سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (4)

 

صفحو :15

عبدالغفور ”عابد“

غزل

ڳالهه ڦري آخر تو تي پهتي،

سڀ باطن ظاهر، تو تي پهتي.

خوبيءَ جي خاطر تو تي پهتي،

قدرت کان قاصر، تو تي پهتي.

هر درخواست، عرض، دعا، حاجت،

اي حامي، ناصر! توتي پهتي.

غائب، ڇا حاضر، توتي پهتي،

اي عالم، قادر! توتي پهتي.

نيت جا ئي سڀ ڀاڙا بيشڪ،

جا طيب طاهر، توتي پهتي.

دل هر درد قبول ڪيو خوش ٿي،

شاڪر ۽ صابر، تو تي پهتي.

منهنجي حال آهر توتي پهتي،

هي حمدِ شاعر، توتي پهتي.

 

حسن به عشق بنان ڪجهه ناهي،

ابر به، اب هجڻِ سان آهي.

حڪم، قضا جا ”ڪُن“ سان واهي،

ڊاهيو ٺاهي، ٺاهيو ڊاهي!

ميل ملائي کيل رچائي،

ٺاهه عجب جا ڪيڏا ٺاهي.

تخت ۽ تختا، بخت بنائي،

هيڻا، ڏاڍا، چاڙهي، لاهي.

ڪونه سگهيو ڪو پاڻ وڻائي،

جنهن کي چاهي، تنهن کي چاهي.

قادر، نقطه نواز چوائي،

گولا چونڊي، راجا راهي.

عجز سمائي، عقل هلائي،

ماڻهو سوچي، ماڻهو ڇاهي؟

 

ڪرم ۽ ستم، سارو تنهنجو ئي لکندو،

قصو هي قلم، سارو تنهنجو ئي لکندو.

اسان جي ٺلهي هڪڙي نالي جي پويان،

عمل، اذن، ڪم، سارو تنهنجو ئي لکندو.

محبت زيان ٿي چُڪي سا به تنهنجي،

لکڻ وارو غم، سارو تنهنجو ئي لکندو.

لکي مامرا، فيصلا، دو جهان جا،

عنايت، ڪرم سارو تنهنجو ئي لکندو.

سڀئي اشڪ منهنجا، ندامت به منهنجي،

پلئه پر سو نم، سارو تنهنجو ئي لکندو.

اسان سان نڀائڻ ۽ هر حال ڀانئڻ،

اِهو حلم، دم سارو تنهنجو ئي لکندو.

 

نه انسانَ ڀُلجي ڪڏهن چئج ”آئون“،

جو آئون چوڻ تي مليون سڀ سزائون.

تڪبر جون جن کي لڳن ٿيون هوائون،

اُنهن خير سان پوءِ لڌيون ڪونه لائون.

جي ”آئون“ جو ڪنهن کان اکر ڪو ٻڌائون،

پرين جي پڌر کان پري ئي ڪيائون.

نه نئڙت اگر نيازمندي ڏٺائون،

نه وڻندين، ڀلي پيو صديون هڻ صدائون.

فقيرن کي سونهن رڳو عرض منٿون،

سخيءَ کي، نوازش، عنايت، عطائون.

نظر، سوچ، عقل و انا جون جي غلطيون،

اِهي ئي وڏا ظلم، قاتل خطائون!

 


 

عرفانه ملاح

 

زندگي، فريڊم، پيار ۽ ڪمٽمنٽ

 

”فريڊم ڪمٽمنٽ آ“

”پيار ڪمٽمنٽ آ“

۽ زندگي به ته ڪمٽمنٽ آ

اِها ڪمٽمنٽ

نڀائيندي نڀائيندي

مان پنهنجو پاڻ وڃائي ويٺي آهيان

توسان

رهڻ، گهمڻ، پيار ڪرڻ …

پيار آ يا ڪمٽمنٽ آ

چاڪيءَ جي ڏاند جان

تو پيار جي پٽيءَ سان

منهنجون اکيون ٻڌي

ڪمٽمنٽ جي ڪِلي سان ٻڌي ڇڏيو آ

ڪمٽمنٽ جي پير ڪڙين

منهنجي روح جي فريڊم کي رهڙي ڇڏيو آ

پنهنجي پيار کي

ڪمٽمنٽ جي ڪفن ۾

دفنائڻ بجاءِ

مان

زندگي، فريڊم ۽ پيار کي

زبان سان چکي

ڀاڪرن ۾ ڀري

اندر ۾ اوتڻ ٿي چاهيان!

 

ابرار ابڙو

غزل

 

خواب جاڳيل، اکيون سُتل آهن،

بلبل جاڳيل، ڳليون سُتل آهن.

