون کي ته ائين ٿو معلوم
ٿئي ته گول منارا اصل هئا ئي ڪين. اها هڪ وڏي
امتيازي خصوصيت آهي، جا قلعي جي تعمير ٿيڻ واري
وقت کي متعين ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. اهو پڻ ڏسڻ ۾
ايندو ته اهي جيڪي گول برجن جا بعد ۾ اضافا ٿيا
آهن، سي اصلي چن جي پٿر (Lime
stone)
مان ٺهيل نه آهن، جن مان اندريون قلعو جڙيو آهي،
مگر اهي وارياسي پٿر (Sand
stone)
مان ٺهيل آهن. اهي گول برج، ديوارن سان گڏ باقاعدي
ترتيبوار قائم ٿيل نه آهن، اهي تعداد ۾ بلڪل ٿورا
آهن ۽ فقط وڏن دروازن وٽ يا ننڍن ڪوٽن جي چئن ڪنڊن
تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. باقي جيڪي اصلي منارا يا برج
آهن، سي سڀئي مستطيل شڪل جا آهن ۽ باترتيب ديوارن
سان گڏ بيٺل آهن. انهيءَ گول تعميري نموني، قلعي ۾
داخل ٿيڻ لاءِ ٻن دروازن جي سهولت پيدا ڪئي آهي.
اهو ٻـِـٽي دروازي وارو عمارتي نظام مسلمانن جي
ايجاد ڪيل آهي. اها ايجاد صليبي جنگين ۾ لڙندڙ
مسيحي سپاهين يورپ ۾ آندي، جن شام ۾ اهڙيءَ تعمير
جو نمونو ڏٺو هو. ٻـِـٽي دروازي جي تعمير جو جيڪو
سبب ڏنو وڃي ٿو، سو هيءُ آهي ته قلعي اندر داخل
ٿيڻ ۾ هڪ زائد دروازي جي رڪاوٽ پيدا ڪئي وڃي.
مستطيل منارن قائم ڪرڻ سان رڳو هڪ ئي سڌو سنئون
دروازو ٺهي سگهيو ٿي.
جيڪڏهن اوهان کاٻي پاسي کان قلعي اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪندا، ته
اوهان کي ٻن جدا جدا دروازن کان اندر وڃڻ جي جاءِ
معلوم ٿيندي. ان سان گڏ هيٺيان ڀت ۾ هڪ ٻيو چورس
سوراخ پڻ نظر اچي ٿو، جو سيخن جي استعمال لاءِ
آهي، ته جيئن دروازن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي.
ڪنهن وقت هڪ ڳري زنجير پڻ ان ۾ ساڳئي مقصد لاءِ
وڌي وئي هئي. اهڙيءَ حالت ۾ مون کي شڪ آهي ته ان
وقت زنجيرن جو رواج هو، ڇاڪاڻ جو هڪ پاسي سوراخ ڪي
قدر ڊگهو آهي. جيئن جنهن وقت دروازي کي کولڻ جي
ضرورت پوي ته زنجير کي ڇڪڻ سان اهو ڪم سرانجام ڏئي
سگهجي. ٻن دروازن جي وچ ۾ هڪ مستطيل حجرو ٺهيل
آهي. سنتريءَ جي پهري جي جڳهه (Sentry Post)
۽ ٿورو اڳڀرو ٻـه گارڊ روم پڻ ڏسجن ٿا. جيئن اوهين
ٻئي دروازي مان لنگهي اڳتي ويندؤ ته اوهين هڪ کليل
ميدان ۾ پهچندؤ، جو ڪلدار پل طرف وڃي ٿو.
انهيءَ کليل ميدان جي کاٻي پاسي، اڀريل ٽڪرين ڏانهن، ڏهن چورس
فوٽن جي ايراضيءَ تي هڪ گنبذ يا قبي سان مزين
اڏاوت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن ۾ اندر وڃڻ لاءِ هڪ در
به آهي، جنهن کي ڏسي، ڏسندڙ جو ڌيان انهيءَ اڏاوت
ڏانهن هڪدم ڇڪجي ويندو. دروازي واري گنبذ ۽ ڪمان
جي ڊزائين هڪ معمولي ڊزائين آهي. منهنجو اهو پڪو
خيال آهي ته انهيءَ ڊزائين جي، ساسانين جي محـلاتن
وارين اڏاوتن سان گهڻي قدر هڪجهڙائي آهي، ليڪن اها
ڊزائين تغلق گهراڻي جي ڪن اڏاوتن سان پڻ مشابهت
رکي ٿي. اها اڏاوت صرف هڪ ڪمرو آهي. اهو ڪمرو ڪهڙي
ڪم لاءِ استعمال ٿي سگهيو ٿي، ان لاءِ چئي نٿو
سگهجي. اهو بارود يا اسلح خاني لاءِ به ڪارگر ڪين
آهي، ٻيو ته انهن ڏينهن ۾ بارود جو به ڪو وجود
ڪونه هو. ته پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته هيءُ ڪنهن
اهڙي سورمي جو مقبرو هوندو، جو جنگ ۾ سورهيائيءَ
سان وڙهي شهيد ٿيو هجي ۽ کيس اتي دفن ڪيو ويو هجي؟
سوال هي آهي ته هتي ته ڪو قبر جو نشان به ڏسڻ ۾
نٿو اچي. اهو ڪمرو اهڙو آهي جنهن کي هر طرف چار -
چار آسڻ آهن. منهنجو خيال آهي ته اهو ڪمرو ڪنهن
اهڙي ماڻهوءَ جي جاءِ هئي، جو ڪلدار پل تي ڪم ڪندو
هوندو. بهرحال، اهو ڪمرو ڪهڙي به ڪم ايندو هجي، ان
جي تعمير جو وقت يقيناً ساڳيو اهو وقت آهي، جو
اصلوڪي قلعي جي ٺهڻ جو هو.
هاڻي ساڄي پاسي، ڪلدار پل ڏانهن نديءَ (نئن) تي هڪ وڏو ٿـَـلهو
ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن جي مٿان ڪاٺ جا تختا رکي ٿنڀن
تي پل ٺاهي وئي آهي. قلعي جي ساڄـي پاسي ڏانهن ڪو
به ماڻهو نهر جي پار وڃي سگهي ٿو. پل جي سامهين
طرف پڻ اهڙو هڪ ٿلهو آهي، جو ساڳين اهڙن ڪاٺ جي
تختن جو ٺهيل آهي، اهو ٿلهو ماڻهوءَ کي هڪ اهڙي
سوڙهي لنگهه ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جو ٻن ديوارن جي وچ
۾ ٺهيل آهي، جن کي هڪ پلويڙو پڻ ڏنل آهي. اهي
ٻٽيون ديوارون، پار ويندڙ ماڻهوءَ لاءِ بنيادي طور
حفاظت جو ذريعو آهن.
قلعي جي فصيل، اندرين ديوار جي سموري لنبائيءَ سميت قائم ٿيل
آهي، پر ٻٽي ديوار مکيه دروازي کان ٿوري مفاصلي
تائين آهي. جيئن اوهين قلعي جي ساڄي پاسي ڏي ٽپي
ويندا ۽ جنهن هنڌ اوهان کي لهڻو پوندو، اتي اوهان
کي ڏاڪڻ جي سلسلي جا نشان نديءَ ڏانهن ويندي نظر
ايندا، ان جو صريحاً مقصد اهو هو ته قلعي مان ٻاهر
نڪرڻ کان سواءِ ئي نديءَ مان پاڻي کڻي آڻي سگهجي.
