سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ (رني ڪوٽ نمبر)

مضمون

صفحو :1

مهراڻ (رني ڪوٽ نمبر)

نفيس احمد شيخ

 

 

پيغام

گريٽ وال آف سنڌ - ”رني ڪوٽ“

سنڌ جي تاريخ هزارن ورهين تائين پکڙيل آهي. موهن جي دڙي، ڪوٽڏيجي، رني ڪوٽ، آمري، ٿرپارڪر ۽ ٻين علائقن ۾ اها تاريخ اڄ به اوهان کي ٽڙيل پکڙيل نظر ايندي. کيرٿر سنڌ جي اعليٰ تهذيب ۽ تمدن جو هڪ حصو آهي. کيرٿر جبل اصل ۾ ڪئنورائڪ دور جي ٽرسٽري زماني جي ٽڪر مان ٺهيل آهي، جنهن جي عمر ڌرتي علم جا ڄاڻو 5 لک ورهيه ٻڌائين ٿا. اهي جبل ڪنهن وقت سمنڊ جي اندر هئا. انهن جبلن جي وچ ۾ رني ڪوٽ جو قلعو به هزارين سال پراڻو آهي.

مون کي خوشي آهي ته سنڌ جي هن نرالي تاريخي مڪان ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي قلعي رني ڪوٽ بابت هڪ سيمينار سڏايو ويو آهي. دراصل هن تاريخي قلعي بابت سيمينار سڏائڻ جو فيصلو مون هڪ سال اڳ ڪيو هو، جيڪو هاڻ 30 - نومبر 2006ع تي رني ڪوٽ ۾ ٿي رهيو آهي.