آءٌ جاڳان ٿو، چنڊ جاڳي ٿو،

رات ساري ڪَتيون سُتل آهن.

هوءَ سَهرن تان آئي آ موٽي،

گُلَ جاڳيل، سَڳيون سُتل آهن.

پئي ٻري ٿي بتي هوائن ۾،

گهر جا در ۽ دريون سُتل آهن.

جسم جهاڳي ٿو، جاڳ جهاڳي ٿي،

روح اندر رڙيون سُتل آهن.

 

 

ظهير زرداري

غزل

 

رات به گهُلندي هير ڏٺي مون،

تنهنجي آ تصوير ڏٺي مون.

 

تنهنجي چاهت جي پيرن ۾،

ساڳي آ زنجير ڏٺي مون.

 

منهنجو آهين، منهنجو رهندين،

هٿڙن تي تحرير ڏٺي مون.

 

هاڻي ساڳيا درد نه رهندا،

ڦِرندي آ تقدير ڏٺي مون.

 

آهي هر دم پنهنجي اندر ۾،

تنهنجي ذات ظهير ڏٺي مون.

 


 

سڀاش هميراڻي

نظم

وفا جي سفر ۾

اڃا ڀي اُڀيون هن ترارون،

ازل کان وڙهن پيا

ازل کان مرن پيا

اڃا ڪيسيتائين ته وڙهندا؟

اڃا ڪيسيتائين ته مرندا؟

پَني جا پريمي

ڪچي جون ڪُنواريون،

اڙي سنڌ لوڪو!

انهيءَ قتل جو ڪوبه

ليکو ته ٿيندو!

شهيدن جون

اُٿيون اُتر کان پڪارون

سڄي سنڌ ڪاتي، ڪهاڙي

ته ڪانهي.

اڃا تاءِ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ مٿان

ڪُڇن ٿيون ڪُنواريون

ادا او ڀٽائي!

اسان ڏيون ته ڪنهن کي ميارون،

کجين جي پنن ۾ لڪيل آهه ڪويل

سڏي پئي، ٻُڌي ڪوڪ ڪوئي

وڻن جي وٿين مان اچي ٿي

بهارن جي خوشبو،

نمن ۾ ڦٽو

ٻُور ڪوئي

پرينءَ جي پُڇا ۾

هلي جا گهران،

انهيءَ جي اکين ۾ ٻري پيو

ڏسي نُور ڪوئي

وفا جي سفر جو

پڇي پُور ڪوئي.

اسان جي تن من ۾

سدائين هُرن ٿيون

اتر جون وفائون

اتر جون صدائون

سکر ساڌٻيلي ۾

جوڳين جي

تن جي تپسيا

درازن جو دڳ ۽

سچل جي ڪويتا

سنبارا جي پيرن جي پائل

۽ موهن دڙي جون ڪٿائون.

اڙي او زمانا

قدر ڪونه ڄاتئه،

اڙي او اياڻا

نظر ڪونه آيئه!

سنجها منجهه

سنڌوءَ جو ڪوئي ڪنارو

شفق ڇانورا

۽ پکين جون اُڏارون

پَني جا پريمي

کجين جون قطارون

اتر جا نظارا،

اتر جون بهارون!

 

 

ياسين چانڊيو

بيت

منهنجو روح ائين سَکي، تو لئه ٿو تڙپي،

جئن ڪو واريءَ تي، ٻاٻيهو تڙپي پيو.

توسان منهنجي روح جو، ناتو آهي ايئن،

چانڊوڪيءَ جو جيئن، هوندو آهي چنڊ سان.

توسان منهنجي روح جو، اهڙو آ رشتو،

جئن خوشبو گل جو، هوندو آهي پاڻ ۾.

آءٌ پياسو تو بنان، سَرتي آهيان ايئن،

ٿر جي واري جيئن، پياسي آ بارش بنان.

منهنجو روح ائين سَکي، آ تولئه آتو،

تاڙو جئن ٿر جو، هوندو آهي مينهن لئه.

منهنجي دل ۾ او پرين، تنهنجو آهي چاهه،

جيڪو کڻان ساهه، تنهن ۾ ٿي محسوس ٿِين.

تون ئي منهنجو چين آن، تون ئي منهنجو خواب،

توبن آهه عذاب، منهنجي ساري جندڙي.

 

قاضي منظر حيات

غزل

 

ڌرتيءَ تي هئي ڌوڙ اُڏاڻي، تارا اُڀ ٽمڪيا،

توکي ساري نيڻ نِدورا، ڪيڏو ها ڇُلڪيا.

