سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (4)

 

صفحو :2

حاجي احمد ملاح

 

غزل

 

اي اميرو! عام آهون، رنگ لائينديون ضرور،

نت نماڻن جون نگاهون، رنگ لائينديون ضرور!

ظلم ظاهر تن مٿي جن لئي ضروري ٿي زڪوات،

ڳاهجي ويون تن جون ڳاهون، رنگ لائينديون ضرور.

ڪن پُلاهون پيٽ ۾، پر پيٽ ڪن جا ٿيا پلا،

هي پلا ۽ هي پلاهون، رنگ لائينديون ضرور.

منجهه ڪنگالن ڪنگ رڙ، ڪرڳل ڪُلهن جا سِر ڪُلهن،

واهيري جي وير، واهون رنگ لائينديون ضرور.

وير! ووٽن ري نه ورتو، تو تراڙين ساڻ تخت،

عام رائي ڌار، راهون، رنگ لائينديون ضرور.

هن بکين ڪئين بادشاهه، برباد ڪيا اي بي خبر،

هي ڪُمهريون، قهر ڪاهون، رنگ لائينديون ضرور.

زار کي زاري ڪرايئون، روس ۾ جو هو رئيس،

تون نه تنهن کان پنڌ پراهون، رنگ لائينديون ضرور.

مُلڪ ’احمد‘ آه، لا اِلله اِلا اللهَ جو،

تن تي ڪلمي جون ڪُلاهون، رنگ لائينديون ضرور.

[”موحد شاعر: ص 45]

 

مولانا حاجي احمد ملاح کي لاڙ جو عوامي شاعر چئجي ته وڌاءُ بلڪل نه ٿيندو. هن جي شعر ۾ جيڪا رواني آهي، تنهن سندس مقبوليت ۾ اضافو ڪيو آهي. تجنيس حرفيءَ ۾ ته مولانا صاحب ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. حقيقت ۾ مضمون جي لحاظ کان مولانا صاحب جو ڪلام گهڻي ڀاڱي توحيد جو تفسير ۽ حضرت رسول ڪريم ﷺ جن جي تعريف ۾ آهي، پر منجهس مجازي مام به رکيل آهي. هڪ طرف حقيقت جي ترغيب آهي ته ٻئي طرف مجاز جو موه آهي. توحيد کي ڳائڻ سندس مشرب ۾ داخل آهي ۽ مجازي مام انڪري ٿو رکي، جو هُو به هڪ انسان آهي ۽ انهن جذبن سان لبريز آهي، جيڪي لطيف احساسن جي ڪري اُڌما کائين ٿا.

مولانا هڪ پُرگو شاعر آهي: شعر ۽ سخن جي چمن ۾ چڱا ٻوٽا پوکيا اٿس. گهڻوئي ڪلام چيو اٿس. سخن جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. غزل، ڪافيون، مسدس، مخمس، مربع ۽ مثمن بي انداز چيا اٿس.

ڌڻيءَ جي قدرت کي ساراهڻ لاءِ مولانا صاحب وصف بيانيءَ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. مالدارن جا مڏ ۽ مينهن جا منڊاڻ ڏسي ان مان موثر نتيجا ڪڍي ٿو. سندس بياض ۾ آيل هڪ غزل ۾ به اهڙي روحاني مسرت جو اظهار هڪ طرف آهي ته فطرت جي حسن جو ذڪر ٻئي طرف ۽ ڀاڳين جي ڀاڻن جو بيان ٽئين طرف آهي:

اڄ ته باغن ۾ بهاريون، واه قدرت رب ڪريم،

اڄ ته مُلڪن تي ملهايون، واه قدرت رب ڪريم.

ڪار پٺيان ڪار ڪڪرن، ڪيتريون ڪاهون ڳڻيان،

ڪراچن ڪونجن قطارون، واه قدرت رب ڪريم.

مٿي آيل شعرن ۾ صنعت تجنيس جرفيءَ جو جيڪو جڙاءُ آهي، سو نهايت وڻندڙ آهي. مولوي صاحب جي اها خصوصيت سندس قادرالڪلاميءَ ۽ بي ساختگيءَ جو هڪ کليو ثبوت آهي. بيشڪ لاڙ جي موجوده شاعرن ۽ سنڌ جي عوامي شاعرن ۾ مولانا احمد ملاح جو درجو مٿانهون آهي.

 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

[”موحد شاعر: حاجي احمد ملاح“، مرتب: تاج جويو، ص 103 – 106]


 

”اختر“ هالائي

 

اليڪشن

 

اليڪشن جو زمانو آ، وري ليڊر اچي بيٺا،

نوان رهزن اچي بيٺا، نوان رهبر اچي بيٺا.

 

طبيلن مان توائي ٿي، هليا ويا اسپ تازي سڀ،

بٺارن جي ڪُڙهين مان هينگون ڏيندا خَر اچي بيٺا.

 

مٿي هئا جن جا سِر، ڪنهن وٽ وڃڻ هلڪائي سمجهيائون،

ڪمينن جي درن تي ووٽ لئه هر هر اچي بيٺا.

 

فريبِ حسن و حرفت جي گلي ۾ هار پاتائون،

محبت جي جنازي تي کڻي نشتر اچي بيٺا.

 

ڪمي ڪانهي سياسي احمقن جي بزمِ دنيا ۾،

تماشو زور ٿي ويو جو ٻه بازيگر اچي بيٺا.

[1954ع]

* خليفو محمد عمر ”اختر“ هالائي هالا جي تاريخ ۾ بهترين شاعر ٿي گذريو آهي. اينهين سمجهڻ کپي ته آسماني اختر هالا جي زمين تي نازل ٿيو ۽ پنهنجي چمڪ دمڪ سان ۽ روشنيءَ سان زمين کي آسمان بنائي ڇڏيو هئائين.

- مخدوم طالب الموليٰ (31 مارچ 1992ع)

* ”اختر“ هالائي (1917 – 1959ع) هڪ پڪو پختو شاعر آهي. هن جي شاعريءَ تي هالا جي ’مڪتب فڪر‘ جي گهري ڇاپ آهي. اُن سان گڏوگڏ هالا جي مڪتب فڪر تي به اختر هالائيءَ پنهنجي گهري ڇاپ ڇڏي آهي. اختر هالائيءَ روايتي عروضي شاعريءَ جا سمورا لوازمات پورا ڪيا آهن .... اختر جي شاعري رڳو بحروزن جي تيڪي تي کنيل بوتو نه آهي، پر هن وٽ هڪ ڌڙڪندڙ دل به آهي.

دل حساس پيدا ڪئي، خدا شاعر جي سيني ۾!

اختر وقت ۽ حالتن کان غافل نه آهي.

سياست سنڌ جي گهوڙن جو ميدان،

اڃا چالو نظارو آ ڊُڪڻ جو.

اهو نظارو اڄ به چالو آهي. نڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا هسوار وانگر! ڇا هڪ شاعر جي اک ايترو پري تائين ڏسي سگهي ٿي، تڏهن ئي ته هو بشارت ٿو ڏئي:

ٻڌو اٿم ته هتي ڪو مسيح اچڻو آهه!

