سنڌي لوڪ:
ڏکڻ ايران کان اٺ ڀيرا لڏپلاڻ جي ڪري (3100 ق.م کان 1100 ق.م
تائين) ننڍي کنڊ ۾ سنڌي زبان جي اوسر ٿي هئي. اهي
لڏي آيل لوڪ هاڻي سٿي سڏجن ٿا، جن 80 ق.م ۾
پاڪستان جي هن علائقي کي فتح ڪيو هو. سنڌين جا خد
و خال ساڳيا سٿين جهڙا آهن. ان حقيقت جو اعتراف
علم الانسان جي انگريز ماهرن جهڙوڪ رسلي، گوها ۽
سورلي ڪيو آهي، جيڪي ننڍي کنڊ ۾ رهيا هئا. هنن جي
خيال ۾ 80 ق.م کان 46ع تائين سنڌ سٿين جي قبضي ۾
هئي ۽ انهيءَ عرصي ۾ سٿين جا ٽولن جا ٽولا لڏي سنڌ
۾ آيا هئا، تنهنڪري سنڌين جا مهانڊا سٿين جهڙا
آهن.
ائين به سمجهيو ويندو هو ته سنڌ جا ماڻهو دراوڙ هوندا هئا، جن
کي اتر ننڍي کنڊ کان آيل آرين ڏکڻ هندستان ڏانهن
ڀڄائي ڪڍيو هو. پر موئن جي دڙي مان لڌل انساني
کوپڙين جي چڪاس کان پوءِ اهو نظريو پوريءَ ريت رد
ڪيو ويو آهي. عرب ليکڪن ڄاڻايو آهي ته سنڌي ٻولي
سنڌ ۾ لکي ۽ ڳالهائي ويندي آهي. ”اها ٻولي انهن
ماڻهن جي آهي، جيڪي چوپايو مال پالين ٿا ۽ انهيءَ
ٻوليءَ ۾ ڳائين ۽ شاعري ڪن ٿا.“
آمري تهذيب:
سنڌو ماٿر ثقافت جي شروعات 2500 ق. م کان 2300 ق.م ٿي. انهيءَ
کي هڙپائي ثقافت سڏيو وڃي ٿو. پر آمري ثقافت، جنهن
کي اڳ - هڙپائي ثقافت چيو وڃي ٿو، 3100 ق.م ۾ به
موجود هئي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمري ثقافت سنڌو
ماٿر جي ثقافت کان پراڻي آهي. آثار قديمه جي خيال
کان به ثابت ٿيو آهي ته آمري، موئن جي دڙي کان
قديم آهي، پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن آمريءَ ۽
موئن جو دڙو ٻنهي تهذيبن جي اوسر سنڌو درياءَ تي
ٿي هئي، ته پوءِ آمري ثقافت، موئن جي دڙي کان ڇو
قديم آهي؟ ٻنهي تهذيبن جي عمر پڪ سان هڪجيتري
هوندي، پر اسين ان حقيقت کان انڪار نٿا ڪري سگهون
ته موئن جي دڙي کان آمري جهوني آهي. ثابت ٿيو آهي
ته هن علائقي مان سمنڊ جي لهي وڃڻ کان پوءِ هن
پاسي سنڌو نديءَ جي وهڪري کان اڳ آمري ثقافت جي
اوسر باراني پاڻيءَ تي شروع ٿي هئي. باراني پاڻي
ڪوئٽا کان ڪراچيءَ تائين پکڙيل کيرٿر جبلن جي
سلسلي مان سيلابي نئن جي صورت ۾ زور سان وهندو
ايندو هو ۽ آمريءَ جي علائقي ۾ اچي ڪٺو ٿيندو هو.
منڇر ڍنڍ آمريءَ جي حدن اندر هئي ۽ آمري ثقافت جي
سرسبزيءَ ۾ ان جو به حصو آهي، ڇو جو منڇر ڍنڍ جي
عمر ڏهه هزار ق.م کان سمجهي وڃي ٿي، جيڪا کيرٿر
جبلن جي سلسلي جي عمر کان پوءِ جي آهي. جيئن ته
منڇر ڍنڍ ۾ جابلو نئن جو پاڻي ڪٺو ٿيندو هو،
تنهنڪري ان چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته آمري ثقافت جي
شروعات منڇر ڍنڍ، سن نئن، راڻي نئن ۽ ٻين جابلو
نين جي ڪري ٿي هئي. آمري ثقافت جي اوائلي قديم
ڏينهن ۾ سنڌو درياءَ شايد رڳو عمرڪوٽ طرف وهندو
هو، جنهن جو پراڻو نالو هاڪڙو درياءَ هوندو هو.
بعد ۾ درياءَ پنهنجو رخ ٺٽي ڏانهن ڦيرايو ۽ آمريءَ
جي ويجهڙ کان وهڻ لڳو ۽ آمري ثقافت جي دولتمنديءَ
۾ واڌارو ڪرڻ لڳو. جڏهن سنڌو درياءَ (هاڪڙي)
پنهنجو رخ ٺٽي ڏانهن ڦيرايو ته ٿرپارڪر مان ماڻهن
ٺٽي ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪئي. انهيءَ افسوسناڪ
صورتحال جي باري ۾ ماموئيءَ جو بيت هن ريت آهي:
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.
۽ سنڌو درياءَ تي چار هزار ورهيه کن اڳ موئن جو دڙو وجود ۾ آيو.
انهيءَ تاريخي حقيقت مان ثابت ٿئي ٿو ته آمري
ثقافت، موئن جي دڙي جي ثقافت يا سنڌو ماٿر جي
ثقافت کان وڌيڪ پراڻي آهي.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته آمريءَ جي اها ايراضي پراڻي زماني کان مشهور
آهي. اتي خاص ڪري آمريءَ ۾ 3500 ق.م. کان به اڳ وچ
ايشيا، ڀـُـونـُـوچ سمنڊ جي ڪناري ۽ ايران کان
ماڻهو بلوچستان جي ذريعي سنڌ ڏانهن ايندا هئا.
اهي تاريخي حقيقتون ظاهر ڪن ٿيون ته آمري صدين کان مشهور هئي،
جنهنڪري وقت بوقت هتي حملي آور ايندا هئا. آمري
علائقي جي ماٿر جتي رني ڪوٽ ٺهيل آهي، ڪنهن زماني
۾ سنڌ جي تمام خوبصورت ماٿر هوندي هئي، اهڙي جيئن
اڄ پاڪستان جي ڪاغان ماٿر سڄي دنيا ۾ خوبصورت آهي.
رني ڪوٽ مان هڪ دائمي ”نئين رني“ وهندي هئي،
جنهنڪري اتي پاڻيءَ جي کوٽ ڪين هوندي هئي. انهيءَ
خوبصورت ماٿر جي چوڌاري رني ڪوٽ ٺهرايو ويو هو.