منهنجي خواهش آهي ته رني ڪوٽ قلعي بابت ڀرپور تحقيق ٿئي، ان تي عالمانه پيپر لکيا وڃن ۽ سنڌ حڪومت اتي سياحن ۽ عالمن لاءِ عجائب گهر ۽ ريسٽ هائوس تعمير ڪرائي ته جيئن اتي ماڻهو چين جي ديوار وانگر ”گريٽ وال آف دي سنڌ“ کي به ڏسي سگهن. مون کي اها ڄاڻ آهي ته رني ڪوٽ بابت سڀ کان اول معلومات اسان کي مشهور انگريز سياح اليگزينڊر برنس ڏئي ٿو، جنهن سنه 1831ع کان اڳ اتان اُٺن تي لنگهندي قلعي کي ڏٺو هو، جنهن بعد ۾ پنهنجي جڳ مشهور ڪتابُ ”Travels into Bukhara and a voyage on the Indus“ ۾ رني ڪوٽ جو ذڪر  ڪيو. ان کان پوءِ سنڌ جي ٽالپر گهراڻي جي اميرن جو به اتي شڪار وغيره لاءِ وڃڻ ٿيندو هو. سنڌ جي آخري حڪمران مير محمد نصير خان ٽالپر جي فرزند هزهائينس مير حسن علي خان به پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو شاهنامو“ ۾ رني ڪوٽ جو ذڪر ڪيو آهي.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪرنل خواجه عبدالرشيد پهريون محقق هو، جنهن رني ڪوٽ تي انگريزيءَ ۾ مضمون لکي ماڻهن جو توجهه هن قلعي ڏانهن ڇڪرائي پنهنجو فرض نڀايو. سنه 1981ع ۾ سنڌ جي ان وقت جي گورنر ايس. ايم. عباسي رني ڪوٽ قلعي جي اندر پهريون ڀيرو هڪ سيمينار سڏائي ان جي صدارت ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ اٽڪل 25 سالن بعد هيءُ سيمينار ٿي رهيو آهي. مون پاڻ ڪيترا ڀيرا هيلي ڪاپٽر تي رني ڪوٽ جو فضائي جائزو ورتو آهي ۽ گذريل سال رني ڪوٽ ۾ وڃي قلعي جو معائنو ڪيو هو. پهرينءَ نظر ۾ ڏسڻ سان هي قلعو ”ديوار چين“ وانگر ٿو لڳي. 30 ڪلوميٽرن جي اندر پکڙيل ديوار 7777 ميٽر ۽ ٻي ديوار اٽڪل 3580 ميٽر آهي. ان کان سواءِ ”ميري ڪوٽ“ جي ڀرسان ”شيرڳڙهه“ جو قلعو، جيڪو 580 ميٽر اوچو آهي، اهو پڻ ڏسڻ وٽان آهي. منهنجي خيال ۾ هي هڪ رهائشي قلعو نه پر ڪنهن دور ۾ انتهائي دفاعي پوزيشن جي لحاظ کان جوڙايو ويو هوندو. قلعي کي ڏسڻ کان پوءِ قلعي ٺاهيندڙن جي مليٽري انجنيئرنگ جي ڪم جي داد ڏيڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي. قلعو ڪڏهن ٺهيو، ته انهيءَ سوال جو جواب ڏيڻ ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو دور ڪيترين ئي صدين تائين پکڙيل ٿي سگهي ٿو ۽ ان دور کي قبل مسيح تائين به وٺي وڃي سگهجي ٿو. ڪجهه عالم چون ٿا ته هي قلعو ساساني دور جو آهي. ڪي تاريخدان چون ٿا ته يونانين جي طرز تعمير آهي، جنهن جي بعد ۾ سنڌ جي ٽالپر گهراڻي جي حاڪم مير ڪرم علي سنه 1812ع ۾ مرمت ڪرائي هئي. ڪن محققن جو خيال آهي ته هيءُ قلعو سنه 836 هجريءَ ۾ سنڌ جي عرب گورنر عمران بن موسيٰ برمڪيءَ جوڙايو هو. بهرحال اهو سمورو موضوع تحقيق طلب آهي. هن وقت ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته قلعي جي سارسنڀال لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺڻ گهرجن ۽ ان لاءِ مون ڪلچر ۽ آرڪيالاجي کاتن کي سختيءَ سان هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن قلعي بابت ماضيءَ ۾ ايتري تحقيق ڇو نه ڪئي ويئي جو اڄ اسين ان جي مڪمل تاريخ مان ڄاڻ نه پيا حاصل ڪري سگهون، ته ان جي جواب ڳولڻ وارو ڪم تاريخ نويسن ۽ محققن  جو آهي. منهنجي دلي تمنا آهي ته رني ڪوٽ تي گهڻي تحقيق ٿئي ۽ اهو تاريخ جي نظرانداز ٿيل دَورن مان نڪري نروار ٿي، عوام جي آڏو اچي سگهي. اهوئي سبب آهي جو مون سنڌي ادبي بورڊ جي وائيس چيئرمين مسٽر مدد علي سنڌيءَ کي هدايت ڪئي ته نه رڳو رني ڪوٽ، پر گورک، ڪوٽڏجي، حيدرآباد ۽ نئين ڪوٽ جي قلعن بابت سيمينار ڪرايا وڃن، بلڪ سنڌ جي تاريخ تي هڪ ”انٽرنيشنل سيمينار“ ڪراچيءَ ۾ سڏايو وڃي. مون اها به هدايت ڪئي ته ٽماهي ”مهراڻ“ جو ”رني ڪوٽ نمبر“ ٻيهر ڇپرائي پڌرو ڪيو وڃي، جيڪو ڪيترا سال  اڳ شايع ٿيڻ سبب ناپيد آهي. مون کي اميد آهي ته اِنهيءَ رني ڪوٽ نمبر ۾ شايع ٿيل مقالا رني ڪوٽ جي تاريخ بابت ڪجهه ڄاڻ ڏيئي سگهندا. مون کي اميد آهي ته 30- نومبر 2006ع تي رٿيل رني ڪوٽ سيمينار ۾ پڙهيل مقالن ۽ ان کان پوءِ ٿيندڙ تحقيق کي سنڌي ادبي بورڊ طرفان انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شايع ڪرايو ويندو ته جيئن سنڌ جي اوجهل ٿيل شاندار  تاريخ ۽ تمدن عام آڏو ظاهر ٿي سگهي.

منهنجون نيڪ تمنائون اوهان سڀني سان شامل رهنديون.

 

(ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم وزيراعليٰ سنڌ)

 

 

 

 

پيغام

 سنڌ ۾ جيڪي وڌ کان وڌ صحيح سلامت حالت ۾ ڪوٽ ۽ قلعا موجود آهن، تن مان ”رني ڪوٽ“ جي قلعي جي هڪ مکيه ۽ منفرد حيثيت آهي.