سيد امداد حسيني (27 – مئي 1992)

* اختر صاحب جا نظم ۽ غزل سندس دور جي سياسي سوچ ۽ تمدني فڪر جي صحيح عڪاسي ڪن ٿا. انهن مان سندس قومي شعور، سياسي سوچ ۽ ذهني رجحان جو واضح اظهار ٿئي ٿو. اهو شاعر ئي ڪهڙو، جو مظلومن ۽ هيڻن جي حمايت ۾ حق جو آواز بلند نه ڪري ۽ ناممڪن آهي ته وقت جي آمر ۽ جابر قوتن جي ڏاڍ ۽ زور جي خلاف نفرت ۽ حقارت جا جذبا بيدار نه ٿين. اختر صاحب جو 35 سال اڳ جو هي اعلان اڄ به سچ آهي:

اسين اڄ به ناهيون، غلامي کان آزاد،

جي آزادي آهي ته چورن ٺڳن کي!

دٻايون وڃن ٿيون اسان جون زبانون،

۽ روڪيو وڃي ٿو اسان جي هٿن کي!

زمانو اچي ويو عجب آه ”اختر“،

چنو لاهي وهڻو پوي ٿو چَپن کي.

 

- حميد ”شهيد“ هالائي ابن ”اختر“

[مرتب: ”تسبيح محبت“، سنڌي ادبي بورڊ]

 

تحقيق

 

”… ڀيرومل سن 1907ع ۾ ’غريب اللغات‘ نالي سان شاهه جي رسالي جي لغت جو پهريون ڀاڱو ڇپائي پڌرو ڪيو. انهيءَ ۾ رسالي جي پهرين ٽن سُرن (سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ ۽ سر کنڀات) جي اَهنجن لفظن ۽ جملن جي معنيٰ ڏنل آهي. ڪيترن هنڌن تي هن لفظن جي ويتپتي به ڏني آهي. انهيءَ لغت تيار ڪرڻ ۾ هن مرزا قليچ بيگ، ديوان نرملداس فتحچند سجانسنگهاڻيءَ ۽ پرمانند ميوارام جهڙن بزرگ عالمن کان معنائن جي جدا جدا اپڀاشانن ۾ لفظن جا پريوگ جاچي معنائون پڻ نوٽ ڪيون. هن کي جن لفظن جي معنيٰ ۾ شڪ محسوس ٿيو، اتي سوال جي نشاني لڳائي ڇڏيائين. ڀيرومل جي ايمانداري اِن مان ئي ظاهر آهي، ته هن کي جن اوکن لفظن جون معنائون ٻين بزرگن وٽان مليون، اتي سندن نالو به ڄاڻايو اٿائين. پر کيس وڌيڪ اڀياس ڪرڻ بعد پاڻ وٽ نوٽ ڪيل جهونن سنڌي لفظن جي معنائن ۾ ڪي اوڻايون نظر آيون، اِنڪري هن ڊڪشنريءَ جو ٻيو ڀاڱو پريس مان واپس گهرائي ورتو. اِن طرح شاهه جي رسالي جي لغت تيار ڪرڻ واريءَ رٿا تي هو عمر ڀر تحقيق ڪندو رهيو. انهيءَ جي قلمي نسخي ۾ وقت به وقت سڌارا ڪندو رهيو، نيٺ وڃي ساسين سکالو ٿيو. سندس اهو دستخط اَڻ ڇپيل ئي رهجي ويو ۽ هاڻي سندس پونين وٽ به موجود نه آهي …“

 

- ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي

[”شاهه جو رسالو – هڪ اڀياس“، 1992ع

پڻي – مهاراشٽر، ص 57]

 


 

منهنجو ساٿي ۽ سڄڻ:مرحوم محمد اسماعيل نونُ

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

1949ع ۾ آمريڪا ۾ تعليم پوري ڪري سنڌ پهتس ته آزاديءَ جي خوابن ۾ ملڪ جي خدمت ۽ خاص طرح سنڌ جي عظمت کي روشن ڪرڻ جو جذبو جاڳيو. همت ۽ حوصلي جي باوجود، شروع ۾ بي ڪسي ۽ بي حاليءَ وارو سمان هو. اتفاق سان بخت جاڳيو جو مون کي ڪي مُربي ۽ محسن ملي ويا، جن جي مهربانين سان مون پنهنجي تعليم بعد تحقيق جي ميدان ۾ قدم رکيو. سنڌ کي ڏسڻ پَسڻ ۽ سنڌ بابت تحقيق ڪرڻ ۾ ڪيترائي مهربان مددگار ٿيا، جن ۾ محترم محمد اسماعيل نون منهنجو سچو ساٿي ۽ سڄڻ ٿيو ۽ هن ڪشالي ۾ هو مون سان تتيءَ ٿڌيءَ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. هو مون کي ’ڊاڪٽر صاحب‘ سڏيندو هو ۽ آءٌ کيس ‘نُونُ صاحب‘ چوندو هوس، حالانڪ ’صاحبي‘ نڪا هُن ۾ هئي ته نڪا مون ۾ هئي.

منهنجي پهرين ملاقات ساڻس 1953ع ۾ تڏهن ٿي جڏهن شايد آءٌ جيڪب آباد ۾ سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويو هوس. هو اُن وقت شڪارپور جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر هو. اُن پهرين ملاقات ۾ آئيندي لاءِ دوستي پڪي ٿي وئي. شايد هن کي منهنجي صدارتي تقرير وڻي يا سنڌ گهمڻ ۽ سنڌ ڏسڻ وارو جذبو وڻيو. هن پاڻ کي ’ڪامورو‘ ڪري ڪونه ٿي ڄاتو، جو هو خانداني طور هڪ ’راڄائتو‘ ماڻهو هو. جڏهن ٽالپر اميرن ٿر کي سنڀالڻ ۽ محفوظ ڪرڻ طرف توجهه ڏنو ۽ سنڌ جا قبيلا اُتي ويهاريا ويا ۽ پڻ پنهنجي اعتماد ۽ طاقت وارا اڳواڻ اُتي وسايا، تڏهن وڏي حيات خان نون کي ’اسلام ڳڙهه‘ (اسلام ڪوٽ) تعلقي جي حدن ۾ جاگير ڏنائون. مير فتح علي خان جڏهن سنڌ جا وڃايل علائقا واپس وٺڻ لاءِ لشڪر چاڙهيا، تڏهن هڪ فوج دائودپوٽن خلاف موڪلي جنهن اُنهن کي شڪست ڏيئي سبزل ڪوٽ ۽ ٻيو سرحدي علائقو سنڌ سان شامل ڪيو. اُن وقت، اُن طرف جي نُونن اڳواڻن سنڌ جي مدد ڪئي ۽ مير صاحب کين خاص طرح ٿر ۾ مِٺڙيي طرف ۽ مهراڻي ۾ نُهٽي ۾ جاگيرون ڏنيون. کوکر ۽ کوسا به اُن وقت ٿر ۾ آباد ٿيا. حيات خان نُون وڏي نالي وارو هو، جنهن صاحب خان کوکر (ميرن صاحبن جي اميرن بهادر خان ۽ بيڙي خان کوکر جي ڪٽنب مان) سان گڏجي ٿر ۾ امن امان رکڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. نهٽي لڳ ’مهر راڻي جو ڏهر‘ واري زمين تڏهن کان حيات خان وٽ رهي[1]. هي داستان هت انهيءَ لاءِ بيان ڪيو ويو آهي ته محترم محمد اسماعيل جي اُٿي ويٺي، همت ۽ مردانگي، آئي جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ، ملڻ ۽ مانُ ڏيڻ، ماڻهوءَ ماڻهوءَ کي سڃاڻڻ، دوستن سان ڪچهريون ڪرڻ واريون جيڪي منجهس خوبيون هيون، تن جو پس منظر معلوم ٿئي. هو سنڌ جي راڄ رسم ۽ رک رکاء وارو راڄائتو مڙس هو.