سيوهڻ:
سيوهڻ پڻ هڪ تمام پراڻي وسندي آهي. يونانين ان کي سنديمانا (Sandemana)
سڏيو آهي. عربن ۽ ٻين تاريخدانن ان کي سدوسان،
سيوستان، شروسان، سادوستان، سياهوان ڄاڻايو آهي.
ڪاڪو ڀيرو مل چوي ٿو ته رامائڻ جي زماني ۾ اهو شهر
راجا اشيز جي پٽ شبي ٺهرايو هو، تنهنڪري هو شبستان
جي نالي سان مشهور هو جيڪو پوءِ سيوستان سڏجڻ لڳو.
آرين ان کي شيوستان سڏيو آهي. بهرحال هاڻي اهو
سيوهڻ سڏجي ٿو، جيڪو پراڻي زماني کان تاريخي لحاظ
کان مشهور آهي. عالمن جو چوڻ آهي ته سيوهڻ، موئن
جي دڙي جو سهيوڳي آهي. اهو اٽڪل 5000 سال پراڻو
آهي. هتي سال 326 ق. م. ۾ سڪندر اعظم آيو هو ۽ هن
سيوهڻ جو قلعو ٺهرايو هو. جڏهن سڪندر اعظم سيوهڻ
آيو هو تڏهن اتي راجا سامبس حڪومت ڪندو هو. هتي
محمد بن قاسم پڻ سن 712ع ۾ آيو هو، جنهن سان جتن
جنگ جوٽي هئي ۽ جن کي محمد بن قاسم شڪست ڏئي انهن
مان چار هزار جتن کي قيد ڪيو هو. ان زماني ۾ ٻوڌين
جي اڪثريت سيوهڻ ۾ رهندي هئي ۽ اتي راجا باجيراءِ
راڄ ڪندو هو. هتي محمد بن قاسم هڪ مسجد ٺهرائي
هئي، جنهن جي جاءِ تي هينئر عيدگاهه آهي. هتي
سلطان محمد تغلق پڻ آيو هو ۽ هتي ئي وفات ڪيائين.
سندس ميت ٿوري عرصي لاءِ هتي دفن ٿيل هئي، جيڪا
پوءِ کڻي ويا هئا. ابن بطوطہ به سيوهڻ ۾ آيو هو.
ملا فيضي ۽ ابوالفضل پڻ سيوهڻ جا رهاڪو هئا. سنڌي
ٻوليءَ جو مشهور عالم قاضي قاضن پڻ سيوهاڻي هو.
مرثيه جو شاعر سيد ثابت علي شاهه پڻ هتي رهندو هو
۽ هتي ئي وفات ڪيائين.
سيوهڻ پاڪستان خواهه هندستان جو پراڻي ۾ پراڻو شهر آهي. اهڙيءَ
ريت دادو ضلعي جا ٻيا ڳوٺ جهڙوڪ: بوبڪ، آراضي،
شاهه حسڻ، جهانگارا، باجارا، واهي پانڌي ۽ اڪ - تڙ
تمام پراڻا ڳوٺ آهن، پر انهن مان سيوهڻ سميت ڪٿي
به کوٽائي ڪين ٿي آهي. جيڪڏهن حڪومت انهن جاين جي
کوٽائيءَ جو انتظام ڪري ته هوند ڪيتريون ئي تاريخي
حقيقتون پڌريون ٿي پون.
پراڻي شاهراهه، جيڪا اتر ۽ ڏکڻ سنڌ ڏانهن ويندي هئي، اها سيوهڻ
مان لنگهندي هئي. اها رني ڪوٽ وٽان به لنگهندي
هئي، جيڪو سيوهڻ جي ڏکڻ اولهه ۾ اٽڪل 50 ميلن جي
فاصلي تي آهي.
رني ڪوٽ:
جنهن هنڌ رني ڪوٽ ٺهيل آهي، اتي ڪنهن زماني ۾ رني نئن جي دائمي
پاڻيءَ جي ڪري هڪ دلڪش ۽ سرسبز ماٿر هوندي هئي.
هاڻي ان اهم سوال ڏانهن اچون ٿا ته رني ڪوٽ ڪنهن
ٺهرايو، ڪڏهن ٺهرايو ۽ ڇو ٺهرايو؟ ان باري ۾ آءٌ
مختلف رايا ڏيندس.
رني ڪوٽ ڪنهن ٺهرايو هو؟
1. اسان جي مشهور عالم ۽ محقق جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو
چوڻ آهي ته، ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو رني ڪوٽ 18
ميلن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. اهو قلعو ڪنهن
ٺهرايو هو؟ يونانين، سٿين، رومين، تاتارين يا
مغلن؟ اها پرولي اڃا تائين ڪنهن به نه ڀڳي آهي.“
2. مير حسن علي خان ٽالپور (1824 - 1909ع) پنهنجي سنڌي مثنوي
”شاهنامه سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته رني ڪوٽ جي اڏاوت مير
ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي حڪومت واري
زماني (1227 - 1244 هجري) جي ڪارنامن مان هڪ
ڪارنامو آهي. قلعي جي ڪن خوبين جو ذڪر ڪندي هو
وڌيڪ لکي ٿو ته، ”رني ڪـوٽ اسانجن بزرگن جو ڇڏيل
يادگار آهي. ان جي سڄي ديوار پٿرن جي ٺهيل، ميلن ۾
پکڙيل آهي، جنهن تي سوين برج ٺهيل آهن. اها ننڍن
وڏن هزار ڪنگرن سان سينگاريل آهي. ان ۾ اندر هڪ
ٻيو مضبوط قلعو شير ڳڙهه تعمير ڪيو ويو هو. شير
ڳڙهه جي ديوار ۾ چار برج ٺاهيا ويا هئا. اڃا به هڪ
ٻيو مضبوط قلعو چئن برجن واري ’ميري‘ تعمير ڪيو
ويو هو.“
هنن قلعي جي هيٺين پاسي اولهه ۽ اوڀر طرفن ٻه دروازا ٺاهيا هئا.
پهرين هنن پاسن کان پٿر جا ٿنڀا جوڙيا، جن ۾ اهي
دروازا لڳايا ويا. اهي مضبوط سيخن وارا لوهي
دروازا هئا. انهن ۾ سوين مڻ لوهه استعمال ڪيو ويو
هو، پر اهي ڪارائتا ثابت نه ٿيا. برسات جي مند ۾
جڏهن ”نئن رني“ هفتو کن لاڳيتي وهندي رهي، تڏهن
پاڻيءَ جي زور تي سيخون رسن وانگر وٽجي ويون ۽
دروازا بيڪار ٿي پيا هئا. قلعي ۾ ڪو به ڪونه رهيو
۽ قلعي جي اڏاوت تي سترهن لک رپيا خرچ آيو هو.
مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان انهيءَ ڪم جي نظرداريءَ
لاءِ نواب ولي محمد خان لغاريءَ کي مقرر ڪيو هو،
جيڪو وڏين صلاحيتن جو مالڪ هوندو هو. هو هڪ لائق
سپهه سالار، هڪ انجنيئر، طبيب ۽ وڏي پايي جو شاعر
هو. رني ڪوٽ جي جاءِ به هن پاڻ چونڊي هئي. سندس
تجويز منظور ڪئي وئي ۽ قلعي جي ٻاهرين ديوار ۽
ننڍن قلعن شير ڳڙهه ۽ ميري يا شاهي رهائش گاهه جي
اڏاوت جو ڪم سندس نظرداريءَ هيٺ ٿيو. البت رني نئن
جي مٿان پل ۾ دروازا هڻڻا باقي هئا. انهيءَ وچ ۾
نواب ولي محمد خان کي لاڙڪاڻي جو نواب مقرر ڪري
اوڏانهن اماڻيو ويو ۽ سندس غير حاضريءَ ۾ اهو ڪم
ڪاميابيءَ سان مڪمل نه ٿي سگهيو. غير محفوظ دروازن
جي ڪري قلعي ۾ ڪڏهن به ڪنهن رهائش اختيار نه ڪئي
هئي.
3. سنڌ صوبي جي گزيٽيئر ۾، جيڪو اي. ڊبليو. هيوز سال 1876ع ۾
مرتب ڪيو هو، ڄاڻايل آهي، ته چيو وڃي ٿو ته رني
ڪوٽ جو ڦٽل قلعو هن صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ ٻن
ٽالپور ميرن ٺهرايو هو. انهيءَ قلعي جي اڏاوت جي
لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته ٻارهن لک رپيا خرچ آيو هو.
اهو مضبوط قلعو انهيءَ ڪري ٺهرايو ويو هو ته نه
رڳو ان ۾ ٽالپورن جو خزانو حفاظت سان رکي سگهجي،
پر سندن ملڪ تي حملي جي صورت ۾ سندن پناهه جي لاءِ
به هڪ محفوظ جاءِ ثابت ٿئي. پر جيئن ته سن ندي،
جيڪا چئجي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ ان جي رخ ڦيرائڻ جي
ڪري، قلعي ۾ ۽ ٻاهر پاڻيءَ جي کوٽ ٿي پئي، انهيءَ
ڪري ئي اهو هنڌ رهڻ لائق نه رهيو ۽ غير آباد ٿي
ويو.
4. ڪئپٽن ٽوم ڊي جپاٽي، جيڪو 1839ع ۾ بمبئي آرمي جي سيڪٽر
AQMg
۾ اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر جنرل هو، تنهن پنهنجيءَ
رپورٽ ۾ لکيو آهي ته، ”رني - ڪا - ڪوٽ سال 1812ع
ڌاري مير ڪرم علي ٽالپور ۽ سندس ڀاءُ مير مراد علي
ٽالپور ٺهرايو هو. انهيءَ تي 000، 00، 12 رپيا خرچ
آيو هو، پر قلعي ۾ ۽ قلعي کان ٻاهر پاڻيءَ جي کوٽ
جي ڪري اتي ڪڏهن به ماڻهو رهيا ڪونه هئا. بارانيءَ
جي مند ۾ هڪ تکي نئين ان جي ڀرسان وهندي، سنڌو
درياءَ ۾ وڃي پوندي هئي. انهيءَ نئن جي رخ ڦيرائڻ
سبب هن قلعي جي ديوارن جي ڪن حصن کي نقصان پهتو
آهي. ان قلعي جي ٺهرائڻ جو مقصد اهو هو ته ميرن جي
ملڪ تي ٻاهرئين حملي جي صورت ۾ اهو ميرن لاءِ
پناهه گاهه جو ڪم ڏئي سگهي. چون ٿا ته اُها سن ندي
هئي، جيڪا پهرين قلعي جي اتر پاسي وٽ گولائيءَ ۾
وهندي هئي، پر سال 1927ع ۾ ان پنهنجو رخ ڦيرايو ۽
قلعي جي اتر - اولهه واريءَ ڀت کي نقصان پهچايو
هو.“
5. ليفٽيننٽ ڪرنل ڪي. اي. رشيد جو خيال آهي ته ”سٿي وچ ايشيا
کان آيا هئا ۽ اهي آرين جي هڪ شاخ هئا. ممڪن آهي
ته اهي پاڻ سان ديوار - چين جو هنر کڻي آيا هجن،
ڇاڪاڻ ته رني ڪوٽ جو هيءُ وڏو قلعو ڪيترين ئي شين
۾ اُن جهڙو لڳي ٿو. هت اهو به ياد رکڻ گهرجي ته
ڀنڀور ۾ سٿي - پارٿي زماني جا آثار مليا آهن. قلعي
جي ٻاهرين ديوار هڪ ٻئي جي مٿان ٽن حصن ۾ آهي،
جنهن ۾ هڪ ٻئي پٺيان گول ۽ مستطيل ٺلهه ٺهيل آهن.
اها اڏاوت رني ڪوٽ جي اڏاوت جهڙي آهي. تنهنڪري هن
جو خيال آهي ته اها مسلمانن جي دور کان اڳ جي
اڏاوت آهي، ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم جي حملي وقت
مسلمان اهڙن حفاظتي قلعن جي اڏاوت مان اڻواقف هئا“
. هو وڌيڪ چوي ٿو ته، ”آءٌ ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ
لاءِ تيار آهيان ته رني ڪوٽ وانگر ڀنڀور جو قلعو
به سٿين ٺاهيو هوندو. اڄ به سنڌ جي رهاڪن جو وڏو
حصو سٿين آهن. باقي ماڻهو سامي نسل جا آهن.“
انهيءَ مان واضح ٿئي ٿو ته ليفٽيننٽ ڪرنل ڪي. اي. رشيد جي راءِ
رني ڪوٽ سٿين ٺاهيو آهي.
مٿين راين مان ٻه ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون:(1) يا ته اهو قلعو
ٽالپورن مير ڪرم علي خان (1783- 1827ع) ٺهرايو
هو، (2) يا اهو سٿين (200 - 100 ق.م) ٺهرايو هو.
تبصرو:
پهرين راءِ جي باري ۾ محققن جي اڪثريت جو خيال آهي ته اهو هنن
ڪونه ٺهرايو هو. ٿي سگهي ٿو ته هنن قلعي جي مرامت
ڪرائي هجي. ٽالپورن 1783ع کان 1843ع تائين حڪومت
ڪئي هئي پر قلعي جي اڏاوت سندن حڪومت جي زماني
کان گهڻي پراڻي ڏسجي ٿي. اهو به چيو وڃي ٿو ته
ٽالپورن جون اقتصادي حالتون ايتريون سٺيون نه
هيون، جو ايڏي وڏي دولت خرچ ڪري قلعو ٺهرائن ها.