ان بعد ديوار مٿڀري ٿيندي وڃي ٿي ۽ ٻه شاخون ٿيندي
وڃي مناري تي ختم ٿئي ٿي، ۽ مکيه ديوار سواءِ ڪنهن
رنڊڪ جي اڳتي وڌندي هلي ٿي. جيستائين ديوار کي
اڳتي وڌندو ڏسي سگهبو، ايستائين ساڄي هٿ جي طرف
کان ٽي گول برج ڏسڻ ۾ ايندا. اهڙيءَ طرح سان کاٻي
هٿ جي طرف کان به ساڳي تعداد ۾ برج قائم ٿيل آهن،
جي اچي هڪ وڏي مستطيل مناري وٽ ختم ٿين ٿا، جو
ٽڪريءَ جي وڏي ۾ وڏي چوٽيءَ تي ٺهيل آهي، جنهن سان
ديوار اچي ملي ٿي ۽ ان کان اڳتي ديوار ختم ٿي وڃي
ٿي، ۽ هيٺ ماٿريءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿي. جيئن اڳي ذڪر
ڪيو ويو آهي ته اهي مستطيل منارا، باقاعدي عمدي
ترتيب سان، هڪٻئي کان پوري مفاصلي تي ٺاهيا ويا
آهن. ڪن هنڌن تي اهي غير معمولي طور ڪشادا بنجي
ويا آهن، ته ڪن جاين تي اُهي گول برجن ۾ تبديل ٿي
ويا آهن. بهرحال، اهو ياد رکڻ گهرجي ته شروعات ۾
هن ديوار ۾ گول منارا اصل ڪونه هئا.
اها ديوار اوچائيءَ ۾ سراسري طرح سان ٽيهه فوٽ بلند آهي. ان جي
ٿـُـلهائي گهٽ وڌ ٿيندي وڃي ٿي. برجن جي ويجهو ان
جي ويڪرائي ڇهه فوٽ آهي. برجن کان اڳتي هلي سنهي
ٿيندي، سندس چوڙائي پنج فوٽ وڃي بيهي ٿي. فصيل کي
ان ويڪرائيءَ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، جا اَٺ فوٽ
ويڪري آهي. ايتري ويڪر جي ماپ، ديوارن جي وچ ۾
پٿرن ۽ سـِـرُن وجهڻ سان ٺاهي وئي آهي، ڇاڪاڻ جو
اها ديوار مٿان کان هيٺ بلڪل سڌي سنئين نه آهي ۽
وري عمودي خط ۾ مستقيم آهي، بلڪه ڪجهه قدر نميل
آهي، ان لاءِ ته ان جي مضبوطي ۽ استواري هميشه
قائم رهي. سموري ديوار، چـُـن جي پٿر جي جڙيل آهي.
مٿي چوٽيءَ تي دستور موجب ديوار جي منهن مان شگاف
ڪري، حمله آورن مٿان پٿرن ڪيرائڻ جو انتظام رٿيل
آهي. ديوار، اصل ۾ تير ۽ ڪمان جي جنگ و جدل جي
لاءِ تيار ڪئي وئي هئي، ليڪن اڳتي هلي اريبي ڪمانن
(Cross bow)
۽ شايد آتشين اوزارن (Fire
Arms) کي استعمال ڪرڻ لاءِ شگافن کي انهن جي مطابق ڪشادو ڪيو ويو
آهي.
اها ديوار،جا ارڙهن ميلن جي ايراضيءَ مٿان پکڙيل آهي، سا دنيا
جي وسيع ترين ۽ وڏي ۾ وڏي قلعبنديءَ واري ايراضي
آهي. ان جي حدن اندر ٻه ننڍا قلعا ٻيا به موجود
آهن. آءٌ وسيع ترين ان ڪري ٿو چوان، جو دنيا جي
ٻئي ڪنهن به خطي کان وڌيڪ هن برصغير ۾ ئي گهڻي کان
گهڻي تعداد ۾ قلعا لڀن ٿا ۽ هيءُ قلعو انهن سڀني
کان وڏو آهي، مون انهن مان تمام گهڻا قلعا ڏٺا
آهن، جنهنڪري ئي اهڙو خيال ظاهر ڪيو اٿم. ”چين جي
عظيم ديوار“ محض هڪ ديوار آهي، جا ڪنهن به
ايراضيءَ جي احاطـہ بندي ڪري قلعو ڪونه ٿي ٺاهي.
چنانچه اها مجموعي حيثيت سان هڪ علحده زمري ۾ شامل
آهي. اگر ٻنهي جي فني تعميرات جي ڀيٽ ڪجي ته ڪا نه
ڪا هڪجهڙائي خيال ۾ ويهندي، ان ڪري ائين چوندي مون
کي ڪا به هٻڪ نٿي ٿئي، ته امڪان آهي جو ”رني
ڪوٽ“ جي قلعي جو، چين جي عظيم ديوار جي معمارن
سان براه راست ڪو تعلق هجي!
ٻه ڪوٽ :
هاڻي اچو ته ٿوريءَ دير لاءِ انهن ٻن ننڍن ڪوٽن تي نظر ڪريون،
جي هن قلعبنديءَ جي ڪشادي ايراضيءَ واري مرڪز ۾ هڪ
ٻئي جي مٿان بيٺل آهن. هيٺين قلعي کي ”ميري“
قلعو (1)
سڏيو وڃي ٿو ۽ مٿيون قلعو ”شير ڳڙهه“ جي
نالي سڏجي ٿو. انهن نالن جي لفظي معنيٰ ۽ تحقيق
اڃا مون کي صاف طرح سان معلوم نه ٿي آهي. ميري ڪوٽ
۽ لڪشمير جي ماڙي، حقيقت ۾ يا ته بادشاهن جا قلعا
هئا يا ته وري انهيءَ زماني جي ڪن سردارن يا
بادشاهن جي نائبن جا ڪوٽ هوندا(2).
شايد ڪن سورمن جا نالا انهن تي رکيا ويا آهن. شير
ڳڙهه قلعو اوچو آهي ۽ سمنڊ جي ليول کان 1480 فوٽن
جي بلنديءَ تي واقع آهي. ٻئي قلعا هڪجيڏا آهن ۽
تقريباً هڪجيترو علائقو والارين ٿا، يعني هرهڪ، هر
طرف کان اٽڪل هڪ سؤ پنجاهه والن ۾ ٿيندو. ميري
قلعو، ٻنهي ۾ البت ٿورو وڏو آهي ۽ ٽن رهائشي حجرن
۾ ورهايل آهي، جي هن وقت تمام خراب ۽ اجڙيل حالت ۾
آهن. يقين آهي ته اهي رهائشي حجرا، اصل قلعي کان
گهڻو عرصو بعد ۾ تعمير ٿيل آهن. بهرحال، کٻي هٿ
واري حجري جي هڪ پاسي، تراشيل پٿرن جا ڪيترائي
نمونا، نفيس ۽ عمدن گلن جي ڊزائين سان پکڙيا پيا
آهن. اهي تراشيل ٽڪرا اصلي قلعي منجهان نڪتل آهن.
