سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ (رني ڪوٽ نمبر)

مضمون

صفحو :18

 

غلام رباني

رني ڪوٽ

اڄڪلهه رني ڪوٽ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو سمجهيو وڃي ٿو. اهو تاثر ڪرنل خواجه عبدالرشيد جي هڪ مضمون مان پيدا ٿيو آهي، جو هن ارڙهن کن سال اڳ لکيو هو.(1) تن ڏينهن ۾ خواجه صاحب ڪراچيءَ جي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جو سپرنٽينڊنٽ هو. تاريخ ۽ آثار قديمه سان چاهه هئڻ ڪري، کيس سنڌ جي آثار قديمه ۾ پڻ دلچسپي هئي. جڏهن کيس خبر پئي ته لڪيءَ جي جبلن ۾ آمريءَ کان ويهه - ٻاويهه ميل اولهه طرف هڪ تاريخي قلعو آهي، جنهن جي ايراضي ڪيئي ميل ٿيندي، تڏهن کيس دنيا جي انهيءَ عجوبي ڏسڻ جو اشتياق ٿيو. قلعو ڏسڻ بعد خواجه صاحب سنڌ شناسيءَ جي ڪن ماهرن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پوءِ  ”اقبال رويو جرنل“  ۾ رني ڪوٽ تي مضمون لکيو. منهنجي خيال موجب، رني ڪوٽ تي اهو پهريون اهم علمي ۽ تحقيقي مضمون هو. خواجه صاحب رني ڪوٽ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو قرار ڏنو ۽ ان جي تعمير بابت ٽالپرن سان منسوب ٿيل عام مشهور روايت کي رد ڪندي، جناب جي. ايم. سيد سان اتفاق راءِ ڪيو، ته رني ڪوٽ ايران جي ساساني بادشاهن جو ٺهرايل ٿو ڏسجي. خواجه صاحب جو چوڻ هو ته کيس وچ هندستان ۾ هڪ قلعو سـُـجهي ٿو، پر اهو ارڙهن ميلن ۾ آهي ۽ رني ڪوٽ ٻاويهن ميلن ۾ آهي، ان ڪري رني ڪوٽ ئي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو آهي. خواجه صاحب جي مذڪور مضمون شايع ٿيڻ بعد رني ڪوٽ علم دوست ماڻهن جي توجهه جو مرڪز ٿي پيو ۽ اها ڳالهه پڻ تسليم شده قرار ڏني وئي ته اهو دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو آهي.

هاڻي رني ڪوٽ بابت تقريرن ۽ تحريرن ۾ اها ڳالهه عام جام ورجائي وڃي ٿي، ته رني ڪوٽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ مضمون روزانه  ”هلال پاڪستان“  ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جو لکندڙ جناب فضل الحق قاضي آهي. قاضي صاحب جو مضمون هڪ قابل قدر ڪوشش آهي. قاضي صاحب، سنڌ جي اڳوڻن عالمن جي روايت کي قائم رکندي، رني ڪوٽ کي ٽالپرن جو تعميراتي ڪارنامو قرار ڏنو آهي ۽ ان کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو ڪوٺيندي چيو آهي، ته رني ڪوٽ ارڙهن ميلن ۾ آهي.

منهنجي خيال موجب، رني ڪوٽ کي دنيا جي وڏن قلعن ۾ ته بلاشبہ شمار ڪري سگهجي ٿو، پر ان کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو سڏڻ لاءِ تحقيق ۽ ثابتيءَ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن جناب فضل الحق قاضيءَ جو اهو بيان صحيح آهي، ته رني ڪوٽ ارڙهن ميلن ۾ آهي، ته پوءِ رني ڪوٽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو ٿي نٿو سگهي، ڇو ته سنڌ جي اوڀارينءَ سرحد تي راجستان ۾ هڪ قلعو موجود آهي، جو چوويهن ميلن ۾ آهي. مورخن ان کي  ”ديوار چين“  سان تشبيهه ڏئي  ”ديوار هند“  سڏيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته اهو قلعو راجستان جي راڻي  ”ڪمڀا“  اٽڪل 500 ورهيه اڳ، مسلمانن جي ڪاهن کي روڪڻ لاءِ اراولي پهاڙين تي ٺهرايو هو. راڻي ڪمڀا اهڙا ٻٽيهه قلعا ٻيا به ٺهرايا هئا.

مذڪوره قلعي جي تصوير آمريڪا مان شايع ٿيندڙ نيشنل جاگرافيءَ جي فيبروري 1977ع واري پرچي ۾ شايع ٿيل آهي. نيشنل جاگرافي پنهنجي نوعيت جو منفرد ۽ دنيا ڀر ۾ مشهور رسالو آهي.

راجستان واري قلعي ۽ رني ڪوٽ جون تصويرون ڀيٽڻ سان محسوس ٿيندو ته ٻئي قلعا هوبهو هڪجهڙا آهن ۽ پهاڙين جي مٿان  ”ديوار چين“  جي نموني تي تعمير ٿيل آهن. تاهم ائين چئي ڪونه سگهبو، ته رني ڪوٽ به راڻي ڪمڀا جو ٺهرايل آهي، ڇو ته سنڌ ڪڏهن به راڻي ڪمڀا جي تابع ڪانه رهي آهي.