وقت جي سنڌي اصطلاح ۾ ”مڙس ماڻهو هو“. نوڪريءَ ۾ پنهنجي اها همت مردانگي قائم رکيائين. ٽنڊي باگي ۾ مير غلام محمد خان جي قائم ڪيل مدرسي ۾ پڙهيو ۽ روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪيائين ۽ مختيارڪار ٿيو ۽ گهڻو وقت سکر ضلعي ۾ رهيو. برجستو آيسر هو. 1958 – 1954ع وارن سالن ۾ دادو ضلعي جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر رهيو. پوءِ ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد ۾ رهيو ۽ 25- جون 1960ع تي ٺٽي ضلعي جو ڊيپوٽي ڪمشنر مقرر ٿيو. اُن بعد خيرپور ۽ حيدرآباد ۾ اعليٰ عهدن تي فائز رهيو. پر نوڪريءَ واري سڄي عرصي ۾ هن پاڻ کي ڪامورو ڪري ڪونه ڄاتو. جنهن به عهدي تي جتي رهيو، اُتي اشراف ۽ راڄائتي ماڻهوءَ جي وڏو قدر ڪيائين ۽ چورن  چڪارن جي پاڙ پٽيائين. هو دوستن جو دوست هو ۽ مخالفن جو مخالف هو. زبان تي هڪ ۽ دل ۾ ٻي ڪانه رکيائين.

هو پاڻ وڏو سُڄاڻ هو ۽ کيس خاص طرح ٿرپارڪر ضلعي جي چڱي خاصي ڄاڻ هئي. هڪ ڀيري هيءَ ڳالهه ڪيائين ۽ مون قلمبند ڪئي. چيائين ته: ٽالپرن سنڌ جي سرحدن تي پنهنجا ماڻهو ويهاريا، جن جوڌپور مارواڙ طرفان حملن کي منهن ڏنو. ٿر واري سرحد تي کوسن کي ويهاريئاون، جن ۾ ’پارڪر جا کوسا‘ وڏا طاقتور هئا. اُهي ’ويرا واهه جا کوسا‘ به سڏبا هئا، جو ويرا واهه جو شهر ننگرپارڪر کان فقط 14 ميل اوڀر طرف هو. ويرا واهه وٽ وڏو ’سانگاهه‘ (تلاء) هو، جتي پونجاڻي سوڍا طاقتور هئا. اُنهن بلالاڻين فقيرن جون مينهيون تڙيون، جنهن تي فقير کين پٽيو ته:

پِٽيل پارڪر تي پکي ٿا پون

سو سانگاهه ئي سُڪي ويو جنهن تي پونجاڻي پَرن

جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن کوسن ۾ شادي خان ۽ ڀارو خان بهادر ۽ مشهور مڙس هئا. ڀاري خان کي تَروٽ چيو ته: ”سرڪاري رسالي ۾ ڀرتي ٿي.“ جنهن تي پنهنجي وڏي جامي جي ٻانهن مٿي ڪري تروٽ کي چيائين ته: ”هي ڦٽن جا نشان سڀ انگريزن سان وڙهندي ٿيا اٿم، سو ڪيئن ڀرتي ٿيندس!“ چوراسي نشان هئس. شادي خان پهريائين وڏو ڌاڙيل هو ۽ پوءِ وڏو جرنيل ٿيو ۽ موجوده سنڌ کان ڏکڻ اوڀر وارو ملڪ، ٿراڌ کان ڇهوٽڻ جبل تائين، ميرن صاحبن طرفان سندس سنڀال هيٺ هو. مشهور پهاڪو هو ته:

سو ڏونگر ڪيئن ڏهڪي، جنهن ۾ کوسو شادي خان ڏونگر يعني پارڪر جي اوڀر طرف ٿراڌ ۽ نَيڙ وارو ڏونگر (جبل). شادي خان کي به تَروٽ سڏيو هو، پر شرط هو ته ترار ڇوڙي اسلام تي ايندو. شادي خان چيو ته ”ترار سر ساڻ آهي ۽ جي سر لٿو ته به ڳچيءَ ۾ هوندي.“

لَٽ پٽ لوهو ساڻ، هوندي گڏ گڙي ۾

لوهو معنيٰ رات، گڙي ۾ يعني گلي ۾ (ٻڌايل ڳالهه پوري ٿي).

محترم نُون سنڌي ٻوليءَ جي سهڻن گفتن، انوکن لفطن ۽ اصطلاحن، بيتن ۽ پهاڪن کان باخبر هو، جيڪي خاص طرح مهراڻي ۽ ٿر واري ڀاڱي ۾ وڌيڪ رائج هئا. ’ٿيو‘ ۽ ’رهيو‘ جن مخصوص معنائن ۾ استعمال ٿين ٿا، سي پهريائين مون کانئس ٻڌا. سندس ڳوٺ نُهٽو ۽ نبي سر ساڳئي پاسي آهن. مون سانوڻ جي بيت جي سٽ پڙهي ته:

نبي سر جون نام ڪَٺيون، ٿيون ننگ ڀريو ڪن ناٽ

تڏهن پاڻ جمال جي بيت جون هيٺيون سٽون پڙهيائين ته:

نبي سر جون نام ڪٺيون، ٿيو دام وجهن دُواليون

جادو خور، جمال چوي، ٿن چست چٽيون چاليون

ريت منجهارا ڪن رهاڻيون، تڪڙيون تيرهن تاليون.