هيءُ قلعو ڄام شوري ضلعي ۾ سـَـن جي تاريخي ماڳ جي اولهه ۾ کيرٿر جبلن ۾ واقع آهي، جيڪو هڪ نظر ڏسڻ سان ”چين جي ديوار“ جي ڏِکَ ڏئي ٿو.

”رني ڪوٽ“ جي قدامت جي باري ۾ محققن جي مختلف راين اڃا ڪو متفقه نتيجو پيدا ڪونه ڪيو آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي، ته هن قلعي بابت آثار قديمه کاتي طرفان باضابطا طور تي اڃا جديد سائنٽيفڪ تحقيق جو ڪوبه ڪم هٿ ۾ ڪونه کنيو ويو آهي، جيڪو سندن فرائض جو حصو آهي ۽ جنهن جي ادائگي گهڻو اڳ ۾ ٿيڻ کپندي هئي.

 ”رني ڪوٽ“ جي محل وقوع کي غور سان جاچڻ کان پوءِ هڪ خاص نقطو ذهن ۾ اهو اچي ٿو ته ”رني ڪوٽ“ اصل ۾ هڪ ديوار يا ٻاهرئين مضبوط روڪ آهي. قلعا ته الڳ سان جـُـڙيل آهن، جي ”ميري ڪوٽ“ ۽ ”شير ڳڙهه“ جي نالن سان سڏجن ٿا ۽ رني ڪوٽ جي مجموعي جاگرافيائي حدن جي اندر واقع آهن ۽ قلعي جي بنيادي وصف تي پورا به لهن ٿا.

منهنجي خيال ۾ رني ڪوٽ پنهنجي ساخت ۽ مجموعي ڏيک جي حوالي سان، ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جي اچڻ کان اڳ واري تعميرات آهي، جنهن کي (Pre-Muslim period) چيو وڃي ٿو. هڪ گمان اهو آهي ته حضرت عيسيٰ عليـہ السلام کان اڳ ۾ سنڌ جڏهن ايران جي وسيع و عريض ”هفت اقليم“ ۾ شامل هئي، تڏهن ان دور جي سلطانن (غالبا= داريوس ڪبير) پنهنجي عظيم شهنشاهت جي اوڀارئين سرحد تي اها تعميرات ڪرائي. ان ڏس ۾ بهرحال اهو موضوع هڪ جامع ۽ پيرائتي جديد تحقيق جي تقاضا ڪري ٿو.

”رني ڪوٽ“ به سنڌ جي ٻين قديم آثارن وانگر نڌڻڪائيءَ جو شڪار رهيو آهي، جو پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ وفاقي محڪمه آثار قديمه سنڌ جي تاريخي ماڳن سان هميشه ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ قائم ڪيو ۽ جيڪو اڄ به ساڳي روايت سان قائم آهي. ان بي ڌيانيءَ جو آءٌ هڪ ڏکوئيندڙ مثال اهو به ڏئي سگهان ٿي ته ”ڀنڀور“ جو اُهو تاريخي ماڳ - جتان مسلمانن جي آمد سان پوري ڏکڻ ايشيا ۾ اسلام جي روشنيءَ جي ڦهلجڻ جي ابتدا ٿي - اڄ به اُتي بجليءَ جي ڪا سهوليت ڪانه آهي! ڀنڀور اوندهه ۾ ٻـُـڏل آهي!

سنڌ جي ادب ذوق وزير اعليٰ محترم ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم کي جس هجي، جنهن رني ڪوٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سيمينار جو انتظام ڪيو آهي، جنهن جي رٿابنديءَ ۾ اسان جي سنڌي ادبي بورڊ جي وائيس چيئرمن مسٽر مدد علي سنڌيءَ جي سرگرمي شامل آهي، ۽ خاص طرح سان ٽماهي ”مهراڻ“ جو اُهو ”رني ڪوٽ نمبر“ دوباره شايع ٿي رهيو آهي، جيڪو هن موضوع تي هڪ ”بنيادي ماخذ“ جي حيثيت رکي ٿو ۽ گذريل 25 ورهين کان وٺي محققن ۽ پڙهندڙن لاءِ مطلوب هو.

