مڪاتيب راشدي
سنڌ جو نامور محقق سيد حسام الدين راشدي، علم جي
ڀنڊار هجڻ سان گڏ اداره ساز شخص پڻ هو. پاڻ ڪيترن
ئي تحقيقي ادارن کي وجود ۾ آندائين ۽ انهن جي
ڀرپور سرپرستي ڪيائين. ان سان گڏ اڪثر عالمن ۽
محققن سان علمي ۽ ادبي اشتراڪ، ضرورت جي وقت اديبن
۽ لکندڙن جي سرپرستي توڙي واهر ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي
ڪتابن جي تياري کان وٺي اشاعت جي مرحلن تائين مدد
ڪرڻ ۾ راشدي صاحب هميشہ دل و جان سان اڳڀرو رهيو.
اهوئي پس منظر آهي جو راشدي صاحب جا هندستان،
ايران، سوويت يونين ۽ يورپ تائين سوين عالم، اديب
۽ محقق، دوست ۽ ساٿي توڙي مداح ۽ گهڻگهرا موجود
هئا. جيتوڻيڪ راشدي صاحب جي وفات کي اڄ ٽيويهه
ورهيه گذري چڪا آهن، تڏهن به سنڌ جي هن مايهء ناز
هستي جي تحقيقي ۽ ذاتي فراخدلانه خوشبوءِ جيئن جو
تيئن موجود آهي ۽ هر ايندڙ ڏينهن تي سندس عزت ۽
آبرو توڙي علمي ڪمن جي ساک ۽ شهرت وڌندڙ آهي.
پير حسام الدين راشدي صاحب ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾
انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز نالي
هڪ ادارو ٺهرائڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. ابتدا ۾
ان جو ميمبر ۽ پوءِ نائب صدر مقرر ٿيو. هن اداري
راشدي صاحب جي رهبريءَ ۾ اولهه ۽ وچ ايشيا بابت
تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ، محدود وسيلن هوندي به تحسين
جوڳو ڪم ڪيو. راشدي صاحب 1982ع ۾ جهان ڇڏيو. ان
بعد به هي ادارو پنهنجي فعال سيڪريٽري ۽ بزرگ
دانشور ڊاڪٽر رياض الاسلام جي نگرانيءَ ۾، پنهنجن
مقصدن هيٺ ڪم ڪندو رهي ٿو. ليڪن هن اداري جي ڪمن ۾
نمايان ڳالهه هيءَ آهي ته ان پنهنجي باني ۽ محسن
پير حسام الدين راشديءَ کي پوري احترام سان ياد
رکيو آهي. موقعي مهل سان پير صاحب بابت ميموريل
ليڪچر منعقد ٿين ٿا ۽ بعد ۾ انهن کي ڪتابي صورت ۾
شايع پڻ ڪيو وڃي ٿو. خود راشدي صاحب جي نالي سان
هن اداري ٽي نمايان علمي ڪم ڇپرايا آهن.
1. پير حسام الدين راشدي اور ان ڪي علمي ڪارنامي،
سال 1984ع.
2. مقالات راشدي، پير صاحب جا اردو مضمون ۽ مقالا،
سال 2002ع.
3. مڪاتيب راشدي بنام ڊاڪٽر محمد باقر، سال 2005ع.
پهرئين ڪتاب جو سنڌي ترجمو امام راشديءَ ڪيو، جو
رسالي ”مهراڻ“ نمبر 2، سال 1997ع ۾ شايع ٿيو. ٻيو
ڪتاب هن تبصري جي لکندڙ جي ترتيب ۽ مقدمي سان شايع
ٿيو. مڪاتيب راشدي تازو ڇپيو آهي، جنهن کي ڊاڪٽر
خضر نوشاهيءَ ترتيب ڏنو آهي.