مون سان سندس محبت ۽ مون تي سند مهربانين جي ڄڻ حد ئي ڪانه هئي. سگهڙن کي ڳولڻ ۽ ڪچهرين ڪرڻ، توڙي تاريخي آثارن کي ڏسڻ ۽ جانچڻ لاءِ جڏهن به مون ڪا پنهنجي راءِ ڏيکاري ته محترم نُون نه فقط اُن جي پڍڀرائي ڪئي، پر هڙان وڙان پورائي ڪئي. ڪڏهن ڪونه چيائين ته واندڪائي ناهي يا اهو ڪم مشڪل آهي. هميشه ها ۾ ها هئي. جدا جدا جاين تي سندس عهدن واري ايامڪاريءَ ۾ دادو، حيدرآباد، ٺٽي ۽ خيرپور ضلعن ۾ سگهڙن جي ڪچهرين ۽ ماڳن آثارن بابت معلومات حاصل ڪرڻ ۾ وڏي ڪاميابي ٿي. مون جڏهن به ڪا تجويز ڏني ته مون سان دل و جان سان شامل ٿيو. 1956ع ۾ خيرپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هو ته اُتي پير ڪٽپر جي شاهي مقام ۾ رات جو جمن چارڻ جي تربت ڳولڻ ۽ ٺري ميرواهه تعلقي ۾ مينگهي فقير شر جي ڳوٺ ۾ فولاد علي فقير کي ڏسڻ لاءِ سڄي سنگت ساڻ ڪري هليو. جڏهن دادوءَ جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر هو ته سڄي ضلعي ۾ وڏيون ڪچهريون ٿيون ۽ پڻ مون ڪاڇي جا آثار ڏٺا. پاڻ مون سان هر وقت گڏ ۽ منهنجي مدد ۾ هو. ميان نصير محمد جو مقام ڏٺوسون ۽ پوءِ اچي ميان جي ڳاڙهي واري جامع مسجد ڏٺيسون. مون کي نهايت ڏک ٿيو ته اهڙي وڏي شاهي شاندار عمارت ويران پئي آهي ۽ زبون ٿي رهي آهي. جڏهن مون چيو ته هن مسجد جي مرمت ٿيڻ گهرجي، ته نُون چيو ته مرمت ٿيندي. پوءِ اُتي جو هڪ همت وارو ماڻهو هو، جنهن کي چيائين ته تون اڳتي لاءِ مسجد جي سنڀال ڪر ۽ ڪڪڙ جي مختيارڪار قاضي محمد ابراهيم (جيڪو نوشهره مدرسي ۾ مون سان گڏ پڙهيو هو) کي چيائين ته هو حساب ڪتاب رکي ۽ مرمت جو ڪم شروع ڪرائي. وڏو ڪم ٿيو ۽ ٻارهن مهينا هليو. افسوس جو نُون جي بدليءَ بعد سنڀال نه ٿي. هاڻي ٻه سال اڳ جڏهن آءٌ ويس ته ڏٺم ته مسجد جو اُتريون گنبذ ڊهي ويو آهي. البت سامهون دروازي وارو اسان جيڪو منارو ٺهرايو هو سو بيٺو هو.

اُن وقت ڪاڇي جا ٻيا آثار ڏسندي گاجي شاهه تي وياسون ۽ مٿي ٽڪريءَ تي چڙهي وڃي چشمو ڏٺوسون، جتان پاڻي ٿي آيو. ٻڌايائون ته گاجي شاهه جو ميلو عنقريب اچڻ وارو آهي. نون صاحب کي مون چيو ته: جيڪڏهن ميلا سڌارجن ۽ اُهي عوام جي تربيت لاءِ استعمال ڪجن ته وڏي خدمت ٿئي. اوهان پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ گاجي شاهه جي ميلي کي مچائڻ سان شانائتي شروعات ڪريو. چيائين ته: ”ڊاڪٽر صاحب! گڏجي ڪنداسون؛ اوهين ايترو ڪريو جو عبدالمجيد افغان صاحب، جيڪو هتي جو ڪليڪٽر آهي ۽ اوهان جو دوست آهي، اُن کي اها ڳالهه سمجهايو. باقي ڪم پاڻهي آءٌ ڪندس.“ (افغان ۽ آءٌ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ گڏ پڙهيا هئاسون ۽ پهرئين دفعي جڏهن آءٌ نون صاحب وٽ دادو ويو هوس ته مون کي چانهه تي سڏيو هئائين). مون چيو ته: اهو منهنجو ذمو. موٽي آياسون ته آءٌ عبدالمجيد صاحب سان مليس. پڇيائين ته ڇا ڪرڻ گهرجي. مون ٻڌايو ته ميلي جي وقت صفائي جو انتظام هجي ۽ اديبن ۽ سگهڙن جي ڪانفرنس رکجي، جنهن کي اوهان خطاب ڪريو ۽ ضلعي جي سڌاري جي ترغيب ڏيو. اوهان پنهنجي ڊيپوٽي ڪليڪٽر مسٽر نون کي ذميواري ڏيندؤ ته هو سڀ انتطام ڪندو. مسٽر افغان قبول ڪيو ۽ نون صاحب کي سڏي کيس انتظام لاءِ چيائين. بس پوءِ ته سڀ انتظام ٿي ويا. گاجي شاهه جي درگاهه جي سامهون، هيٺ اوڀر طرف واري ميدان ۾ ڪانفرنس لاءِ شاميانا لڳي ويا. سگهڙن ۽ ڳائڻن کي آڻڻ جا انتظام ٿيا. واهي پانڌيءَ جي وڏي سگهڙ محمد علي لغاريءَ کي مون سگهڙن جي ڪچهري جو صدر بنايو. وڏي عمر جو هو، پر وڏو سُڄاڻ ۽ گفتي جو ملوڪ هو. وقت ئي مسٽر افغان به اچي پهتو ۽ وڏي محفل ٿي. اهو ميلو پوءِ ماڻهن کي سالن تائين ياد رهيو.

مئي 1960ع ۾ جڏهن نُون ٽنڊي محمد خان ۾ ڊيپوٽي ڪليڪٽر هو تڏهن مون اُتر ۽ لاڙ جي چونڊ سگهڙن جي گڏيل ڪچهرين جو پروگرام رٿيو. چيائين ته واهه جي رٿ آهي. ڪچهريون شهدادپور، سنجهوري، سانگهڙ ۽ کپري تعلقي کان شروع ٿي ساماري پهتيون. پاڻ شهدادپور واري پهرين ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ وري ڪنڊير ۾ سگهڙ جاڙي خان مريءَ وٽ ۽ اُتان پوءِ سنجر خان بنگلاڻيءَ وٽ رکيل (5- مئي 1960ع) ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيو. اُن بعد مون کي خيال آيو ته ڪوهستان جو نغمو ”مورو“ هڪ وڏو دلپذير نغمو آهي ۽ جيڪر سڀ مورو ڳائيندڙ گڏ ڪري يڪي ڪچهري ڪجي. بس چوڻ جي دير هئي؛ يڪدم اُن جو انتظام ٿيو ۽ 15- مئي 1960ع تي ٿاڻي بولا خان ۾ وسندمل وٽ وڏي ڪچهري ٿي، جيڪا سڄي رات هلي ۽ جنهن ۾ مختلف ساٿين موراڳايا. طالب پالاري جون مٺيون لوليون ۽ ڌڻي بخش خاصخيليءَ جون ڌمڪ ڌمڪون اڃا ياد آهن.

1960ع ۾ جڏهن نون صاحب ٺٽي جو ڪليڪٽر ٿيو ته گاجي شاهه جي ميلي واري ڪاميابي ياد ڪري، چيائين ته ميرپور بٺوري ۾ مهر شاهه جو ميلو اچڻ وارو آهي ۽ اُن کي پوري طرح مچائڻو آهي. بس پوءِ اسان جون منزلون ميرپوربٺوري جي انسپيڪشن بنگلي ۾ هيون. مون اديبن سگهڙن ۽ ڳائڻن سان گڏ ملهن کي به سڏڻ جي صلاح ڏني. ميلي لاءِ سڌين بازارين ۽ وچ تي چونڪن جا ڪَت لڳي ويا. جنريٽر گهرايا ويا ۽ لائيٽ جو انتظام ٿيو. وڏي شاندار ڪانفرنس ٿي. البت ملهن پاڻ نه ملهايو. مون سان شير ميربحر انجام ڪري ويو پر وقت تي اُتر جا ملهه وٺي نه آيو. پر پورا ٽي ڏينهن (25 کان 27 – ڊسمبر 1960ع) ميلو ڌام ڌوم سان مچي ويو.