جيڪي عالم ان راءِ جا آهن، ته رني ڪوٽ ڪنهن به صورت ۾ ٽالپرن جو ٺهرايل نٿو ٿي سگهي، تن جو دليل اهو آهي: ته جڏهن هزارين مزدورن، ماهر انجنيئرن جي نگرانيءَ هيٺ، ورهين جا ورهيه ڪم ڪيو هوندو، تڏهن مس مس وڃي رني ڪوٽ ٺهي راس ٿيو هوندو. ايڏو خرچ ۽ ڪشالو ڪا اهڙي حڪومت ئي برداشت ڪري پئي سگهي، جنهن وٽ وڏي سلطنت هجي ۽ اڻ مـَـيو ڌن دولت هجي. ان ڪري اها ڳالهه ٽالپرن جي وس کان ٻاهر هئي، ڇو ته بقول پير حسام الدين راشدي، ٽالپرن سنڌ تي سؤ سال به حڪومت ڪانه ڪئي ۽ پنهنجي حڪمرانيءَ جي سڄـي دؤر ۾ هنن ڪٿي به ڪو ايڏو وڏو تعميراتي ڪارنامو سرانجام ڪونه ڏنو، جو رني ڪوٽ ڏانهن منسوب ڪرڻ لاءِ جواز پيدا ٿي سگهي. ٻيو ته ٽالپرن جي رهڻي ڪهڻيءَ بابت تاريخن ۾ جيڪي مواد ملي ٿو، سو ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته هو سادا ۽ قناعت پسند حاڪم هئا ۽ شڪار گاهن جا شوقين هئا. اهو ممڪن آهي ته هنن رني ڪوٽ جي مرمت ڪرائي هجي يا رني ڪوٽ اندر ميريون ۽ شير ڳڙهه نالي جيڪي ننڍا قلعا آهن، تن جي تعمير ڪرائي هجي.

ٽالپورن کان اڳ ماضيءَ ۾ سنڌ جي ٻي به ڪا اهڙي حڪومت ڪانه ٿي سـُـجهي، جنهن رني ڪوٽ جي تعمير ۾ هٿ وڌو هجي، ان ڪري ڀانئجي ٿو ته رني ڪوٽ ان وقت تعمير ٿيو هوندو، جڏهن سنڌ ايران جي ساساني بادشاهن جي سلطنت جي هڪ اقليم هوندي، جيڪي فوجي بچاءَ جي لحاظ کان سرحدن تي وڏا وڏا قلعا ٺهرائيندا هئا.

منهنجي خيال موجب، مٿين ڳالهه منطقي لحاظ کان بيشڪ وزندار لڳي ٿي، پر ان کي تاريخي حقيقت ڪري قبول ڪرڻ لاءِ سـَـنـَـدن ۽ حوالن جي ضرورت آهي. ايران جي تاريخ گهڻي قدر محفوظ آهي ۽ ماضي قريب ۾ ته ان تي چڱو تحقيقي ڪم ٿيو آهي. اهڙيءَ صورت ۾ اهو معلوم ڪرڻ مشڪل نه هئڻ گهرجي، ته ايران جي ساساني بادشاهن سنڌ ۾ ڪهڙي هنڌ قلعو يا قلعا ٺهرايا هئا ۽ سنڌ کان ٻاهر هنن پنهنجي سلطنت ۾ ٻين هنڌن تي جيڪي قلعا ٺهرايا هئا، تن جي، اڏاوت جي لحاظ کان رني ڪوٽ سان ڪا نسبت آهي يا نه؟

ان سلسلي ۾ اسان کي سنڌ جي تاريخ ۾ به هڪ اهم حوالو ملي ٿو. سنڌي ادبي بورڊ جي شايع ڪيل سنڌ جي تاريخ جي جلد ٻئي جي مصنف ايڇ. ٽي. لئمبرڪ لکيو آهي ته:

 ”شاهي قلعو، جنهن لاءِ يوناني جاگرافيدان هـِـڪيٽس جو چوڻ آهي ته سنڌو نديءَ جي ڀرسان اوپيائي جي سرزمين تي واقع هو، سو ڀانئجي ٿو ته نئين سرحدي صوبي ۾ "ايراني لشڪرگاهه" هو. اوپيائي جي وضاحت ڪندي، هڪيٽس لکي ٿو ته اهو سنڌو نديءَ جي ڀر وارو علائقو آهي ۽ ان کان پرتي رڻ آهي، جو هند سان وڃيو ٿو لڳي.“

لئمبرڪ جي مٿئين حوالي ۾ جنهن قلعي جو ذڪر آهي، ان لاءِ سنڌ جي بزرگ اديب محترم محمد ابراهيم جويي جو خيال آهي ته اهو رني ڪوٽ ٿي سگهي ٿو. پر جناب ايم. ايڇ. پنهور جو چوڻ آهي، ته رني ڪوٽ سٿين يا پارٿين جو ٺهرايل آهي ۽ لئمبرڪ جنهن قلعي جو ذڪر آندو آهي، اهو پٽيالا ٿي سگهي ٿو، جنهن جو اصلوڪو نالو نيرن ڪوٽ هو.

سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ ٻئي هڪ علم دوست جناب علي احمد بروهي ان سلسلي ۾ وضاحت ڪندي مون کي ٻڌايو هو، ته رني ڪوٽ کي پاڻي پهچائڻ جو واحد ذريعو هڪ نئن آهي، جنهن کي مختلف زمانن ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي. ان کي اڳي  ”نئن موئن“  ڪوٺيندا هئا ۽ هاڻي  ”نئن سن“  سڏيندا آهن. ڪنهن زماني ۾ ان کي  ”نئن رني ڪوٽ“  ڪوٺيندا هئا. سنڌ جا اڳوڻا لکندڙ، سنڌي نالا به فارسي صورتخطيءَ ۾ لکندا هئا، ڇو ته هاڻوڪي سنڌي صورتخطيءَ جي ٺهڻ کان اڳ لکپڙهه جو ڪم فارسيءَ ۾ ئي ٿيندو هو. بروهيءَ جو خيال آهي ته  ”نئن رني ڪوٽ“  کي فارسيءَ ۾ گڏي لکبو ته اسان کي "نئنرني ڪوٽ" نالو ملندو. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي، ته نئن رني ڪوٽ سنڌ جي تاريخ جو اهو ئي مشهور و معروف شهر  ”نيرن ڪوٽ“  آهي، جنهن کي عرب سپهه سالار محمد بن قاسم فتح ڪيو هو ۽ جتي ايرانين، سڪندر جي ڪاهه کان به اڳ قلعو ٺهرايو هو.

