سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (4)

 

صفحو :16

 ڪهاڻيون/ليک

  

تخليق ۽ تنقيد

 

سڀني نقادن کي، لال پشپ سوڌن، سڀني نقادن کي، ادب مان، ٿُڏا هڻي، ٻاهر ڪڍڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سموري تنقيد، سموري دنيا ۾، سمورن وقتن ۾، هڪ عظيم ڪارنامي آهي.

تخليق فطري طور ايڏي ته پيچيدي هوندي آهي، جو ڪوبه آرٽسٽ پنهنجي ئي تخليق کي ٻيهر تخليق ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿو ٿي سگهي.

۽ جي ائين آهي ته نقاد ان تخليق کي ٻيهر عدم مان وجود ۾ ڪيئن ٿو آڻي سگهي؟

هڪ نقاد، جيڪو تخليقي عمل جي ڪنهن به مرحلي مان گذريو ئي ناهي، ته پوءِ هو ڪنهن به آرٽسٽ جي، ڪنهن به رچنا جي پُنر رچنا (re-creation) ڪيئن ڪري سگهندو؟ سڀ نقاد، لال پشپ سوڌا، سَنڍ آهن.

مون آڏو هڪ سوال اٿندو آهي ته ڪلاڪار جي اندرين تهن ۾ لڳاتار هڪ ندي وهي ٿي، ان مان وري انيڪ/اڻ ڳڻ لهرون اڀرن ٿيون. جن جي آواز جو نه ته انت آهي، نه شمار!

۽ اِهي سڀ آواز جهٽڻ ڪيڏي به وڏي ڪلاڪار لاءِ ممڪن ناهي! تنهنڪري ڪوبه ليکڪ پنهنجو من چاهيو ڪتاب لکي نه سگهندو آهي.

فرق فقط ايترو آهي ته جيترو وڏو آرٽسٽ آهي، اوترو وڏا/ گهڻا آواز جهٽي/ڳولي وٺي ٿو- سمورا نه!

- لال پُشپ

 

 ستن آسمانن هيٺ

نورالهديٰ شاهه

اسان ٻنهي جي ملاقات سمنڊ ڪناري  ٿي هئي.

هو سمنڊ ڪناري، واريءَ تي ويهي ٽِڪَ ٻڌي سمنڊ جي هُن پار ٻُڏندڙ سج کي ڏسي رهيو هو ۽ مان واريءَ تي ليڪا پائي رهيو هئس.

هن ته الاءِ اُن پل ڇا ٿي سوچيو پر مان اُنهن لِيڪن منجهه ڪيئي لِيڪا پائيندي سوچي رهيو هئس ’چَوڏسا ماڻهو مري رهيا آهن ۽ ڌرتيءَ ڄڻ اڻڳڻيا لاش اوڳاڇي ڇڏيا آهن. ڪيڏي نه نفسانفسيءَ جو عالم آهي ۽ ڄڻ ڪٿي ڪوئي پناهه گاهه ڪونهي. پاڻي جيڪو انسان پيئي ٿو، رت منجهان، رڱجي ڳاڙهو ٿي چڪو آهي، تڏهن به ماڻهو اُن کي ڍُڪَ ڀري پيئي به پيو ۽ اُڃ به اُجهاميس ڪانه ٿي. ڪيڏا نه ماڻهو آهن. هر طرف ماڻهو ئي ماڻهو آهن. اڻڳڻيا ۽ اڻڄاتا. تڏهن به ڪٿي به ڪو ماڻهو ڪونهي. ڄڻ ماڻهو ئي لڏي ويو آهي ڌرتيءَ مٿان. ڪيڏي نه بوءِ اچي ٿي هر ساهه واري شيءِ مان. ڪيڏو نه ڀَو ٿئي ٿو، هر ساهه واري شيءِ کان!

تڏهن به جيئڻ تي دل ٿي چاهي. تڏهن به دل ٿي چاهي ته اُنهن ئي ماڻهن منجهه رهجي. انهن سان ئي گوڏو گوڏي ۾ گڏي ويهي روئجي به ۽ کلجي به. تڏهن به دل ٿي چاهي ته ڌرتيءَ مٿان لاڳيتو گهلجندڙ زندگيءَ کي چنبڙي پئجي. جيڏانهن جيڏانهن رڙهندي وڃي ٿي اوڏانهن رڙهبو وڃجي. پر جيئجي.

پر ڇا جِي سگهجي ٿو؟؟

مون کي لڳو، مان واريءَ تي پاتل پنهنجن ئي لِيڪن ۾ ڦاسندو پيو وڃان. دل چاهي ٿي ته انهن مان پاڻ ڇڏائي اُٿان ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ کي پڪڙي چوان ته ٻه ٽي گهڙيون مون سان ويهي ڳالهائيندين؟؟ بس ٻه ٽي گهڙيون. مان ڳالهائڻ چاهيان ٿو. ڪوئي آهي مون کي ٻڌڻ وارو؟؟ ڪوئي آهي؟؟ مان ڳالهائڻ چاهيان ٿو. ڪوئي آهي؟ ڪوئي آهي؟

پري پري تائين ڪيئي ماڻهو پئي هليا. اُهي ئي مون جهڙا. اُهي ئي ٻه اکيون. اُهي ئي ڪن، نڪ، چپ ۽ پيشاني، اُهي ئي ٻه ٻانهون، ٻه هٿَ ۽ ٻه پيرَ.