ٽالپورن جو ملڪ ٿورن سردارن جي جاگيرن ۾ ورهايل
هوندو هو، جيڪي ضرورت جي وقت هنن جي مدد جي لاءِ
لشڪر ڪـَـٺو ڪري ڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته هنن جي ڪا به
دائمي فوج نه هوندي هئي. مير خود مختيار حاڪم هئا،
جن جي بقا جو دارومدار جاگيرداري سرشتي تي هوندو
هو. زمينداري سرشتي مطابق جيڪا ڍل هوندي هئي، ان
مان هر سال کين پنجٽيهه لک رپيا مس حصو ملندو هو.
رني ڪوٽ هڪ تمام وڏو قلعو آهي، جنهن تي تمام گهڻو خرچ آيو
هوندو. قلعي جي اڏاوت کي ڏسندي سمجهجي ٿو ته ان جي
تعمير تي ٻارهن يا سترهن لک رپين کان، جيئن اڳ
ٻڌايو ويو آهي، وڌيڪ خرچ آيو هوندو. اهو خرچ ان جي
مرمت ۽ ڦير گهير تي آيو هوندو. پر اهو ناممڪن آهي
ته ايڏي وڏي قلعي جي اڏاوت تي ايتري ٿوري رقم خرچ
ٿي هوندي.
ليفٽيننٽ ڪي. اي. رشيد چوي ٿو ته ”انهيءَ اڏاوت تي ٻن ڪروڙين
رپين کان گهٽ خرچ نه آيو هوندو، ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻن
هزارن مزورن ٻن سالن جي عرصي ۾ اهو ٺاهيو هوندو.“
ٽالپورن ۽ ڪلهوڙن جيڪي قلعا ٺهرايا هئا، اهي سنڌو درياءَ جي
الهندي طرف نه، پر اڀرندي طرف ملن ٿا. ٽالپورن هن
قلعي کي ٿي سگهي ٿو ته رهائش جي لاءِ ۽ ضرورت وقت
پناهه وٺڻ جي لاءِ استعمال ڪيو هجي. ميرن ان قلعي
۾ جيڪا ڦير گهير ۽ مرامت ڪرائي هئي، ان جو ڪارڻ
رياست قلات سان سندن اختلاف هئا تنهنڪري ٽالپورن
جا وسيلا ۽ مالي حالتون اهڙيون نه هيون، جو رني
ڪوٽ اڏاوت جو خرچ سهي سگهن ها. اهو پڻ قبول ڪرڻ
ممڪن ڪونهي ته اهو قلعو سال 1812ع ۾ تعمير ٿيو
هوندو. ان وقت ان جي مرامت ضرور ٿي هوندي، پر اها
يقيناً هڪ جهوني اڏاوت آهي.
آءٌ سمجهان ٿو ته انهي سرسبز ماٿر ۾ ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ قديم
زماني کان ماڻهو رهندا هئا. رني ڪوٽ ۾ ماڻهن جي
دائمي رهائش جون ڪيتريون ئي نشانيون ملن ٿيون. شير
ڳڙهه قلعي جي هيٺان هڪ وڏو قبرستان آهي. اتي ڪن
قبرن تي مقبرا آهن، ڪي قبرون پٿر جون، ڪن تي پٿر
جا ڪتبا ۽ ڪي وري رواجي آهن. تنهنڪري ڪو به شڪ
ڪونهي ته انهيءَ ماٿر ۾ ماڻهن جي دائمي رهائش
هوندي هئي، جيتوڻيڪ اڄ گهرن جا آثار نٿا ملن. ممڪن
آهي ته سندن گهر سخت بارشن جي ڪري لـُـڙهي ويا
هجن. جيڪڏهن هتي کوٽائي ڪجي ته هوند پراڻن گهرن ۽
ٻين حقيقتن بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون ظاهر ٿي پون.
بهرحال اها هڪ حقيقت آهي ته رني ڪوٽ ميرن ڪونه
ٺهرايو هو.
هاڻي اچو ته ليفٽيننٽ ڪرنل ڪي. اي. رشيد جي ان راءِ جو جائزو
وٺون ته رني ڪوٽ سٿين (200 - 100 ق.م) ٺهرايو هو.
منهنجي خيال ۾ هن جي اها راءِ غلط آهي، ڇاڪاڻ ته
سٿين حملو ڪندڙ ڪونه هئا. اهي سنڌو درياءَ جو
ڪنارو وٺي اتر کان ڏکڻ پاسي آيا هئا ۽ اچي سنڌ ۾
رهيا هئا. تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهي انڊو - سٿين
مشهور هئا. ليفٽيننٽ ڪرنل ڪي. اي . رشيد جو اهو
چوڻ ته ”اها مسلمانن جي دور کان اڳ جي اڏاوت آهي،
ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم جي حملي وقت مسلمان ڪنهن به
دفاعي اڏاوت کان اڻواقف هئا.“ بلڪل غلط آهي.
ڇالاءِ ته اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته مسلمانن جون
اوائلي فوجون رومي سرحدي قلعن جي سلسلي وٽان
لنگهيون هيون. مسلمانن اهي قلعا چڱيءَ طرح سان ڏٺا
هئا، انهن کي فتح ڪيو هو، انهن ۾ رهيا هئا ۽ پڻ
اڳتي هلي انهن جي نمونن ۾ هنن ڦير گهير ڪئي هئي.
اميه خليفن جون اوائلي عمارتون ان جا مثال آهن.
اهو تاريخي مثال ٻڌائي ٿو ته مسلمان اڳواٽ ئي
دفاعي اڏاوت جي هنر مان واقف هئا.
تنهنڪري آءٌ خاطريءَ سان چئي سگهان ٿو ته رني ڪوٽ جو قلعو نه
ٽالپورن ۽ نه وري سٿين ٺهرايو هو، بلڪ منهنجيءَ
تحقيق مطابق مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿيندي ته
رني ڪوٽ جو قلعو اسلامي فن اڏاوت جو هڪ بيمثال
نمونو آهي. تاريخي مثال جي روشنيءَ ۾ ان اعلان
ڪندي مون کي ڪا به هٻڪ نه ٿي ٿئي ته دنيا جو اهو
وڏي ۾ وڏو فوجي قلعو سنڌ جي عرب گورنر عمران بن
موسيٰ برمڪيءَ سن 836ع ۾ ٺهرايو هو.