چپ چپن سان چاهه چريو ٿي چهٽيو اوندهه اوٽ،

ڳڀرو جذبا، شعلا شعلا، باهه ڀيڙو ڀڙڪيا.

اي- سي ڪمرو، جسم ٺريا ۽ موج به اوج رَسي،

بنگلي ٻاهر باغيچي ۾ راڻيءَ گل مهڪيا.

باک ڦُٽيءَ جي ويلا آئي، هُن جي مُک تي مُرڪ،

بي ڏوهيءَ جا ڦاهي گهاٽ ۾ لوهه لُڇيا کڙڪيا.

شمع ٻري تان پاڻ ئي پهتا سِڪ سميت پتنگ،

ڦٿڪيا ڪيئي، ڪنهن جا آهن ڪنڌ وري ٽڙڪيا.

قرب ۽ ڪاوڙ سان ڄاڻان ٿو: طنز، مذاق تضاد،

لفظ اذيت ڏيندا آهن سانت ۾ سي کُٽڪيا.

مُکُ مُکُ منظر، سوڀ سڀن جي پنهنجي پنهنجي آ،

مقصد غزل جن کي ڪونهي، راهه ۾ ئي ڀٽڪيا.

 

 

علي زاهد

کن پل جو جيون

 

جوانيءَ جي جلندڙ وکن جا رفيقو!

اسان جي اکين ۾ اسان جي دلين تي

اڃا نقش آهن اُهي سڀ گهڙيون ۽

سمورا ڏهاڙا، سموريون سي راتيون

جڏهن پاڻ پنهنجي

دلين لاءِ آٿت جي ڳوڙهين ڳلين جا

ڪي رهبر هئاسين

اسان پنهنجي اندر جون سڀ بيقراريون

سدا واٽ ويندي

نشيلين

نگاهن کي ارپي

گهڙيءَ لاءِ ترسي

اُتان پوءِ سرڪي

سکن کان ڏکن جي

ڏِسائن ڏي نڪري وياسين

اَسان واٽ ويندي

جتي ٿاڪ ڀانيو

اتي عاشقيءَ جو ڏيو ڪو جلايو

هوا جو وسايو

ته بوڇڻ ڇنڊيوسين

وري واٽ پنهنجي

نئين جاٽ پنهنجي

اسان همسفر ٿي

سُڃي رهگذر تي

اکين ۽ چپن سان سليا سور دل جا

اُهي ياد آهن

۽ راتين جي جاڳيل اکين کي

شفق جي رڱن سان سجائي

سنجها کان ئي اُن صبح جي آجيان لئه

سنسان رستن تي پنهنجون

سموريون ئي رولاڪيون

ڏين ساک جن جي هوائون شهر جون

او يارو، اسان جو ته هڪڙوئي دڳ هو

۽ منزل به ساڳي

مگر ڇا خبر هئي؟

اسان جي به دڳ کي

رڳن جان هيون ڪيئي واٽون

تڏهن اوچتو سڀ جدا ٿي وياسين.

ڪڏهن اتفاقاً جو ٻيهر ملون ٿا

اوهان ساٿ ڏيو ٿا، مگر چند پل

پوءِ راهي ٿيو ٿا

انهن پيچرن ڏي،

انهن ڀاڪرن ڏي

جتي يادگيرين جي برسات ناهي

جتي ڪا رفيقن سندي رات ناهي

جتي دوستيءَ جا سڀئي قول ٻاڙا

مگر ڪو اسان جو پتو آ اوهان کي،

اسان عيش عشرت جي ڀاڪر ۾ ڦاسي

ٽڪياسين اُتي ڪجهه گهڙيون پوءِ ڦٿڪي

اتان ڀي ڇڏائي

ورياسين وري پنهنجي آوارگيءَ ڏي

جتي صبح ساڳيو،

جتي سانجهه ساڳي،

جتي رات ساڳي.

اوهان کي، اوهان جي پسنديءَ مطابق

مليا ماڳ يارو

اوهان کي مبارڪ!

اسان يار ساڳيا اُساٽيل اڃا ڀي

اُنهن ئي دڳن جا مسافر اسين، جي

رُڃن ڏي وڃن ٿا

اُڃن ڏي وڃن ٿا

اوهان جي ته اندر ۾ آهن کٿوريون خوشين جون

اوهان کي مبارڪ

اسان جي پلئه ۾

اهائي سچائي

اهي يادگيريون ۽ کن پل جو جيون!

 

حُبدار سولنگي

دوها

 

ماڻي پيار، ريت ۽ خوشيون، ٻهڪين شل ٻيهار،

جيون جي هر پل جا پنڇي تو لئه آڻن پيار.