پرَ مون کي لڳو، مان هنن سان ڪميونيڪيٽ نه پيو ڪري سگهان. ٻانهن کان جهلي بيهاري نٿو سگهان.

الاءِ هو ماڻهو آهن به يا نه؟؟ سواءِ هن جي، جيڪو پريان اڪيلو ويٺو آهي. ڄڻ ماڻهن جي هجوم ۾ هو ئي هڪڙو ماڻهو آهي.

مان لِيڪن ۽ دائرن مان اُٿي اچي هن وٽ ويهي رهيو هئس.

هن ڪنڌ ورائي مون ڏانهن نهاريو به ڪينَ. پر ڄڻ مون کي محسوس ڪري ورتو هئائين. سج پاڻ کي اڃا به وڌيڪ ڍاري ڇڏيو هو پاڻيءَ منجهه ۽ سمنڊ ۽ آسمان هڪڙي ڳاڙهي لِيڪَ تي اچي پاڻ ۾ گڏجي رهيا هئا.

مون ئي هن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، بنان هن ڏانهن نهارڻ جي.

چيم.........”مان ڳوٺاڻو آهيان. منهنجو پيءُ ڳوٺ جو سڀ کان سکيو زميندار هو. اسان جو گهر پڪين سِرن جو ۽ ڳوٺ ۾ سڀني گهرن کان اوچو ۽ وڏو هو. اَڱڻ ته ايڏو وڏو هو، جنهن تي سڄو ڳوٺ سمائجي وڃي ۽ اُن جي ڏاکڻي ڪنڊ ۾ نم جو گهاٽو ۽ سَو سالن جي ڄمار وارو وڻ ڄڻ ڪنهن پهريدار جيان بيٺو هوندو هو. پر تڏهن به اسان جو گهر ڳوٺ سڄي ۾ سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ گهر هو. منهنجي پيءُ کي پنهنجي پيءُ کان دشمني، بدلو، خون ۽ ڪيئي مُڏا ۽ تکا هٿيار ورثي ۾ مليل هئا ۽ منهنجو پيءُ چوندو هو ته سندس پيءُ کي به پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي کان اهو سڀڪجهه ورثي ۾ مليو هو. هو وڏي مانَ سان چوندو هو ته سندس پيءُ ۽ ڏاڏي کي ته گذريل پيڙهين کان سندن دور تائين ٿيل مڙني خونن جا انگ اکر آڱرين تي نالن ۽ تاريخن سوڌا ياد هئا. ڪنهن کي ڪنهن ماريو هو ۽ ڪنهن تي ڪهڙو هٿيار استعمال ڪيو ويو هو! پڻ هنن جا هيل تائين ڪيترا مئا هئا ۽ ڪيترا اڃا هُنن جي کاتي ۾ باقي بچيل هئا ۽ ائين ئي اسان جي پاسي به.

پر کيس ڏاڍو افسوس هوندو هو ته الاءِ ڇو کيس اهي انگَ اکرَ چٽيءَ طرح ياد نه رهيا هئا. کانئس اڪثر انهن جي حساب ڪتاب ۾ گڙٻڙ ٿي ويندي هئي. منهنجي پيءُ جو ننڍپڻ به اهڙو ئي گذريو هوندو، جهڙو منهنجو. مان ته جڏهن ننڍڙو هئس ۽ اڃا انگن اکرن جي سڃاڻپ به ڪانه آئي هئم جو هو مون کي هر رات، تارن ڀرئي آسمان هيٺ پنهنجي ڀر ۾ ليٽائي دشمني، خون، بدلي ۽ ورثي ۾ مليل مُڏن ۽ تکن هٿيارن جا تفصيل ڪهاڻين جيان ٻڌائيندو هو. جيتوڻيڪ کيس هرَ هرَ پنهنجي ڳڻپَ نئين سري کان شروع ڪرڻي پوندي هئي، پر سندس لهجي ۾ لٿل وڏائيءَ کي ذري جيترو به لوڏو ڪونه ايندو هو. مون کي ڇاتيءَ سان لائي چوندو هو ”تون جڏهن جواڻ ٿيندين، جڏهن تنهنجا شهپرَ گهاٽا گهاٽا نڪري اچن ۽ تنهنجي ڇاتي مون کان به ويڪري ٿي وڃي ۽ تنهنجي آواز جي گونجَ تي وڻ تي ويٺل پکي پاڻ ڦٿڙاٽي ٽارين تان اُڏامي نڪرن ۽ مان تڏهن شايد نه به هجان، جو هاڻ اسان جا دشمن منهنجي رتَ جي اُڃَ کنيو وجهه وٺيو ويٺا آهن، ته ڪڏهن ٿو مان اُنهيءَ گس تان لنگهان، جتي مان هُنن جي هٿيارن جي نشاني تي اچي وڃان ۽ هو مون کي گولين سان ڀڳڙن جيان ڀُڃي ڇڏين، پر تون تڏهن پنهنجي گذريل سموري پيڙهيءَ جي رتَ جو وير وٺجانءِ! اهو وير توتي قرض هوندو اُنهن سڀني جو، جيڪي انهيءَ ويڙهه ۾ مارجي ويا. مڙسَ سکَ جي ننڊَ مرڻ کان پوءِ سمهندا آهن.“ ڳالهائيندي ڳالهائيندي اوچتو هو مون کي پنهنجي ڇاتيءَ کان ٿورڙو پري ڪري، منهنجي منهن کي اکين آڏو ڪري، منهنجي اکين ۾ سڌيءَ طرح نهاريندي پڇندو هو ”تون منهنجي ڳالهه ٻڌين پيو نه پُٽ؟؟؟“ مان چوندو هئس ”ها“. پر تڏهن، جيتوڻيڪ مان سندس ڳالهه کي پوريءَ ريت سمجهي به نه سگهندو هئس، پر جيئن جيئن هو ڳالهائيندو ويندو هو، مان هن جي ڇاتيءَ سان لڳل هوندي به اندر ئي  اندر پيو وِگهرندو ۽ ڏڪندو هئس. ائين لڳندو هو ڄڻ ڪوئي منهنجي ڪنڌَ وٽان ڪات پيو تکو  ڪري. ساهه منهنجي نڙيءَ ۾ ڪنڊي جيان ڦاسي پوندو هو ۽ پير پگهرجي پوندا هئا، پر تڏهن به مان اهو سڀڪجهه مٿس ظاهر ڪونه ڪندو هئس. مون کي لڳندو هو ته جي هُن کي منهنجي ان حال جي خبر پئجي وئي، ته هو ئي مون کي ماري ڇڏيندو، نه ته ڪيڏو نه موهه هو هُن جو مون سان!! منهنجي ماءُ کيس چوندي هئي، ”تون ته ڄڻ چريو آهين پُٽ لاءِ. سڄو ڏينهن ان کي ئي ڇاتيءَ سان لايو پيو هلين. انڪري ٻيو ڪوبه ڪم نٿو پُڄنئي ۽ هن کي به هيڪاري ريجالو ۽ دادلو ڪري ڇڏيو اٿئي!“ موٽَ ۾ هو اڃا به زور سان مون کي ڇاتيءَ سان لائي کلي چوندو هو، ”الاءِ ڪير جيئي، ڪير مري، ڇڏ ته پيءُ پُٽ سِڪُون ته لاهي وٺون.“