تاريخي اهڃاڻ:
چچ نامي ۾ سنڌ جي ڪيترين ذاتين جهڙوڪ سهتن، لوهاڻن، لاکن، چنن،
سمن ۽ جتن جو ذڪر ڪيل آهي ته اهي اتي جا اصل رهاڪو
هئا ۽ اها به هڪ حقيقت آهي ته سنڌ ۾ عربن جي ڪاهه
کان پوءِ عربن ۽ سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن ۾ جهيڙا شروع
ٿي ويا هئا. ڪنهن وقت سنڌ مان عربن کي ڀڄائي ڪڍيو
ٿي ويو ته ڪڏهن وري پنهنجي حڪومت قائم ٿي ڪئي وئي.
محمد بن قاسم 712ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ۽ 25 سالن تائين
يعني سال 738ع تائين اتي عربن جي حڪومت اوج تي
هئي. ان کان پوءِ عربن جو زوال شروع ٿيو ۽ عربن ۽
سنڌين ۾ جنگ شروع ٿي وئي، تنهنڪري 38 - 737ع ۾ سنڌ
جي جدا جدا شهرن مان عرب ماڻهو نڪري وڃي محفوظه ۾
رهيا، جتان وري پوءِ ان لڳ شهر بهمن آباد ۾ وڃي
ويٺا، جنهن کي منصوره جو نالو ڏنو ويو. اها حقيقت
سن 1000ع ۾ پڻ ثابت ٿي هئي، ڇاڪاڻ ته چيو وڃي ٿو
ته ڏهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري منصوره شهر ۾ سنڌي
۽ عربي ٻئي ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون، پر
منصوره کان ٻاهر رڳو سنڌي ڳالهائي ويندي هئي. البت
ثقافتي ڏي وٺ جي ڪري عربيءَ جا ڪيترائي لفظ سنڌيءَ
۾ رلي ملي ويا هئا. اها ڳالهه ٻڌائي ٿي ته اختلافن
جي ڪري عرب منصوره ۾ وڃي گڏ ٿيا، جتي سنڌي ۽ عربي
ٻئي زبانون ڳالهايون وينديون هيون، پر سنڌ جي ڳوٺن
۾ سنڌ جي اصلي زبان سنڌي ڳالهائي ويندي هئي. ان
حقيقت مان پڌرو ٿئي ٿو ته سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن سان
عربن جي ويڙهه جي ڪري عرب سنڌ جي اندرين حصن مان
نڪري ڪن ٿورن وڏن شهرن ۾ وڃي گڏ ٿيا هئا، تنهنڪري
اسين ان حقيقت کان انڪار ڪري نٿا سگهون ته سنڌ ۾
عرب حڪومت جي حملي کان پوءِ عربن ۽ سنڌ جي ماڻهن
جي وچ ۾ وقت بوقت فساد ٿيندا رهيا ۽ خاص ڪري سنڌ
جي جتن پوري زور شور سان عربن جي خلاف جنگ جوٽي
هئي.
سنڌ جا جت:
جت، سنڌ ۾ آمري ۽ ڪوٽ ڏيجي دؤر جي ماڻهن جو اولاد آهن. جت هندو
به آهن ته مسلمان ۽ سک به. 1800 ق.م کان 1600 ق.م
تائين جي عرصي ۾ جتن جي قبيلن جو ڌنڌو مينهون پالڻ
هوندو هو. اهو زمانو موئن جي دڙي ۽ آمري جي خاتمي
جو هو. موئن جي دڙي ۾ مينهن جا هڏا لڌا ويا آهن.
سنڌ ۽ ملتان ۾ عرب حڪومت اوسر کان گهڻو اڳ جت
مينهون ۽ سانَ پالڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. جت انهن
علائقن ۾ رهندا هئا، جيڪي سنڌو سڀيتا جي اثر هيٺ
هئا.
400 - 450 ق.م ۾ جتن جي ڪري سنڌ مينهن جي پالڻ جو مرڪز هوندي
هئي. عرب ماخذن مان خبر پوي ٿي ته سال 636ع ۾ جتن
ايران - عرب جنگ ۾ ايرانين جي مدد ڪئي هئي ۽
ايرانين جي هارائڻ کان پوءِ ڪن شرطن هيٺ اهي عرب
فوجن ۾ شامل ٿي ويا هئا. اهي جت سنڌ ۽ پنجاب جا
رهاڪو هئا. سال 637ع ۾ جت بصري ۾ رهي پيا. سن 662ع
۾ هنن ڪيڪان (قلات) تي قبضو ڪيو هو ۽ هريره بن
عبدالقيس (59 - 658ع) عبدالرحمان بن سموره (622ع)،
مهلب بن علي سفره (65 - 664ع) ۽ عبدالهابري (65 -
664ع) جي اڳواڻيءَ ۾ عرب حملن جون جيڪي ڪوششون
ڪيون ويون هيون، انهن کي هنن ناڪام بنايو. هنن 69
- 668ع ۾ رشيد بن عمر جديدي سان به جنگ ڪئي هئي.
حجاج بن يوسف (95 - 694ع) ۾ هنن کي قاصقر (عراق) ۾
رهڻ جي اجازت ڏني هئي.
سن 712ع ۾ هنن سيوهڻ وٽ محمد بن قاسم سان ويڙهه کاڌي هئي، جنهن
۾ سندن چار هزار ماڻهو گرفتار ٿي پيا هئا. انهيءَ
کان پوءِ سنڌ جا جت پناهه وٺڻ لاءِ قلات ڏانهن
هليا ويا. قلات رياست جا سنڌ سان اختلاف هئا.
ڪيترن ئي حصن مان جت وڃي قلات ۾ گڏ ٿيا ۽ پراڻو
وير وٺڻ لاءِ عربن کي سنڌ مان ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ
هنن تي حملا ڪرڻ لڳا.
سن 836ع ۾ سنڌ جي عرب گورنر عمران بن موسيٰ برمڪيءَ کي قلات جي
جتن ۽ ميدن سان جنگ ڪرڻي پئي هئي ۽ جيئن ته قديم
زماني کان سيوهڻ ۽ آمري سنڌ جو مرڪز هئا، تنهنڪري
عمران بن موسيٰ وڌيڪ بغاوتن کي روڪڻ جي لاءِ هڪ
فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي.