مڪاتيب راشدي بنام ڊاڪٽر محمد باقر، جيئن نالي مان
ظاهر آهي، راشدي صاحب جي خطن جو مجموعو آهي، جي
پاڻ پنجاب جي مشهور اسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر محمد باقر
جي نالي لکيائون. ڊاڪٽر محمد باقر اردو ۽ فارسي
زبان جو ممتاز عالم هو. پاڻ 1910ع ۾ پيدا ٿيو ۽
1993ع ۾ وفات ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب مختلف ملازمتن
کان پوءِ پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو.
بعد ۾ پروفيسر ٿي، پنجاب يونيورسٽي اورينٽل ڪاليج
جو پرنسپال به بنيو. رٽائرمنٽ کان پوءِ پنجاب
يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ايميريٽس مقرر ٿيو. مختلف
مقالن ۽ مضمونن کان علاوه پاڻ اٺاويهن ڪتابن جي
مصنف ۽ مرتب يا محقق جي حيثيت ۾ تحقيقي دنيا ۾
نالو روشن ڪري ويو.
راشدي صاحب جي ڊاڪٽر محمد باقر سان دوستيءَ جي
حوالي سان ڊاڪٽر رياض الاسلام لکي ٿو:
”ڪجهه عالي مرتبت عالمن ۾ هڪ قسم جي خُشڪي ٿئي ٿي،
جنهنڪري علمي دنيا جا ٻيا ماڻهو انهن کان پرهيز
چاهيندا آهن. پر پير صاحب ۾ عجيب مقناطيسي قوت
هئي. اهل علم چاهي ڪهڙي به رتبي وارا هجن، انهن ۾
علم جي سچي محبت ڏسي، پير صاحب انهن جي پذيرائي
ڪندو، انهن کي پنهنجو ڪندو، انهن جي همت افزائي
ڪندو، ۽ انهن جي علمي معاملن ۾ آسانيون پيدا ڪندو
هو. کوٽن سڪن کي پري کان پرکيندي، انهن کان حتي
الامڪان ڪوشش ڪري پاسو ڪندو.“
جائزي هيٺ ڪتاب ۾ پهريون خط 15 جنوري 1957ع جو آهي
۽ آخري خط 3 جنوري 1976ع جو آهي. ڪل 88 خط ڏنا ويا
آهن، جن مان ڪجهه اهڙا به آهن، جن تي تاريخ (سال)
لکيل ڪونهي. هي خط ٻن ناميارن عالمن جي تعلقات،
خيالات، علمي سوچن، ادبي سرگرمين، ادارن جي حال،
تحقيقي معاملن ڏي روين، حالتن، مجبورين ۽ پريشانين
کان علاوه، ريسرچ ۽ تاريخي مطبوعات جي باري ۾ ڳچ
ڄاڻ مهيا ڪن ٿا. مثال طور. هڪ خط ۾ راشدي صاحب لکي
ٿو: ”خدا جي واسطي ذاتي ذخيرن مان قلمي شيون گڏ
ڪيو ۽ انهن کي شايع ڪيو. ورنه ته ڪيئي شيون تباهه
ٿي چڪيون آهن، جو ڪجهه بچيو آهي اهو به عنقريب ختم
ٿي ويندو.“
هونئن ته هنن خطن جي ذريعي پير صاحب جي انسان
دوستي ۽ علم پروري جا ڪيئي مثال آڏو اچن ٿا، ليڪن
ڊاڪٽر باقر کي ڪيترن ئي ماڻهن سان پير صاحب
متعارف ڪرايو. ڪيترن ئي ماڻهن جون سفارشون ڪيون،
جيڪي عام طرح سان علمي ۽ تحقيقي مدد جي لاءِ
هونديون هيون. راشدي صاحب خلوص ۽ محبت توڙي
دردمندانه احساسن جو ڀنڊار هو. هنن خطن ۾ ان جا
ڪيئي مثال ملن ٿا. هڪ خط ۾ ممتاز حسن جي حوالي سان
هن ريت اظهار راءِ ڪري ٿو: ”ممتاز حسن جي موت مون
کي بلڪل ئي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي مان پاڻ کي