منهنجي ماءُ جي مُنهن تي ڄڻ ڪو پاڇولو پئجي ويندو هو، پر منهنجي پيءُ جي سامهون ڪي به ڪِينَ ڪُڇندي هئي. هڪ لڱان ڪُڇي هئي. چيو هئائينس، ”هڪ ئي پُٽ اَٿم. ڇو ٿو منهنجن آنڊن ۾ ٽانڊا ڀرين. نه ڀر هن جي معصوم دل ۾ دشمنيءَ جا اُلا. نه ڪر هن کي رتوڇاڻ ۾ ڦِٽي. هن کي جيئڻ ڏي. هن کي جيئڻ ڏي.“ مون کي چٽا ساروڻا آهن، ته ان ڳالهه جي موٽ ۾ منهنجو پيءُ هُن تي ڪيئن اُلرون ڪري گجيو هو ۽ هوءَ ڪيئن ڀت سان لڳي ساهه روڪيو بيٺي هئي ۽ مان ڪيئن چاهيندي به هُن جي ٽنگن سان چنبڙي رڙيون ڪري روئي نه سگهيو هئس. پر پوءِ جڏهن جڏهن منهنجو پيءُ گهر ۾ نه هوندو هو ۽ هوءَ ۽ مان اڪيلا هوندا هئاسين، هوءَ منهنجو مٿو پنهنجي گوڏي تي ڌري، منهنجن وارن ۾ آڱريون ڦيريندي، مون سان ڳالهائيندي ويندي هئي ۽ مان بس ٽِڪ ٻڌيو کيس پيو ڏسندو هئس. سوچيندو هئس، ’منهنجي ماءُ ڪيڏي نه سهڻي آهي!‘ سندس آواز به ته ڏاڍو مٺو هوندو هو، پر مون سان ڳالهائيندي هر هر ڀرجي ايندو هو سندس آواز. ڳالهائيندي ويندي هئي ۽ ڳيت ڏئي لُڙڪَ ڄڻ پيئندي ويندي هئي. چوندي هئي، ”ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ تي رت حرام آهي. پاڻ جيئجي يا نه، پر ماڻهوءَ کي جيئڻ ڏجي. ماڻهو ويچارو ٻه ٽي ڏينهڙا ئي ته جيئڻ آيو آهي هن جهانَ ۾. اڃا ٿورڙو ڪي پوکي ٿو ۽ ٿورڙو ڪي لُڻي ٿو. ڪو پورو اڻپورو گهرڙو اڏي ٿو. ڪي ننڍڙا ننڍڙا ٻار ڄڻي ٿو. انهن لاءِ ڪي ٻه ٽي داڻا انَ جا ميڙي مس گڏ ڪري ٿو ۽ اڃا ساهه به ڪين کڻي ٿو، جو سڀڪجهه اتي ئي ڇڏي هليو وڃي ٿو، هن جهان مان. وڃڻو ته هونئن ئي آهي ماڻهوءَ کي. پوءِ به ماڻهو ماڻهوءَ کي ڇو جيئڻ نٿو ڏئي؟؟ ۽ ماڻهو، جيڪو ماڻهوءَ کي جيئڻ نٿو ڏئي، اُهو به ته ڏس، ماڻهوءَ جو خون ڪري موٽي پنهنجن ٻچن ڏانهن ئي وڃي ٿو پنهنجي گهرڙي جي ڇت هيٺ وڃي ساهه پٽي ٿو. تڏهن به جنهن ماڻهوءَ کان جيئڻ ڦُري ٿو، اُنهيءَ تي قياس به نٿو ڪري.“