اُن ساڳئي سال ٻن وڏن سفرن ۾ مون سان گڏ رهيو؛ هڪ هنگلاج جو سفر ۽ ٻيو پٻوڻي جبل ۾ مائي سسئيءَ جي قبر ۽ اُن کان اڳتي شاهه بلاول نوراني جي درگاهه. ميرپور ساڪري جي وڏي سگهڙ ۽ سڄڻ حاجي محمد سوڍي بگهياڙ وڏي همت سان هنگلاج جي سفر جو انتطام ڪيو. شاهه بلاول نورانيءَ ڏانهن اُن وقت حالتون سازگار نه هيون، پر نون صاحب همت وارو دلير مڙس هو ۽ چيائين ته: ڊاڪٽر صاحب هلنداسون، سڀ خير ٿيندو. وياسون ۽ پٻوڻي جي لڪ جي پريان سنگهر جي سيم ۾ سسئيءَ جي مزار کي ڏسي، اڳتي لاهوت واري ماڳ جو معائنو ڪري، شاهه بلاول نورانيءَ جي درگاهه تي پهتاسون، جتان 10 وڳي رات جو واپس ورياسون. سال 1959ع اسان جي سنگت ۽ رفاقت جو پورو ڀرپور سال هو. اُن سال ٻيڙي ڪنڀار کي مون ذهين ڏسي پنهنجو ٻالڪو ڪيو ۽ کيس بيت، ڳجهارت ۽ سينگار جي ڄاڻ حاصل ٿي. اڳ وٽس رڳو ’روايتي ڏور‘ واري رهاڻ هئي. محترم نون سان به سندس سڃاڻپ ٿي. 14- آگسٽ 1959ع تي نون صاحب حيدرآباد ۾ مون وٽ آيو. جهُڙ جو ڏينهن هو، ۽ منهنجو ارادو هو ته گنجي ٽڪر جي تاريخي آثارن کي ڏسجي. ٻيڙي کي به سڏيم، گڏجي گنجي تي وياسون ۽ ڪاليءَ جي مندر کان ڦري اچي ٽڪر جي اولهه واري ڀت ۾ قديم زماني جي ٽڪيل ٽاڪيل ڪوٺين کي ڏٺوسون. اتان اولهه طرف ڪنهن بزرگ جي قبي کي ڏٺوسون ۽ اڃا اولهه طرف ٽڪر جي مٿاهين ڏندي تي چڙهياسون جيڪو ’لطيف آباد جي (ان وقت واري) نئين آبادي‘ مٿان اُڀريل هو. نون چيو ته ”هي ماڳ وٺجي، جاءِ ٺهرائجي ۽ ڪچهريون ڪجن.“ مون چيو ته قاضي سچيڏنو صاحب ڪليڪٽر آهي ۽ آءٌ ساڻس ڳالهائيندس ۽ هن ماڳ جو نالو ’گنجو ڏونگر گام‘ رکنداسون. پوءِ مون رسالي مان ”گنجي ڏونگر“ وارا بيت پڙهيا ۽ ڪچهريءَ کي وڌائڻ لاءِ ٻيڙي کي چيم ته تون بيت جي هڪ سٽ جوڙ ته ٻي مٿان آءٌ ڳنڍيان. ائين گنجي ٽڪر بابت پنهنجي طرفان بيت ٺاهياسون. هيٺيون سٽون ياد آهن:

ٻيڙو:           گنجي ڏونگر گُل، پيل پهرئين ڏينهن جا

نبي بخش:    پُريان هن پاهڻ جو، مٽ نه آهي مُل

ٻيڙو:           گنجي ۾ گُلڪار، سانوڻ ۾ سهڻي ٿئي.

نبي بخش:    ڀيڻيءَ هن ڀُلڪار، ڪنهن کي ٿئي ڪانه ڪا

        ٻيڙو:                           گنجي ۾ گوهيون، ڏنائون ڪارڻ ڏٿ جي

        نبي بخش:    ڇڪي تن ڇوهيون، وکون وڌيون وتريون.

اهي بيت ٻڌي نون چيو ”اڄ ته فيض جي پالوٽ آهي!“

سال 1959ع شروع کان آخر تائين، وقفي وقفي سان گڏ ڪچهرين ۾ گذريو. 28- ڊسمبر 1959ع تي شهدادڪوٽ ۾ وڏي ڪچهري ٿي، جنهن ۾ اُن طرف جا گهڻا سڀ سگهڙ گڏ ڪياسون. صبوح جو روانگيءَ کان اڳ، شهر ۾ هٿ جون ٺهيل (کرڙيون، گهوڙن جون پڇاڙيون، مينهين جا پيئنڍ ۽ جبل جي وڻ ڪهُو جون لٺيون) ڏٺيونسون ۽ ڪي خريد ڪيونسون. شهدادڪوٽ کان قنبر ۽ اُتان ڪچهريءَ لاءِ وڳڻن ڏي ورياسون. دل ڀرجي آئي ۽ مون جيپ هلندي بيت چيا (ڏسو هيٺ).

هن پيارو سڄڻ، دل جي عارضي سببان 23- جنوري 1974ع تي پنهنجن پيارن کي الوداع چئي هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. ڌڻيءَ جون مٿس رحمتون هجن. سندس فرزند حال حيات آهن ۽ شهر نُهٽي ۾ خوشحال آهن. سندس محبت ۽ لوڪ ادب گڏ ڪرڻ ۾ سندس مدد جي ياد ۾ مون ڪتاب ”سنڌي سينگار شاعري“، جيڪو 1986ع ۾ ڇپيو، سو هيٺين عبارت سان سندس نالي منسوب ڪيو.

”انتساب- پياري سڄڻ مرحوم محمد اسماعيل نون جي نالي، جيڪو راقم سان سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ کي وؤڙڻ ۽ سگهڙن کي ڳولڻ، ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۽ کانئن سينگار ۽ سگهڙپائيءَ جي ذخيري کي سهيڙڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو.

مرحوم ٿر جي اسلام ڪوٽ واري علائقي ۾ پنهنجي راڄ ڀاڳ ۽ وڏي اثر رسوخ وارو هو. کيس سنڌ جي ريت رسم، رهاڻ ۽ ڪچهريءَ جو وڏو قدر هو، ۽ انهيءَ جذبي ئي کيس منهنجي جنون ڏانهن متوجه ڪيو. شڪارپور جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر هو جو ساڻس ڏيٺ ٿي، پوءِ ٺٽي ضلعي جو ڊيپوٽي ڪمشنر ٿيو ۽ ٻين عهدن تي فائز رهيو. ويهن سالن کن جي نوڪري واري انهيءَ عرصي ۾ مرحوم مون کي اهو محسوس ٿيڻ نه ڏنو ته ڪو هو آفيسر آهي، يا ڪو هو فارغ ناهي جو مون سان گڏ هلي: هڪ طرف سسئيءَ جي واٽ کي ووڙڻ لاءِ گڏاپ کان پٻوڻيءَ ۽ اُتان لاهوت ۽ شاهه بلاول تائين، ته ٻئي طرف هاڙهي ۽ هنگلاج تائين مون سان ڀيڙو رهيو. بس چوڻ جي دير هئي ته فلاڻي پاسي فلاڻو سگهڙ سُجهي ٿو ۽ هلڻو آهي: مرحوم بنان دير جي سڀ انتظام ڪري ٻيا سڀ ڪم ڇڏي مون سان گڏجي هلي اُتي پهچندو هو. دادوءَ جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر هو جو کيس چيم ته گاجي شاهه (تعلقو جوهي) جو ميلو آهي، جتي ’ڪاڇي‘ جا ڪي نه ڪي سياڻا سگهڙ ايندا، اُتي ڪا ڪچهري رکون. چيائين ته واهه جي صلاح آهي: بس انتظام ٿيا، طنبو لڳي ويا ۽ ميلي واري رات وڏي ڪچهري ٿي، جيڪا ڪاڇي ۾ پوءِ يادگار رهي. هڪ ڀيري محرابپور جمالي/ تعلقو اوسته محمد (بلوچستان) ۾ وڃي پهتاسون، جتي مير شاهنواز خان شاهلياڻي وڏي ڪچهريءَ جو انتظام ڪيو. اُتي مون چيو ته: هتان موٽندي سڌو واپس هلڻ بدران شهدادڪوٽ هلون، اُتان قنبر ۽ پوءِ اُتان وڳڻن ۾ هلون ۽ اهڙيءَ طرح ڪچهريون ڪندا هلي دادوءَ پهچون. مرحوم چيو ته سهڻي صلاح آهي ۽ واهه جون ڪچهريون ٿينديون! پوءِ اهو ئي پاسو ورتو سون. وڏيون پُڇائون ڪيونسون، سگهڙن سان ملياسون ۽ گهڻيون ڪي ڳالهيون هٿ ڪيونسون.