رني ڪوٽ ۽ نيرن ڪوٽ واقعي هڪ ئي آهي يا نه، ان ڳالهه جي تصديق يا ترديد ان جي کنڊرن جي کوٽائيءَ وسيلي ٿي سگهي ٿي. هونئن به رني ڪوٽ  ايترو اهم ضرور آهي، جو محڪمه آثار قديمه وارا ان ڏانهن توجهه ڪن. هيڪر رني ڪوٽ وٽ هڪ آمريڪي اسڪائوٽ ٽيم جي اڳواڻ مون کي چيو ته  ”مون موئن جو دڙو ۽ رني ڪوٽ ٻئي ڏٺا آهن، مون کي رني ڪوٽ وڌيڪ وڻيو، ان ڪري پنهنجن اسڪائوٽن کي ڏيکارڻ آيو آهيان.“

منهنجي خيال موجب رني ڪوٽ جي تعمير جو معاملو تيسين حل نه ٿي سگهندو، جيسين محڪمہ آثار قديمـہ وارا ان طرف توجهه نه ڏيندا. بهرحال، هن مضمون جي وسيلي مون سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندڙ عالمن کي هيٺيون ڳالهيون گوش گذار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:

(1)     رني ڪوٽ جي تعمير بابت، ٽالپورن سان منسوب ٿيل روايت کي جيڪڏهن رڳو اهو دليل ڏئي رد ڪبو، ته ان جي تعمير لاءِ وٽن گهربل وسيلا موجود ڪونه هئا، ته پوءِ سوال اٿندو ته راجستان جو هڪ راڻو رني ڪوٽ کان به وڏا يا گهٽ ۾ گهٽ ايڏا وڏا ٻٽيهه قلعا، پنج سؤ ورهيه اڳ ڪيئن تعمير ڪرائي ويو؟

(2)    جيئن ته رني ڪوٽ جيڏو يا ان کان به وڏو قلعو سنڌ جي اوڀارينءَ سرحد تي موجود آهي، ته پوءِ رني ڪوٽ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو سڏڻ ڪيتري قدر درست آهي؟

مسئلي جو هڪ ٻيو پهلو به غور طلب آهي.

رني ڪوٽ عمارت سازيءَ جي فن جو يا سوليءَ سنڌيءَ ۾ هيئن چئجي ته اڏاوت جي فن جو هڪ شاهڪار آهي. اڏاوت جو فن پنهنجيءَ جڳهه تي هڪ مڪمل سائنس آهي ۽ اهو آهستي آهستي ترقي ڪري ادنيٰ حيثيت کان موجود اعليٰ حيثيت تائين پهتو آهي. هاڻوڪي دؤر جي انجنيئرن دنيا ۾ اڏاوت جا جيڪي ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن، سي واقعي عقل کي حيران ڪندڙ آهن. ليڪن جن انجنيئرن، ڪاريگرن ۽ رازن رني ڪوٽ جي اڏاوت ڪئي هئي، اهي به يقيناً پنهنجي دؤر جا  ”استاد - ڪاريگر“  هئا.

سوال آهي ته رني ڪوٽ کان اڳ واري دؤر ۽ پوءِ واري دؤر جا ڪل ڪيترا قلعا اڄ سنڌ ۾ موجود آهن، جن کي ڏسڻ سان چئي سگهجي ته اهڙن قلعن اڏڻ جو رواج قديم زماني کان سنڌ ۾ موجود هو، جيڪو آهستي آهستي ارتقا ڪندو، ان منزل تي پهتو، جو سنڌ جا ڪاريگر رني ڪوٽ جهڙو شاهڪار قلعو اڏي ويا.

حيدرآباد واري قلعي لاءِ مون هينري پاٽنجر يا ٻئي ڪنهن انگريز جو مقولو پڙهيو هو ته هيءُ قلعو اسان جي توبن جا ٻه چار گولا مس سهي سگهندو.

رني ڪوٽ جي قلعي بابت پراڻي ۾ پراڻو نظريو اهو آهي ته غالباً اهو ايران جي انهن ساساني بادشاهن جو ٺهرايل آهي، جيڪي پنهنجي  ”هفت اقليم“  سلطنت جي فوجي تحفظ لاءِ سرحدن تي قلعا جوڙائيندا رهندا هئا.