پوءِ هوءَ ڪي پل چُپ، منهنجن وارن ۾ پئي آڱريون ڦيريندي هئي. پوءِ اوچتو نڄاڻ ڪهڙو پور پوندو هئس من ۾، جو مون کي ٻنهي ٻانهن کان جهلي اُٿاري ويهاري ڇڏيندي هئي ۽ منهنجين اکين ۾ اکيون وجهي چوندي هئي ”تون ته ڪونه ماريندين نه ماڻهو؟ ڪوئي توتي اُلرَ ڪندو ته به اُن جو هٿ جهليندين، اُن جو ڪنڌ ڪونه ڪپيندين. پاڻ به جيئندين نه؟ واعدو ڪر. تون پاڻ به جيئندين ۽ جواڻ ٿيندين. وڏا وڏا گهاٽا شهپر ٿيندئي. موڙ ٻڌندين. وَنِي پَرڻبين. لائون لهندين. ڪُلهن تي پنهنجا ٻه ننڍڙا ننڍڙا پُٽ کنيو پيو هلندين. انهن لاءِ گهرڙو اَڏيندين. پنهنجي اڱڻ ۾ گُلَ پوکيندين. پنهنجي گهر جي در تي وڏا وڏا ڪڙا نه چاڙهجئين. مِٽ مائٽ، سڄڻ ۽ ساڻيهه سڀئي پيا تنهنجي تڏي ايندا ۽ ويندا. رب ڪندو ڪڏهن به تنهنجي گهر جو در ڪين ٻوٽبو ۽ هي ٻنيون ٻارا ماڻهوءَ جو ۽ ماڻهوءَ جي ٻچن جو رزق آهن. انهن تي ماڻهوءَ جو رت ڪونهي وهائبو. ٻني ٻارو، مِٽي ۽ ڌرتي، ريتون ۽ رواج، غيرتون ۽ عزتون، ماڻهو انهن سڀني کان مٿاهون آهي. ماڻهو آهي ته مِٽي به آهي ۽ ڌرتي به آهي. غيرت به آهي ۽ عزت به آهي. ماڻهو ناهي ته اهي سڀئي رڻ منجهه ٿوهر جي ٻوٽن جيان آهن ۽ تون به جڏهن انهن ٻنين تان پوکون ڪري ۽ فصل لُڻي گهر موٽندين ۽ تنهنجي گهر جي چانئٺ تي تنهنجا ٻار ڊوڙي اچي تنهنجين ٽنگن ۾ چنبڙندا، تڏهن توکي خبر پوندي ته اصل شيءِ ماڻهو ئي آهي.“ ۽ ڳالهه پوري ڪندي ڪندي، ڪڏهن ڪڏهن سندس اکين مان لُڙڪ لڙي ايندا هئا.

.......................

ڳالهائيندي ڳالهائيندي، مون پنهنجي ڀر ۾ هُن ڏانهن نهاريو. سج ٻُڏي چُڪو هو ۽ سمنڊ به هاڻ اُنداهو ٿي چڪو هو. هو نڄاڻ سمنڊ کي گهوري رهيو هو يا اُونداهيءَ کي! هُن جي ۽ منهنجي وچ ۾ هوا جيتري وِٿي هئي. مان هُن کي محسوس ڪري سگهيس ٿي، پر ڏسي ڪونه پئي سگهيس. مون کي لڳو، هُن جا چپ پڇاڙڪا پساهه کڻندڙ پکيءَ جيان هوريان هوريان ڦٿڪي رهيا آهن. مون کي لڳو هو به مون جيان ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿو.