جيئن ته اهڙا تراشيل پٿر هن قلعي جي ٻين هنڌن تي
پڻ موجود آهن. ڪمانن ۽ دروازن تي پڻ ساڳيائي نقش
اڪريل آهن. حجرا شايد ٽالپرن يا ڪلهوڙن تعمير
ڪرايا هئا، يا اڃا به برٽش سرڪار جي دؤر ۾ فوجي
نقل و حرڪت دوران تعمير ٿيا هجن. هن باري ۾ مون وٽ
محترم جي. ايم. سيد جي مستند راءِ مــوجــود
آهــي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته: ”برٽش وارن ڪڏهن به
هن قلعي کي نه والاريو هو ۽ هي حجرا فقط ٽيهه سال
اڳ ۾ جڙيا هئا، مگر اهي تراشيل پٿر اصلي عمارت
منجهان کنيل آهن. جي سٿيو-ساساني نقش و نگار جي
نشاني آهن.“
انهن ٻن ننڍن قلعن جو لنگهه، مکيه ”سن دروازي“ جي لنگهه سان
گهڻي مشابهت رکي ٿو، مگر جيڪا اصلي اڏاوت آهي،
تنهن ۾ هيٺيون تبديليون ڪيون ويون آهن: ميري قلعي
جي سامهين ديوار جي وچ ۾، شروعات ۾ هڪ مستطيل
منارو ٺهيل هو، جنهن کي کاٻي ۽ ساڄي ٻنهي طرفن کان
وڌايو ويو آهي، ۽ سڄي دائري کي اهڙيءَ طرح سان
ڦيرايو ويو آهي، جو ٻٽو - گول منارو بنجي پيو آهي.
ٻاهرئين پاسي کان مستطيل هجڻ جا ڪي به نشان باقي
نه رهيا آهن. پر جيڪڏهن ڪو مناري ۾ اندر ويندو ته
هڪدم ان ۾ ردوبدل ٿيل محسوس ٿيندي. انهيءَ ردوبدل،
مکيه لنگهه کي انهيءَ ٻٽي دروازي جي همشڪل بنائي
ڇڏيو آهي، جنهن جو ذڪر آءٌ سن دروازي جي احوال وقت
اڳ ۾ ئي ڪري آيو آهيان. هن لنگهه کي هر هڪ پاسي
کان ٻه محرابي قبا آهن. محراب کي تمام سهڻيءَ طرح
سان تراشيو ويو آهي، مگر جنهن پٿر کي تراشيو ويو
آهي سو وارياسو پٿر آهي ۽ نه چن جو پٿر، جو اصلي
قلعي جي تعمير ۾ استعمال ڪيو ويو هو. بهرحال، اتي
تمام ننڍڙيون ڪمانون به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جي اصلي
پٿر تي تراشيون ويون آهن ۽ يقيناً اهي اصلي اڏاوت
جي ٽڪرن مان تيار ڪيل آهن.
ٻيو قلعو شير ڳڙهه (شينهن جو مسڪن) قلعو سڏجي ٿو، جو تمام گهڻي
بلند سطح تي واقع آهي. نقشي تي اهو سمنڊ جي سطح
کان 1480 فوٽ اتاهون ڏيکاريل آهي. ان جي هيٺ هڪ
قبرستان آهي، جو ڪن اهم شخصيتن جو معلوم ٿئي ٿو.
هن قلعي جي اندر ڪي به رهائشي ڪواٽر نه آهن. هيءَ
الهندي يا مٿانهين دروازي کي گهڻو ويجهو آهي-
مشهور سنڌي اديب، مرحوم مرزا قليچ بيگ به ملاحظي
لاءِ هتي آيل معلوم ٿئي ٿو، ڇو ته هن پنهنجو نالو
پنهنجي هٿن سان ديوار تي رهڙي لکي ڇڏيو آهي. ڏسڻ ۾
اچي ٿو ته هي قلعو، ”ميري قلعي“ جي اتر - الهندي
پاسي کان بيٺل آهي.
هن ڪوٽ کي پڻ چار گول برج چئني ڪنڊن تي بيٺل آهن ۽ اهي اضافا
بعد ۾ ڪيل ڏسجن ٿا، ڇو ته اصلي اڏاوتون مستطيل
منارن جي اندر هيون، جن کي گهڻو عرصو پوءِ وري
گولائيءَ ۾ تبديل ڪيو ويو. انهن ٻن ڪوٽن جي اندر
ديوار به ٻٽي آهي، جا وڏي قلعي جي مکيه ديوار کان
مختلف آهي. صرف دروازي جي قريب ٿوري مفاصلي تائين،
ٻٽي ديوار اڏاوت ۾ چين جي عظيم ديوار سان گهڻي
مشابهت رکي ٿي. حمله آورن تي پٿر وسائڻ جون ديوار
۾ ڳڙکيون اهڙيون ئي آهن، جهڙيون ٻاهرين ديوار ۾
ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
مون اڳيئي انهن ٻن ضمني اڏاوتن بابت ذڪر ڪيو آهي، جي انهن ڪوٽن
۾ اضافي طور شامل آهن. هڪڙي الهندي دروازي جي
نزديڪ آهي ۽ اٽڪل 100 وال
x
80 وال آهي، ۽ ٻي اڀرندي يا سـَـن دروازي جي قريب
آهي، ٻئي مستطيل آهن. جيئن ئي ڪو ماڻهو الهندي يا
مٿانهين دروازي جي قريب ايندو، تيئن هو هڪ آبشار
وٽ پهچندو، جنهن منجهان هڪ صاف پاڻيءَ جو ننڍو
وهڪرو اڃا به ڦڙو ڦڙو ٿي وهي رهيو آهي، جنهنڪري
پاڻيءَ جو هڪ ننڍو ذخيرو ماٿريءَ اندر موجود ٿي
پيو آهي. اٽڪل 118 ايڪڙ زمين جا ڪاشت ڪيل پڻ نظر
ايندا. ان هنڌ تي زمين تمام زرخيز ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
اها زمين ميري قلعي ۽ الهندي دروازي جي وچ ۾ آهي.
هن ماٿريءَ جي زمين پوري (Porous)
هجڻ سبب ڪيترن هنڌن تي پاڻي ڪڏهن سمي اچي گڏ ٿئي ۽
ڪڏهن وري زمين ان کي چـُـهيو وڃي.
ميري قلعي کي جيئن ئي ويجهو وڃبو، تيئن پريان ئي ڏکڻ - اولهه
گول برج ڏسڻ ۾ ايندو، جو سامهون ٽڪريءَ تي اڏيو
ويو آهي. اهو گول برج هڪ نهايت ئي موزون ۽ سٺو
زميني نشان آهي، جو ڪوٽ تائين پهچڻ ۾ رهبري ڪري
ٿو. اهو ڏاکڻئين دروازي يا شاهه پير دروازي جو هڪ
برج آهي. ميري قلعي جي هيٺان بيهي نگاهه ڪرڻ سان،
سموري ماٿري نهايت سهڻي نظر ايندي ۽ ڏسڻ ۾ ايندو
ته اها اوڀر کان اولهه ڏانهن پکڙيل آهي، جا قديم
زماني ۾ ضرور عظيم الشان ۽ دلفريب نظر ايندي
هوندي، جڏهن ان ۾ انساني آبادي هوندي ۽ ان وقت جي
بادشاهن جي پسنديدگي ۽ انتخاب موجب، منجهس وڻ ٽڻ ۽
باغ بستان لڳايا ويا هوندا.