هڪ رڻ پٽ ۾ اڪيلو محسوس ڪريان ٿو. حيران ۽ پريشان،
زندگي ڀر هي داغ نه مٽجي سگهندو.“
ڊاڪٽر خضر نوشاهيءَ خطن جو هيءُ مجموعو وڏي محنت
سان تيار ڪيو آهي. ابتدا ۾ سيد حسام الدين راشدي ۽
بعد ۾ ڊاڪٽر محمد باقر جي مختصر سوانح ڏيڻ کان
پوءِ، ٻنهي عالمن جي ڪتابي ورثي جو مختصر جائزو
ڏنو ويو آهي. ان کان سواءِ هر خط جي آخر ۾ حاشيا
لکي، علمي دنيا جي لاءِ ۽ خاص ڪري ايندڙ نسلن جي
لاءِ نهايت مفيد ڄاڻ ڏني وئي آهي. راشدي صاحب
مختلف عالمن جي مدد ڪندي، هي ڪوشش ڪندو هو ته،
انهن کان سنڌ جي باري ۾ به ڪو علمي ڪم وٺجي. ان پس
منظر ۾ ٽالپر دور ۾ لکيل هڪ تذڪرو ”زبدة
المعاصرين“ پير صاحب جي همٿائڻ تي ڊاڪٽر محمد باقر
تيار ڪيو. هي تذڪرو 1966ع ۾ شايع ٿيو. مڪتوبات
راشدي نالي ۾ ته خط آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان جي
علمي اتهاس جي باري ۾ هڪ ڪارائتي بنيادي ماخذ جو
درجو رکن ٿا. مثال طور هي خط ڏسو:
”گذارش آهي ته منهنجو عزيز دوست ۽ سنڌ جو معزز ۽
مشهور صاحب قلم، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ يونيسڪو جي
لاءِ هڪ ڪتاب لکي رهيو آهي، جنهن ۾ مغربي پاڪستان
جي تمدن ۽ تهذيب توڙي علم ۽ فن کي اجاگر ڪيو
ويندو. هن سلسلي ۾ پاڻ فيض صاحب سان پنجاب جي باري
۾ رجوع ڪيو هئائين. مون هن کي اوهان سان خط و
ڪتابت ڪرڻ جو چيو آهي، ۽ عرض ڪيو آهي ته هن سلسلي
۾ اوهان هن جي گهڻي مدد ڪري سگهو ٿا. هن جو خط
عنقريب اوهان وٽ پهچندو. منهنجي زوردار گذارش آهي
ته اوهان هن سان پورو تعاون ڪيو ۽ پنهنجين خداداد
صلاحيتن سان هن کي استفادي جو موقعو ڏيو.“
هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 160 صفحن تي، اوچي ڪاغذ تي
ڇپيو آهي. هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيه آهي. هي ڪتاب
انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز،
ڪراچي يونيورسٽي وٽان ملي سگهندو.
- غلام محمد لاکو
قرآن حڪيم جون
خصوصيتون
”قرآن حڪيم جون خصوصيتون“ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
چيئر طرفان ڇپائي شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو مولانا
ڪوثر نيازيءَ جي ڪتاب ”بصيرت“ جو ترجمو آهي ۽
علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جهڙي جيد عالم ان کي
سليس ۽ سلوڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻي هڪ وڏو ڪارنامو
انجام ڏنو آهي، جنهن ۾ هڪ سؤ ٻارنهن موضوعن متعلق
قرآني آيتن جو ترجمو ۽ تشريح ڏنل آهي. قاسمي صاحب
جي ترجمي جو انداز ايڏو ته عام فهم ۽ من موهيندڙ
آهي جو ائين لڳي ئي ڪونه ٿو ته اهو ڪو ترجمو آهي.
