سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ (رني ڪوٽ نمبر)

مضمون

صفحو :17

 

علي احمد بروهي

رني ڪوٽ

سنڌ جي سرزمين قديم زماني کان اڻڳڻت جنگين جو ميدان پئي رهي آهي. ڪاهه ڪندڙ قومون ۽ قبيلا اڪثر ڪري وچ ايشيائي ملڪن ۽ ايران کان آيا ۽ پهاڙي لڪ پار ڪري، سنڌو ماٿريءَ جي علائقن ۾ داخل ٿيا. سائرس ۽ دارا جا لشڪر به انهيءَ لنگهه کان اچي سنڌ ۽ گنڌارا فتح ڪري، پنهنجي سلطنت سان شامل ڪيائون. سڪندر اعظم ۽ باختري يوناني به ساڳي واٽ وٺي آيا. سٿين، ڪشان، ترڪ ۽ تاتاري قومن جي داخلا به انهيءَ دڳ وسيلي عمل ۾ آئي.

سنڌو سڀيتا جي شهرن جو دجله ۽ فرات وارن ملڪن سان واپار ڏکڻ بلوچستان جي قافلي واري راهه سان هلندڙ هو، جنهن جو گذر ڪيچ ماٿريءَ کان هو. سنڌو ماٿريءَ جي ميداني علائقن ۽ ايران وچ ۾ تجارتي قافلن جي آمد رفت به ڪيچ مڪران رستي هئي. عيسوي نائين صديءَ ڌاري مسلمانن جي ڪاهن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ عرب لشڪر جي عراق کان سنڌ ۾ آمد به ڪيچ ۽ لسٻيلي کان ٿي، جو دڳ، سڪندر اعظم سنڌ کان موٽ کائيندي ۽ سسئيءَ، پنهونءَ جو پيرو کڻندي اختيار ڪيو هو.

لشڪرن جي يلغار ۽ وحشي قبيلن جي لڏ پلاڻ ڪارڻ تجارتي رستن جي سلامتيءَ ۽ قافلن جي حفاظت لاءِ قلعن جي اڏاوت لازمي سمجهي وئي. اهو ئي سبب هو، جو ايشيا کنڊ جي هر ننڍي وڏي شهر کي  ”عالم پناهه“  ڏنل هوندي هئي، جنهن اندر ڪوٽ جي رکواليءَ لاءِ جنگجو سپاهي موجود رهندا هئا. سنڌ جي شهرن کي حفاظت جي لحاظ کان قلعن جي اڃا به وڌيڪ ضرورت درپيش هئي، ڇاڪاڻ ته سنڌ، سواءِ ٿر ۽ ڪوهستان جي، سڄو سارو ميداني علائقو آهي، جنهن جا اڪثر شهر چن پٿر تي اڏيل هئا. سڪندر اعظم جي سنڌ تي ڪاهه واري تاريخ، توڻي چچنامي ۾ اهڙن قلعن هئڻ جو ذڪر ڄاڻايل آهي. عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ واري دؤر ۾ ديبل، نيرون ڪوٽ، بهمڻ آباد، سدوستان ۽ اروڙ سنڌ جا مشهور قلعا هئا.

 قلعن جي اڏاوت سندن خاص مقصد مطابق ڪئي ويندي هئي. اڪثر قلعا شهرن ۽ شهرواسين جي بچاءَ لاءِ ٺاهيا ويندا هئا ۽ غنيم جي حملي وقت دروازا بند ڪري، ڪوٽ جي ديوارن کان دشمن جو مقابلو ڪيو  ويندو هو. قافلا سراين، تجارتي مرڪزن ۽ بندرن جي حفاظت لاءِ پڻ قلعا ضروري سمجهيا ويندا هئا. عرب حاڪم پنهنجي قبضي ۾ آيل شهرن ۾ ذاتي رهائش لاءِ پڻ قلعا اڏائيندا هئا. ڪي ملڪي حڪمران ڏکئي وقت لاءِ بچاءَ ۽ خزاني جي حفاظت لاءِ سلامتيءَ وارن هنڌن تي قلعا تعمير ڪرائيندا هئا. ملڪي سرحدن تي فوجي چونڪين جي بچاءَ خاطر ۽ حمله آور لشڪر جي پيش قدميءَ جي وقتائتي اطلاع يا سرحدن جي نظرداريءَ لاءِ پڻ قلعا لازمي سمجهيا ويندا هئا.

قلعن جو اڏاوتي فن ۽ طريقا الڳ الڳ هئا، پر ڪي خاص ڳالهيون هڪجهڙيون هونديون هيون، جيئن ته پاڻيءَ جي موجودگيءَ لاءِ کوهه، تلاءَ يا زير زمين واهين جو هئڻ، کاڌ خوراڪي شين ۽ اناج لاءِ گدام، محافظ لشڪر لاءِ رهائشي ڪوارٽر، قلعي جي ديوارن تي اچ وڃ لاءِ لنگهه ۽ تير اندازي يا گوليمار لاءِ برج، مارا ۽ چبوترا، در ۽ ديوارين جي حفاظت لاءِ کاهيون، سرنگيون ۽ بچاءَ بند وغيره. سنڌ اندر قلعن جي عمارتي اڏاوت ٽن قسمن جي هوندي هئي: ڪچا يا اوڏڪي طرز جا ٺهيل ڪوٽ، جيئن عمر ڪوٽ ۽ نئون ڪوٽ. پڪ سرا، جن جي اوساري پڪين سرن جي هئي، جيئن ته ڪوٽ ڏيجي ۽ ڪلا ڪوٽ. پاهڻي ڪوٽ، جيئن منهوڙو ۽ رني ڪوٽ.