گهُور اسان کي، گهُور اسان  کي، هيڪر گهُور وري،

تنهنجي چاهت جي لئه منهنجي چڳ چڳ آهه چري.

جيسين تنهنجا نيڻ اسان کان ڏور رهيا او يار!

ڪنهن به نه مون کي موهيو، جڳ جا ڪين وڻيا وهنوار.

روڪين ڇو ٿو، ٽوڪين ڇو ٿو، پيار ته ناهي ڏوهه،

پيار ته آهه عبادت پيارا، پيار ته آهي موهه.

تون چاهت، تون چانڊوڪي ۽ تون ئي روح ورونهن،

تون ته سراپا سونهن، الاوو، تون ته سراپا سونهن.

نيڻ گهرن ٿا سونهن، سندرتا، هر ويلي، هر ڏينهن،

دل ته هڻي ٿي نينهن جو نعرو، دل ته گهري ٿي نينهن.

جنهن جا هٿ گهرن ٿا ميندي، نيڻ گهرن ٿا چاهه،

اُن سان منهنجو پيار الاوو، اُن ۾ منهنجو ساهه.

منهنجن وکريل وارن ۾ تون پنهنجا هٿ ڦيراءِ،

منهنجا نيڻ اُداس رهن ٿا، تن ۾ رنگ رچاءِ.

تنهنجين راهن منجهه رُلن ٿا، منهنجا پاڳل نيڻ،

رات- هوائون منهنجيون سرتيون، چنڊ، ستارا سيڻ.

ڪپ تي چُپ چُپ ويٺي آهي، پاڻيءَ ۾ ٿس پير،

پاڻيءَ جيئن شفاف لڳي ٿي، آهه الائي ڪير؟

منهنجا نيڻ چُمي ويو آهي، خوشبوءَ جهڙو خواب،

خواب نه آهي، سچ ته آهي ڪوئي سُرخ گلاب.

هڪڙو سپنو ساڀيا جهڙو، نيڻن ۾ ترساءِ،

جنهن سان گڏجي تنهائيءَ ۾ ڳيچ پئي تون ڳاءِ.

لفظن ۾ جو پيار سمايل، تنهن جو ڪاٿو ڪونه،

تنهنجو خط اکين تي آڻي، آءٌ چمان پوءِ ڇو نه.

 

 

ملهار سنڌي

غزل

 

ماڪ موتي ياد جا وَسندا رهيا،

دل ۾ آشائن جا گل ڦُٽندا رهيا.

هر قدم تي درد ۽ دوکو مليو،

پو به منهنجا حوصلا وڌندا رهيا.

منهنجا سادا خواب جيون سمنڊ ۾،

ناکئي ريءَ ناءُ جان لُڙهندا رهيا.

پير ٿيا آهن پِٿون پٿرن مٿان،

پو به تنهنجي پار ڏي هلندا رهيا.

ذهن جي وڻ ۾ پرين تنهنجا خيال،

ڏات جون پينگهون ٻڌي لُڏندا رهيا.

نفرتن ۽ ظلم جي آڙاهه ۾،

الفتن جا باغ سَو سڙندا رهيا.

ڪين ڪجهه حاصل ڪيو ”ملهار“ تن،

جي رڳو پاڇن پٺيان رُلندا رهيا.

 

 

رکيل مورائي

غزل

 

پنهنجي ياد ڇڏي سانجهيءَ جو،

لهرن تي نيرڳ جو پاڇو.

سُرُ سامونڊي ڳائي مانجهي،

تنها شام، اُداس بتيلو.

جاڳي پَئي گهر جي خاموشي،

ڪنهن ته ڪڙو کڙڪايو دَرَجو.

سامهون آهه ’ڀڳت سنگهه مارڳ‘،

آنءُ،* صدفُ، ممبئيءَ جو رستو.

۽ هو ’جئسنگهاڻي شيام‘،

مُرڪي ڄڻ گوتم جو چهرو!

 


 

غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي

غزل

 

زيان دل جا سمورا درد و غم اوري سگهي مشڪل،

سخن جي ساهمي خونِ جگر توري سگهي مشڪل.

هي ناهي دشت مجنون طيءِ ٿئي صحرا نورديءَ سان،

محبت جو هي ڏونگر بوالهوس ڏوري سگهي مشڪل.

اُٿن جيسين نٿا رڳ رڳ مان سوز و ساز جا نغما،

چپن سان چاهتن جو چنگ ڪو چوري سگهي مشڪل.

اڏيءَ تي سر رکڻ وارا مقام سرمدي ماڻن،

انهيءَ رستي تي سَڌڙيو ساهه سر گهَوري سگهي مشڪل.