تعميراتي دور:
هاڻي اسان نهايت هڪ پيچيده سوال تي اچون ٿا، جو هن قوي هيڪل
يادگار جي تعميراتي دور بابت آهي. بدقسمتيءَ سان
جيڪا به معلومات اسان کي دستياب ٿي آهي، سا ڪي به
اهڙا تاريخي ثبوت پيدا نه ٿي ڪري سگهي، جن مان هن
قلعي جي حقيقي معمارن تي روشني پوي، تنهنڪري صرف
هڪڙو ئي طريقو آهي ته اسان پنهنجو سمورو خيال فقط
هن قلعي جي معماريءَ تي لڳائي، ان مان ئي سندس
تعميراتي دور جو اندازو لڳايون. پر ان کان اڳ چند
حقيقتون آهن، جن کي ضرور پنهنجي ڌيان ۾ رکڻو
پوندو. پهريون سوال ته مسلمان شروعات ۾ قلعي تعمير
ڪرڻ جو فن ڪٿي سکيا؟ معلوم ٿئي ٿو ته اوائلي دور ۾
مسلمان فوجون روم جي سرحدي قلعن جي سلسلي وٽان
لنگهيون هيون، ۽ هنن ڪيترا قلعا پڻ ڏٺا هئا ۽ فتح
ڪيا هئا ۽ منجهن رهائش پڻ اختيار ڪئي هئي ۽ آخري
ڏينهن ۾ انهن جي تعميراتي نقشي ۾ پڻ ڪجهه تبديلي
به آندي هئائون. اُموي خليفن جون اوائلي محلاتون
پڻ انهيءَ امر جي لحاظ کان رومي قلعن جو ئي نظير
آهن. مسلمانن کان اڳ واري دور ۾ قلعن ۾ داخل ٿيڻ
جا دروازا سڌا سنوان هوندا هئا. رومن، بزنطيني ۽
ايراني دور جي طرز تعمير ۾ آڏن لنگهن جا ڪي به
مثال معلوم ٿي نه سگهيا آهن. آڏن لنگهن جي تاريخ
فقط المنصوره جي شهر کان شروع ٿئي ٿي. هن قلعي جي
تعمير متعلق جيڪي به روايتون هٿ لڳي سگهيون آهن،
سي سڀئي ٽالپرن ڏانهن منسوب ٿيل آهن، جن ۾ آهي ته
هو هن قلعي جا اڏيـنــدڙ هــئا، لـيــڪــن ڪــن ۾
وري اڃا بــه قـلــعـي جي اوائلي تعمير جو جس
ڪلهوڙن کي ڏنل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊين
فئڪلٽي آف آرٽس، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو تمام گهڻي
مهرباني ڪري هيٺيون نوٽ موڪليو آهي، جو آءٌ هيٺ
پيش ڪريان ٿو:
”رني ڪوٽ قلعي جي ابتدائي رٿا ۽ بنياد متعلق ڪو به تفصيلي
رڪارڊ ميسر نه آهي، مگر ٽالپرن جي نواب فيملي
(حيدرآباد تعلقي) وٽ هڪ خانداني روايت محفوظ آهي،
جنهن موجب قلعي متعلق بلڪل صحيح ۽ صاف اشارا ملن
ٿا.اهڙو مضبوط قلعو، جنهن کي ٻاهرين حملي خلاف
آخرين دفاع طور ڪم آڻي سگهجي، هڪ اهڙو مسئلو هو،
جنهن ڪلهوڙا حڪمرانن جو توجهه ڇڪايو. ميان نور
محمد، انهيءَ مقصد لاءِ عمرڪوٽ کي چونڊيو ۽ اتي جي
قلعي کي وري تعمير ڪرايو ۽ اتي توبون رکايون. جڏهن
نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن ميان نور محمد
عمر ڪوٽ ڏانهن واپس موٽيو، مگر نادر شاهه اتي به
کيس گرفتار ڪيو. ميان نور محمد اڳتي ڏکڻ طرف وڌي
نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته ڪڇ، ڪاٺياواڙ، جوڌپور ۽ مارواڙ
سڀئي هندو رياستون هيون ۽ انهن مان کيس ڪنهن به
مدد جي اميد ڪانه هئي، تنهنڪري هن پنهنجو پاڻ کي
نادر شاهه اڳيان پيش ڪيو.“
”ڏاکڻيءَ سنڌ ۾ قلعن جو بيفائدي ۽ بيڪار هجڻ انهيءَ هڪ مثال
مان ثابت ٿي چڪو ۽ اها ڳالهه نواب ولي محمد خان
لغاري، ٽالپر حڪمرانن اڳيان نهايت دلنشينيءَ سان
ظاهر ڪئي، جن اهڙو قلعو ٺهرائڻ چاهيو ٿي. نواب ولي
محمد خان لغاري، گهڻين خوبين جو مالڪ هو. هو هڪ
قابل ڪمانڊر، انجنيئر، حڪيم ۽ وڏو شاعر هو- جڏهن
ميرن اهو ڪم کيس سونپيو، تڏهن هن موجوده ”رني
ڪوٽ“ جي سرزمين کي ان لاءِ چونڊيو.“
”رني - نئن، هن هنڌ تي گويا پاڻيءَ جو هڪ دائمي سرچشمو هئي ۽
اها ننڍڙي ماٿري، جنهن منجهان اها وهندي هئي، سا
اڀريل سطح واري جابلو قطار کي گهيريل هئي، جنهن ۾
ڪيترائي کڏون کوٻا ۽ شگاف هئا، جن کي ڀري هڪ قدرتي
قلعي کي وجود ڏيڻ آسان هو.“
”نواب ولي محمد خان لغاري جي رٿ منظور ڪئي وئي ۽ قلعي (ٻاهرين
ديوار، شيرڳڙهه جون اندريون ڪوٽ، ميري ۽ اميراڻيون
رهائش گاهون) جون رٿائون تيار ٿيون ۽ هن جي زير
نگراني تعمير ٿيون. صرف رني - نئن واريءَ پل جي
هيٺان دروازن وجهڻ جو ڪم رهجي ويو. دروازن کي لوهي
سيخن سان ٺاهڻ تجويز ڪيو ويو هو، ليڪن پاڻيءَ جي
زور (مينهوڳيءَ جي موسم ۾) سيخن کي سولائيءَ سان
موڙي ٿي ڇڏيو، تنهنڪري دروازا ڪم نه ڪندا هئا. ڏسڻ
۾ اچي ٿو ته ولي محمد خان کي لاڙڪاڻي جو نواب مقرر
ڪيو ويو هو، ۽ هن جي غير حاضريءَ ۾ دروازن جو ڪم
ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي نه سگهيو. دروازن جي قابل
اعتماد نه هئڻ سببان، قلعي کي غير محفوظ سمجهيو
ويو ۽ آخرڪار ان کي والاريو نه ويو.“
”مير حسن علي خان ٽالپر (متوفي
1324/1909)
پنهنجي ”فتحنامي“ (سنڌي مثنوي) ۾ ”رني ڪوٽ“ جو
تفصيلوار بيان ڪيو آهي، ۽ ان کي مير ڪرم علي خان
(مير مراد علي خان سان شامل) (1227-1244)
جي دور حڪومت جو هڪ ممتاز ڪارنامو ٺهرايو آهي ۽ ان
جا چند پهلو هيٺئين ريت واضح ڪيا اٿس: ”رني ڪوٽ،
اسان جي ابن ڏاڏن جو ڇڏيل نشان آهي. جڏهن ڪاريگرن
ان تي ڪم ڪيو، تڏهن ٽڪريءَ جي گهيري جي چوگرد جيڪي
به شگاف ۽ کڏا هئا، تن کي ڀري ڇڏيائون ۽ بنياد کان
وٺي چوٽيءَ تائين ان کي قدرتي هموار زمين بنائي
ڇڏيائون. ان بعد هنن مٿانهين سطح واري زمين کي به
هموار ڪيو، ۽ ان تي هڪ ديوار کڙي ڪئي. سڄي ديوار
پٿر جي هئي. جنهن جي ڊيگهه ڪوهن تائين پکڙيل هئي.