رني ڪوٽ:

رني ڪوٽ نه فقط ڀيانڪ پهاڙي علائقي ۾ واقع آهي، پر پهاڙن جي بلندين تي اڏيل آهي ۽ سمورو ڪوٽ پهڻن جو ٺهيل آهي. ڪوٽ اٽڪل ارڙهن چورس ميل ايراضيءَ تي ڦهليل آهي ۽ سندس بيهڪ مستطيل شڪل ۾ آهي، جنهن جي ڊيگهه ساڍا پنج ۽ ويڪر ساڍا ٽي کن ميل ٿيندي. ڪوٽ جي اتر - اولهه ڪنڊ کان ڏکڻ - اوڀر ڪنڊ تائين آرپار هڪ قديم باراني نئن وهندڙ آهي، جا عام طور مهاڙي ۽ پڇاڙيءَ ۾ خشڪ آهي، باقي ڪوٽ اندر تلاءَ جي شڪل ۾ موجود رهي ٿي. مينهوڳيءَ ۾ سندس روپ خطرناڪ صورت اختيار ڪندڙ آهي. هن نئن جا ٽي الڳ الڳ نالا آهن. قلعي اندر داخل ٿيڻ واري حصي کي  ”نئن موئن“ ، قلعي جي اندر واري وهڪري کي  ”نئن رَنِ“   ۽ قلعي کان ٻـاهر سنڌو درياءَ تائين کيس  ”نئن سـَـنُ“  سڏيو وڃي ٿو. نئن جي ٻـنهي ڪنارن واري رخ ۾ ڪيئي پهاڙي چوٽيون آهن، جن ۾ ڪن جي اوچائي ست سؤ کان هزار فوٽن تائين آهي. قلعي جون ديوارون پهاڙي پٺن تي اڏيل آهن، جي چوٽين تي پهچي، ننڍن قلعن سان دنگ ڪن ٿيون. ڪوٽ جي چئني طرف پهاڙي بلنديءَ تي اهڙا چار قلعا تعمير ٿيل آهن، جن ۾ سڀ کان اوچو قلعو  ”شير ڳرهه“  آهي، جو سمنڊ جي سطح کان اٽڪل ٻن هزارن فوٽن اوچائيءَ تي تعمير ٿيل آهي. ٻئي نمبر ۾  ”موئن ڪوٽ“ ، جو الهندي رخ ۾ آهي، باقي آمري ڪوٽ ۽ شاهه پير ڪوٽ اتر ۽ ڏکڻ ۾ موئن ڪوٽ واري ليول تي بيٺل آهن. شير ڳڙهه جي ويجهڙائيءَ ۾ اٽڪل روءِ رني ڪوٽ جي مرڪزي حصي ۾ هڪ ٻيو مضبوط ڪوٽ اڏيل آهي، جنهن کي  ”ميري“  سڏيو وڃي ٿو، جو البت ٻين ڪوٽن جي ڀيٽ ۾ هيٺاهينءَ تي آهي.

رني ڪوٽ اندر داخلا لاءِ چار دروازا آهن، جن کي سـَـنُ دروازو، شاهه پير، آمري ۽ موئن ڪوٽ يا پئوڙي در سڏيو وڃي ٿو. انهن دروازن لڳ ديوارين جي مهڙ ۾ پٿر جا شاهي ٺلهه ٺهيل آهن، جن جي اوساريءَ ۾ جنگشاهي پهاڙن جا پيلاڻ مائل رنگ جا گهڙيل پٿر ڪتب آيل آهن، جيڪي ٻاهران آندل ٿا ڏسجن. باقي ديوارن جي اڏاوت مقامي پٿر جي ٿيل آهي. چار ديواريءَ کي مضبوط رکڻ لاءِ هر اڌ فرلانگ مفاصلي تي گول بـُـرج تعمير ڪيل آهن. ديوارين جي ويڪر چئن کان ڇهن فوٽن تائين آهي، جنهن وچ ۾ ڏاڪا ٺهيل آهن، جن وسيلي چوٽيءَ وارن قلعن ڏانهن پڻ اچ وڃ ڪري ٿي سگهجي. ديوارن جي وچ ۾ آمدرفت جي رستن کان علاوه ڳڙکيون ۽ مارا ٺاهيل آهن، جن وسيلي ٻاهر بيٺل دشمن تي تير يا گولين جا وسڪارا ڪري ٿا سگهجن ۽ ساڳئي وقت مارو ڪندڙ سپاهي محفوظ به رهي ٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته ديوارن جي اوٽ ۾ ٻاهرين جي نظر کان لڪل ٿا رهن.

ڪوٽ جا لنگهه يا دروازا اهڙي ته ڪاريگريءَ سان پوشيده رکيا ويا آهن، جو ڪنهن اوپري ماڻهوءَ لاءِ انهن تائين پهچڻ ئي اڻانگو ٿيو پوي. قلعي ۾ فقط هڪ خامي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اها هي آهي ته نئن جا ٻئي منهن کليل آهن ۽ خشڪساليءَ ۾ دشمن جي داخل ٿيڻ لاءِ آسان رستا آهن، توڻي جو گول برجن جي ويجهڙائيءَ سبب دشمن جو قلعي اندر اچڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ممڪن آهي ته قلعي جي تعمير وقت اهڙو جوڳو بندوبست ضرور ٿيل هوندو، جنهنـڪري نئن جي مهاڙي يا پڇاڙيءَ کان داخلا اڻ ٿيڻي هجي، پر اهڙا آثار ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن. ٿي سگهي ٿو ته انهن هنڌن مٿان ڪا اڏاوت هئي، جا پوءِ لڙهي ويل هجي.