تاريخ 29- ڊسمبر 1959ع هئي ۽ دادو پهچڻ وارا هئاسون، جو اسان جي اُنهن ارادن ۽ رٿائن سعين سنبتن، ڪشالن، ڪوششن ۽ ڪامياب ڪچهرين کان متاثر ٿي مون جيپ هلندي هيٺيان بيت وندر ورونهه خاطر چيا. سندس محبت ۽ سنگت جا يادگار اهي بيت هيٺ ڏجن ٿا:

سامي سفر هليا، توڪل توهه کڻي،

وندر ۽ ورونهه جي، تن ڪا ڳالهه ڳڻي،

کِهَه کٿوريان اڳري، تن پَٽن جي پڻي،

پِني پنج ڪڻي، گنج وڌائون گودڙيين.[1]

--

”نُونن“ ڌڻيون نينهن کي، ميم رکي منجهه من[2]

مصلحت ڪا موٽڻ جي، ڪانه ڪيائون ڪن،

تَسيا ڏيئي تن، من مُرادون ماڻِيون.

--

گُني پرين گڏ ٿيا، اُلفت اوريائون،

سڪ صحبت ساء سندا[3]، سڳا سوريائون،

وزن جي وقوف جا، تَسُو توريائون،

چونڊي چوريائون، گوهر گفتا گُن جا.“

 


 

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو جامع، مستند ۽ معياري متن

-- هڪ صديءَ کان هلندڙ تحقيق جي تڪميل --

(ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق جو جائزو)

 

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي سال 1102هه/1690ع ۾ ڄائو، ۽ 1165هه/1752ع ۾ وفات ڪيائين. هو دنيا جي اُنهن ڳاڻ ڳڻين شاعرن مان آهي، جن پاڻ قلم کڻي شاعري نه ڪئي ۽ نه وري ٻين کي چئي اُن کي لکرايو. جيئن مولانا رومي، جنهن جي مثنوي ڇويهه هزار شعرن تي مشتمل آهي، اُن لاءِ مشهور آهي ته هو پاڻ شعر چوندو ويندو هو ۽ سندس خاص مصاحب اهو لکندا ويندا هئا. اهوئي سبب آهي جو شاهه عبداللطيف لاءِ ٻه ڏندڪٿائون خاص طور تي مشهور ٿي ويون: هڪڙي اِها ته هن پنهنجو سمورو ڪلام وفات کان اڳ ڪراڙ ڍنڍ ۾ ٻوڙائي ڇڏيو ۽ ٻي اها ته هو اُمي يعني اڻپڙهيل هو. بهرحال، شاهه جي شاعريءَ جو سندس زندگيءَ ۾ لکيل يا لکرايل مجموعو نه مليو آهي ۽ پهريون مڪمل مجموعو ”گنج“ جي صورت ۾ ملي ٿو، جيڪو 1207هه يعني شاهه صاحب جي وفات کان ٻائيتاليهه سال پوءِ گڏ ڪيو ويو. جيئن ”گنج“ لفظ مان ظاهر آهي ته اهو اهڙو مجموعو آهي، جنهن ۾ شاهه جي ڪلام کان سواءِ فارسي، هندي ۽ سرائڪي يا پنجابي شاعرن جو ڪلام ظاهر ظهور نظر اچي ٿو. ”گنج“ جي خاص ڳالهه اها آهي ته شاهه لطيف کي مثنوي روميءَ سان جيڪا محبت هئي، اُن لحاظ کان گنج جي شروعات به مثنويءَ جي پهرئين شعر سان مناسبت رکندڙ هن بيت سان ڪئي ويئي. اهو بيت هن ريت آهي:

بشنو از ني چون حڪايت مي ڪند
و از جدائيها شڪايت مي ڪند.

گنج جو پهريون بيت هنريت آهي:

وڍيل ٿي وايُون ڪري، ڪُٺل ڪُوڪاري
هن پن پنهنجا ساريا، هوءَ هنجون هوتن لاءِ هاري.

شاهه جو رسالو پهريون ڀيرو مڪمل صورت ۾ سال 1283هه/ 1867ع ۾ بمبئيءَ مان ليٿو پريس تي ڇپجي پڌرو ٿيو، ۽ ان کان پوءِ لاڳيتو ڇپبو رهيو. تاهم اُن کان  اڳ يعني 1207هه کان 1283ع واري مُني صديءَ  جي عرصي دوران توڻي ان کان پوءِ شاهه جو رسالو پنهنجي عام مقبوليت سبب ويجهڙائيءَ واري زماني تائين قلمي صورت ۾ لکيو ويو ۽ لکايو ويو. بهرحال، وڏي ڳالهه اها ته اُنهن سڀني قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ گهڻو اختلاف نظر اچي ٿو. مثلاً، ’پهرئين يا اوائلي دور‘ وارا رسالا، جن کي 1207هه تائين شمار ڪجي ته اُهي سڀ جا سڀ ’سر سسئيءَ‘ سان شروع ٿين ٿا، ليڪن 1250هه کان پوءِ وارا سڀ رسالا ’سر ڪلياڻ‘ سان شروع ٿين ٿا. ٻي وڏي ڳالهه ته شروعاتي رسالن ۾ سواءِ گنج جي سڀني ۾ بيتن جو تعداد گهڻو گهٽ ۽ پوئين دور وارن رسالن ۾ اهو ٻيڻ تي پهچي ٿو. مثلاً: شروعاتي قلمي رسالن ۾ بيتن جو تعداد مشڪل سان ٻه هزار ۽ واين جو تعداد هڪ سو کان گهٽ آهي ته پوين رسالن ۾ اهو تعداد چار هزار بيت ۽ ٽي سو واين کان به وڌي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪن قلمي نسخن ۾ سرن جو تعداد ٽيهه آهي ته ڪن ۾ وري اهو ڇٽيهه کان به مٿي آهي.