چيائين ”مان هن شهر جو ئي ڄاول آهيان. اتي ئي پليو آهيان. سمنڊ ڪناري، سمنڊ کان به وڌيڪ گجندڙ هن شهر جي اُن آباديءَ ۾ منهنجو گهر آهي، جتي ماڻهو، گهر ۽ رستا سڀئي پاڻ ۾ گڏوچڙ ٿي، پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهي رهندا آهن. بس ڊوڙي ڊوڙي جيئندا آهيون ۽ ساهه ائين کڻندا آهيون، ڄڻ سهڪندا هجون. ڏينهن جو گهڻو تڻو حصو پنهنجو نالو به وساري ويهندا آهيون ۽ گهر جو پتو به. شناختي ڪارڊ جي آفيس ۾، ووٽرز لسٽن ۾ اسين رجسٽرڊ آهيون، انڪري پنهنجو ڄڻ وجود رکون ٿا. مشينن جيان سڙڪن تي ائين هلندا آهيون، ڄڻ ڪنهن اسان ۾ هڪڙي خاص سسٽم هيٺ طيءِ ٿيل پروگرام فيڊ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسين هاڻ اُن مطابق مقرر ڪيل، ليڪن مٿان پيا ايندا ۽ ويندا آهيون. اسان جي ان مسلسل اچ وڃ جو ڪوبه رڪارڊ ڪونهي رکيل اسان جي ميمري ڪارڊ ۾. صبح کان وٺي سج لٿي تائين اسين پئسي جي ڳولها ۾ يا زندگيءَ جي انهن ڪمن پٺيان، جن لاءِ پئسو گهربل آهي، گهر کان ٻاهر بسن ۾ ٽنڊڙجي، سڙڪن تي ٿاٻڙجي، آفيسن ۽ قطارن جا ڌڪا ٿاٻا کائي، ڪُتن جيان نوس نوس ڪندا، ٿُڏا ٿُونا سهندا، جڏهن گهرن ۾ گهڙندا آهيون، ته اسان جا کيسا اوترائي خالي هوندا آهن، جيترا گهران نڪرڻ مهل هوندا آهن. زندگيءَ جون گهُرجون جيئن جو تيئن وات ڦاڙيو اسان جي قبرن جيڏن ۽ قبرن جهڙن گهرن ۾ آدم بوءِ آدم بوءِ ڪنديون پيون ڦيريون پائينديون آهن. اسان وٽ نه دوستي آهي، نه دشمني آهي. نه ماڻهو آهي نه ماڻهپي جو ڪو ڪانسيپٽ. بس خواهشن جون چڻنگون آهن ۽ ضرورتن جا اُلا آهن، جيڪي ڪڏهن به اُٰجهامڻ جا ناهن. ميز ڪُرسي ۽ ٽي وي فرج کان وٺي اَٽي لَٽي اَجهي تائين کان اهي چڻنگون ڌَڳڻ شروع ٿين ٿيون ۽ ڀڳل سڙڪن، گند جي ڍيرن، گئس، پاڻي ۽ بجليءَ جي بلن، مسواڙن، اسڪولن جي فيئن ۽ آدم خور ٽريفڪ تائين پهچندي پهچندي، اُهي چڻنگون اُٰلا بڻجيو پون. اسان جو نه ڌرتيءَ سان تعلق آهي ۽ نه آسمان سان. شهر مٿان آسمان نالي سان تاڻيل شيءِ محض پولار آهي. ڪڏهن ڪڏهن ان پولار ڏانهن ڪنڌ مٿي کڻي نهاربو به آهي ته نيڻ نهار، آڪاس سان ڳاٽ هڻندڙ عمارتن ۾ اٽڪي موٽي ايندي آهي ۽ ماڻهو پنهنجي پاڻ ۾ اڃا به جيتامڙو بڻجي پوندو آهي. بس پنهنجي جيتامڙي هئڻ وارو اڪيلو احساس ئي آهي، جيڪو اسان جي وجود جي اندر پنهنجو جيئرو وجود رکي ٿو ۽ جيتامڙي هئڻ جو اهو احساس ئي هو، جيڪو هڪ ڏينهن مون کي شهر جي هڪڙي مسجد ۾ وٺي ويو. مسجد ۾ سومهڻي نماز پئي پڙهائي وئي. مون کي وضو به نه هجي ۽ اها به خبر نه هجي ته ڪهڙي رڪعت پڙهائي پئي وڃي. مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن سومهڻي نماز پڙهي به ته ڪانه هئي. مان بس آخري صف ۾ ٻانهون ٻڌي وڃي بيهي رهيس. نمازين ۾ به ڄڻ شهر سڄي جيان هڪڙو خاص پروگرام فيڊ ٿيل هو. روبوٽ جيان هو پيش امام جي آواز تي جُهڪيا ۽ اُٿيا پئي ۽ انهن سان گڏ گڏ مان به، بلڪل خالي دل ۽ خالي دماغ سان. آخري سجدي ۾ الاءِ ڇا ٿيو مون کي، مان پنهنجي جيتامڙي وجود تي روئي پيس. خواهشون ۽ ضرورتون سجدي واري جاءِ تي عين منهنجي پيشانيءَ هيٺ اچي گڏ ٿيون. چئن مهينن کان رهيل گهر جي مسواڙ ۽ مالڪ مڪان جو هر ٻئي ڏينهن در تي اچي پوليس جون ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ڪيڏي مهل به گهر جا ٽپڙ کڻي در کان ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڦِٽي ڪرڻ جي وارننگ ڏيڻ. ٻن مهينن کان بجليءَ جو بل نه ڏئي سگهڻ جي ڪري هاڻ بجلي ڪٽجي وڃڻ جو خوف ۽ گيس جو ٻن مهينن جو بل پڻ ۽ ٻارن جون فيون ۽ هر ڏينهن جي شروعات ۽ هر ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي زال جون سوال ڪندڙ اکيون ته، اڄ ٻار ڇا کائيندا؟ ننڍڙي جو کير ڪٿان ايندو؟ سيارو اچي پيو ۽ ٻارن جي يونيفارم پوري ڪانهي. سندس ختم ٿي ويل دوائن جي ته ڳالهه ئي ڪانه ڪندي هئي. بس ڳالهائيندي ڳالهائيندي هڪ اهڙي نهار دوائن جي خالي شيشين ۽ پاڪيٽن تي وجهندي هئي، ڄڻ زهر جو ڍُڪ ڀريندي هجي ۽ کتريل بوٽن اندر ڦاٽل جورابن ۾ منهنجا پگهريل پير اڃا به پگهرجي ويندا هئا ۽ دل ۾ اها خودغرض خواهش اُڀرندي هئي، ته خدا ڪري هوءَ انهن دوائن جي ڳالهه نه ڪري. خيال به ايندو هو ته جي سندس بيماري وڌي وئي؟ جي مري پئي؟ ۽ موٽ ۾ مان پنهنجي پاڻ کان به اکيون چورائي وٺندو هئس. مٿان آفيس ۾ هر ڏينهن تي منهنجي منهن تي وسڪارو ڪندڙ باس جي گِڦَ ته ”تون هر روز ليٽ اچين ٿو. هيءَ آفيس آهي، دوستن جو اَڏو نه. تون ڪٿان اچين ٿو ۽ ڪيئن اچين ٿو- اهو آفيس جو پرابلم ڪونهي. توکي هتي پوري ڏهين وڳي هئڻ گهرجي. انڊراسٽئنڊ! ٻيءَ صورت ۾ تنهنجو پگهار ڪٽيو ويندو.“ باس جي ڪمري کان ٻاهر ويٺلن جون ايڪسري جهڙيون اکيون ڄڻ ڪپڙا ڇڪي لاهي اگهاڙو ڪري ڇڏينديون هجن. ۽ الاءِ ڇا ڇا. مان سجدي ۾ روئي رهيو هئس. مان جو سوچيندو هئس ته ڪٿي به ڪوبه پناهه گاهه ڪونهي. مون کي ڄڻ پناهه گاهه ملي ويو هو. مان هر ٻئي ٽئين ڏينهن منهن واهه ڪري ان مسجد ۾ گهڙي ويندو هئس ۽ سجدي واري جاءِ تي خواهشن ۽ ضرورتن جا ٻرندڙ مچ رکي، اُنهن مٿان پنهنجي پيشاني رکي ڇڏيندو هئس. ڪڏهن هڪ ئي سجدي ۾ يڪو پيو روئندو هئس. ڪنڌ کڻندو هئس ته مسجد خالي ٿي چُڪي هوندي هئي. ڪڏهن پيش امام جي پُٺيان نماز جوٽي بيهي رهندو هئس ۽ روبوٽ جيان هُن جي پٺيان پيو اُٿندو ۽ ويهندو هئس. نه ته به خالي مسجد جي اڱڻ ۾ ويٺو هوندو هئس، پر مسجد کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ دل ئي ڪانه چاهيندي هئي. نه گهر ڏانهن، نه شهر ڏانهن. مون کي ان پناهه گاهه سان پيار ٿي ويو.- غيرمشروط پيار. جيتوڻيڪ مان روز روز ڪونه ايندو هئس. بس ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن زندگيءَ کي سائيڪل رڪشا جيان ڇڪيندي ڇڪيندي مان آخري پساهه کڻڻ لڳندو هئس، ته اُهو آخري ساهه مسجد ۾ اچي کڻندو هئس. خدا مون کي ان مسجد جي خالي اڱڻ ۾ مليو. مان هُن کي ڏسي نه سگهندو هئس. محسوس ڪري سگهندو هئس، پر هُن جي مڪمل وجود کي نه، رڳو هُن جي نهار کي ۽ هن جي مُرڪ کي. شروع شروع ۾ هو مون ڏانهن نهاريندي بس مُرڪندو رهندو هو ۽ مان هڪ ساهيءَ هُن سان ڳالهائيندو ويندو هئس. منهنجيون ڳالهيون کُٽنديون ئي ڪِينَ هيون ۽ هُن جي مُرڪ ٽُٽندي ئي ڪانه هئي. مون وٽ به ته ڪيئي ڳالهيون ۽ ڪيئي سوال هئا ته تو هيئن ڇو ڪيو ۽ تو هونئن ڇو ڪيو؟ توکي هي ڪرڻ گهرجي ها ۽ هُو نه ڪرڻ گهرجي ها! مان هُن کي آڱرين تي ڳڻي ڳڻي ٻڌائيندو هئس ته ڏس، تو هي هي زيادتيون ڪيون آهن مون سان، ماڻهن سان ۽ ساري دنيا سان. منهنجيون آڱريون کُٽي پونديون هيون، پر زيادتين جي فهرست ويندي هئي اڃا به ڊگهي ٿيندي ۽ هو مون ڏينهن نهاريندو پيو مُرڪندو هو، ڄڻ منهنجي فهرست ئي غلط هجي. هوريان هوريان منهنجون ڳالهيون لُڙڪن ۾ بدلجڻ لڳيون ۽ لُڙڪ جهيڙي ۾. هُن جي مُرڪ ته اڃا به گهري ٿي وئي هئي، پر منهنجي وڙهي پوڻ کان پوءِ هو هاڻ منهنجا لُڙڪَ به اُگهڻ لڳو هو ۽ مون کي آٿت به ڏيڻ لڳو هو ته مان آهيان نه، تو سان گڏ گڏ. تنهنجي شهه- رڳ کان به توکي ويجهو. توکي خلقڻ وارو، توکي پالڻ وارو، اڪيلو ٿورو ئي آهين. ڏُک به مون ڏنا آهن، سُک به مون ڏنا آهن. مان ئي انهن جو ذميوار آهيان. دنيا ته بس پاڻيءَ منجهه پتاشو آهي. ماڻهو ويچارا ماڪوڙن جيان انهيءَ تي هروڀرو اچي مڙيا آهن. پتاشو ڳري پاڻي ٿي ويندو ۽ سڀڪجهه ان پاڻيءَ منجهه لُڙهي ويندو. تنهنجي لاءِ صلو مون وٽ مقرر ڪيل آهي ۽ اُهو توکي ضرور ملندو. بس هن آزمائش تي توکي پورو لهڻو آهي. منهنجا لُڙڪ هوريان هوريان اهڙيءَ مُرڪ ۾ بدلجڻ لڳا، جهڙي هُن جي مُرڪ هئي. منهنجي جهيڙي هُن اڳيان هٿيار ڦِٽي ڪري ڇڏيا هئا ۽ مون هُن جي اڳيان ڪنڌ نمائي ڇڏيو. ڪنهن صلي لاءِ نه، غير مشروط پيار ۾.