ميري قلعو

رني ڪوٽ جي مرڪزي قلعي کي  ”ميري“  قلعو سڏيو وڃي ٿو، جو هڪ الڳ ۽ لاٺيري ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي ۽ ڪوٽ جي چؤديوارن سان سندس ڪو لاڳاپو ڪونه آهي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته هن قلعي جي جڳهه جي چونڊ ڪنهن خالص فوجي حڪمت عمليءَ مطابق ڪيل آهي، ڇاڪاڻ ته رني ڪوٽ جي اٿاهه اراضيءَ ۾ هي واحد هنڌ آهي، جتي سڀئي بلنديءَ واري قلعا نظر اچن ٿا. رني ڪوٽ تي اوچتي حملي جي صورت ۾ ميريءَ ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڪوٽ جي هر ڪنڊ واري قلعي کان اشارن يا روشنيءَ وسيلي اک ڇنڀ ۾ خبردار ڪري ٿو سگهجي. ان کان سواءِ توڻي جو ميري  ”نئن“  جي ويجهڙائيءَ ۾ تعمير ٿيل آهي، جتي پاڻي دائمي طور موجود رهي ٿو، تڏهن به ڪوٽ اندر هڪ شاهي کوهه الڳ کوٽيل آهي.  ”ميري“  ڏهاڪو کن ايڪڙ اراضيءَ تي پکڙيل آهي، جنهن جون ديوارون ويهارو فوٽ اوچيون آهن ۽ سندس مهاڙي ۾ پوشيده لنگهه ٺهيل آهي، جنهن جي اڳياڙي هڪ جدا ديوار سان محفوظ ٿيل آهي.  ”ميريءَ“  جي اندر اراضي درجن کن حصن ۾ ورهايل آهي، جي رهائشي جايون ٿيون ڏسڻ ۾ اچن، حالانڪه مٿن ڪو ڍڪ يا ڇتيون تعمير ٿيل نه آهن. ؟ ”ميريءَ“  جي وچ ڌاري هڪ تازه ٺهيل عمارت آهي، جا چاليهه سال اڳ دادو ضلع ڪائونسل طرفان مهمان خاني طور تعمير ڪرايل هئي. هن هنڌ پهچ لاءِ تازو هڪ ڪچو پڪو  ”جيپ“  جو رستو به مڪاني ڪائونسل پاران تيار ڪرايو ويو آهي، جو سـَـنَ دروازي کان شروع ٿئي ٿو.

ميري لفظ  ”مير“  مان نڪتل آهي، جنهن جي اصلي معنيٰ آهي جبل جي چوٽي. هي اکر هميشہ کان مختلف قبيلن جي سردارن لاءِ استعمال پئي ٿيندو آيو آهي. بلوچ ۽ بروهي قبيلن جي سردارن کي مير چيو ويندو آهي، جئن ٻين قومي سربراهن کي ڄام، ملڪ، ارباب يا راڻو سڏيو ويندو آهي. قلات جي خان واري قلعي کي به  ”ميري“  ڪوٺيو ٿو وڃي. هن قلعي جو  ”ميري“  نالو هئڻ اڪيلو ثبوت آهي ته رني ڪوٽ ٽالپرن، ميرن يا ته تعمير ڪرايو هو يا مرمت ڪرائي هئي يا وري ان ۾ ڪجهه عرصي لاءِ رهائش اختيار ڪئي هوندي.

موئن ڪوٽ:

هي قلعو رني ڪوٽ جي اولهه ۾  ”موئن نئن“  جي ڪپر تي بيٺل آهي. قلعي جي اڏاوت ٻين قلعن جي ڀيٽ ۾ اعليٰ درجي جي آهي، جيڪا پراڻي دور جي ڏسڻ ۾ ٿي اچي. هي قلعو پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تي تعمير ٿيل آهي، جو موئن نئن کان ٽي چار سؤ فوٽ بلنديءَ تي آهي. قلعي جي چوٽيءَ تي هڪ خوبصورت ۽ ڪشادو هال ٺهيل آهي، جنهن جي ماپ اٽڪل طور 180 فوٽ، ڊيگهه ۽ ويڪر 90 فوٽ ٿيندي. قلعي جي ديوار لڳ اندرين حصي تي ڏاڪڻ جي فرشبندي ٿيل آهي.

حيرت هي آهي جو هن قلعي کي  ”موئن ڪوٽ“  سڏيو ٿو وڃي ۽ سنڌ جي پراڻن نقشن ۾ به ساڳي نالي سان ڄاڻايل آهي جي، نقشا انگريزي راڄ جي شروعاتي دور ۾ انگريز سرويرن ٺاهيا هئا. مشهور انگريز سيلاني چارلس ميسن، جنهن پاڻ قافلن وسيلي سنڌ جو سفر ڪيو هو ۽ رني ڪوٽ ۾ رات گذاري هئائين، تنهن پنهنجي ڪتاب (Narrative of Travels) ۾ هن قلعي کي  ”هندو ڪوٽ“  ڄاڻايو آهي. سندس سفر جو احوال ڊاڪٽر ڊيواٽ پنهنجي ڪتاب  ”سيوهڻ“  ۾ ڇاپيو آهي، جنهن ۾ مضمون سان گڏ سفر جو نقشو پڻ شايع ڪيو اٿائين. نقشي ۾ رني ڪوٽ واري هنڌ کي  ”هندو ڪوٽ“  ڄاڻايو اٿس.  ”ميسن“  سفر نامي ۾ ڄاڻائي ٿو ته:

 ”منهن اونداهي ڌاري ساڄي پاسي کان هڪ قبرستان وٽان گذر ٿيو. اتان ٿورو پرڀرو هڪ پراڻي عمارت  ”موئن ڪوٽ“  جي کنڊر وٽ ترسياسين. منهنـجي پٺاڻ ساٿين جي خيال مطابق اهو هڪ قلعو هو. ان جي شڪل چورس هئي ۽ ڪنڊن تي ٺل هيس. ان عمارتسازيءَ جي ڍنگ ۾ ڪي خوبيون هيون، جن ۾ مون کي گمان ٿيو ته اها عبادت جي ڪا قديم عمارت هئي.“

ميري ۽ مير:

سنڌ گزيٽيئر مطابق  ”رني - ڪا-ڪوٽ“  مير ڪرم علي خان ٽالپور ۽ سندس ڀاءُ مير مراد علي ٽالپور سن 1812ع ڌاري ٻارنهن لک رپين جي خرچ سان تعمير ڪرايو هو. ان جي اڏاوت جو مقصد ٻاهرين حملي جي صورت ۾ هڪ مضبوط  ”جاءِ پناهه“  تيار رکڻ هو. اها هڪ حقيقت آهي ته ٽالپور اميرن کي اهڙي هڪ سلامتي واري ماڳ جي تلاش ضرور هئي، ڇاڪاڻ ته ٽي سال اڳ هڪ اهڙو افسوسناڪ واقعو پيش آيل هو، جنهن ۾ ڪلهوڙي حڪمران ميان نور محمد کي نادر شاهه افشار جي اوچتي حملي، ڪري گرفتار ٿي کيس خوار ٿيڻو پيو، ان ڪري هي ممڪن آهي ته  ”ميريءَ وارو قلعو“  ٽالپرن تعمير ڪرايو هجي يا اڳوڻي قلعي جي مرمت ڪرائي هجي. پر ميرن واري تعمير ڪرايل قلعي متعلق تاريخ ۾ ڪجهه ٻيا اهڃاڻ به موجود آهن، جي هن طور آهن:

دانا منارا:

ڊاڪٽر لالر هڪ انگريز سـَـرجنُ هو، جنهن کي 1858ع ڌاري پهاڙن ۾  ”سئنيٽوريم“  جي تعمير لاءِ مناسب جڳهه ڳولڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر لالر پنهنجي سر کيرٿر جي پهاڙي علائقي ۾ دورو ڪري 1860ع ۾ هڪ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن جو حوالو لاڙڪاڻو گزيٽيئر جي صفحي 7 تي ڏنل آهي. ڄاڻائي ٿو ته:

 ”ضلعي عملدارن کي دانا منارن واري جاءِ جي ڪا ڄاڻ نه آهي. هي هنڌ هالار ٽڪرن جي وچ ۾ آهي، جتي ڪنهن قسمت جي چڪر ۾ اچي ٽالپرن پناهه ورتي ۽ هتي هنن قلعو پڻ ٺهرايو هو يا اهڙي ڪوشش جي شروعات ڪئي هئي. هنن هالار پهاڙيءَ تي توبون رکڻ لاءِ منارا به اڏايا هئـا ۽ انهن کي دانا منارا سڏيو ٿو وڃي.“

ڊاڪٽر لالر جي بيان مطابق هي جڳهه ميهڙ شهر جي اولهه رخ ۾ پنجاه ميل مفاصلي تي  ”ڪڪريجا“  ماڳ لڳ آهي.

ٻيو رني ڪوٽ:

اين.اي.ڊي. ڪاليج جي پروفيسر پٿاوالا، رني ڪوٽ جو هنڌ جوهي تعلقي ۾ سيوهڻ کان پنجاهه ميل مٿڀرو کيرٿر جبلن ۾ ڄاڻايو آهي. پنهنجي ڪتاب  ”جاگرافيائي تحقيق“  جي جلد اول واري هڪ نقشي ۾ (نمبر 4) رني ڪوٽ ڏيکاريل آهي، جو هاڻوڪي سـَـن واري رني ڪوٽ کان پنجاهه سٺ ميل پرڀرو پهاڙن ۾ واقع آهي.

دلوراءِ جو ڪوٽ:

اڃا به سنڌ جي هڪ ٻـئي نقشي ۾، جو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پاران 1951ع ۾ ڇاپيو ويو، تنهن ۾ رني ڪوٽ نمبر 2 واري جڳهه تي  ”دلوراءِ جو ڪوٽ“  ڏيکاريل آهي. ياد رهي ته پروفيسر پٿاوالا وارو رني ڪوٽ، ڊاڪٽر لالر وارا دانا منارا ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي نقشي ۾ ڄاڻايل دلوراءِ جو ڪوٽ، سڀئي اهڃاڻ ساڳئي هنڌ سان واسطو رکندڙ آهن، جو ماڳ کيرٿر پهاڙن ۾ هالار ٽڪريءَ تي  ”ڪڪريجا“  وٽ آهي، ۽ نه رني ڪوٽ، جي سن کان چوڏهن ميل مفاصلي تي واقع آهي. وڌيڪ ثبوت هن ڳالهه ۾ ظاهر آهي جو ٽالپرن پنهنجي تعمير ڪرايل قلعي کي رد ڪرڻ جو سبب هي ظاهر ڪيو هو ته  ”نئن جي رخ بدلائڻ ڪري اتي پاڻيءَ جي اڻاٺ هئي.“  اهو بيان دلوراءِ واري ڪوٽ سان ٺهڪي ٿو اچي ۽ نه رني ڪوٽ سان. ڇاڪاڻ ته نئن رنيءَ لاءِ رخ ڦيرائڻ ناممڪن آهي، جيئن ته هو بلند پهاڙن وچ ۾ جڪڙيل آهي ۽ کيس ٻي ڪا واهه آهي ئي ڪانه. نه وري پاڻيءَ جي غير موجودگيءَ جو ڪو هتي سوال پيدا ٿو ٿئي، جيئن ته هتي زير زمين نهر کان علاوه پهاڙي چشمن جو پاڻي دائمي طور موجود رهي ٿو.