 

سنڌ سيڪريٽريٽ - 2

ڪراچي

23 - نومبر 2006ع

ڊاڪٽر حميده کهڙو

چيئرپرسن

سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

 

 

 

پيغام

”رني ڪوٽ“ کي تاريخدانن ”دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو“ ڪوٺيو آهي. ان نظريي جو خالق مشهور محقق ڪرنل خواجه عبدالرشيد آهي، جيڪو سنڌ جي جڳ مشهور هاڪاري مؤرخ ۽ وطن دوست دانشور پير حسام الدين راشديءَ جو گهرو گهاٽو دوست هو ۽ پير صاحب سان گڏجي 1965ع ڌاري رني ڪوٽ جي معائني ۽ تحقيق جو آيو. ڪرنل رشيد انگريزيءَ ۾ مضمون لکي اها راءِ قائم ڪئي ۽ سندس اهو ئي مقالو اڳتي هلي سمورن محققن لاءِ ان علمي موضوع تي ڪم ڪرڻ جو سبب بنيو. ڪرنل پنهنجي تحقيق ۾ ان قلعي جي قدامت مسلم دَور کان اڳ جي قرار ڏني آهي.

ٻئي طرف، بعد جي تحقيقات مان ان قلعي جي تعميرات کي ”ٽالپري دور“ سان منسوب ڪيو ويو ۽ ان جو معمار نواب ولي محمد خان لغاريءَ کي قرار ڏنو ويو. انهيءَ نظريي جو خالق، سنڌ جو جڳ پرسـُـڌ تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي، جنهن پنهنجي تحقيق ۾ ڪافي وزندار دليل ڏنا آهن.

مٿين ٻنهي مختلف نظرين جي حوالي سان قلعي جي قدامت بابت اڃا ڪوبه واضح ۽ متفقه نقطهِّ نظر سامهون اچي ڪونه سگهيو آهي، جيڪو سڀني وٽ قابل قبول هجي.

ان ڏس ۾ قديم آثارن واري محڪمي کي سائنسي تحقيق جي بنياد تي قلعي جي قدامت جو تعين ڪرڻ کپي ۽ سرڪاري پڌرائي طور ان اهم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ کپن.

حڪومت پاڪستان جي قديم آثارن واري کاتي، بدقسمتيءَ سان سنڌ جي تاريخي آثارن تي جوڳو ڌيان نه پئي ڏنو آهي. نه انهن تي تحقيق جو خاطر خواهه انتظام ڪيو آهي ۽ نه وري انهن جي سنڀال ۽ مرمت لاءِ بندوبست ڪيو آهي، جو اطمينان بخش هجي. سنڌ وارن جي محڪمي سان اها معقول شڪايت شروع کان وٺي جاري آهي. رني ڪوٽ جو قلعو پڻ قديم آثارن واري کاتي جي بي ڌيانيءَ سبب تحقيق جي اڻهوند سان گڏ مناسب سارسنڀال کان محروم رهندو ٿو اچي.

سنڌ جي علم دوست وزيراعليٰ جناب ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سنڌ جي قديم آثارن تي تحقيق ۽ انهن جي نگهداشت لاءِ جوڳو ڌيان ڏيندي، ڪجهه مهينا اڳ سکر ڀرسان ”لاکين جي دڙي“ جو دورو ڪيو، جنهن مان لڌل آثار موهن جي دڙي جي تهذيب جا همعصر قرار ڏنا ويا آهن. صاحب موصوف ”لاکين جي دڙي“ جي کوٽايل ماڳ ۾ گهڻي دلچسپي ورتي ۽ انهن جي تحفظ لاءِ واسطيدارن کي هدايتون ڏنيون.

وزير اعليٰ سنڌ جي هدايتن تي هاڻي ”رني ڪوٽ“ تي تحقيق لاءِ سيمينار ڪرائڻ لاءِ رٿا جوڙي ويئي آهي، جنهن وسيلي سنڌ جي ان اهم ۽ منفرد تهذيبي ماڳ تي تحقيق سان گڏ ان جي تحفظ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا. انهن تحقيقي ۽ علمي ڪمن ۾ هميشه وانگر سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي سهڪار ۾ ڪڏهن به پٺتي نه پوندو.

”مهراڻ“ جي ”رني ڪوٽ نمبر“ جي ٻيهر اشاعت ان پس منظر ۾، موضوع جي مناسبت سان اميد ته نيڪ فال ثابت ٿيندي.

 

سي.ايم. هائوس

ڪراچي

22- نومبر 2006ع

مدد علي سنڌي

 وائيس چيئرمين - سنڌي ادبي بورڊ

۽ چيئرمين - رني ڪوٽ سيمينار ڪميٽي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com