ساڳيءَ ريت ڇاپي رسالن جي حالت به ڪا بهتر ڪانه هئي. بمبئيءَ مان جيڪي رسالا ڇپيا، اُنهن ۾ به بيتن جو تعداد گهٽ وڌ ٿيندو رهيو. مرزا قليچ بيگ جي مرتب ڪيل رسالي ۾ بيتن جو تعداد 4163 ۽ وايون 240 آهن ته مطبع صفدري بمبئيءَ واري ڇاپي ۾ اهو انگ 4187 ۽ 237 آهي. ڇاپي رسالن ۾ شايد اهو وڌ ۾ وڌ  تعداد هو.

انهيءَ پس منظر ۾ شاهه جي رسالي تي پهريون ڀيرو جديد انداز ۾ تحقيق جو آغاز ويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڪيو ۽ اُنهيءَ ڪم ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ساڻس گڏ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو، جنهن جو پاڻ مقدمي ۾ کليءَ دل سان اعتراف ڪيو اٿس. ڊاڪٽر گربخشاڻي جيئن ته ولايت ۾ رهي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺي آيو هو، انڪري تحقيق جي جديد طريقن کان واقف هو. هن پهريون دفعو اهو محسوس ڪيو ته شاهه جي رسالي ۾ جيڪو ٻين شاعرن جو ڪلام آيل آهي، تنهن کي شاهه جي پنهنجي ڪلام کان الڳ ۽ ڌار ڪري نج شاهه جي ڪلام کي شايع ڪيو وڃي. پهريون جلد 1923ع ۾، ٻيو 1924ع ۾ ٽيون 1931ع ۾ شايع ٿيا. پهرئين جلد جي تياريءَ ۾ چئن نسخن (ٻن قلمي ۽ ٻن ڇاپي)، ٻئي جلد ۾ هڪ وڌيڪ قلمي نسخي ۽ ٽئين جلد ۾ اڃا هڪ وڌيڪ قلمي نسخي کي سامهون رکيو ويو. بهرحال اُنهن ٽن جلدن ۾ ڪل ارڙهن سُر مڪمل ٿي سگهيا. ليڪن وڏي ڳالهه هيءَ ته پهريون ڀيرو اُنهن سُرن جي شرح به لکي وئي. گربخشاڻي اُهو پهريون عالم هو، جنهن شاهه جي بيتن جي شرح يا سمجهاڻي پڻ ڏني ۽ اشتقاق ڪڍي، لفظن جون معنائون ڏنيون. ازان سواءِ هو پهريون شارح هو، جنهن مثنوي روميءَ جي حوالي سان شاهه جي بيتن جي قابل قدر سمجهاڻي پيش ڪئي، پر نهايت افسوس جي ڳالهه آهي ته اهو ايڏو وڏو ڪم پايهء تڪميل تي نه پهچي سگهيو، جنهن جو ممڪن سبب اهوئي هو ته اُن وقت جي ادبي حلقن (هندو  توڙي مسلمانن) طرفان مٿس سخت تنقيد ڪئي وئي.

شاهه جي رسالي تي اها غير مڪمل تحقيق ئي هئي، جو جڏهن چاليهن واري ڏهاڪي ۾ وجود ۾ آيل اداري، 1951ع ڌاري ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نالي سان باضابطه پنهنجو ڪم شروع ڪيو ته اهو ڪم نئين سر ڊاڪٽر دائودپوٽي جي حوالي ڪيو ويو. جيئن هو پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته هن ان ڪم جو آغاز 1952ع ۾ ڀٽ شاهه تي گنج شريف جي ڀيٽ ڪرڻ سان شروع ڪيو ۽ ان جون مختلف پڙهڻيون مرزا قليچ بيگ واري ڇاپي نسخي ۾ درج ڪندو ويندو هو. آخر گنج جي ڀيٽا جو ڪم مڪمل ڪيائين. تازو موهٽا محل ۾ ٿيل نمائش ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي جي نوادرات ۾ پڻ اهو ڪتاب رکيل هو.

سال 1958ع جي ماهنامه ’نئين زندگي‘ جي هڪ مضمون ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي لکيو ته هن وقت تائين يعني گذريل نون سالن ۾ شاهه جي رسالي جا تقريباً ٽيهه قلمي نسخا  ڀيٽي چڪو آهيان. اوچتو ڊاڪٽر دائودپوٽي نومبر 1958ع ۾ رحلت ڪئي ۽ اهو ڪم ائين غير مڪمل رهجي ويو.

ڊاڪٽر دائودپوٽي جي وفات کان پوءِ اهو احساس پاڻ وڌيڪ شدت سان ظاهر ٿيڻ لڳو ته شاهه جي رسالي تي هلندڙ تحقيق کي ڪيئن مڪمل ڪيو وڃي. آخر 1966ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي ان ڪم جي اهميت کي محسوس ڪندي اهو ڪم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ جي لکڻ موجب اهو ڪم ٻن مرحلن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. پهرئين مرحلي اندر شاهه جي رسالي ۽ سوانح بابت ماخذ ڳولهي تحقيقي انداز ۾ شايع ڪرڻا هئا. ٻئي مرحلي ۾ شاهه جي رسالي جي ”جامع، مستند ۽ معياري متن“ کي مڪمل ڪرڻ هو. پهرئين مرحلي دوران تحقيق ڪندي شاهه جي رسالي جا ٽن قسمن جا متن معلوم ٿيا، جيڪي تحقيقي انداز ۾ ڇاپي پڌرا ڪيا ويا ته ڀلي مستقبل ۾ حوالي جي لاءِ اهي هر محقق جي آڏو هجن.

(الف) سال 1969ع ۾ برٽش ميوزيم ۾ رکيل شاهه جي رسالي جي اوائلي نسخي کي شايع ڪيو ويو، جنهن کي ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي غير مڪمل رهجي ويل تحقيق ۾ پڻ استعمال ڪيو هو.

(ب) سال 1974ع ۾ سُر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ 69-1270هه دوران لکيل ٽن قلمي نسخن کي ڀيٽي هڪ مثالي متن شايع ڪيو ويو ۽ حاشئي ۾ مختلف پڙهڻيون ڏنيون ويون.

(ج) سال 1977ع ۾ سُر سسئيءَ سان شروع ٿيندڙ اوائلي دور (1165- 1207هه) جي ڏهن قلمي نسخن کي ڀيٽي هڪ ٻيو مثالي متن شايع ڪيو  ويو.

ڪم جي ٻئي مرحلي جي شروعات 1980ع ۾ ڪئي وئي، پر خود ڊاڪٽر بلوچ جي لکڻ موجب ڪم جي رفتار ڪيترن سببن ڪري سست رهي. آخر سال 1989ع ۾ ”شاهه جي رسالي“ يا ”شاهه جي ڪلام“ جو پهريون جلد منظر عام تي آيو، جنهن ۾ ’سُر ڪلياڻ‘ ۽ ’يمن ڪلياڻ‘ جي معياري متن، ڀيٽ ۽ سمجهاڻيءَ کان سواءِ شاهه لطيف جي سوانح تي جديد تحقيقي انداز ۾ روشني وڌي وئي ۽ هر نئين ڳالهه جي سَند پيش ڪئي وئي. ان کان سواءِ اُنهن ٻنهي سُرن جي سنڌي نثر ۾ سمجهاڻي/شرح پڻ هر بيت جي آڏو ڏني وئي.