مشاهدا ۽ ويچار:

گذريل ويهارو ورهين جي مدت ۾ هن شاندار قلعي کي ڏسڻ جا مون کي ڪيئي موقعا نصيب ٿيا آهن. آءٌ هر سال ٻه ٽي ڀيرا هتي جا چڪر پئي هڻندو رهيو آهيان. هن ڪوٽ جي فلم ٺاهڻ جي سلسلي ۾ ٻه ٽي ڏينهن سانده به هتي رهيو آهيان. اٺن ۽ گهوڙن جي سواريءَ وسيلي ڪوٽ جي اندر ٻاهر گهڻي جاچ پڙتال به ڪئي اٿم، پر قلعي جا ٽي حصا به مشڪل سان ڏسي سگهيو آهيان. في الحال سردست مون لاءِ هي محال آهي ته رني ڪوٽ جي اسرار جو صحيح احوال پيش ڪري سگهان، ڇاڪاڻ ته آءٌ نه تاريخدان آهيان ۽ نه آثار قديمه جو ماهر، يا جاگرافيدان، پر ايتري هام ضرور ڀري ٿو سگهان ته مون هن قلعي کي نهايت باريڪ بينيءَ سان جاچيو آهي ۽ سندس متعلق تاريخن ۾ حوالن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. پنهنجي ذاتي مشاهدي جي آڌار تي جنهن نتيجي تي پهتو آهيان اهو هن ريت آهي:

ماڳ ۽ مڪان:

رني ڪوٽ جو ماڳ هڪ قديم عبادتگاهه آهي. دراصل هي سمورو علائقو هڪ عجوبو آهي. هن هنڌ پهاڙ، پاڻي ۽ وڻڪار آهي. هن قسم جي آستان کي هندو شاسترن جي زبان ۾   ”سوام ڀون“  يعني پنهنجو پاڻ يا قدرتي طور پيدا ٿيل ماڳ سڏيو ٿو وڃي. سنڌي هندو  ”سوام ڀون“  کي  ”شمڀو“  چوندا هئا. هندو، جين ۽ ٻـُـڌ مت جي عقيدي مطابق اهڙن قدرتي آستانن تي، جتي پهاڙ، پاڻي، وڻ ۽ ٻوٽا موجود هجن، اتي ڌرتيءَ جي غيبي طاقت يا شڪتيءَ جو واسو هوندو آهي، جنهن کي مائي، ماتا يا ديوي چيو ٿو وڃي. ان سبب اهڙن قدرتي ماڳن کي پوڄا، پرارٿنا ۽ تپسيا لاءِ مناسب مڪان ڄاتو ويندو آهي.

اڳوڻي سنڌ، جنهن جون سرحدون لسٻيلي ۽ مڪران ڪناري تائين وسيع هيون، تنهن اندر اهڙا پوتر آستان ڪيئي اچي ٿي ويا، جي عام ماڻهن جي پوڄا، ياترا ۽ ڌرمي ڪرياڪرم لاءِ استعمال ڪيا ويندا هئا، جيئن ته ساڌ ٻيلو، جند پير، لال بکر، لڪي تيرٿ، نئـنگ، ڪائي، لاکو پير، شاهه ڏاتار (پير پٺو)، اڀن شاهه، ڪالڪان، مها ڪالي (مڪلي)، واگهو ڏر، منگهو پير وغيره. پر سڀني آستانن ۾ مکيه مڪان هي هئا: رني ڪوٽ، شاهه لاهوت، ڏيبل (ديبل)، مها ڪالي، هنگلاج ۽ ستاديپ، جنهن کي  ”هپت تالار“  به چون (جو  ”استالو“  يوناني لفظ جو فارسي ترجمو هفت تالار آهي). انهن ماڳن تي پهاڙ، پاڻي، وڻ ۽ ٻوٽا موجود هئا ۽ ان کان علاوه عبادت لاءِ غفائون ۽ غارون هيون، جتي  ”جڳ مائي“  يا ديويءَ جو واسو يا ٽڪاڻو هو. شڪتي يا ديويءَ جي علامت واڳون هئي، جي سڀني ماڳن تي موجود هئا.  ”واڳوءَ“  کي جين ڌرم ۾ پوڄا لائق ڄاتو ويندو آهي ۽ کيس سنسڪرت ۾  ”مڪارا يا سنسارا“  چيو ويندو آهي. واڳوءَ کي پرستش قابل، شاسترن ۾ هن لاءِ ڄاڻايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته واڳو اڪيلو جانور آهي، جنهن کي زبان نه ٿيندي آهي ۽ ان ڪري کيس  ”جگ ماتا“  جي علامت سمجهيو ويندو آهي. جيئن ته پرم هستيءَ کي به زبان جي ضرورت نه آهي ۽ سڀ ڪجهه سندس مرضي يا آگيا مطابق ٿيندو ٿو رهي. واڳوءَ جي رضامنديءَ لاءِ  ”ٻليدان“  يا ٻڪريءَ جي رت جي ڀيٽا ڏني ويندي هئي. هڪ اندازي مطابق ڪراچيءَ کان ڪوهستان تائين، ويهارو کن اهڙا ماڳ هئا، جتي پاليل واڳن جا آکاڙا هئا. دراصل واگهري، باگڙي، بگهاڙ ۽ واگهيرا قومن جا نالا واڳونءَ جي پوڄا ۽ عقيدت جي نسبت رکندڙ هئا.

رني ڪوٽ ۽ هنگلاج ٻئي ماڳ هڪجهڙا آهن. اڃا به ائين کڻي چئجي ته هوبهو هڪ ٻئي جو نقل آهن. ٻئي پهاڙي علائقن جي مرڪز ۾ واقع آهن. ٻنهي جي پاسن کان پهاڙن جون شاهي قطارون بيٺل آهن، جن جي وچ ۾ پنجاهه - سٺ فوٽن جي وڇوٽي آهي. ٻنهي هنڌ صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جا وهڪرا دائمي وهندڙ آهن. ٻنهي هنڌن تي پاڻيءَ جو وهڪرو اولهه کان اوڀر رخ ۾ آهي، جو پاڻيءَ جي قدرتي وهڪ واري اصول جي ابتڙ آهي. ٻنهي هنڌن تي هڪجهڙيون ۽ هڪجيتريون غارون موجود آهن ۽ جي ڏکڻ رخ ۾ آهن. ٻنهي هنڌن تي جانورن جو ٻليدان ڏنو ٿي ويو ۽ غارن جي پاسن کان ڄميل رت جا چاپڙ چنبڙيل آهن، ڇاڪاڻ ته رت ٿانون ۾ کڻي اول ان هنڌ تي هاري ويندي هئي. ٻنهي جڳهين تي هندو رنڙ عورتون پنهنجا مٿا ڪوڙائي وار ڀيٽا ڏينديون هيون. ٻنهي جاين تي واڳو اڃا سوڌو موجود آهن. ٻئي آستان ساڳي ديويءَ جي پوڄا جا مرڪز آهن. هنگلاج ديويءَ جا ٽي نالا مشهور آهن:هنگلاج ديوي، نانيا يا ناني ۽ رني ديوي. گجرات ۽ مهاراشٽر ۾ هنگلاج ديويءَ کي ناني يا رني ديوي طور پوڄيو ويندو آهي.(گرجا ديس صفحو 41).