1976ع ۾ مون کي ايران گهمڻ جي دعوت ملي، جتي خوش قسمتيءَ سان جيئرن جاڳندن شهرن، تهران، شيراز، اصفهان وغيره سان گڏ، قديم شهر  ”تخت جمشيد“  (جنهن کي يونانين  ”پرسي پولس“  ڪوٺيو آهي) جا کنڊر ڏسڻ جو به موقعو مليم. يوناني فاتح، سڪندر بادشاهه، ايران جي تاجدار، دارا کي شڪست ڏئي، سندس تختگاهه  ”تخت جمشيد“  کي ساڙي ٻاري تباهه ڪري ڇڏيو. شهر جي فلڪ بوس عمارتن جا پٿر جا ڊگها منارا اڃا تائين کنڊرن ۾ چؤطرف پکڙيا پيا آهن. تخت جمشيد جا کنڊر ڏسڻ کان پوءِ اسان ميوزيم ۾ وياسين، جتي مون کنڊرن جي نظارن جا ڪارڊ ۽ ڪجهه ڪتاب خريد ڪيا، انهن ۾ هڪ ڪتاب ايران جي آثار قديمه بابت هو. ڪتاب انگريزي زبان ۾ آهي ۽ هڪ جامع فهرست آهي، جنهن ۾ ايران جي پراڻين اڏاوتن جو ذڪر ۽ بعض اوقات تصويرون پڻ موجود آهن. پر ان ڪتاب ۾ ڪٿي به رني ڪوٽ يا اهڙي ڪنهن به وڏي قلعي جو ذڪر ڪونهي، جو ايراني بادشاهن ٺهرايو هجي.

سن 1982ع ۾ مان چين ويس، دؤري جي اختتام تي اسان جا چيني ميزبان اسان کي دنيا جي عجائبن مان اهو واحد عجوبو يعني  ”ديوار چين“  ڏيکارڻ وٺي ويا، جيڪو خلا ۾ سفر ڪندڙ انسانن کي سون ميلن تان نظر اچي ٿو. جڏهن اسان ديوار چين وٽ وڃي پهتاسين ۽ منهنجي مٿس پهرين پهرين نگاهه پئي، تڏهن مون ائين محسوس ڪيو ته رني ڪوٽ وٽ اچي پهتا آهيون. جيڪڏهن هزار کن والن جي مفاصلي تان رني ڪوٽ ۽ ديوار چين جون تصويرون ڪڍبيون ۽ اهي ڪنهن ٻئي هنڌ ماڻهن اڳيان پيش ڪبيون ته حالي هو آسانيءَ سان چئي نه سگهندا ته رني ڪوٽ ڪهڙو آهي ۽ ديوار چين ڪهڙي آهي؟

چين جي تهذيب پڻ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب وانگر تمام قديم آهي. چين جا پراڻا سياح، چيو وڃي ٿو ته مهاتما ٻـُـڌَ جون نصيحتون گڏ ڪرڻ لاءِ، هند ۽ سنڌ ايندا هئا. مهاتما ٻڌ حضرت عيسيٰ کان تقريباً ساڍا پنج سؤ ورهيه آڳاٽو ٿي گذريو آهي، پر ڪهڙي خبر ته کانئس سوين سال اڳ پڻ سنڌو ماٿري ۽ چيني تهذيب جو پاڻ ۾ گهرو گهاٽو سٻنڌ رهيو هجي ۽ سنڌي ۽ چيني ڪاريگرن هڪٻئي کان ڪي ڪاريگريون ۽ هنر پرايا هجن! قديم شاهراهه ريشم بابت عام روايت اها ئي آهي ته اها قديم زماني کان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اچ وڃ جي راهه هئي.

ديوار چين تقريباً پندرنهن سؤ ميلن ۾ آهي ۽ رني ڪوٽ ويهن ٻاويهن ميلن ۾ آهي. ديوار چين مٿي به ايتري موڪري آهي، جو پنج ست گهوڙي سوار ان تي آسانيءَ سان هڪ قطار ۾ پهري لاءِ گشت ڪري سگهن ٿا، پر رني ڪوٽ جي ڀت به شايد ايتري ته موڪري آهي، جو هڪ گهوڙي سوار ان تي پهرو ڏئي سگهي ٿو.

ديوار چين جي تعمير ۾ سوين ورهيه لڳا هئا ۽ مختلف بادشاهن پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ ان جي تعمير ڪرائي، هڪ حصي کي ٻئي حصي سان ملايو. رني ڪوٽ هڪ ئي بادشاهه ٺهرايو يا گهڻن ۽ ان جي اڏاوت ۾ ڪيترا ورهيه لڳا، اهي نقطا پڻ توجهه طلب مسئلا آهن.

رني ڪوٽ جيئن ته سنڌ بلڪ پوري پاڪستان جي آثار قديمه ۾ خاص اهميت رکي ٿو، انڪري محڪمه آثار قديمه جي ماهرن کي ان ڏانهن توجهه ڏيڻ کپي ۽ تحقيق ڪري، ان جي اڏاوت بابت رپورٽ ڏيڻ کپي. ٻيءَ صورت ۾ ان جي اڏاوت ۽ تاريخ بابت انومانن ۽ اهڃاڻن جي آڌار تي قياس آرايون ختم ڪونه ٿينديون.

 

 

-------

 


 

رني ڪوٽ جا ڌاڙيل

(منظوم ڊرامو)

]پردو کڄي ٿو. پهاڙيءَ تي ڪجهه جهـُـڳا نظر اچن ٿا. ٿورو پري چوپايو مال ٻڌل آهي. هڪڙي جهـُـڳي جي ٻاهران کٽ تي وينگس ننڊ ۾ آهي ۽ ڀرسان ٻيءَ کٽ تي ولهار ستو پيو آهي ۽ چيٽ جي آڪاس ڏانهن ڏسي رهيو آهي. [

ولهار ]آڪاس ڏانهن ڏسندي[

هي جيڪو بي انت لڳي ٿو،
ڪيڏو جوڀن ونگت لڳي ٿو!
هي ماڻهوءَ جئن جهـُـرڻو ناهي،
کـِـڻَ ڀـُـنگر جئن ڀـُـرڻو ناهي.
تارا پيڇي، تارا آڳي،
جيءُ سـُـمهي، جڳُ سارو جاڳي.
ڪنهن هي مـَــنڊُ بڻايو آهي،
سارو سانگُ رَچايو آهي؟
هيءَ مٽي جا پير پـَـڻي آ،
نانهن منجها ڪئن آنهن بڻي آ!
ڀـُـوري آهي، ناسي آهي،
آدي آ، ابناسي آهي،
ڳاڙهي آهي، پيلي آهي،
ڪيڏي رنگ رنگيلي آهي!
روز ڦـُـٽي آ، روز ڇـَـڻي آ،
سونهن بڻي آ، واس بڻي آ،
مـَـڌُر مـِـلـَـن جي ريت بڻي آ،
پاڇانوَن جي پريت بڻي آ-
جندڙي کـُـهنبي جو چـُـٽڪو آ،
موت اڄاتي جو کـُـٽڪو آ،
پوءِ به جندڙي پياري آهي،
مـَـڌ ماتي، متواري آهي.