ڏسي لڙڪن سندي لالائي ڪاٿو عشق جو ٿي ويو،

پتنگن کان سوا ڪو جند جيءُ جهوري سگهي مشڪل.

ٿئي ٿو هر قدم تي امتحان گهاڻي ۾ پيڙڻ جو،

وفا جي ورد جي تسبيح ڪو سوري سگهي مشڪل.

جنون ڦٽڪن ۽ ڦاهي گهاٽ تي ”مشتاق“ پهچايو،

هٿن پنهنجن سان پنهنجو ماس ڪو ڪوري سگهي مشڪل.

 

منٺار سولنگي

غزل

 

درد دل جي، جي پڄاڻي ٿي پوي،

پنهنجي ڀي پوري ڪهاڻي ٿي پوي.

 

مان تماچي جي نه ٿيس پوءِ ڇا ٿيو،

هوءَ رُڳو نوري نماڻي ٿي پوي.

 

مهربان هي آسمان ڀي ٿي وڃي،

مهربان جي هوءَ راڻي ٿي پوي.

 

هو بضد آ گهُور سان گهائڻ جي لئه،

ڪاش اسان جي دل سياڻي ٿي پوي.

 

ڪربلا جي درد جو معراج ڏسُ،

اک ته ڇا پٿر ٿو پاڻي ٿي پوي.

 

 

مريم مجيدي

غزل

 

عشق اجهاڳي اڃا پيو صحرا،

سونهن مٿان سرداري پهرا.

ساڃاهپ جون بند زبانون،

آڙاهن جا نياءَ اُٻهرا.

ڪاڪ اسان وٽ اڄ ڀي ڪاري،

ڪارا ٿين پيا سِجُ سُنهرا.

شهر وفا جون قَيد هوائون.

گُم سُم گهٽيون، باندي چهرا.

سنڌوءَ جي ساهن ۾ اُسريا،

ڍاڍاين جا کرپٽ کهرا.

فطرت جي هر سونهن اَمر آ،

لوڪ سياڻپ جي چِٽ گهرا.

چيچ اسان جي سچ جي هٿ ۾،

پيچ ازل جا پِينا نهرا.

 

محمد خان مخمور

غزل

 

پيئي پيو ٿو اڪ جو کير،

ٿر ۾ اُڃ لڳي ٿس ڏاڍي.

 

نيڻن ۾ ٿا چُڀنس نيش،

سارو ٿي ويو ٺوٺ سرير.

 

لامارا ڇو ڏين ٿي ڳجهڙي،

آهيس اڃا ساهه سُڌير.

 

ڪيسين رهندي سوڪ هتي يَر،

نيٺ ته ٿيندو موڪ ملير.

 

 شهيد سومرو

اکيون

ڪي حمد اکيون سبحان اکيون،

ڪي ٻاجهاريون همدرد اکيون،

ڪي مهر اکيون ڪي خير اکيون،

ڪي اکيون دهشتگرد اکيون.

ڪي ڀِٽ اکيون ڪي شاهه اکيون،

ڪي دولهه دريا خان اکيون.

ڪي ٿر اکيون ڪي بَر اکيون،

ڪي ڪاڇو ڪوهستان اکيون.

ڪي ويڻ اکيون ڪي سيڻ اکيون،

ڪي کير اکيون ڪي کنڊ اکيون.

ڪي ڀاءُ اکيون ڪي ڀيڻ اکيون،

ڪي چاهه اکيون ڪي چنڊ اکيون.

ڪي نُور اکيون مشهور اکيون،

ڪي موسيٰ ۽ ڪي طور اکيون.

دائود اکيون درويش اکيون،

ڪي ذڪر اکيون زبور اکيون.

ڪي اکيون ڪاڪ محل اکيون،

ڪي ماڙيءَ ۾ مومل اکيون.

ڪي سَين اکيون ٻيجل اکيون،

ڪي سِر ڏين اُن مهل اکيون.

ڪي ٺلها ٺِڪر ٿانوَ اکيون،

ڪي اکيون ڇپر ڇانوَ اکيون.

ڪي کير اکيون ڪي هيرَ اکيون،

ڪي ڏات اکيون ڪي ڏانوَ اکيون.

ڪي ڪاڻِ ڪڍن ڪِن ڪاڻ اکيون،

ڪي ڪاڻ ڪڍن ڇاڪاڻ اکيون.

ڪي سوچن ٿيون خود پاڻ اکيون،

ڪي ڄاڻ هوندي اڻ ڄاڻ اکيون.

ڪي راشي رشوت خور اکيون،

ڪي آفت آدم خور اکيون.

ڪي چور اکيون ڪي مور اکيون،

ڪي ماڻهن هوندي ڍور اکيون.