ياد رهي ته دنيا ۾ سڀ کان آڳاٽي پوڄا  ”ماتا ديوين“  جي آهي، جو سلسلو نيل نديءَ کان ويندي سنڌو نديءَ تائين رواج ۾ هو. ڀارت ۾ ماتائن جي پوڄا به اول سنڌو ماٿريءَ کان شروع ٿي. مصر ۾ ايسس، سمير ۾ نانيا، بابل ۾ اشتر ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ کيس  ”امان مائي يا رني“  سڏيو ٿي ويو. پراڻي زماني ۾ آشوري، اڪادي، بابلي ۽ پوءِ يوناني ۽ رومي  ”نانيا“  کي هڪ پوتر ديوي ۽ زهره ستاري جي قائم مقام شڪتي ۽ قدرتي قوتن جي مالڪ ڄاڻي پوڄا ڪندا هئا.  ”نانيا“  ايراني زردشتين وٽ  ”انيتا“  جي نالي سان مشهور هئي ۽ سندس پوڄا اڀرندي وارن ملڪن تائين مشهور هئي.  ”ارٽس ۽ اٿينا“ ، جن جي يونان ۽ روم ۾ پوڄا ڪئي ٿي وئي، سي به هن ديويءَ جا جاگرافيائي نالا هئا، جئن نانيا،  ”انيتا“  جو عربي نالو آهي.

سنڌ ۾ عورت کي عام طور  ”مائي“  سڏيو ويندو آهي، جو هن ديويءَ جو اصلي نالو آهي.  ”رن“  ان عورت کي چيو ويندو آهي، جنهن جو مڙس مري وڃي. عورت جي رنڙ ٿيڻ جو پاراتو به هن ديويءَ جي سراپ جو نتيجو سمجهيو ويندو هو ۽ وري شاديءَ وقت به اول کيس پوڄيو ويندو آهي، جيئن عورت جو سهاڳ سلامت رهي. رنڙ عورتن جي پرگهور ۽ پرداخت به کيس سونپيل آهي، ان ڪري عورتون رنڙ ٿيڻ کان پوءِ رني ڪوٽ يا هنگلاج ۾ اچي پنهنجا مٿن جا وار ڀيٽا رکنديون هيون.

اهڙي ڪارڻ هن ديويءَ کي خوف کان  ”نـِـنائي“  پڻ چيو ويندو هو ۽ جنهن لاءِ هندن ۾ مشهور آهي ته سندس نالي وٺڻ بنا مرڻـينگن جو ساهه ئي نه نڪرندو هو.

هندن ۾ هنگلاج ديويءَ کي شاديءَ جي موقعي تي ڳايو ويندو هو ۽ مرڻ وقت به سندس نالو اچاريو ويندو هو. سندس واسطو پهاڙن، پاڻي ۽ نباتات سان رهيو، ان ڪري کيس پوکيو به ويندو هو. ٿالهيءَ ۾ مٽي ڳوهي، منجهس ڪڻڪ يا جوئر جو ٻج ڇٽيو ويندو هو. گاهه جا سلا نڪرڻ تي ٿالهيءَ ۾ ڏيا ٻاري پاڙي اوڙي ۾ گهمايو ويندو هو. ان صورت ۾ کيس  ”زرخيزيءَ“  جي علامت طور پوڄيو ٿي ويو. هن مائيءَ جا هزار نالا چيا ٿا وڃن. ياد رهي ته ويدن ۽ پراڻ شاسترن ديوين کان هن ديويءَ جي پوڄا گهڻو آڳاٽي آهي. ويدڪ ماتائون، جهڙوڪ ڪالي، درگا، پارپـتي، پرٿوي، سرسوتي، اندرا، اگني، ويراج، آشا ۽ سنجها سڀئي ساڳي مائيءَ جا الڳ الڳ روپ آهن. جي راضي رهي ته  ”لڪشمي، سندري ۽ گوري“ ، پر ناراض ته  ”ڪالي ۽ درگا“ ، جي سندس اُگرا روپ آهن.

ايتري پٽاڙ جو اصل مقصد هي هو ته  ”رني“  مائيءَ يا ماتا جو آڳاٽو ۽ اگرو روپ آهي، جنهن نالي پٺيان رني ڪوٽ تي اهو نالو پيو، ڇاڪاڻ ته سندس ماڳ انهيءَ هنڌ آهي. نئن جو نالو به انهيءَ جي آستان سبب  ”نئن رني“  پيو.  ”رني“  نالو قهري، ڪٺور ۽ اگرو هئڻ ڪري رواج ۾ نه رهيو ۽ سندس نالو وٺندي ئي ماڻهن کي خوف ۽ ڏڪڻي ٿيندي هئي، ۽ شايد پوڄا به ان خوف سبب هئي. خاص طور جين مت جي سنڌ ۾ اثر گهٽجڻ کان پوءِ هن  ”مائيءَ“  جو مانُ اهو نه رهيو ۽ فقط سراپ يا پاراتي طور سندس نالو ڪتب ايندو رهيو. ڪجهه به هجي، پر رني ڪوٽ جي  ”ماڳ ۽ نئن“  جو نالو ساڳيو ئي رهيو. هونئن به عام ماڻهوءَ جي قديم جڳهن يا دڙن يا کنڊرن جا نالا اچاريندا آهن ته اهي صحيح هوندا آهن ۽ اها اديبن جي عياشي آهي، جو هر نالي کي مروڙي سروڙي پوءِ رني کي  ”ايراني، باراني، راڻي يا ريڻيءَ“  ۾ پيا جنس تبديل ڪندا رهندا آهن.