مثال طور: ”ايمان جي واٽ تي هلڻ ٻارن جي راند نه
آهي. ان ۾ ٻه چار نه پر ڪيترا سخت مرحلا ايندا
آهن. مسلمان هجڻ جو اعلان ڪرڻ ڄڻ ڪيترين پابندين
کي قبول ڪرڻ ۽ ڪيترين مشڪلاتن کي دعوت ڏيڻ آهي.“
(ص 13، صبر ۽ نماز)
يا هي سٽون: ”هن آيت مان هي سبق مليو ته انسان جي
فضيلت جو اصل راز علم ۾ لڪل آهي. هيءَ اها وصف آهي
جيڪا کيس ملائڪن کان بلند ڪري ٿي، تڏهن مسلمان تي
لازم آهي ته اهي علم پرائڻ ۾ هر طرح وقف ٿي وڃن.“
(ص 12، علم جي فضيلت)
هن ڪتاب ۾ ڪلام پاڪ جي آيتن کي عنوانن سان پيش ڪيو
ويو آهي، جنهنڪري هر موقعي ۽ مهل بابت حڪمت جي هن
اعليٰ ڪتاب سان فائدو وٺي سگهجي ٿو.
”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر“ جي هڪ سال جي
ڪارڪردگيءَ مان خبر پوي ٿي ته اڳتي هلي هيءَ چيئر
علمي ۽ تحقيقي کيتر ۾ وڏي خدمت ڪندي ۽ سنڌ ڌرتي کي
علم سان مالامال ڪندي. اهڙي عزم جو اظهار چيئر جي
سرپرست ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر مسٽر
مظهرالحق صديقيءَ جي تحرير مان ظاهر ٿئي ٿو.
ترجمي بابت چيئر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر قاضي خادم لکي
ٿو ته: ”ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت ته غير معمولي آهي
پر هڪ مفسر جي تفسير کي ٻئي مفسر جنهن جذبي سان
ترجمو ڪيو آهي، تنهن جي بلنديءَ جو به اهو پختو
دليل آهي.“
ٻه سؤ اوڻٽيهه صفحن جي ڊيمي سائيز تي ڇپيل هن ڪتاب
جي ڇپائي، پنو توڙي ٽائيٽل نهايت جاذب ۽ خوبصورت
آهن ۽ ان جي قيمت اڍائي سو رپيا مناسب آهي.
- مسعود قريشي
ايڏو
شان شعور
”ايڏو شان شعور“ سنڌ جي جيد عالم غلام مصطفيٰ
قاسميءَ جي رسالي ”الرحيم“ ۾ ڇپيل سندس ايڊيٽوريلس
جو مجموعو آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيل
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر پاران ڇپايو ويو آهي
۽ اُن تي نظرثاني ڊاڪٽر قاضي خادم ڪئي آهي.
هن مجموعي ڇپائڻ جو خاص مقصد اهو هو ته جيئن
علامه قاسمي صاحب جون ٽڙيل پکڙيل لکيتون هڪ هنڌ
يڪجا ٿي سگهن ۽ انهن مان پڙهندڙ چڱيءَ ريت مستفيد
ٿي سگهن ۽ اهي محفوظ به رهي سگهن. اهو ڪم هن ڪتاب
جي ذريعي احسن طريقي سان سرانجام ڏنو ويو آهي،
جنهن لاءِ چيئر جا سرپرست مظهرالحق صديقي صاحب ۽
اعزازي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم بجا طور
تي تعريف جي لائق آهن. سهيڙيندڙ ڊاڪٽر مظهرالدين
سومرو آهي، جنهن وڏي ڪوشش وٺي ”الرحيم“ جا
ايڊيٽوريل گڏ ڪري ڇپائيءَ لاءِ چيئر کي پيش ڪيا،
جنهن ان جي اشاعت جو نهايت عمدگيءَ سان بندوبست
ڪيو، جو اعليٰ پايي جو مواد سهڻي نموني سان شايع
ٿي پڙهندڙن تائين پهتو آهي.