ٽڪر جي هڪ پاسي تي لوهي برج کڙا ڪيل هئا. ازان
سواءِ هزارن وڏن ۽ لاتعداد ننڍن ڪنگرن سان
سينگاريل هئي. ٻيو قلعو، جو شير ڳڙهه سڏجي ٿو، سو
ان جي اندر هو. چار فصيلون يا پشتپناهون، شير ڳڙهه
قلعي جي ديوار تي بيهاريل هيون. ٻي به هڪ مضبوط
اڏاوت هئي، جنهن کي ميري سڏيو ٿي ويو، جا چئن
فصيلن سان جڙيل هئي.“
”قلعي منجهان آرپار هڪ نئن وهي ٿي، جنهنڪري قلعي جي اندر پاڻي
جام هوندو هو، مگر ٻاهرئين پاسي هڪ قطرو به نه
هوندو هو (اها حالت بڻبي هئي، جڏهن برسات نه وسندي
هئي.) ان تي دروازن جو هجڻ نهايت ضروري هو، جيئن
اندرين قلعي جي مٿان پار لنگهي سگهجي. انهن
ڪاريگرن، نئن جي پيٽ ۾ الهندي کان اوڀر طرف ٻن وڏن
دروازن قائم ڪرڻ جي تجويز رٿي. پهريائين هنن پاسن
کان پٿر جا ٿنڀا ٺاهيا ۽ پوءِ انهن ۾ دروازا نصب
ڪيائون. اهي مضبوط سيخن جا لوهي دروازا هئا، جن ۾
سوين مڻ لوهه استعمال ڪيو ويو، ليڪن ڪنهن به ڪم جو
نه ٿيو. برسات جي موسم ۾ جڏهن رني - نئن هفتي کن
تائين لڳاتار وهندي هئي، تڏهن پاڻيءَ جو زور سيخن
کي نوڙيءَ وانگر موڙي ڇڏيندو هو. جيئن ته انهن
دروازن اميد آهر ڪم نه ڪيو، تنهنڪري قلعي کي
والاريو نه ويو ۽ سترهن لک رپيا ان جي تياريءَ تي
خرچ ٿيا.“
هاڻي آءٌ سنڌ گزيٽيئر، جنهن کي اي. ڊبليو هيوز 1876ع ۾ ترتيب
ڏنو هو، ان مان به ڪجهه احوال نقل ڪندس، جو ان
قلعي جي تاريخ تي مزيد روشني وجهندو، ان ۾ اجهو
هيئن لکيل آهي: ”هن مقام (سن) جي ڏکڻ- اولهه ۾، ۽
ساڳي نالي سان وهندڙ نديءَ تي، رني - ڪا- ڪوٽ، جو
هڪ وسيع اجڙيل قلعو آهي. چيو وڃي ٿو ته ٻن ٽالپرن
ميرن، هلندڙ صديءَ جي ابتدا ۾ ان کي تعمير ڪرايو
هو. اهو قلعو انهيءَ مقصد سان ٺهرايو ويو هو ته
جيئن هنن وٽ هڪ اهڙو مضبوط قلعو هجي، جو نه فقط
سندن خزاني جي سلامتيءَ لاءِ محفوظ مقام جو ڪم
ڏئي، بلڪ جڏهن ملڪ تي حملو ٿئي، تڏهن ان وقت قلعي
۾ سندن لاءِ پناهه وٺڻ جي به گنجائش هجي. چيو وڃي
ٿو ته ان عمارت جيّ تعمير تي ٻارهن لکن جي ڪثير
رقم خرچ ٿي هئي. مگر سن - نديءَ، جنهن لاءِ چيو
وڃي ٿو ته ڪنهن وقت قلعي جي ديوارن جي ڀرسان وهندي
هئي، سا آخرڪار پنهنجو وهڪرو بدلائي وئي. قدرتي
طرح سان ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو انهيءَ هنڌ تي
قلعي جي اندر توڙي آسپاس، پاڻيءَ جي گهڻي قلت پيدا
ٿي پيئي ۽ ساڳيو هنڌ انسانن لاءِ سڪونت جي قابل نه
رهيو. اهو ئي سبب آهي جو حڪمران ان کان دستبردار
ٿيا. سن - ندي ۽ رني - نئن هن وقت قلعي منجهان وهن
ٿيون ۽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هاڻي ڪنهن به طرح سان
پاڻيءَ جي قلت نٿي رهي.“
انهيءَ احوال جو ماحصل گهڻو ڪري هڪ رپورٽ تي مدار رکي ٿو، جيڪا
بمبئي آرميءَ جي ڪئپٽن ڊلهائوسيءَ لکي هئي (جو
1839ع ۾ ان سيڪٽر جو اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر جنرل
هو). پنهنجي راءِ ڏيڻ کان اڳ ۾، انهيءَ رپورٽ مان
ڪي اقتباس ڏيڻ شايد ڪارآمد ثابت ٿين. اجهو اسسٽنٽ
ڪوارٽر ماسٽر جنرل هيٺينءَ طرح لکيو آهي:
” رني - ڪا-ڪوٽ‘ مير ڪرم علي ٽالپر ۽ سندس ڀاءُ مير مراد علي
1812ع جي لڳ ڀڳ ٺهرايو هو، جنهن تي 1200000 رپيا
خرچ ٿيا، ليڪن ان ۾ رهائش اختيار نه ڪئي وئي.
انهيءَ جو سبب هيءُ هو، جو قلعي ۾ اندر يا ان جي
نزديڪي پسگردائيءَ ۾ پاڻيءَ جي قلت هئي. برسات جي
موسم ۾ هڪ تيز نهر قلعي وٽان وهندي هئي ۽ وڃي
سنڌونديءَ سان گڏبي هئي. انهيءَ نهر جي رخ بدلائڻ
ڪري، هن قلعي جي ديوار جا ڪيترا حصا ڊهي ويا آهن،
تنهنڪري هن قلعي جي تعمير جو مقصد اهو ڏسڻ ۾ اچي
ٿو ته جڏهن سندن ملڪ تي ڪو دشمن حملو ڪري، تڏهن ان
حالت ۾ ميرن لاءِ هڪ پناهه جي جاءِ موجود هجي.