ڳالهائيندي ڳالهائيندي هو چُپ ٿي ويو.

سمنڊ جي نرڙ تي نڄاڻ ڪيڏي مهل چنڊ چڙهي آيو هو ۽ اُن جا ڪرڻا سمنڊ جي پاڻيءَ منجهه ڇُلي رهيا هئا. ڪي کن هو به چُپ رهيو ۽ مان به. ڪي کن پوءِ ساڳئي وقت تي هُن به چيو، ”پر تڏهن به هيءَ دنيا ڪيڏي نه سهڻي آهي!!“

مون به چيو، ”ها! تڏهن به هيءَ دنيا ڪيڏي نه سهڻي آهي.“

سوال ته نه هُن پئي مون کان ڪيو نه ئي مون. بس مون ئي پنهنجي اڻپوري ڇڏيل ڳالهه کي اُتان کان ڳالهائڻ شروع ڪيو، جتي ڇڏي هئم.

چيم، “منهنجو پيءُ منهنجي جواڻ ٿيڻ کان پهرين ئي دُشمن جي هٿان مارجي ويو. هو اسان جي سامهون ڀريل بندوق کڻي نڪتو هو دُشمن کان پنهنجن ابن ڏاڏن جو وير وٺڻ، پر موٽيو هُن جو رتوڇاڻ لاش سڄي برادري مڇرجي پئي. مون کي پيءُ جي ڇڏيل پڳ ٻڌرائي وئي ۽ اُن جي اُهائي ڀريل بندوق منهنجن هٿن ۾ ڏني وئي. مون کي اڃا تائين اُن بندوق جي نال تي لڳل رت جا لينگها ياد آهن. منهنجي جسم مان سيسراٽ نڪري ويو هو. مون اُن پل ئي من ئي من ۾ جيئڻ جو فيصلو ڪيو هو. بلڪل ائين جيئن منهنجي ماءُ مون کي چوندي پئي آئي. مون اُها رت رڱيل بندوق هميشه لاءِ پنهنجي ماءُ جي لوهي ڪٻٽ ۾ بند ڪري ڇڏي هئي. مان پنهنجي ماءُ جي سامهون بنان هٿيارن جي جڏهن گهران نڪرندو هئس، ته هُن جون اکيون اُڻٽيهينءَ جي اونداهيءَ ۾ کُڙکُٻيتن جيان جرڪنديون پيون محسوس ٿينديون هيون. هوءَ چپن ئي چپن ۾ ڪجهه ڀُڻنڪندي منهنجيءَ پُٺ ڏانهن شوڪاريندي هئي ۽ مان در جي چانئٺ ٽپندي ٽپندي اُن جي ٿڌاڻ پنهنجيءَ پُٺيءَ تي محسوس ڪندو هئس. مان بنان هٿيارن جي، خالي هٿين اُنهن رستن تان به لنگهڻ لڳو هئس، جتان منهنجن اَبن ڏاڏن جا دُشمن به لنگهندا هئا. خالي هٿن جو هڪڙو عجيب نشو ٿيندو آهي. ماڻهوءَ کي ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ هو دنيا جو سڀ کان سگهارو ماڻهو آهي. هر ويڙهه ۾، بنان وڙهڻ جي، هُن جي سوڀ ٿيڻي آهي. مان به ائين محسوس ڪندو هئس. اُنهن رستن تان، جتان منهنجو پيءُ هٿيارن ۽ پهريدارن کان سواءِ ڪونه لنگهندو هو، مان خالي هٿن ائين لنگهندو هئس، ڄڻ مون کي موت ته موت پر زندگيءَ جي به پرواهه ڪانهي. ماڻهو مون کي چريو سمجهڻ لڳا. راڄ برادريءَ وارا مون کي بي غيرت ۽ ويڪو چوڻ لڳا ۽ مون تي پنهنجن خالي هٿن جو نشو ويو اڃا به چڙهندو. اهڙي ئي ڪيفيت ۾ هڪ شام مان اُنهن رستن تان وڃي رهيو هئس. واهه جي ڪپ تان لنگهندڙ ڪچي رستي تي جيپ ڊرائيو ڪندي، منهنجي ذهن تان ورثي ۾ مليل پنهنجن اَبن ڏاڏن جون دُشمنيون صفا ريٽجي ويون هيون ڄڻ. ۽ مان وِنڊ اسڪرين مان پريان، جهولندڙ کيتن جي هُن پار، لهندڙ سج کي ڏسي سوچي رهيو هئس ته دنيا سچ پچ  به ڪيڏي نه خوبصورت آهي! هوا جو هڪڙو جُهوٽو، جيڪو ماڻهوءَ کي ڇُهندو لنگهيو وڃي ٿو، پَنُ، جيڪو ٽاريءَ تان ڇڻي ڪري ٿو، هڪڙي سنهڙي لهر به، جيڪا پاڻيءَ منجهان اُٿي ۽ پاڻي منجهه ئي لهي وڃي ٿي ۽ ڪَکُ به جيڪو اُڏامندڙ پکيءَ جي چُهنب مان ڪري مٽيءَ جو حصو بڻجي وڃي ٿو. هر شيءِ ۾ ڪا نه ڪا سهڻي معنيٰ رکيل آهي. هر شيءِ جي ڇُهاءُ ۾ سمنڊ جيڏي گهرائي رکيل آهي ۽ ڪاش ماڻهوءَ کي ان سمنڊ ۾ لهڻ جي مهلت ملي سگهي! بس عين ان پل الاءِ ڪٿان کان گولي ونڊ اسڪرين کان ٿيندي منهنجي ڇاتيءَ مان پار ٿي وئي.“

ڳالهائيندي ڳالهائيندي مان چُپ ٿي ويس.

هو به چُپ رهيو.