هن مجموعي ۾ ڪل 55 ايڊيٽوريل، سرپرست جناب
مظهرالحق صديقيءَ جو پيغام، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر قاضي
خادم جو پيش لفظ ۽ مرتب ڊاڪٽر مظهرالدين سومري جو
مهاڳ پڻ شامل آهن، جن ۾ ڪتاب جي اشاعت، قاسمي چيئر
جي مول مقصدن جي اپٽار سان گڏ ڪتاب جي مواد تي به
چڱي معلومات ڏني وئي آهي.
قاسمي صاحب جا هي ايڊيٽوريل سنڌ، سنڌي ٻولي، ادب ۽
سماج جا حقيقي عڪاس آهن، جن ۾ صحافتي ايمانداري،
عالمانه فڪر ۽ سياسي توڙي سماجي شعور جو ڀرپور عڪس
ملي ٿو. هن شخصيتن، سياسي واقعن توڙي سماجي
نابرابري وارن حادثن تي قلم کڻي هڪ سُڄاڻ عالم جو
فرض ادا ڪيو آهي.
هي ڪتاب نهايت اعليٰ قسم جي ڇپائي ۽ سهڻي پڪي
ٽائيٽل سان سينگاريل آهي ۽ قيمت صرف ٻه سو رپيا
آهي.
- ڊاڪٽر نورافروز خواجه
رشتن جو رقص
لکڻ کيل تماشي جي ڳالهه ناهي ۽ نه ڪوئي ليکڪ محض
تفريح يا لوڪ جي دل وندرائڻ جي غرض سان هيءُ ڪشٽ
ڪاٽڻ تي آماده ٿئي ٿو. بلڪه ڪوبه سنجيده، ليکڪ
پنهنجي چوڌاري بدلجندڙ حالتن، هلندڙ ڪاروهنوار،
سماجي گدلاڻ، اردگرد جي ڪردارن ۽ وارتائن جا مختلف
پهلو، داخلي توڙي خارجي ڪيفيتن جي اُپٽار، زمان ۽
مڪان جا لاها چاڙها اهڙيءَ ريت فوڪس ڪرڻ چاهيندو
آهي جو پڙهندڙ جو ذهن ابهام کان خالي، مقصديت سان
پُر، ان جي انجام سان آشنائي حاصل ڪري سگهي.
بيمار معاشري ۾ صحتمند تحرير جو سرجڻ اهڙو ئي لازم
امر آهي، جهڙو برسات کان پوءِ واريءَ مان کُنڀين
جو ڦٽي اُسرڻ. خود فريبين جي ڪوڙهه ۾ ورتل ڪنهن به
سماج جو ليکڪ اهو بخوبي ڄاڻي ٿو ته اهڙي قسم جي
ناڪاره ماحول ۾ ”تخليق“ ذريعي ئي سماجي رُخ کي
سنئين واٽ لڳائي سگهجي ٿو. سنڌي ادب ۾ معاشرتي
اوڻاين کي پڌري ڪندڙ شفاف ۽ رهنما مواد جي ڪا ڪمي
ناهي. اسان جو ليکڪ هيءَ ذميواري اڳ ۾ به خوش
اسلوبيءَ سان نڀائيندو رهيو آهي، ۽ ان نيڪ مقصد جي
تسلسل ۾ قلم وهائيءَ جو ڪم ساڳئي زور شور سان اڃا
به جاري آهي. ڪهاڻين جو هيءُ مجموعو ”رشتن جو رقص“
هند ۽ سنڌ جي نامياري ليکڪا محترمه ريٽا شهاڻيءَ
جو تازو ڇپيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ پڻ مٿينءَ سوچ سان
هم آهنگ خيال پنهنجي جيئري جاڳندي ماحول ۽ ڪردارن
۾ ساهه کڻندي محسوس ٿي رهيا آهن.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين بابت آيل راءِ ته ”اڪثر
ڪهاڻيون هندستاني سماج جي مٿئين ڪلاس جي فردن جون
ڪهاڻيون آهن“، سان آءٌ متفق ناهيان. ائين چئي
سگهجي ٿو ته ليکڪا جو تعلق اپر ڪلاس سان هجڻ ڪري،
منجهانئن اهڙو اولڙو نظر اچي رهيو به هجي، پر انهن
مٿان مخصوص سماج سان وابستگيءَ جو ٺپو هڻي ڇڏڻ
ناانصافي ٿيندي. (منهنجو مقصد هن راءِ کي نندڻ نه
بلڪه ڪهاڻين جي وسيع پسمنظر کي اجاگر ڪرڻ آهي)
جنهن جي تقاضا خود اُنهن جا موضوع ۽ ڪردار اسان
کان ڪندي معلوم ٿين پيا.