 

]وينگس ڏانهن مـُـنهن ڦيري چوي ٿو.[

هـِـن جا هـَـنس ٻه اَڇا اَڇا،
هـِـن جا وارَ پـَـشم جا لـَـڇا،
ڇا ڇا جيءَ جـُـڳاڻا هـِـن جا،
آٰڌيءَ وير به چاڻا هـِـن جا،
رات مـَـهي جو ماٽو آهي-
 ۽ هي ڳهرو ڳاٽو آهي،
جنهن ۾ ننڊ ڀـَـري پـَـئي آهي،
ڄڻ ڪا ڪونجَ مـَـري پـَـئي آهي!
اُتر هـِـيرَ هـِـلورا آڻي،
چـُـنـِـي اُڏائي، چولـِـي تاڻي،
سونهن پسائي ٿي سـَـٿر جي،
ڄڻ ديوي آ ڪا پـَـٿر جي!
چـُـر پـُـر هن جا چـَـپَ ٿين ٿا،
مرڪي موتين لـَـپَ ڏين ٿا-
نـَـئن موهن جـَـئن نـِـرمل سـُـپنا،
لهرون لهرون، چنچل سـُـپنا،
آڌيءَ رات اُنهن ۾ ڇا ڇا،
تارا، پاڻي، پـَـٿر، پاڇا!
 ۽ هـُـو روهـَـه رُلايل سـُـپنا،
گهايـَـل گـَـڊَ، اُڃايل سـُـپنا،
سـُـپنا ڄڻ ته اُڏاريل آڙيون،
سـُـپنا آڌيءَ راتِ اُماڙيون،
ڪيئي اُڀَ اُماڻيل سـُـپنا،
 ۽ ڌرتيءَ سان واڻيل سـُـپنا-
کـِـينءَ هـُـجي يا کيٽو تـِـن جو،
ڇا ڇا تاڃي پيٽو تـِـن جو!
جي انسان سـُـتو پيو آهي،
ڪيڏو ڳـُـجهه ڳـُـتو پيو آهي!
ماڻهوءَ جئن بي اَنت نه ڪوئي،
جوئي آهي، آهي سوئي!

 

]وينگس ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳي ٿي. [

وينگس -

آڌي رات، اچانـَـڪ سـُـپنا!
ڪاري ڍَنڍَ، ڀيانـَـڪ سـُـپنا!
جو به پکين جو جوڙو آهي،
تـَـنهن جو انت وڇوڙو آهي!
ساري ليـِـلا نياري آهي،
جـَـر پـُـوڄارو ماري آهي.

 

ولهار -

تڏهن ته ڌرتي پياري آهي...
 ۽ ماڻهو سنساري آهي-
هي جوڀـَـن جا ڀـَـن ڀـَـن اُڌما،
تــَـؤنس تـَـنن جي، کـِـجڪا کـِـنَ جا،
ڪـُـجهه به نه هوندي، سـَـڀڪـُـجهه آهن-
ڪارونڀارَ ڪـَـتين جا ڪاهـِـن
ٿا ڪيڏانهن، نه ڪنهن ڄاتو آ،
تـِـن جو انت نه ڪنهن پاتو آ!
هيءَ جا سـُـندر مايا آهي،
ساري پـَـل جي ڇايا آهي-
پـَـلُ پوپـَـٽ آ، پـَـل جـُـگنو آ،
پـَـلَ پـَـل کي پنهنجي خوشبو آ،
پـَـل پـَـل کي پنهنجي جوتي آ،
پـَـلُ ڳوڙهو آ، پل موتي آ،
پل جو سـَـهجُ سـُـڀاءُ چڱو آ،
جئن اتر جو واءُ چڱو آ...
ماڻهو مـُـنجهه وَڌائن ڇو ٿا؟
پـَـل کي ڇـِـپ بڻائن ڇو ٿا؟

 

وينگس -

پريت به آهي پـَـل جي مايا،
ڪنهن ڇايا جي ڇـَـل جي مايا،
پوءِ به اُن بـِـن چارو ڪونهي،
پريت سوا ڇـُـٽڪارو ڪونهي،
مـَـن جي موکَ اُنهيءَ ۾ آهي،
ساري اوکَ اُها ٿي لاهي،
پريت جڏهن هي روحُ رَڄي ٿي،
بادلِ بادلِ بينَ وڄي ٿي-
ٻـِـجَ منجهان جا ٻـُـوٽا چاهي،
سا مـِـٽيءَ جي پريت ته آهي!
۽ پوءِ ٻـُـوٽا گـُـلڙا ڪـَـن ٿا،
ماڪَ وسي ٿي، مينهن پون ٿا،
 ۽ مـِـٽيءَ جو پيارُ ٽـِـڙي ٿو،
هي سارو سنسار ٽـِـڙي ٿو!
هي آڪاسُ سـَـمندر جـَـهڙو،
يا ماڻهوءَ جي اندر جـَـهڙو،
جنهن جو ڪوئي ٿاهـُـه نه آهي،
ٺاهـُـه نه آهي، ڊاهـُـه نه آهي،
تـَـنهن جي ڌرتيءَ تي چانڊوڪي،
پريت نه چئبي، ٻيو ڇا چئبي؟
ماڻهوءَ جو مـَـن پريت سـَـموهي،
ڇا ڇا ٿو مٽيءَ ۾ ڳوهي!
پريت ائين ماڻهوءَ جي من ۾،
جئن ڪا ڪويـَـل چـَـندن - بـَـن ۾،
جئن تـُـورئي جي کيت مٿان ڪو
پوپٽُ اُڏري ڀيڄ ڀنيءَ جو!
ماڻهو پريت وسارن ڇو ٿا‍‍‍!
 ۽ گهنگهر ۾ گهارن ڇو ٿا؟
پريت بنا هيءَ ڌرتي ڀارِي،
ڪارِي اُسَ، نـِـڪارِي وارِي.