جنهن نديءَ کي سن - ندي سڏيو وڃي ٿو، سا پهريائين
قلعي جي اترئين پايي جي چوڌاري وهندي هئي، مگر
پوءِ تقريباً سال 1827ع ۾ رخ ڦيرائي ويئي ۽ قلعي
جي اتر - الهندي ديوار جو ڪجهه حصو ڪيرائي
وڌائين.“
ان بيان سان، هيوز وري هي سٽون شامل ڪري ٿو ته ”موجوده وقت سن
- ندي يا رني - نئن، جيئن کيس عام طور سڏيو وڃي
ٿو، قلعي منجهان اندران وهي ٿي، تنهنڪري اهو ممڪن
آهي ته قلعي کي نديءَ پويان ئي اهو نالو ڏنو ويو
هجي ۽ رني - نئن جي ڪري رني - ڪوٽ سڏيو ويو هجي!“
قلعي جي بيان کي جو اڪثر صحيح آهي، آءٌ هڪ پاسي رکان ٿو. منهنجو
خيال آهي ته ٽالپر هن قلعي جا معمار اصل ٿي نٿا
سگهن، نڪي ته هو اهڙا تونگر هئا ۽ نه وري وٽن اهڙا
ذريعا ۽ وسيلا موجود هئا، جو ههڙي اڙانگي ۽ پربت
جيڏي مضبوط تعميرات جو ڪم هٿ ۾ کڻي سگهن. هو
خودمختيار حڪمران هئا، جن جي حڪومت جاگيرداري
طريقي تي قائم هوندي هئي. سموري زمين چند سردارن ۾
تقسيم ٿيل هئي، جي ان جي عوض ۾، ضرورت جي وقت فوجي
سپاهين جا دستا مهيا ڪندا هئا. هنن کي ڪا به مستقل
فوج نه هئي. بيڪ وقت هو زياده کان زياده 50000
ماڻهو گڏ ڪري سگهيا ٿي. جيتريقدر سندن ماليات يا
آمدنيءَ جو تعلق آهي، ته اها صرف کين ملندڙ ڍل تي
مدار رکندي هئي، جنهن جو بنياد زمينداري طريقي تي
ٻڌل هو، جنهن مان هنن کي بمشڪل ساليانه پنجٽيهه لک
رپيا آمدني ٿيندي هوندي. قلعي جي تعمـير تي ڪل خرچ
جو جيڪو تخمينو مٿئين اقتباسات ۾ ڄاڻايل آهي، سو
ٻـارنهن لک رپيا آهي، ليڪن قلعي کي ڏسڻ کان پوءِ
اهو وسهڻ ناممڪن آهي، ته ايتري ٿوري رقم، هيڏي
ساري اڏاوت جي ضرورت پوري ڪري سگهي هوندي! آءٌ ان
راءِ جو آهيان ته هن اڏاوت تي ٻن ڪروڙن رپين کان
گهٽ خرچ هرگز نه ٿيو هوندو، ۽ ان ڪم کي پايه تڪميل
تي رسائڻ لاءِ ڪم از ڪم ٻن هزار ماڻهن کي ٻه سال
متواتر ڪم تي لڳايو ويو هوندو. ٽالپرن جي مالي
حالت ۽ سندن ٻيا ذريعا انهيءَ لاڳت جي مقابلي ۾
ناڪافي هئا. هن ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ به مون لاءِ
مشڪل آهي ته ڪو اهو قلعو 1812ع ۾ ٺهيو هوندو. ان ۾
شڪ نه آهي ته انهيءَ دؤر ۾ سن قلعي جي مرمت ٿي
هوندي ۽ منجهس ڪجهه ڦيرڦار به ٿي هوندي، پر قلعي
جي اڏاوت يقيناً گهڻي آڳاٽي آهي. ائين چوڻ لاءِ
مون وٽ هيٺيان دليل آهن:
(1) قلعي جي ديوار ۾ رکيل ڳڙکيون ۽ شگاف (جن مان هيٺ حمله آورن
تي ڪي جنگي شيون
]
پٿر ۽ تير وغيره[
ڦٽيون ڪبيون هيون)، توپ ۽ بارود جي زماني کان اڳ
جا نشان آهن ۽ اُهي تير ۽ ڪمان واري جنگ و جدل جي
زماني لاءِ ڪارآمد هئا.
(2) قلعي جي ٻاهرين نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندڙ ديوار، جنهن ۾
مستطيل منارا وڌل آهن، تنهن جو رواج ڏهين عيسوي
صديءَ کان اڳ ۾ هو.
(3) اڀرندي دروازي کي، جو ”آمري دروازي“ جو نالو ڏنو ويو آهي،
سو ڏيکاري ٿو ته قلعو جڏهن تعمير ٿيو، تڏهن آمري
اڃا بلڪل اوج تي هئي ۽ جيئن گذريل صديءَ ۾ زمين
دوز ٿي وئي، ائين نه هئي.
(4) ميري قلعي ۾ نقاشي، سٿين جي ڪاريگريءَ جو نمونو آهي.
(5) سن دروازي تي، لنگهه جي اندرين طرف، گنبدي وضع جي جيڪا
اڏاوت آهي، سا سٿين - ساساني دؤر سان تعلق رکي ٿي.
(6) چين جي عظيم ديوار ۽ رني ڪوٽ ۾ تمام گهڻي مشابهت آهي، جا به
قديم تعميري دؤر تي دلالت ڪري ٿي.
ٽالپرن ۽ ميرن، هن قلعي کي پنهنجي رهائشي مقصدن لاءِ پڻ استعمال
ڪيو هوندو ۽ شايد ضرورت جي وقت ان کي پناهه جي
جاءِ طور پڻ استعمال ڪيو هجي. بهرحال، هڪ نهايت
اهم حقيقت، جنهن کي نظرانداز ڪرڻ نه جڳائي، سا
هيءَ آهي ته: ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جا جيڪي به قلعا لڌا
ويا آهن، سي سنڌونديءَ جي الهندي طرف نه بلڪ
اڀرندي طرف آهن. هن قلعي جي جيڪا مرمت ٿيل آهي، يا
ان ۾ جا ڦيرگهير ڪيل آهي، سا قلات رياست سان
اختلافن واري دؤر ۾ ٿي هئي. ليڪن قلعي جي اصلي ۽
حقيقي تعمير ان کان تمام گهڻو عرصو اڳ ۾ ٿي هئي.
هاڻي آءٌ قلعي جي بنيادي تعمير جو جيڪو صحيح وقت ممڪن ٿي سگهي
ٿو، سو وڌيڪ دليلن ڏيڻ سان مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
منهنجي راءِ ۾ ان دؤر جي ماڻهن کي بيشڪ هڪ قلعي
جي ضرورت هئي، جنهن جو نتيجو ان جي تعمير ۾ ظاهر
ٿيو. هن زرخيز ماٿريءَ ۾ جتي هن وقت قلعو آهي، اهي
ماڻهو خوشحال زندگي بسر ڪندا هئا. حقيقت ۾ هن
ماٿريءَ اندر تمام قديم زماني کان انساني آبادي
هوندي هئي، ۽ جيئن ته ماٿري زرخيز هئي، ان ڪري هر
ڪنهن لاءِ ڪشش رکندي هئي. تنهنڪري تاريخ جي ڪنهن
دؤر ۾ اهي حڪمران، جي مستقل طور هتي قيام پذير
ٿيا، تن هن مقام جي سلامتي ۽ حفاظت خاطر اتي ننڍن
ڪوٽن سان هڪ قلعو تعمير ڪرايو، جو هن ماٿريءَ جي
وچ ۾، جنگي فن جي مصلحت مطابق چئي سگهجي ٿو. انهن
ننڍن قلعن يا ڪوٽن پڻ ڌارين جي حملي وقت لازمي طور
تي ٻئي يا ٽئين درجي جي دفاعي ڪاروائيءَ جو ڪم ڏنو
هوندو، جهڙيءَ طرح سان مون اڳي ئي ذڪر ڪيو آهي.
قلعي جي تعمير واسطي ٻاهران ماڻهن آڻڻ ۾ تمام گهڻي
خرچ جو انديشو هو، تنهنڪري ضرور ڪي قيدي آندا ويا
هوندا، جن سندن مدد ڪئي هوندي ۽ ان سان گڏ ڪي
هنرمند ڪاريگر پڻ گهرايا ويا هوندا.
شير ڳڙهه جي مٿانهين ڪوٽ جي هيٺان پڻ انساني بستيءَ جا اهڃاڻ
ملن ٿا، ڇاڪاڻ ته اتي هڪ وڏو قبرستان موجود آهي.