منهنجي راءِ اها فوجي ڇانوڻي رني ڪوٽ جو قلعو ٿي سگهي ٿي. ان
قلعي جي اڏاوت خالص فوجي ضرورتن هيٺ ٿي هئي ۽ اهو
قديم شاهراهه جي ڀرسان ٺاهيو ويو هو. تاريخ ٻڌائي
ٿي ته سنڌ ۾ ايران، بلوچستان ۽ قلات کان حمله آور
۽ پناهگير جدا جدا جابلو لڪن جهڙوڪ بولان لڪ، مولا
لڪ، روحيل لڪ، ڦوسي لڪ مان ٿيندا ٽنڊو رحيم خان،
واهي پانڌي، جوهي، ڏکڻ طرف منڇر ڍنڍ تائين ۽ اتان
اڙل واهه جي ذريعي سيوهڻ ۽ آمري ايندا هئا. ڪي وري
انهن جابلو رستن جي بدران سولن رستن کان جهڙوڪ
مڪران کان اورنگي، لانڍي، اتان سامونڊي ڪنارو وٺي
گجو مان ٿيندا لاڙ ۾ ايندا هئا ۽ پوءِ ٿاڻي
بولاخان ذريعي ڪرچاٽ، نيگ، مولي، ٿرڙي کان آمري ۽
سيوهڻ ايندا هئا، تنهنڪري انهيءَ قديم شاهراهه
ذريعي قلات جا وقت بوقت سيوهڻ ۽ عربن تي حملا ڪندا
هئا. هنن جي حملن کان بچڻ خاطر، منهنجي خيال ۾،
ٽڪرين ۾ لڪل انهيءَ سرسبز ماٿر ۾ قديم شاهراهه جي
ڀرسان سن 836ع ۾ سنڌ جي عرب گورنر عمران بن موسيٰ
برمڪيءَ رني ڪوٽ جو قلعو ٺهرايو هو ته جيئن اتي
فوجي ڇانوڻي قائم ڪري قلات جي انهن جتن ۽ ميدن سان
مقابلا ڪري سگهي، جيڪي سيوهڻ ۽ آمريءَ جي ان
علائقي ۾ عربن تي حملا ڪري سنڌ جي اندرين علائقن
ڏانهن وڌندا هئا. هن وقت به ٺٽي ۽ دادو ضلعن ۾ جت
نسل جا ماڻهو اڪثريت ۾ رهن ٿا. دادو ضلعي ۾ آمري ۽
سيوهڻ جي آسپاس مخدوم بلاول جي ويجهو پئي ۾ ستيارو
شادڻ، اُلله آباد ۽ پاٽ وغيره ۾ جت ملن ٿا، جيڪي
براهماڻي بلوچ آهن. ان مان خبر پوي ٿي ته دادو
ضلعي جي موجوده ايراضيءَ ۾ قديم زماني کان وٺي اهي
وڏي اڪثريت ۾ رهندا هئا، ۽ جڏهن عربن انهيءَ
ايراضيءَ تي حملو ڪيو، تڏهن هنن عربن جي خلاف جنگ
ڪئي. انهيءَ ڪري ئي عربن کي انهن حملن کان بچائڻ
جي لاءِ مٿي ڄاڻايل عرب گورنر فوجي ڇانوڻيءَ جي
لاءِ رني ڪوٽ جو قلعو ٺهرايو هو.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته وري 82 - 871ع ۾ سنڌ ۾ جتن جي بغاوت ٿي، جنهن
کي چيڀاٽڻ جي لاءِ بغداد مان خليفي مهدي خاص فوج
اماڻي هئي. اها به هڪ مشهور تاريخي حقيقت آهي ته
1026ع جي شروعات ۾ جڏهن محمود غزنوي سومناٿ مان
واپس پئي ويو ته جتن هن جي سامان جي ڦر ڪئي.
اهڙيءَ طرح تاريخ ثابت ڪري ٿي ته قديم زماني ۾ سنڌ
جي جتن، عربن ۽ ٻين ٻاهرين حملي آورن سان جنگيون
ڪيون هيون.
ڊاڪٽر سگرڊ، ويسٽ فل هيل، بش جي تازي تحقيق ٻڌائي ٿي ته موجوده
پاڪستان جي سنڌ ۽ پنجاب صوبن ۾ رهندڙ جتن جو تعداد
اٺ ملين آهي. سنڌو درياءَ طرف هنن جو تعداد ويتر
وڌيڪ آهي. جيئن 1915ع ۾ رسلي پنهنجي رپورٽ ۾
ڄاڻايو هو. بهرحال جت سنڌ ۾ هڙپا تهذيب کان اڳ ۽
پوءِ جي رهاڪن جو نسل آهن، جيڪي صدين کان وڙهندا
رهيا ۽ وڏي عرصي تائين حملي آورن خاص ڪري عربن جو
مقابلو ڪندا رهيا.
مٿئين تاريخي اهڃاڻ مان آءٌ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته رني ڪوٽ
جو قلعو سنڌ ۾ عرب گورنر عمران بن موسيٰ برمڪيءَ
سن 836ع ۾ ٺهرايو هو.
دور:
هاڻي ان جي تصديق لاءِ اچو ته تاريخ جي مختلف دورن تي نظر
ڊوڙايون:
ڪلهوڙن جو دور: |
1700ع کان 1783ع تائين |
مغلن جو دور: |
1500ع کان 1700ع تائين |
ترخانن جو دور: |
1450ع کان 1550ع تائين |
ارغونن جو دور: |
1350ع کان 1450ع تائين |
سمن جو دور: |
1325ع کان 1350ع تائين |
تغلقن جو دور: |
1310ع کان 1325ع تائين |
سومرن جو دور: |
1225ع کان 1310ع تائين |
تاتارين جو دور: |
1000ع کان 1225ع تائين |
پر مسلمانن جي انهن حڪومت جي دورن کان گهڻو اڳ رني ڪوٽ جي اڏاوت
ٿي هئي. ان کان به اڳ جي دورن کي ڏسبو ته:
پارٿين جو دور: 100 ق. م. کان 50 ق. م تائين
سٿين جو دور: 200 ق. م کان 100 ق.م تائين
ساسانين جو دور: 325 ق. م. کان 50 ق. م تائين
يونانين جو دور: 325 ق. م
اسان جي ملڪ جي زمين سمنڊ جي ويجهو آهي ۽ انهن جهونن زمانن جي
ڪا به اهڙي اڏاوت اهڙيءَ طرح صحيح سلامت نه ٿي
ملي، جيئن رني ڪوٽ جو قلعو آهي. جيتوڻيڪ اهو ٽڪرين
تي ٺهيل آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ ٻئي ڪنهن به ٽڪر تي
اهڙي قسم جي قديم اڏاوت ڏسڻ ۾ نٿي اچي، تنهنڪري
منهنجو خيال آهي ته رني ڪوٽ نه سٿين جي دور جو آهي
۽ نه وري تاريخ جي ٻين قديم دورن جو.
اختتام:
انهن تاريخي حقيقتن کي خيال ۾ رکندي آءٌ وڏي ڀروسي سان وري ان
نتيجي تي پهتو آهيان ته رني ڪوٽ جو قلعو نه ته
ٽالپورن ٺهرايو آهي، نه سٿين نه ٻين، پر مون کي
ائين چوندي فخر محسوس ٿئي ٿو ته فوجي انجنيئرنگ جي
هنر جي اها عظيم اڏاوت رني ڪوٽ، سنڌ ۾ اسلامي فن
تعمير جو بي مثال نمونو آهي، جيڪو مٿي ڄاڻايل سنڌ
جي عرب گورنر عمران بن موسيٰ برمڪيءَ سال 836ع ۾
ٺهرايو هو.