 

]گوليون هلن ٿيون ۽ وينگس ڦٽجي پوي ٿي. ٽي ڌاڙيل - آڍو، ڪاڍو ۽ ڏاڍو - اوندهه مان نڪري، مال ڇوڙن ٿا. ڪـُـجهه واهڻي ڪـُـهاڙيون کڻي اچن ٿا ۽ کٻـڙن جي اوٽ مان لڪي ڏسن ٿا.[

آڍو-

مان آڍو هان، مان آڍو هان،
پر مان ڏاڍي کان ڏاڍو هان،
ڀيڄ ڀنيءَ جو نـُـور لـُـٽيو مون،
سانجهيءَ جو سـِـندوُر لـُـٽيو مون،
هـَـڻندو هوس اڪيلا ڌاڙا،
رنگ مـَـحل ها يا رَڄواڙا،
سـَـڀئي مـُـنهنجو ڏَن ڏيندا ها،
ڌرتي جهاڙي ڌن ڏيندا ها،
هاڻي مان ڪـُـجهه جهـُـور ٿيو هان،
پر نه اڃا مجبور ٿيو هان،
گوليون ۽ بندوقون مون وَٽ
سوني جون صندوقون مون وَٽ -
تر تر ۾ جو ’ڏاڍو‘ آهي،
۽ جو ڪانئر ’ڪاڍو‘ آهي،
هاڻي تـِـن کي ساڻُ کڻان ٿو،
ڌاڙا تـِـن جي اوٽَ هڻان ٿو.
اڳ ته اِهي اَڻاسا ڀاڳيا.
ساريون راتيون ننڊ ڪـَـندا ها-
ڏينهن ڏهاڙا موڳا تن جا،
ڪات ڪـُـهاڙا اوڳا تن جا-
اڄ ڪـَـلهه ڀاڳيا جاڳيا آهن،
ها، ها، ڀاڳيا ساڳيا ناهن!
پر جا منهنجي ٽـُـولي آهي،
تـَـنهن جي ٻولي گولي آهي.
هاري آهي، ناري آهي،
يا ٻيو ڪو اڌڪاري آهي،
هر ڪو مـُـنهنجي ٻولي ڄاڻي،
ڪوبه نه نڪري گوليءَ ٽاڻي،
جي ڪو موتَ مـُـقابل ٿئي ٿو،
گهر گهر تي بارود وَسي ٿو،
دَر دَر تي بوڇارَ ڪـَـيان ٿو،
گولين سان گفتار ڪيان ٿو.

 

ڪاڍو-

ڏاڍو بيشڪ ڏاڍو آهي،
ها، پر آقا آڍو آهي،
 ۽ هـُـو مون کي پيارو آهي،
اُن سان ڀائـِـيچارو آهي.

 

ڏاڍو-

ڏيل ته مـُـنهنجو ڏاڍو آهي،
ها، پر آقا آڍو آهي-
مان ئي هيءَ بندوق ڀريان ٿو،
مان ئي سڀ تي وارَ ڪـَـريان ٿو،
اَهنجو آهيان، سهنجو آهيان،
پوءِ به ٻنهي کي پنهنجو آهيان،
ڇو ته ٻنهي جو ڄاولُ آهيان-
 ۽ مان هوند هراوَلُ آهيان،
تيسين گوليون برسايان ٿو،
ويريءَ واهـَـرَ ترسايان ٿو،
جيسين گهر گهر ڦـُـر لايو ٿا،
جيسين سـَـڀڪـُـجهه چورايو ٿا.

 

]ڏاڍو اوندهه ۾ بندوق تاڻي بيهي ٿو، ۽ آڍو ۽ ڪاڍو زر زيور کڻي، ڍور ڍڳا ڪاهي، اوندهه ۾ گم ٿي وڃن ٿا. ولهار ٽپو ڏيئي منهن ۾ لٽڪندڙ ڪهاڙي لاهي ٿو وٺي، ۽ ڏاڍي تي وارُ ٿو ڪري. ڏاڍو وائڙو ٿي بندوق جو فير ڪري ٿو، جو گـُـسي وڃي ٿو، ۽ ڪـُـهاڙي جو ٻيو ڌڪ کائي، ڦهڪي سان ڪـِـري ٿو.[

ولهار-

ڦورو پنهنجا يار ڪـَـيا تو،
هيڻن تي هٿيار کنيا تو،
هاڻي ٿيندين ماهـُـه مـِـرن جو،
’ڏاڍا‘ ڪانئر! ڳاههُ ڳـِـجهن جو.