ڪي ڪَن ڪچيون اي يار اکيون،

ڪي ڏِسيو به ڪن ڪَن ٽارَ اکيون.

هي ڪهڙيون اکيون افسوس اکيون،

ارمان اکيون ويچار اکيون.

ڪي ننگ سڃاڻن ننگ اکيون،

ڪي بيهوديون بي ننگ اکيون.

ڪي رنگ اکيون ڪي چنگ اکيون،

ڪي ڳائن سُر سارنگ اکيون.

هي ’شهيد‘ جون اشعار اکيون،

سهڪار اکيون افڪار اکيون.

هي پنهنجي ڌُن ۾ مست مگن،

هي محبت ميگهه ملهار اکيون.

 


 

ع-غ- تبسم

 

پاڇاٽيون موسمون

 

ڪير چاهنائون ڪري

ڪير تمنائون ڪري

ڪير آتش فشانين جا جرڪندڙ لاوا

وقت جا بي حساب ڪوه قاف پار ڪري

ڪنهن کي پئي آ جو

سچائين جو ثبوتن خاطر

يا وفائن جي نڀائن لئه

ننگا پير ڪريو

جرڳن جا کيٽا، ڪيئي ڦيٽا

تتل باهيون ڪُڏي

بي داغ هجڻ جي ساکن کي نڀائيندو وتي

يا وري ڪير قومي آجپي جا سحر کنيون

عمر ساڳين ئي رهبرن جي گشن منجهه ڪٽي

جن آزادين جا هزارين حسين خواب ڏئي

ديش ڀڳتيءَ جون بي حساب پوٿيون پاڙهي

قومي ورڪر کي بلئڪ ميل ڪري ڀنڀلائي

ڌرتيءَ بجاءِ کيس جند جو نگهبان ڪري

هيڪاندين دهشتن سان دهمانن کي ڦهلائي

قومي ڪاڄن جا ڪارج

رڻن ۾ رُلائي ڇڏيا

تڏهن ته هرڪو ٽڙي پکڙي ڇڙو وڇڙ ٿي

پنهنجين هيڪلائين ۾ پنهنجي طور سوچي ٿو

ڇو ۽ ڇا لاءِ؟

ڪير پهڻن تي هلي

ڪير پٿون پير ڪري

هي سڀ تڏهن جڏهن ڪا جستجو

ڪا حاصلات يا منزل

ڪنهن متلاشي مسافر جي آرزو ۾ هجي

صحرائون پار ڪرڻ جا وچن وکن ۾ هجن

عين ممڪن آ اهڙين عاشقين جو اَمل نسل

ڪن عجائب گهرن ۾

اڄ ڀي نمائشن تي هجي

جن جي سَڌن ۾،

محبت جي نيڪ نامين لئه

گهور ٿيڻ جا ولولا جوان هجن

۽ ائين به ٿي ٿو سگهي

ڀڳل ٽٽل ديشيءَ جي

وروڌي من کي

قومي آجپي جون چُهنڊيون اڃا

پراڻيون رُهنڊون بڻجي

اڄ ڀي ايذائينديون هجن

 

پر ٿلهي ليکي جي ٻڌجي ته

هاڻي ائين ٿو لڳي

مادي پرستن جي انبوهن ۾ پورو نسل

ڪافي عرصي کان پنهنجي پر ۾ سوچي ٿو

ڪير هن ڪلراٺي کيتر ۾ ڄمارون رولي

پاڇاٽين موسمن

آرهڙ جي سخت ڪاڙهن ۾

ڪير آسن ۽ نراسن جون

مَرايون هڻي

ڇو ڪوئي ڀاونائن جي

اَڪارٿ لاڀن لئه

پوڙهن جسمن جي

عمر ڀر سنڀار ڪري

دل جو ديول ۾ کُتل حب الوطنيءَ جون پاڙون

روحن جي جرن مان ٻُرندڙ ازل جون آ ڪارون

ماڻهوءَ جي مٽيءَ ۾ ڳنڌيل سُرن جون لئي ڪاريون

ڪُنَ فيڪون مهل عشق جون پيوندڪاريون

 

نيويارڪ، جرمنيءَ، پيرس ۾ پلجندڙ ٻالڪ

جنهن کي سروم دکم دکم جو ڪو دئو ڪونهي

يا جنهن کي شاهه جي سورمين جي ڪا سُرت ئي ناهي

سو ڇا جي ڪاڻ ڪنڀارڻ جي اجهل جذبي جي

ڪچي گهڙي سان پار پڄڻ جي ڪرشمي جي

ڇو ڀلا ڇا لئه اڻ ٿيڻيءَ تي اعتبار ڪندو.