ڪن مقبرن تي پٿر نصب ڪيل آهن، جن تي ڪتبا لکيل آهن
۽ ڪي رواجي قبرون پڻ آهن. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه
آهي ته هن ماٿريءَ ۾ انسان رهندا هئا. جيتوڻيڪ هن
وقت انساني رهائش بابت ڪي به نشان ملي نٿا سگهن،
پر ٿي سگهي ٿو، ته سندن گهر سخت برساتن ۾ لڙهي ويا
هجن، ان ڪري اڄ انهن جو ڪو به نشان نه آهي. جيڪڏهن
ڪي کوٽايون ڪيون وڃن، ته اڳوڻي انساني بستيءَ جا
ڪي هنڌ ممڪن آهي ته ظاهر ٿي پون. منهنجي سمجهه ۾
ائين ٿو اچي ته هيءَ وادي، هيوز ۽ ڊلهائوسي جي دؤر
کان گهڻو اڳ ويران بنجي چڪي هئي. بلڪ ائين ٿي سگهي
ٿو ته ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر کان به اڳ برباد ٿي
چڪي هجي. جيئن جيئن پنهنجي ذهن ۾ گذريل تاريخ جي
تصوير قائم ڪريان ٿو، تيئن تيئن ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته
تمام گهڻو زمانو اڳ، سن ۽ آمري دروازي واريون
پليون يا ته سخت برساتن يا فوجي حملن جي ڪري تباهه
ٿي چڪيون هيون ۽ اهو ئي سبب هو جو پاڻي ٻاهر وهي
ويو هو، تنهنڪري سڄي ايراضي خشڪ بنجي وئي هئي.
اهڙيءَ طرح اتي جا باشندا انهيءَ مقام کي ترڪ ڪرڻ
تي مجبور ٿيا. پاڻيءَ جي نهر جيڪا هن وقت ڪن هنڌن
تي قائم ٿيل آهي، سا ڏيکاري ٿي ته اها ظاهر ظهور
هڪ صاف پاڻيءَ جي ندي هئي، ۽ الهندي دروازي جي
قريب ننڍڙي آبشار کان شروع ٿئي ٿـِـي. پراڻي زماني
۾ اها ندي تمام گهڻو وڏي هئي، جنهن مان ڪلدار پلين
مٿان ٺهيل ڊيم جي ڪري پاڻي تمام زور سان وهي، هڪ
ڍنڍ جي صورت ۾ گڏ ٿيندو هو. جيئن اهو پاڻي ڍنڍ مان
تيز وهڪري سان وهندو ويو هوندو، تيئن ئي پاڻ سان
گهڻو لٽ کڻي ويو هوندو ۽ جيڪو بچيو هوندو سو وري
برساتون گهلي ويون هونديون. اهڙيءَ طرح سان هيءَ
ماٿري بلڪل ويران بنجي وئي هوندي ۽ ان جو مٿاڇرو
هڪ سنوت ۾ نه رهيو هوندو. ان طرح منجهس کڏون کوٻا
پڻ ٿي پيا هوندا. جنهنڪري ان ۾ سواءِ جهنگلي ٻوٽن
جي ٻيو ڪجهه به اڀري نٿي سگهيو.
اچو ته هاڻي حقيقي سوال تي اچون ته هيءُ قلعو ڪنهن تعمير ڪرايو؟
هن باري ۾ مان پنهنجي بيوسيءَ جو اعتراف ڪريان ٿو،
ڇاڪاڻ ته مان ڪنهن به قطعي فيصلي تي پهچي نه سگهيو
آهيان. تنهن هوندي به ڪيتريون ممڪن صورتون آهن، جي
منهنجي دل ۾ اچن ٿيون. قلعي جي قدامت متعلق مون
مٿي ڪن دليلن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، ليڪن جيئن
ته ان جي تعميري دؤر جي ذري پرزي جو احوال ڏيڻو
آهي، ان ڪري اسان کي تاريخ جي مختلف دؤرن بابت، هڪ
هڪ ڪري بحث ڪرڻو پوندو. اچو ته سڀني دؤرن کي هڪ
ٻئي پٺيان سلسليوار ٺاهي رکون، جنهن کان پوءِ پتو
پوندو ته هر هڪ دؤر ۾ قلعي جي تعمير جو ڪيترو
امڪان ممڪن ٿي سگهي ٿو. اُهي دؤر هيٺينءَ طرح آهن:*
1. برٽش دؤر 1843ع - 1947ع
2. ٽالپور دؤر 1783ع - 1843ع
3. ڪلهوڙا دؤر 1700ع - 1783ع
4. مغل دؤر 1621ع - 1736ع
(اُتر سنڌ ۾ 1700ع ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت قائم ٿي وئي. ڪلهوڙن ڏکڻ
سنڌ جو اقتدار 1736ع ۾ ورتو.
5. ترخان دؤر 1552ع - 1621ع
6. ارغون دؤر 1520ع - 1552ع
7. سما دؤر 1335ع - 1520ع
8. سومرا دؤر 1010ع - 1351ع
9. هباري دؤر 854ع - 1010ع
10. عرب دؤر (بنو اميه ۽ بنو عباس) 712ع - 853ع
11. برهمڻ دؤر 642ع - 712ع
12. راءِ دؤر 499ع - 641ع
13. وهيلڪا دؤر 367ع - 470ع
14. ساساني دؤر 176ع - 367ع
15. ڪـُـشن دؤر 62ع - 283ع
16. سٿين دؤر 70- ق.م 46ع
17. پارٿين دؤر 46- ق.م 70- ق.م
18. يوناني باختري دؤر 184 - 70- ق.م
19. موريا دؤر 324 - 187 - ق.م
20. يوناني دؤر (سڪندر جي ڪاهه) 325 - ق.م
[جڏهن ته فيروز شاهه تغلق 1310ع - 1325ع تائين سنڌ تي ڪاهون
ڪيون آهن. [
انهيءَ فهرست مان مون پهرين ٻن، يعني ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن کي ته
شروع کان ئي قابل غور نه سمجهيو آهي. انگريزن جو
به ذڪرنه ڪيو اٿم، ڇو ته انهن برصغير ۾ ڪي به قلعا
تعمير نه ڪرايا هئا. مغلن کي به آسانيءَ سان درگذر
ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو هن قلعي جي تعميراتي فن جو
نمونو ڪنهن به صورت ۾ مغل تعميرات جو نمونو نه
آهي. ترخان، ارغون ۽ سما سنڌ جي ڊيلٽا ۾ ئي هئا ۽
ننڍين جاگيرن جا رئيس هئا، سي به ڪا تعميراتي چيز
صرف ٺٽي جي چوڌاري ڪري سگهيا ٿي. ان بعد سڌو سنئون
تاتارين تي اچجي ٿو، جن هتي عارضي طور قيام ڪيو
هو، جو پڻ اچ - وڃ ۾ گذري ويو. فيروز شاهه تغلق جي
باري ۾ معلوم ٿئي ٿو ته هو ڪيئي ڀيرا هن خطي ۾ آيو
هو ۽ سانڱر ڍنڍ به پاڻ ٺهرائي هئائين. هن پنهنجي
دؤر جي مشهور درويش قلندر لال شهباز جي مزار جي
زيارت به ڪئي هئي. مون کي ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته
تغلق دؤر جا، هندستان ۾ جيڪي پراڻا قلعا تعمير ٿيل
آهن، تن سان رني ڪوٽ جي فن تعميرات جي ڪجهه نه
ڪجهه مشابهت ضرور آهي. ان سلسلي ۾، هندن کي پڻ
نهايت آسانيءَ سان نظر انداز ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ
ته مسلمانن کان اڳئين دؤر ۾ هنن کي قلعن جي
عمارتسازيءَ جي ڪا به ڄاڻ ڪانه هئي. اڳتي هلڻ سان
سٿين جو نالو ملي ٿو، جي حقيقت ۾ حمله آور نه هئا،
بلڪه هميشه لاءِ آباد ٿيڻ آيا هئا. انهن جو هڪ
ٽولو سڌو سنئون اتر کان ڏکڻ ڏي، سنڌو نديءَ جو
ڪنارو ڏئي پهتو هو ۽ مستقل طرح سان سنڌ ۾ رهائش
اختيار ڪئي هئائون. اهي ماڻهو تاريخ ۾ ”هند -
سٿين“ جي نالي سان ڄاڻايل آهن. سٿين وچ ايشيا مان
آيا ۽ آرين جي شاخ هئا. ممڪن آهي ته هنن پاڻ سان
گڏ چين جي عظيم ديوار جو هنر ۽ فن به آندو هجي.