رني ڪوٽ گهڻا ئي ٿا ڏسجن، هڪ رني يا  ”رنا“  ڪوٽ اگهور نديءَ جي سامونڊي سنگم وٽ موجود آهي. هي هنڌ هنگلاج کان اٽڪل يارنهن ميل پنڌ تي آهي. ڪوٽ جا ٺل، برج ۽ ڪنگرا اڃا سوڌو سلامت آهن. هتي هنگلاج جا پوجاري ۽ ياتري، جي سمنڊ رستي پهچندا هئا، تن جي رهائش لاءِ جوڳو انتظام ٿيل هو. ساڳيءَ ريت ممڪن آهي ته رني ڪوٽ به هڪ اهڙو ماڳ هجي، جتي سنڌ ۽ هند جا ياتري اچي ترسندا هجن ۽ پوءِ وڏي قافلي جي صورت ۾  ”اڳوا“  ساڻ ڪري اڳڀرو رڙهندا هجن. ياد رهي ته هاڻوڪو رني ڪوٽ اڳوڻي وقتن ۾ قافلن جي لحاظ کان تجارتي رستن جو مرڪز پڻ هو ۽ هتان سيوهڻ، دادو، بلوچستان، لس ٻيلو، سون مياڻي، جهرڪ، ٺٽي ۽ حيدرآباد طرف رستا ڦٽندا هئا.

رني ڪوٽ:

رنيءَ جي ماڳ کان پوءِ رني ڪوٽ جي بحث جو وارو اچي ٿو. هن ڏس ۾ منهنجا ڪي ذاتي رايا آهن، جن لاءِ سواءِ عقلي دليل جي ٻيو ڪو به تاريخي ثبوت نه آهي، جنهن لاءِ ڇاتيءَ ٺوڪي ڪا دعويٰ ڪئي وڃي. هڪ رايو هي آهي ته رني ڪوٽ آڳاٽي سنڌ جو نيرون ڪوٽ آهي. دليل محض ادبي آهي. اهو هيءُ ته نئن جو نالو  ”نئن رني“  آهي، ڇاڪاڻ ته هر نئن جي نالي اڳيان نئن جو اکر اچڻ هڪ اصولي ريت آهي جيئن نئن گاج ۽ نئن مکي وغيره. منهنجي خيال ۾  ”نيرون“  جو نالو نئن ۽ رنيءَ جو مرڪب آهي ۽ ٻنهي کي ملائي اچارڻ سان  ”نئن رني“  نيرون ٿيو پوي. هونئن به سنڌي نالن ۾ نيرون ڪو اکر آهي ئي ڪونه، جنهن سبب هي چئي سگهجي ته ڪنهن راڻي راجپوت يا سومري حڪمران جو نالو نيرون هو.

سنڌ جي تاريخ چچنامي ۾ نيرون ڪوٽ جو خاصو ذڪر آيل آهي، جو پهاڙي قلعو هو ۽ جتي شمني يا ٻوڌي پروهت رهندڙ هئا. هي برابر ڄاڻايل آهي ته هتي هڪ عبادتگاهه هو، ڇاڪاڻ ته  ”جئه سن“  لاءِ ٻڌايو ٿو وڃي ته نيرون ۾ ڌرمي پوڄاپاٺ لاءِ ترسيل هو. هن ڪوٽ جو مهندار به هڪ شمني هو ۽ شمنيءَ جو اکر عرب، ٻڌمت يا جين مت جي ٻاون يا راکن لاءِ استعمال ڪندا هئا. محمد بن قاسم جي هت اچڻ وقت پهريون ڪوٽ جا دروازا بند ڪيا ويا هئا، ڇاڪاڻ ته مهندار ڏاهر وٽ ويل هو. سندس واپسيءَ تي دروازا کولي عرب لشڪر جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو، پر لشڪر نيرون ڪوٽ ٻاهران پسگردائيءَ ۾ ئي ڪئمپ ۾ رهيو. هي به ڄاڻايو ويو آهي ته نيرون ڪوٽ وارن جا دارالخلافه سان دوستانه تعلقات هئا ۽ صلح جو اڳواٽ عهدنامو پڻ ٿيل هو. نيرون ڪوٽ لاءِ محمد بن قاسم پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ گورنر حجاج کي لکيو آهي ته  ”نيرون ڪوٽ دارالخلافه کي ويجهي ۾ ويجهو علائقو آهي“ .  يار رهي ته انهن ڏينهن ۾ عربن جي گاديءَ جو هنڌ بغداد ۾ هو. نيرون ڪوٽ لاءِ خط ۾ وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته  ”اسين اهڙي قلعي جي ويجـهڙائيءَ ۾ ڪئمپ ڪيل آهيون، جو سڪندر يونانيءَ جي تعمير ڪيل شاهي ديوار کان به ڪيئي ڀيرا وڌيڪ مضبوط ڪوٽ آهي.“  هي اشارو سڪندر ذوالقرنين جي ياجوج ماجوج وارين ڪاهن خلاف اڏايل شاهي بچاءَ جي ديوار طرف آهي. چچنامي ۾ هي پڻ ڄاڻايل آهي ته  ”عرب جنرل بذيل“  ديبل تي حملي ڪرڻ کان اڳ پهرين نيرون ڪوٽ ۾ اچي ترسيو هو ۽ پوءِ ديبل تي چڙهائي ڪئي هئائين(ص71).