 

]ولهار ڌرتيءَ تان ڏاڍي جي ڪـِـري پيل بندوق کڻي ٿو. هن جا ڳوٺائي ڪـُـهاڙيون کڻي، کٻڙن جي اوٽ مان ٻاهر اچن ٿا. [

ولهار-

اي پاهـَـڻ جهڙا واهـَـڻيو!
ڇا لاءِ ائين لاچار رَهو!
ڇا لاءِ ڊڄو، ڇا لاءِ لـِـڪو!
آ ڪـُـڙم مـَـٿان ڪيڏو نه ٽـِـڪو!
ٿا ڪانئر راتو رات اَچن،
۽ گهاتـَـڪ سوچي گهات اَچن،
 ۽ گهر گهر ڦـُـر لـُـٽ لائن ٿا،
هـَـر گهـَـر واري کي گهائن ٿا،
هـَـر گهـَـر واريءَ کي لوئن ٿا،
 ۽ ميڙِي چونڊِي ڍوئن ٿا.
هي جـِـيئڻ ڪـَـهڙو جيئڻ آ،
جي جندڙي وِهه جو پيئڻ آ!
هيءَ جندڙي جهـُـوٽو آ جـَـر تي،
جو لهر اُڀاري ٿو ڇـَـر تي،
جو پنهنجو اوچو ڳاٽُ جهـَـلي،
ٿي پاڻيءَ تي ڪـُـجهه وقت هلي،
 ۽ گيتَ مـَـڌُر ڪي ڳائي ٿي،
پوءِ پنهنجو پاڻ سائي ٿي
هن ڌرتيءَ ۾، هن انبر ۾،
هـِـن نيري گهـَـري ساگر ۾.
پر اُن ۾ وِيسـَـر اُڀرن ٿا،
جي آنڌيءَ مانجهي اُڳرن ٿا
هن جـَـر جي جيءَ جياپي کي،
هر اَڌڪاريءَ جي آپي کي،
اي پاهـَـڻ جهڙا واهـَـڻيو!
ڇا لاءِ ائين لاچارُ رهو!
ناهـَـر ته لڳا ٿي ٻاهـَـر ۾،
ڌاڙيل گدڙ ها اندر ۾،
اڄ تن جو پيڇو ڪـَـرڻو آ،
هي آڍو، ڪاڍو مـَـرڻو آ،
جـِـن سنجها جو سـِـندُور لـُـٽيو،
جـِـن ڀيڄ ڀنيءَ جو نـُـور لـُـٽيو،
اڄ تن کي پـُـورو ڪـَـرڻو آ،
اِئن واپس مـُـور نه وَرڻو آ.

 

]وينگس ڏانهن منهن ڪري چوي ٿو.[

اي وينگس! تـُـنهنجا وارَ چڱا،
۽ تـِـن تي مـُـنهنجا آر چـَـڱا،
مون تـِـن جي ڇانوَ به ماڻي آ،
 ۽ ساري ڌرتي واڻي آ
ڪنهن سپني سان.. پر ڪيئن ڪيان!
ٿو توکان مان اڄ دُور وڃان!
جن ڦورُن توکي گهايو آ،
۽ ساري رات لـُـڇايو آ،
مان جيسين تن کي ناس ڪيان،
ٿو تيسين ڪو بـَـنواسُ وٺان.
مان نيٺ ته موٽي اَچڻو هان،
۽ توسان گڏجي نچڻو هان،
هن رنگ رنگيليءَ ڌرتيءَ تي،
مـَـد مـَـستُ نشيليءَ ڌرتيءَ تي،
ٿي ڀيچي لـُـنب لـَـيارن سان،
 ۽ ڀيڄ ڀنيءَ جي تارن سان....
پر هاڻي مون کي وڃڻو آ،
هي وعدو مـُـور نه ڀڃڻو آ.

 

]وينگس جي رَت ۾ لويل چـُـني، بندوق جي ناليءَ ۾ ٻڌي، بندوق کي اُڀو ٿو ڪري. [

مان تـُـنهنجي آرتي کـُـهنبي مان
هي ڳاڙهو جهنڊو ٿو ٺاهيان،
اڄ هـِـن پرچم جي پاڇي ۾،
مان ڪوٽَ اندر يا ڪاڇي ۾،
لـَـلڪار ڪـَـندُس هر ويريءَ تي،
 ۽ وار ڪندس هر ويريءَ تي،
جـِـيئن ٽـَـڪَ ٻڌِي، ڏئي واگهـُـه ٽپو،
 ۽ هانءُ ڪڍي هاڙهيالي جو.

 

]ڏاڍي جي لوٿَ ڏانهن ڏسي ٿو. [

ها، گهاتڪ تـَـنهن جي گولي آ...
دل دُشمن جي پر پولي آ-
جنهن وقت پڇاڙيم پاکرَ تي،
ڄڻ ڇـِـپَ ڪري ڪا ڇاڇر تي.
هـُـو قهري آ، هو قاتل آ،
پر ظالم پوءِ به بزدل آ.
جي ڏُوران ڏِسُ ته مـُـهاڙن سان
هتي ويري آهه پـَـهاڙن جان،
پر ڏونگـَـر جي آ ڏيکَ گهڻي،
جو ظلمُ اُنهيءَ ۾ سرنگهه هـَـڻي،
هر وقت اُنهيءَ کي ڊاهي ٿو،
هڪ کوکو ڍانچو ٺاهي ٿو.