ريٽا جي ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين جا موضوع ۽ ڪردار آءٌ
ڀانيان ٿو، رڳو هند ۾ پرورش پائيندڙ سنڌي سماج يا
اُتان جي اپر ڪلاس تائين محدود ناهن، بلڪه اهي
معاملا ٿوريءَ گهڻي ڦير گهير، نالن ۽ ماحول جي مٽ
سٽ سان ڪنهن به سماج سان سلهاڙي سگهجن ٿا. نڌڻڪي،
جُهنجهلاهٽ، ننڊ ڇو نه ٿي اچي، معصوم ڪردار،
ٽاڪنئون شيشو، چهري مٿان چهرا، هيءَ سڀ اهڙيون
ڪهاڻيون آهن، جن جا موضوع ۽ ڪردار ڪنهن به خطي
توڙي ماحول ۾ اُسري سگهن ٿا. ڪتاب ۾ ٻيون به سندر
ڪهاڻيون شامل آهن، جن جا نالا ئي پڙهو- دل وري وري
پڙهڻ لاءِ سَٽ کائي ٿي. هڪ، هڪ پويان ٻي، ٻيءَ
پويان ٽين- پڙهندا ويندؤ، جيستائين اوهان جي
مطالعي جو ٻار ليکڪا جي دل لُڀائيندڙ اسلوب ۽
انداز بيان جي آرامده جهوليءَ ۾ ننڊ پئجي نٿو وڃي.
”رشتن جو رقص“ ۾ شامل ڪهاڻيون موضوعاتي يڪسانيت،
هروڀرو جي ورجاءَ ۽ اجائي ڊيگهه جي مرض کان محفوظ
آهن. ان جي ڀيٽ ۾ موضوع، معنويت ۽ پلاٽ جي لحاظ
کان ڪردارن جي چونڊ ۽ لفظن جو استعمال نهايت ڌيان
۽ ڪاريگريءَ سان ٿيل معلوم ٿئي ٿو. تنهنڪري پڙهندڙ
ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻيءَ تي ڪنهن مونجهاري جي شڪار ٿيڻ
بجاءِ نهايت
Eassy
محسوس ڪري ٿو. ڪن ڪن جاين تي ته ليکڪا ڳنڀيرتا
وچان مطلب سان پُر ڪيترائي سواليه نڪتا اُٿاريا
آهن، جي ڌيان طلب آهن. ان سان ليکڪا جي وسيع
القلبي، دورانديشي، پنهنجي سماج توڙي لکڻ واري
ارپنا سان بي انت ڪمٽمينٽ جو اظهار پڻ ملي ٿو.
”رشتن جو رقص“ جي صورت ۾ ريٽا پنهنجن پاٺڪن جي
ذهني تسڪين لاءِ لفظن جي جڙاءُ جو ڪم ناهي ڪيو،
بلڪه اڻ ڇهيل موضوعن سان انصاف ڀريو ورتاءُ سهڻي
نموني سان سرانجام ڏنو آهي.
- راز شاهاڻي |