آءٌ پنهنجي دعويٰ جي پٺڀرائيءَ لاءِ هيٺيان دليل ڏيندس:
دليل:
1. رني ڪوٽ جي ٻاهرين نانگ جهڙي ديوار مستطيل ٺلهن يا برجن ۾
ورڇيل آهي. اهو اڏاوت جو طريقو ڏهين صدي عيسويءَ
کان اڳ رائج هوندو هو. اهو ثابت ڪري ٿو ته ٽالپورن
اهو قلعو ڪونه ٺهرايو هو، پر اهو ڏهين صدي عيسويءَ
کان اڳ جو ٺهيل آهي.
2. چين جي وڏي ديوار ۽ رني ڪوٽ جي اڏاوت ۾ ڪي هڪجهڙايون آهن،
جيڪي ان جي قدامت کي ظاهر ڪن ٿيون. پراڻي زماني جي
اڏاوتن جا نقل پڻ پوءِ جي زماني ۾ ملن ٿا، جيئن
ڀنڀور جي کوٽائين مـان چيني ديوار جي اڏاوت جا
مثال مليا آهن، تنهنڪري اڏاوت جو اهو طريقو تمام
قديم زماني کان دنيا ۾ رائج هو، ۽ اهو ضروري ڪونهي
ته ديوار چين جي ٺهڻ واري زماني ۾ رني ڪوٽ به ٺهيو
هجي. البت اهو ڪنهن حد تائين ان جو نقل آهي، ڇو جو
دنيا ۾ قلعي جون اهڙيون ئي ديوارون ٺاهيون وينديون
هيون.
3. وڌاوڙا ۽ ڳڙکيون تير ڪمان سان جنگ ڪرڻ جي لاءِ آهن، جيڪي سنڌ
۾ عرب مسلم ڪاهه جي زماني جون آهن.
4. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته رني ڪوٽ سٿين ٺهرايو هو، پر منهنجي
خيال ۾ اهو غلط آهي، ڇاڪاڻ ته سٿين 100 - 200 ق.م.
۾ سنڌ ۾ آيا هئا. اهي حمله آور نه هئا، پر سنڌ ۾
هميشه رهڻ جي لاءِ آيا هئا. کين ڪنهن قلعي ٺهرائڻ
جي ضرورت نه هئي. ايتري قديم زماني جي ڪا به اهڙي
اڏاوت اسان جي ملڪ ۾ موجود ڪانهي، جيڪا رني ڪوٽ
وانگر سٺي حالت ۾ هجي، تنهنڪري اها حقيقت آهي ته
رني ڪوٽ سٿين ڪونه ٺهرايو هو، پر اهو پوءِ مسلم
عرب دور جو آهي.
5. قلعن جي اڏاوت جي فن کان هندو ناواقف هئا.
6. مسلمانن پهرين قلعي بنديءَ جي ڄاڻ حاصل ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته
قلعي جي ديوار جا بـُـرج ۽ ڪنگرا اسلامي نشان آهن
(مقبرن ۽ جاءِ مصلي جا). اهي نشان ظاهر ڪن ٿا ته
قلعن اڏڻ جو هنر پهرين مسلمانن ئي سکيو هو.
7. اوائلي دؤر جون اسلامي فوجون رومين جي ٺاهيل ڪيترن ئي قلعن
وٽان لنگهيون هيون. مسلمانن اهي قلعا غور سان ڏٺا
هئا، انهن کي فتح ڪيو هئائون، انهن ۾ رهيا هئا ۽
پوءِ انهن جي نمونن ۾ تبديليون ڪيون هيون. ان
سلسلي ۾ اميه خليفن جي محلن جا مثال اڳيان آهن.
8. مسلمانن کي دفاعي فن - تعمير جي اڳ ۾ ئي ڄاڻ هوندي هئي،
ڇاڪاڻ ته صليبي لڙاين ۾ دشمنن سان مقابلا ڪندي،
شام ۽ عراق جي سرحدن تي هنن رومي قلعا فتح ڪيا
هئا.
9. رني ڪوٽ اندر ميري قلعي ۾ جيڪي رهائشي گهرن جا هڪ ٻئي کان
جدا ٽي جوڙا آهن، انهن مان پردي جي رواج جي خبر
پوي ٿي. اهو ثبوت ڪافي آهي ته رني ڪوٽ اسلامي فن -
تعمير جو هڪ بهترين نمونو آهي.
10. رني ڪوٽ جي ديوار ۾ جيڪا چوياري جي بناوت ملي آهي ۽ رني ڪوٽ
جا جيڪي چار دروازا آهن، اهي ٻڌائن ٿا ته قلعو
مسلمانن ٺهرايو هو، جيڪي اسان جي پيغمبر
ﷺ
جن جي چئن خليفن جو احترام ڪندا هئا ۽ سندن تعلق
سـُـني فرقي سان هو، پر ٽالپور اسلام جي شيعه فرقي
مان هئا.
11. اندر مٿئين قلعي شير ڳڙهه جي هيٺان هڪ تمام وڏو قبرستان
آهي، جنهن ۾ مقبرا، مزارن جا لوحَ ۽ ڪي عام قبرون
ملن ٿيون. اسان کي خبر آهي ته مسلمان پنهنجي
مـُـردن کي دفن ڪندا آهن ۽ ڪن ديندار انسانن جي
قبرن تي مقبرا اڏيندا آهن. اها حقيقت ٻڌائي ٿي ته
رني ڪوٽ نه رڳو مسلمانن ٺهرايو هو، بلڪ اهي ات
رهندا به هئا.
12. اندر ننڍن قلعن جي نالن جهڙوڪ ميري ڪوٽ کي ڏسندي چئي سگهجي
ٿو ته اهو عرب اميرن جو قلعو هو. عرب سردار کي
”امير“ سڏيو ويندو آهي، تنهنڪري اهو قلعو عرب
حاڪمن جي رهائش جي لاءِ ٿي سگهي ٿو ۽ اميرن جو
قلعو سڏبو هو، جنهن کان پوءِ ان کي اميرن جو قلعو
سڏيو ويو، جنهن مان ڦري ميري قلعو ٿي پيو.
بهرحال انهن نالن ميري ڪوٽ، شير ڳڙهه قلعو، شاهپور دروازي
(ڏاکڻي دروازي) مان اسلامي خوبين جا اهڃاڻ ملن ٿا
۽ ثابت ڪن ٿا ته رني ڪوٽ اسلامي دور جي اڏاوت آهي.