اهو ٻڌائڻ دلچسپيءَ کان خالي نه رهندو ته ڀنڀور ۾
به ڪيترائي ”سٿيو - پارٿين“ آثار لڌا ويا آهن.
ڀنڀور جي ٻاهرين قلعبندي، هڪٻئي جي مٿان قطار در
قطار ٽن بنيادن تي ڪيل آهي. قلعي جون ديوارون گول
۽ مستطيل منارن سان ٺهيل آهن ۽ واري واري سان هڪ
گول ۽ هڪ مستطيل منارا ٺاهيا ويا آهن. ڀنڀور جي
تعميرات به رني ڪوٽ جي تعمير سان ٺهڪي اچي ٿي. مون
کي يقين آهي ته هيءَ اڏاوت مسلمانن کان اڳ جي دؤر
جي آهي، ڇو ته محمد بن قاسم جي حملي تائين، مسلمان
ڪنهن به دفاعي عمارتسازيءَ جي فن کان بي خبر هئا.
مسلمان اول اول جڏهن صليبي جنگيون لڙيا ۽ دشمنن
سان سندن عراق ۽ شام جي سرحدن وٽ مقابلو ٿيو، تڏهن
ئي هو رومي قلعن سان روشناس ٿيا. مون کي ان تي به
اعتبار ڪرڻو پوي ٿو ته ڀنڀور جي قلعبندي به رني
ڪوٽ جي قلعي وانگر سٿين اڏاوت آهي. اڄ به سنڌ جي
آدم شماريءَ جو وڏو حصو سٿين آهي ۽ باقي ٿورو حصو
سامي نسل مان آهي.
يونانين کي به قابل غور نه سمجهي ڇڏي سگهجي ٿو،ڇاڪاڻ جو هنن جو
قيام هتي بلڪل مختصر طور ٿيو. سڪندر اعظم خود هن
برصغير ۾ چئن سالن کان وڌيڪ وقت صرف نه ڪيو،
جنهنڪري کيس تعميراتي ڪم لاءِ ڪو به وقت ملي نه
سگهيو. ٻيو ته سڪندر اعظم فقط هڪ حمله آور هو، جو
جلدي پنهنجي حمله آور فوج سان، جا وطن لاءِ نهايت
بيتاب هئي، واپس وطن موٽي ويو.
اظهار تشڪر: آءٌ هيٺ ڄاڻايل شخصيتن جو ٿورائتو آهيان، جن مون کي
رني ڪوٽ جي مسافريءَ ۾ مدد ڪئي ۽ هن مقالي لکڻ
لاءِ مواد هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
سڀ کان پهرين يوسيڊ (Usaid)
(سينٽو گروپ) جي وليم ايبي جو شڪريو بجا آڻڻ
منهنجو فرض آهي، جنهن مون کي مسافريءَ جي قصد ڪرڻ
تي همٿايو ۽ مهرباني فرمائي ڪي فوٽا به ڏنا، جن
مان ٿورا هتي پيش ڪيا ويا آهن. ٻيو پنهنجي عالم ۽
فاضل دوست پير حسام الدين راشديءَ جا ٿورا مڃڻ به
مون تي واجب آهن، جنهن نه رڳو مون سان سڄي
مسافريءَ ۾ ساٿ ڏنو، بلڪ اسان کي منزل مقصود تائين
رسائڻ لاءِ سواريءَ جو بندوبست به ڪيو ۽ ان سان گڏ
هن پنهنجي لئبريريءَ مان مون کي ڪي ڪتاب پڻ مقالي
لکڻ لاءِ ڏنا. محترم جي. ايم. سيد سان منهنجو
تعارف به سندن معرفت ٿيو، جنهن جي مهمان نوازيءَ
جو سن ۾ اسان ٻه ڏينهن لطف ورتو. آءٌ ڊاڪٽر ايف.
اي. خان ڊائريڪٽر آف آرڪيالاجيءَ جو شڪر گذار
آهيان، جنهن مون کي ڊئريڪٽوريٽ جي لئبريريءَ مان
ڪتابن جي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني. آءٌ ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ، ڊين فيڪلٽي آف آرٽس، سنڌ
يونيورسٽيءَ ڄام شورو جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن
مون کي ڪجهه معلومات فراهم ڪري ڏني، جا هتي پيش
ڪئي اٿم. آءٌ مسٽر جي. احمد مفتيءَ جو به شڪر گذار
آهيان، جنهن مون کي هن مقالي جو مسودو ٽائيپ ڪري
ڏنو.
ڪتابيات
(1) ”گزيٽيئر آف دي پراونس آف سنڌ“ ، اي. ايڇ. ائٽڪن،
مرڪنٽائيل اسٽيم پريس، ڪراچي 1907ع
(2) ”گزيٽيئر آف دي پراونس آف سنڌ“ ، اي. ڊبليو. هيوز، جارج
بيل ائنڊ سنس، لنڊن 1876ع.
(3) ”جنرل سر چارلس نيپئر جي سنڌ ۾ انتظام جي تاريخ ۽ ڪڇ جي
ٽڪرين جي جدوجهد“ ، ليفٽيننٽ جنرل سر وليم نيپئر،
چئپمن ۽ هال، لنڊن، 1851ع
(4) ”هندستان جا قلعا“ ، مصنف: سڊني ٽاءِ، وليم هينيمن لميٽيڊ
لنڊن، 1955ع
(5) ”قلعبنديءَ جي تاريخ“ ، مصنف: سڊني ٽاءِ، وليم هينيمن
لميٽيڊ لنڊن، 1955ع.
(6) ”تاريخي مقالا“ ، ليفٽيننٽ ڪرنل ڪي. اي. رشيد، پاڪستان
هسٽاريڪل سوسائٽي (باب، پاڪستان ۾ فوجي تعميرات)،
ڪراچي 1962ع.
(7) ”سنڌ جو عام تعارف“ ، مصنف: ايڇ. ٽي لئمبرڪ، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد، 1964ع
(8) ”ستين عظيم مشرقي مطلق العنان حڪومت“ ، مصنف: جارج والنسن،
ڊاڊ ميڊ ائنڊ ڪمپني، نيويارڪ، 1875ع.
(9) ”انسائيڪلوپيڊيا برٽئنيڪا“ جلد 9، يونيورسٽي آف شڪاگو،
1949ع
(10) ”هندستاني تعميرات“ (اسلامي دؤر) پرسي برائون تاراپور
والا، بمبئي، 1942ع.
(11) ”اسلامي قلعبندي 1250ع کان اڳ“ ، ڪي. اي. سي. ڪريسويل
(برٽش اڪيڊمي جي ڪارواين بابت ڇپايل مقالو) 1952ع
انگريزي لفظن جا متبادل لفظ:
دروازو |
gate |
قلعو |
Fort |
قلعبندي |
Fortification |
ڪوٽ (ننڍو قلعو) |
Citadel |
برج |
Bastion |
منارو |
Tower |
فصيل (ٻاهرين ديوار) |
Rampart |
ڪلدار پل |
Draw-Bridge |
( ”مهراڻ“ ، نمبر: 3، سال 1967ع تان کنيل)
(مترجم: شمس الدين عـُـرساڻي)
|