 

گرب مان گندري، نڌر نوري مهاڻي جو ڀلا

پنهنجي نوخيز جوڀن کي جهليو

ڇو پئي سلطان سمي ڄام جي ڪاڻ ڪڍي؟

 

يا جهوپين ڄائي مارئي اميراڻي محل ۾ پهچي

ڇا جي لاءِ پنهنجا ٿاڪ ٿوهر پئي ساري

مرکي مينڍن ۾ جهليو عرش، فرش ٻاڪاري؟

هي دنيا هاڻوڪي دنيا، اُنهن سچائين کي

هيءَ سطحي خلق محبت وارن معيارن کي

لڄ، حيا، شرم نڀائن جي پاسدارين کي

شيڪسپيئر، شاهه، ڪاليداس، بُلي شاهه وارن

رحمان بابا، رومي، رُوسو جي ڪردارن کي

آدرش، اهنسا، رومانس، سيڪيولر نظرين

محمود درويش، نياز، فيض جي صدائن کي

سرڪشين، تحريڪن ۽ باغي هلچلن کي بنهه

ڪن چرين، چيگويرائن جو خواب پئي سمجهي.

 

غير مزاحمت ۽ مصلحت پسند رَويي ڪري

ننڍڙين آسائشن، مطلوب مروئن جي پٺيان

اجتماعي ته ٺهيو انفرادي ذلتن کي

قومي غيرتون نه سهي جند جي رُسوائين کي

پويان اُڇلائي ڪري

رياستي دلاليون ڀري

خواهشن کي اشد ضرورت جو نظريو ڪوٺي

ڪنهن اين. جي. اوز، يا تنظيمي ڀتاخورين تي

بي مقصدي زندگيءَ جي ڪالرن تي

ڪَلفَ هڻي

اَبهمن کي خرچيون ڏئي ننگو ڪري فوٽو ڪڍي

بُکَ هاڻيون پاسيراٽيون ڳولهي ڪلوزاپ جاچي

سرورقن تي هڻي

فنڊن لئه جو ليلائي

اُنهيءَ نسل، اُنهيءَ جُڳ مان ڇا اُميد ڪجي

تڏهن ته سهل پسند لوڪ تمدن کي ڇڏي

پنهنجي ماضيءَ کي پٺيون ڏيئي ڊوڙندو ٿو وڃي

۽ وڏي واڪي

ڪير چاهنائون ڪري

ڪير تمنائون ڪري

ڪير آتش فشانين جا ڄرڪندڙ لاوا

وقت جا بي حساب ڪوه قاف پار ڪري

ڪنهن کي پئي آ جو؟

 

نثار شاهين

غزل

 

ڪجهه اسان جي عاشقيءَ تي سوچجان،

پوءِ ڀلي تون بي رُخيءَ تي سوچجان.

چاهه ۾ جي روح ها سجدا ڪيا،

تون اسان جي بندگيءَ تي سوچجان.

ويلَ، جنهن ڀي وقت ٿي تنها ڪري،

ڪربلا جي اُن گهڙيءَ تي سوچجان.

رهبريءَ مان رهزنيءَ تي آ لٿو،

اي خدا! تون آدميءَ تي سوچجان.

تو اڳيان احساس جي ڪمتر ٿيا،

او مٺي! تون سادگيءَ تي سوچجان.

سنڌ جو ڀي قرض آ لاهي وٺون،

ڪا گهڙي تون هن مٽيءَ تي سوچجان.

 

امداد حسيني

 

مسلسل

 

مِلڻ جو

کِلڻ جو

کِلڻ جو

مِلڻ جو

ڪيم ڏوهه جيڪو

اُنهيءَ جي سزا پيو ٿيان!

 

جُڙي جا هئي

پوءِ وسري وئي

[يا وساري وئي!]

ڪجهه اهڙي ڪٿا پيو ٿيان!

 

رڳو رُڃَ ئي رُڃَ ئي رُڃَ ئي رُڃَ ئي رُڃَ ئي رُڃَ … آهي جتي

رڳي سُڃَ ئي سُڃَ ئي سُڃَ ئي سُڃَ ئي سُڃَ ئي سُڃَ … آهي جتي

رڳي اُڃَ ئي اُڃَ ئي اُڃَ ئي اُڃَ ئي اُڃَ ئي اُڃَ … آهي جتي

اُها ئي دِشا پيو ٿيان!

 

اَلا ڪاش ڄاڻي سگهين

سمهءِ کي سُڃاڻي سگهين

ته هر وِکَ،

هر کَنُ

هر موڙ تي آءٌ تو کان مسلسل جدا پيو ٿيان!