اهي درجن کن دليل ۽ مٿي ڄاڻايل تاريخي حقيقتون ان ڳالهه کي مڃڻ
جي لاءِ ڪافي ثبوت آهن ته رني ڪوٽ جو قلعو اسلامي
اڏاوت آهي، جيڪو سن 836ع ۾ سنڌ جي عرب گورنر عمران
بن موسيٰ برمڪيءَ ٺهرايو هو.
پر هت سوال پيدا ٿئي ٿو ته اهي ڪتبخانا ۽ ڪتاب ڪٿي آهن، جتان ان
حقيقت جي تصديق ٿي سگهي؟
باهيون:
انهيءَ اهم سوال جو جواب هيءُ آهي ته پراڻو دفتر سمورو سڙي ويو
هو. ان ڏس ۾ آءٌ ڪي تاريخي مثال ڏيندس.
سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ کان پوءِ، عرب حمله آورن ۽ مڪاني ماڻهن جي
وچ ۾ جنگيون ۽ فساد شروع ٿي ويا هئا. عربن کان اڳ
سنڌ ۾ هندن جو راڄ هو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته مذهب
بدلائڻ جي سلسلي ۾ ماڻهن ۾ وڏا اختلاف پيدا ٿيا
هئا ۽ اها صورتحال تاريخ ۽ ادب جي لاءِ هاڃيڪار
ثابت ٿي هئي. انهن اختلافن جي ڪري نه رڳو شهرن کي
باهيون ڏنيون وينديون هيون، پر خاص ڪري هڪ ٻئي جي
ڪتبخانن کي ساڙيو ويندو هو. ان جي ڪري، مذهبي
ڪتابن سان گڏ پراڻي تاريخ ۽ ادب جا ڪتاب به سڙي رک
ٿي ويندا هئا. پراڻي زماني ۾ اڄ وانگر پريسون ڪونه
هونديون هيون. ڪتاب هٿ سان لکيا ويندا هئا ۽ اهڙن
قلمي ۽ قيمتي ڪتابن جو هڪڙو هڪڙو نسخو هوندو هو.
1025ع ۾ محمود غزنويءَ منصوره کي باهه ڏني هئي ۽ چيو وڃي ٿو ته
اتي جي مسجد ۾ قرآن شريف جا نسخا به سڙي ويا هئا.
ان مان پڌرو ٿئي ٿو ته ان باهه جي ڪري ڪا به شيءَ
سلامت نه بچي هئي. منصوره ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي
گاديءَ جو شهر هو، جنهن ۾ ڪتابن جا وڏا خزانا
ڪتبخانن ۾ محفوظ هئا، جيڪي ان افسوسناڪ واقعي جي
ڪري سڙي رک ٿي ويا.
اهڙيءَ ريت سن 1226ع ۾ خوارزم شاهه ديبل شهر کي باهه ڏني هئي.
هن سنڌ جي ٻين شهرن کي به ساڙيو هو. نيٺ چنگيز خان
جي پڙ پوٽي اچي خوارزم شاهه سان جنگ ڪئي هئي.
ساڳيءَ ريت شاه بيگ ۽ شاهه حسن 35 ورهين تائين سنڌ
کي تباهه ۽ برباد ڪيو. مغلن جي حڪومت واري دور ۾
هنن جا گورنر ۽ مڪاني ماڻهو هڪ ٻئي سان وڙهندا
رهيا، جنهنڪري سنڌ جا ڪيترائي شهر تباهه ٿي ويا
هئا. انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ شاهه گودڙئي جو هڪ تمام وڏو
ڪتبخانو هو، جنهن ۾ هڪ لک قيمتي ڪتاب هئا، ان وقت
جي مغل گورنر ساڙي ڇڏيو. سن 1740ع ۾ سنڌ جو شاهي
ڪتبخانو نادر شاهه پاڻ سان کڻي ويو. وري سن 1781ع
۾ مدد خان پٺاڻ سنڌ ۾ ڦرمار ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي
ڳوٺ ۽ شهر سڙي ويا هئا. انهيءَ خوفناڪ صورتحال ۾
سنڌ جا قيمتي ڪتبخانا ۽ پراڻا دفتر وقت بوقت سڙندا
۽ رک ٿيندا رهيا ۽ اسين پنهنجي پراڻي تاريخ ۽
تحريري مواد کان محروم ٿي وياسون، تنهنڪري اسانجن
موجوده ڪتبخانن ۾ رني ڪوٽ جهڙن پراڻن آثارن جي
باري ۾ ڪا به معلومات موجود ڪانهي. بهرحال آءٌ
پنهنجيءَ تحقيق جي روشنيءَ ۾ پوري اعتماد سان وري
به چوان ٿو ته اهو اسلامي فنِ تعمير جو بيمثال
نمونو آهي، جيڪو سن 836ع ۾ سنڌ جي گورنر عمران بن
موسيٰ برمڪيءَ ٺهرايو هو ته جيئن اتي فوجي ڇانوڻي
ٺاهي قلات جي انهن جتن ۽ ميدن جي بغاوت کي ٻنجو
ڏئي، جيڪي عربن جي خلاف هوندا هئا ۽ جدا جدا جابلو
لڪن مان سنڌ ۾ ايندا هئا.
بهرحال رني ڪوٽ سنڌين جي لاءِ فخر جو باعث آهي، جــو فــوجــي
انجنيئرنگ جو اهو بيمثال نمونو، عظيم الشان اڏاوت
۽ هڪ عجوبو ڪنهن زماني ۾ قديم سنڌ جي ماڻهن ئي
ٺاهيو هو.
تجويزون:
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته دنيا جي هن وڏي ۾ وڏي قلعي ڏانهن ڪڏهن
به ڌيان نه ڏنو ويو آهي. اسان کي گهرجي ته ان
تائين هڪ پڪو رستو ٺهرايون، ان جي مرامت ڪرائڻ جي
ڪوشش ڪريون، اتي ريسٽ هائوس ٺهرايون ۽ سيلانين جي
سک لاءِ سٺا انتظام ڪريون. هنن جي اچ وڃ، کاڌي
پيتي وغيره جو خاصو بندوبست ڪريون. اسان کي گهرجي
ته اسين پنهنجي قديم تهذيب جي انهن يادگارن جي
پوريءَ طرح سان حفاظت ڪريون، ڇاڪاڻ ته اهي تاريخي
شيون اسان سڀني لاءِ فخر جو باعث آهن.
حوالا
1. ”قديم سنڌ“ - ڀيرومل مهرچند آڏواڻي.
2. ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ - يوسف ميرڪ مير ابو القاسم
”نمڪين“ .
3. تاريخ معصومي - مير محمد معصوم
4. چچ نامه.
5. نئين زندگي رسالا.
6. Sindh Quarterly
7. مختلف اخبارون.
8. ملاقاتون.
------- |