ٻئي خاموشيءَ سان سمنڊ جي لهرن تي چنڊ جي ڪرڻن کي ڇُلندو ڏسي رهيا هئاسين.

ڪيترائي پل خاموشي رهي.

پوءِ هُن ڳالهائڻ شروع ڪيو.

“مون کي لڳندو هو، خدا هر رات مسجد جي خالي اڱڻ تي منهنجو انتظار ٿو ڪري. مون کي هُن سان پيار ٿي ويو آهي ۽ هُن کي مون سان. هاڻي مان سوال ڪندو هئس ۽ هو مون کي منهنجن سوالن جا جواب ڏيندو هو. الاءِ ڪيترن ڏينهن جي ان ڪچهريءَ ۾ ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هئي، ته هُن ڪڏهن به مون کان ڪو سوال ڪونه ڪيو. مان هُن کي ڪيئن ٿو محسوس ڪريان؟ مان هُن جي ڳالهين تي ڪيترو يقين ٿو ڪريان؟ مان ڪيترو هُن سان سچو آهيان؟ ڇا ٿو سوچيان هُن لاءِ. ڇا ٿو ڪري سگهان هُن لاءِ! ڪجهه به نه. سوال ڪرڻ وارو صرف مان هئس.

هڪ اهڙي ئي رات جڏهن اسين ٻئي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، مسجد جو پيش امام اچي مٿي تي بيهي رهيو. پُڇڻ لڳو، ’تنهنجو فرقو ڪهڙو آهي؟“ منهنجو فرقو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ مان سوچ ۾ پئجي ويس.

بُکَ؟؟ بيروزگاري؟؟ بي چيني؟؟ گهاڻي جي ڏاند جيان زندگيءَ جي چوڌاري ڦرڻ ۽ ڦرندي ڦرندي پيرن کان روح تائين پئجي ويل نِڦون؟؟ موٽ ۾ مليل ڌڪار ۽ اڻبرابري!؟ انهن مان ڪهڙو منهنجو فرقو ٿي سگهي ٿو؟

پيش امام جو خيال هو ته منهنجو ائين راتين جو هتي ويهڻ شڪ ۾ وجهڻ واري ڳالهه آهي ۽ مون کي پاڻ کي ڪليئر ڪرڻ کپي. پيش امام مون سان ڳالهائي رهيو هو ۽ خدا خاموشيءَ سان مون ڏانهن نهاري مُرڪي رهيو هو ۽ پيش امام چئي رهيو هو. ’هيءَ مسجد جنهن فرقي وارن جي آهي، اُنهن ۾ منهنجي باري ۾ سوالن ۽ شڪن جي ڪري بيچيني ڦهلجي رهي آهي. جي مان پاڻ کي ڪليئر نٿو ڪري سگهان، ته پوءِ هن مسجد ۾ اچڻ ڇڏي ڏيان.“ پيش امام جي وڃڻ کان پوءِ مون خدا ڏانهن سوال ڪندڙ اکين سان نهاريو. موٽ ۾ هُو مرڪي پيو. چيم ”هاڻي مان توسان ڪٿي ملندس؟؟ هن شهر ۾ ته اهڙي ڪائي ڪُنڊ ڪانهي، جتي ماڻهو اڪيلو لڪي ويهي سگهي. شهر وارن کان به. پنهنجي پاڻ کان به ۽ زندگيءَ کان به.“ ڪيتري دير اسين ٻئي خالي مسجد جي اڱڻ ۾ ويٺا رهياسين. هو مُرڪندو رهيو ۽ مان روئندو رهيس، اُن ٻار جيان جيڪو اسڪول وڃڻ نه چاهيندو هجي ۽ هن جي مُرڪ ڄڻ چئي رهي هئي ته ”اسڪول ته توکي وڃڻو ئي آهي.“ اُن رات گهر پهتس ته زال منهنجي انتظار ۾ در جي سامهون ئي ويٺي هئي. منهنجي گهڙندي ئي چيائين، ”وڏي پُٽ کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. چار مهينا في نه ڏيڻ ڪري.“ مان بي دم ٿي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. پاڻي گهريم. پاڻيءَ جي گلاس سان گڏ چيائين، ”لائيٽ وارا آيا هئا، لائيٽ ڪٽڻ. ٻن مهينن جو بل ڪونه پياريل آهي. پر منٿ ميڙ ڪري سڀاڻڪو ڏينهن گهريومانِ. سُڀاڻي جي بل نه پياريو ويو، ته هو ٻيهر اچي لائيٽ ڪَٽي ويندا.“ مان پاڻيءَ جو اُهو گلاس سڄي رات ڪونه پي سگهيس. ڀت ۾ منهن هڻي اکيون ٻوٽي ڇڏيم. منهنجي پُٺيءَ ۾ منهن هڻي هوءَ چئي رهي هئي ”تون ته گهر کان ٻاهر الاءِ ڪجهه کائين به ٿو يا، نه پر ڪا خبر به اٿئي ٻن ڏينهن کان گهر ۾ کنڊ، آئل، چانهه جي پتي ۽ اٽو ڪونهي. دال ۽ چانور به اچي ختم ٿيا آهن. کير وارو به هاڻي روز ڏيڍ لِٽر کير ۾ لپ کن زهر جي ڏيو وڃي ته کير ته وٺو ٿا، پر پئسا  ته ڪونه ٿا ڏيو. تون ته هوندو ڪونه آهين، مون اڪيليءَ کي ئي اهو سمورو زهر پيئڻو پوندو آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com