 

غزل

 

رات کي ڏينهن جو ڪرڻ آهي،

شمع جان چوٽ کان ٻرڻ آهي.

 

شاعري ٿا اسين چئون جنهن کي،

ڄاڻ- ڄر منجهه ڄڻ ڄَرڻ آهي.

 

وقت جي هن اجهاڳ پاڻيءَ ۾،

زندگي لُوڻ جو پَرڻ آهي.

 

تون ورين ڇو نٿي، ورڻ تنهنجو،

ڄڻ ته ڪو وقت جو ورڻ آهي!

 

حال پنهنجو به سنڌڙيءَ جهڙو،

نه جيڻ ۽ نه ڪو مرڻ آهي!

 

شمع وانگي تمام رات ”امداد“،

بس ٻرڻ بس رڳو ڳرڻ آهي.

 

آءٌ ويندو ڏسي رهيو آهيانس…

ڌِير ئي ڌِير بس ڌرڻ آهي.

 

نانءُ تنهنجو پني تي لکڻو ناهه،

هُر مُچو ڀَرت ڄڻ ڀرڻ آهي!

 


 

امداد حسيني

 

هاڻ

 

هاڻ جو سُور اٿم سيني ۾،

سو لکت ۾ به لِکي سگهندس ڇا!

دانُ وردانُ سَرل ۽ سوني،

سا سچي سِٽَ سِکي سگهندس ڇا!

 

هاڻ جو لڙڪ اٿم پنبڻن تي،

ڪوچپن ساڻ چُمڻ ايندو ڇا!

چاهه جي آهه گهٽي سينڌ سمانُ،

ڪو گهٽيءَ منجهه گهُمڻ ايندو ڇا!

 

وقت پٿر ٿي ويو آهي جو،

اُهو پٿر به ڌڪيندو ڪوئي!

سُور کي سَٽَ ڏَئي سيني مان،

سِٽَ سَهه رُوپ ڇڪيندو ڪوئي!

 

هيءَ جا رات مٿان پئي آهي،

سا وِهامي به ته ويندي آخر!

هيءَ جا شمع جلي ٿي مون جنءَ،

سا اُجهامي به ته ويندي آخر!

 

کَن اَکن لاءِ ته دونهون رهندو،

پو پَنو صاف لڳو پيو هوندو!

۽ سندم هانوَ جيان پَني تي،

پينَ جو نِبُ ڀڳو پيو هوندو!

 

غزل

 

گهٽا به توتي وسي سگهي ٿي، مگر نه آئون مگر نه آئون

کِنوڻ به توسان کِلي سگهي ٿي، مگر نه آئون مگر نه آئون

 

جڏهن به سج، چنڊ ۽ ستارا، گهُرن ته توکي ڏسي سگهن ٿا

هوا به توکي ڇُهي سگهي ٿي، مگر نه آئون مگر نه آئون

 

ڪجل اکين ۾، چپِن تي لالي، سَنگهر ڳچيءَ ۾، ڪنن ۾ والي

هٿن تي ميندي رَچي سگهي ٿي، مگر نه آئون مگر نه آئون

 

اُها هجي شام يا هجي رات، وار کولي سندءِ اڱڻ تي

بنان اجازت اچي سگهي ٿي، مگر نه آئون مگر نه آئون

 

جڏهن به پازيب کي وڻي پشم پير ڇمڪي ڇُهي سگهي ٿو

سَنگهر ڳچيءَ کي چُمي سگهي ٿي، مگر نه آئون مگر نه آئون

 

گلاب جو گل جڏهن به چاهي، سندءِ ڳٽي تي ٽڙي سگهي ٿو

پُسِي به توکي پَسِي سگهي ٿي، مگر نه آئون مگر نه آئون

 

ڪڏهن گهٽي منجهه، آمهون سامهون، ائين ئي، بنان ارادي

نظر نظر سان لي سگهي ٿي، مگر نه آئون مگر نه آئون

 

SADIST

ڪپي پير منهنجا رڙين ٿو: ”وڌين ڇو نٿو؟“

نِڙيءَ تي رکي نُنهن ڌَڙهين ٿو: ”اکيون ٿو ڪڍين!“

وڍي ڄِڀ گڦين ٿو گَجين ٿو: ”ڪُڇين ڇو نٿو؟“

ڏئي ڏَنڀ سگريٽ جا تون گُڙين ٿو: ”لُڇين ڇو نٿو!“

ٽُنبي نِب اکين ۾ دَڙين ٿو ته: ”ڇا ٿو لِکين؟

اسان کي ڇڏي تون خدا کي خدا ٿو لِکين!“

 


* هريڪانت ’صدف‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com