 

]ساٿين ڏانهن ڏسي ٿو. [

اي معصومو! اي مظلومو!
گهنگهورُ گهـَـٽائـُـون ٿي جهومو!
هر ڏونگر تي للڪار ڪـَـيو،
 ۽ اُڀري اُن تي وارَ ڪيو!
انڌير نه ڪوئي رَهڻو آ،
 ۽ پيرُ نه ڪوئي رَهڻو آ
ڪنهن پاپيءَ جو هـِـن پاڙي ۾.
اڌ رات ڪـَـٽـِـيسـِـين ڌاڙي ۾،
هيءَ باقي رات به ڪـَـٽڻي آ...
پر هاڻي بات به ڪٽڻي آ،
۽ ويري پويان وڃڻو آ،
۽ تـَـنهن جو ڳاٽو ڀڃڻو آ،
ها، باکَ ڀليري اَچڻي آ،
نـَـئن - موهن تي جا نچڻي آ،
ٿـِـي ڪـِـرڻو ڪـِـرڻو پاڻيءَ تي...
جئن چانديءَ جا هارياڻيءَ تي
ڳهه جهر مر جهر مر لائن ٿا،
اَکِ اُڊي جهـَـپڪائن ٿا.
جي ڏونگر ڏاري اينداسين،
جي مارِي ماري، اينداسين-
هي سانگي پنهنجا چـَـؤنرن سان،
 ۽  چاڏيءَ چاڏيءَ ڌَؤنرن سان،
 ۽ مينـِـهن سان ۽ گانـِـئن سان،
 ۽ پنهنجن ڀال ڀلائـِـن سان،
ٿي آجا اوني اُلڪي کان،
ڪا ننڊ ڪندا تنهن جهـُـلڪي سان،
 جو واهوندَن ۾ ورڻو آ...
سو ماڻهو مـُـور نه مـَـرڻو آ،
جو ساهه ڏئي ٿو ننگـَـن تي،
 ۽ جهانگين تي ۽ جـَـهنگن تي،
 ۽ پنهنجيءَ کيتيءَ پوکيءَ تي،
 ۽ پنهنجيءَ ريت انوکيءَ تي.
سنسار ته ڏاڍو سـُـهڻو آ،
هي ڄارُ ته ڏاڍو سهڻو آ-
ڪـَـنهن گهاتوءَ گهيرُ وَسايو آ،
 ۽ هـَـر ڪنهن کي ڦاسايو آ-
آ ماڻهوءَ جو مـَـن ڪـُـنڍيءَ ۾،
ڪو ڪـَـنڊو آهي مـُـنڍيءَ ۾،
جو هـَـلڪي پـِـيڙا آڻي ٿو،
جا پـِـيڙا ماڻهو ماڻي ٿو.
جنهن وقت مگر ڌاڙيل اَچن،
 ۽ ڌرتگيءَ تي انڌير مـَـچن،
هـِـن چنڊ مـَـنجهان، آڪاسَ منجهان
 ۽ ڌرتيءَ جي وَن واس مـَـنجهان،
ڳنڍير منجهان ۽ ڳم مـَـنجهان،
 ۽ پنهنجي هـَـڏ ۽ چـَـمَ مـَـنجهان،

 

۽ چـَـنگَ چڙي جي لارَ مـَـنجهان،
ڄڻ هن ساري سنسارَ مـَـنجهان،
ٿي ظلم سـِـتم جي بانس اچي،
ڪنهن گهـَـري غم جي بانس اچي-
ڇا جهانگيءَ مان، ڇا سانگيءَ مان،
ڇا دونهينءَ مان، ڇا دانگيءَ مان،
ڇا پنڊيءَ مان، ڇا مانيءَ مان،
ڇا تـُـنهنجي ڳل جي ڳانيءَ مان،
ڇا تـُـنهنجن ڪارن وارن مان،
ڇا تنبوري جي تارن مان،
ڇا گيتنِ مان، ڇا بيتن مان،
ڇا ڏات اچيتن چيتن مان،
ٿي وَر وَر ساڳي بانسَ وَري،
 ۽ گهـَـري غم جي ڇـَـٽَ ڪـَـري-
اڄ ظلم نهوڙي اينداسين،
هي جهنڊو کوڙي اينداسين،
 ۽ ان جي ڳاڙهيءَ مستيءَ ۾،
هن پنهنجيءَ پوريءَ وستيءَ ۾
ڪو سورج ٻاري اينداسين،
 ۽ ڏينهن اُڀاري اينداسين!

 

]ولهار جا ساٿي، مٺيون ڀيڪوڙي، ٻانهون مٿي ڪن ٿا. [

ساٿي ]ڪورَسَ ۾[

ڪو سورج ٻاري اينداسين،
۽ ڏينهن اُڀاري اينداسين!
هي جهنڊو ڳاڙهيءَ مستيءَ ۾،
ڀل جهولي پنهنجيءَ وستيءَ ۾،
هو ماري ماري اينداسين،
هو ڏونگر ڏاري اينداسين!

 

]گهايل وينگس اٿي ڪري، سڀني کي ڳچيءَ ۾ ڳاڙها ڳانا ٻڌي ٿي، ۽ هو وري ڪورَسَ ۾ ڳائن ٿا. [

ڪو سورج ٻاري اينداسين!
۽ ڏينهن اُڀاري اينداسين!
ڪا باهه لڳائي ٻيلن کي،
هن ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن کي
اڄ ماري ڏاري اينداسين!
ڪو سورج ٻاري اينداسين!
ڪو سورج ٻاري اينداسين.....!

 

]سڀ ڪورس ۾ ڳائيندا، روشن ڇانوري ۾ ويندا نظر اچن ٿا. پردو ڪري ٿو. [

 

---


(1) خواجه صاحب جي انهن صاحب جي انهيءَ مضمون جو ترجمو ”مهراڻ رسالي جي سال 3-1967ع ۾ ڇپيل آهي (۽ پڻ هن جي پرچي جي مهڙ ۾ دوباره آندو ويو آهي. - ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com