يوسف ميرڪ جي تاريخ مظهر شاهجهاني مطابق سيوهڻ سرڪار ۾ نيرون ڪوٽ نالي سان ٻه هنڌ ڄاڻايل آهن. هڪ نيرون ڪوٽ قلعو ۽ ٻيو نيرون ڪوٽ پرڳڻو. قلعي متعلق حوالو ڏنل آهي ته نيرون ڪوٽ سيوهڻ کان پنجاهه ميل مفاصلي تي هڪ ڏکئي ۽ اڻانگي هنڌ پهاڙن جي وچ ۾ اڏيل آهي. اڳ هي قلعو چاڪر هالا پرڳڻي ۾ هو، پر پوءِ ان کي سيوهڻ سرڪار ۾ شامل ڪيو ويو (ص 281). چيو وڃي ٿو ته سن جو شهر سيوهڻ کان 36 ميلن تي آهي ۽ سن کان پهاڙ جتي قلعو آهي، 14 ميل ڏُور آهي ص 294).

ممڪن آهي ته رني ڪوٽ ساڳيو ئي نيرون ڪوٽ هجي، جنهن لاءِ اڳي ئي هي طئه شده فيصلو آهي ته اهو ماڳ حيدرآباد آهي. نيرون ڪوٽ لاءِ جي اهڃاڻ چچنامي ۾ ڄاڻايل آهن، جيئن ته بلبهار يا ولهار جو چراگاهه، جتي عرب لشڪر ترسيل هو، اهو ثبوت حيدرآباد توڻي رني ڪوٽ ٻنهي هنڌ تان غائب آهي. ديبل کان مفاصلو سٺ ميل ڄاڻايل آهي ۽ ساڳيو مفاصلو نيرون ڪوٽ کان سيوهڻ جو ڏنل آهي. جي سيوهڻ وارو پنڌ صحيح آهي ته پوءِ ديبل کي ڪراچيءَ ۾ ڳولڻو پوندو، ڇو ته رني ڪوٽ ڪراچيءَ کان سيوهڻ واري قافلي واٽ تي آهي. بهرحال، هي هڪ انومان آهي، جنهن لاءِ تحقيق جي گنجائش آهي.

ٻيو رايو هي آهي ته رني ڪوٽ جو اڳوڻو نالو موئن ڪوٽ هو، جتي ديويءَ جو عبادتگاهه هو، ۽ هتي ياتري ۽ پوڄاري ايندا هئا. ٿي سگهي ٿو ته هنگلاج جي تيرٿ جي هڪ ڪڙي هيو، جتي سڀني طرفن جا قافلا اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ پوءِ هڪ وڏي قافلي جي شڪل ۾ سفر ڪندا هجن. پراڻن نقشن ۾ هن کي موئن ڪوٽ سڏيو ويو آهي، جو نالو اڄ به رني ڪوٽ جي اولهه واري قلعي تي قائم آهن. نئن رنيءَ کي به، ڪوٽ اندر داخلا کان اڳ واري حصي کي  ”نئن موئن“  چيو وڃي ٿو، جا اڪثر حصي تائين زير زمين وهندڙ آهي. هونئن به سنڌ ۾  ”موئن“  جو نالو عام جام آهي ۽ ساڻس ڪيترا اکر ڳوڙهي ۽ ويجهڙي مٽي مائٽي رکندڙ ملن ٿا، جيئن ته منڇر  ”موئنڇر“ ، موئن جو دڙو  ”مهيندرو“  يا  ”مينڌرو“  وغيره. موئن ڪوٽ منڇر ڍنڍ کي ويجهو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته هن ماڳ ويجهو ڪنهن زماني ۾ ڪنڀ ندي وهندڙ هئي، جا گنگا جمنا جيان پوتر ندي سمجهي ويندي هئي. ڪوٽ ويجهو ڏکڻ رخ ۾  ”ڪنڀ“  جبل آهي، جنهن جي چوگرد لڪي، نـئـنگ، ڪائي ۽ غئبي پير جا گرم پاڻيءَ جا چشما آهن.

نوٽ: هيءُ مضمون خاص طور رني ڪوٽ جي  ”ماڳ مڪان“  متعلق لکيل آهي، جو  ”ديويءَ جي آستان“  جي حيثيت ۾ هن هنڌ قديم زماني کان قائم آهي. باقي رني ڪوٽ جي اصلي نيرون ڪوٽ هئڻ لاءِ تاريخي سڳ ثبوت جو پيش ڪرڻ لازمي آهي، جنهن ڏس ۾ تحقيق جاري آهي ۽ اميد ته ترت هڪ مڪمل مضمون پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو ويندو.

جيسين رني ڪوٽ جي تعمير لاءِ هن دعويٰ جو تعلق آهي ته ٽالپرن هيءُ قلعو اڏايو هيو، منهنجيءَ راءِ  صحيح نه آهي. ٽالپرن هن ڪوٽ جي مرمت ضرور ڪرائي هوندي ۽ ممڪن آهي ته ڪو حصو نئين سر ٺهرايو به هجي. هن سلسلي ۾ اليگزينڊر برنس جو رني ڪوٽ بنسبت حوالو دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو، جو هن پنهنجي مشهور ڪتاب  ”سنڌوءَ تي سفر“  (A Voyage on the Indus) ۾ صفحي 266 تي ڄاڻايو آهي. برنس 1830ع جي آگسٽ مهيني ۾ سنڌوءَ جو سفر شروع ڪيو ۽ جون مهيني 1831ع ۾ لاهور پهتو. ڄاڻائي ٿو ته:

 ”مانجهند کان اٽڪل سورنهن ميل مفاصلي تي رني نالي هڪ پهاڙي ڪوٽ اڏيل آهي، جو گذريل زماني ۾ هڪ وڏي طاقت وارو ماڳ هيو، پر پوءِ سنڀال نه هئڻ ڪري زبون ٿي ويو. سنڌ جي امير هن ڪوٽ جي وڏي خرچ تي مرمت ڪرائي آهي. منهنجي معلومات مطابق هن ڪوٽ جي اصلي طاقت هن ڳالهه ۾ آهي، جو سندس چوگرد وارن پهاڙن ۾ پاڻيءَ جو ڪو نالو نشان نه آهي، پر ڪوٽ جي ديوارين اندر پاڻي جام موجود آهي.“

(مترجم: مراد علي مرزا)

-------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com