شاهه جي ڪلام جو ٻيو جلد، جنهن ۾ چار سُر شامل هئا، ٽن سالن جي وقفي کان پوءِ 1992ع ۾ منظر عام تي آيو ۽ ٽيون جلد، جنهن ۾ ست سُر شامل هئا، ٻن سالن جي وٿيءَ کان پوءِ 1994ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. اهي ٽيئي جلد ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي يا سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ طرفان شايع ٿيا. سال 1994ع ۾ جڏهن حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر مقرر ٿيڻ سبب ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي چيئرمن جي ذميواري مون تي عائد ٿي ته مون هن ڪم کي اوليت ڏني. مون کي هن ڳالهه جو فڪر هو ته جيڪڏهن ٽن جلدن تي تحقيق ۽ تياريءَ ۾ ڏهاڪو سال صرف ٿيا هئا ته پوءِ ڪل رٿيل ڏهن جلدن يعني باقي ستن جلدن جي تياريءَ ۾ ڪيترو وقت لڳندو! آخر ڊاڪٽر صاحب سان مشوري کان پوءِ صلاح اها بيٺي ته جيڪڏهن گهربل وسيلا مهيا ڪري ڏنا وڃن ته اهو ڪم تيزيءَ سان اُڪلائي سگهبو. ليڪن ڪلچر ڊپارٽمينٽ هن سلسلي ۾ تعاون ڪونه ڪيو. نتيجي طور مون پنهنجي انتظامي صلاحيتن کان ڪم وٺندي ڊاڪٽر صاحب کي گهربل وسيلا مهيا ڪري ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ۽ ان کان پوءِ رسالي جا باقي ڇهه جلد “علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا“ هيٺ شايع ٿيا. اهڙيءَ طرح آخر شاهه عبداللطيف جي ڪلام جو سڄو سربستو صحيح رسالو سال 1999ع ۾ منظر عام تي آيو ۽ بقول ڊاڪٽر صاحب ”ٻٽيهن سالن جي تحقيق ۽ پنجاهه قلمي ۽ سورهن ڇاپي رسالن جي مطالعي ۽ ڀيٽ“ سان، شاهه جو پنهنجو ڪلام، زيرن زبرن سان، صحيح صورت ۾ معياري ترتيب ۽ معنيٰ سميت پڌرو ٿيو.رسالي جي ڏهين جلد ۾ اهو ڪلام، جيڪو تحقيق جي نتيجي ۾ شاهه  جو پنهنجو ڪلام ثابت نه ٿيو، اُهو شامل ڪيو ويو، جنهن لاءِ تفصيلي مقدمي تحت علمي ۽ ادبي تنقيد جا معيار واضح ڪيا ويا ۽  هر بيت لاءِ سبب  ۽ سمجهاڻي ڏني وئي ته اهو ڇو شاهه جو ڪلام ناهي يا اها وائي شاهه جو ڪلام ناهي. ڏنل وچور موجب اندازاً ٻه هزار ۽ هڪ سو اسي بيت ۽ هڪ سو چاليهه وايون شاهه جو پنهنجو ڪلام ثابت نه ٿيا، البت شاهه جي پنهنجي ڪلام جو ڪل تعداد بيتن ۽ واين سميت 3319 بيٺو.

        رسالي جو هڪ پورو جلد رسالي جي لغت تي مشتمل آهي، جنهن ۾ لفظن، فقرن ۽ جملن جي معنيٰ ڏني وئي آهي. ان ۾ اندازاً ويهه هزار لفظن ۽ فقرن جي معنيٰ ڏنل آهي. هن جلد کي ڇپائڻ جي سعادت سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي حاصل ٿي، جنهن طرفان اهو جلد ”روشني“ جي نالي سال 2002ع ۾ منظر عام تي اچي چڪو آهي.

        هتي تحقيق جي بنيادي اصولن کان واقفيت رکندڙ هر شخص اهو سوال ڪري سگهي ٿو ته ڀلا اُهي ڪهڙا معيار يا بنياد آهن، جن کي ڪسوٽي بنائي اهو فيصلو ڪري سگهجي ٿو، يا ڪيو ويو آهي، ته هيءُ  شاهه جو ڪلام آهي ۽ هيءُ شاهه جو ڪلام ناهي؟ ڊاڪٽر صاحب اهي معيار هيٺينءَ ريت مقرر ڪيا آهن:

(1) مطالعي هيٺ آيل رسالن جي تعداد جو معيار

(2) رسالن جي قدامت جو معيار

(3) رسالن جي ڀيٽ جو معيار

(4) ٻوليءَ جو معيار

(5) شاعريءَ جو معيار

(6) اعليٰ فهم ۽ فڪر جو معيار

        انهن معيارن کي ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت استعمال ڪيو ويو آهي، ان وضاحت جي هتي گنجائش ناهي،البت ڊاڪٽر صاحب پنهنجي طرفان انهن جي ڪافي وضاحت ڪري ڇڏي آهي. ليڪن ڪنهن به محقق يا تنقيد نگار کي انهن معيارن کي ئي جاچڻو پوندو يا انهن تي تنقيدي نظر وجهڻي پوندي ته اهي ڪهڙي لحاظ کان گهٽ وڌائيءَ جو شڪار آهن يا انهن ۾ڪهڙي تبديلي ڪري انهن کي بهتر ڪري سگهجي پيو!

        بهرحال شاهه جي رسالي بابت ذري گهٽ هڪ صديءَ تي ڦهليل انهيءَ تحقيق جي ايڏي پس منظر بيان ڪرڻ جو مقصد صرف اهو هو ته جنهن جديد تحقيق جو آغاز ويهين صديءَ جي شروع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڪيو، اُها تحقيق ايڏن مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ ويهين صديءَ جي آخر ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي هٿان رسالي جي موجوده ڏهن جلدن ۾ پايهءِ تڪميل تي پهتي. بيشڪ پنهنجيءَ جڳهه تي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ اهو هڪ وڏو ڪارنامو آهي، جنهن سان شاهه عبداللطيف جهڙي عالمي حيثيت جي شاعر جي عظمت ۽ اهميت کي صحيح نموني ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. واقعي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ اهڙا ڪارناما گهٽ سرانجام ڏنا ويا آهن:

اين سعادت بزور بازو نيست

تا نه بخشد خدائي بخشنده

جيتوڻيڪ عام طور تي ائين سمجهيو وڃي ٿو ته تحقيق ۾ ڪا شيءِ حرف آخر نه هوندي آهي، پر اها به حقيقت آهي ته تحقيق جي دنيا ۾ ڪي شيون  حرف آخر ثابت به ٿيون آهن. اسان هتي صرف هڪ مثال تي اڪتفا ڪريون ٿا. مثنوي مولانا روميءَ جي سلسلي ۾ علمي  دنيا ان حقيقت کان واقف آهي ۽ هينئر دنيا جا اڪثر محقق ان تي متفق آهن ته مثنويءَ جو اهو مستند متن(Critical Text)، جيڪو مشهور مستشرق  آر . اي . نڪلسن 1925ع کان 1940ع يعني پندرهن سالن جي مسلسل محنت ۽ عرقريزيءَ کان پوءِ تيار ڪيو،اُهو ’حرف آخر‘ آهي. ياد رکڻ گهرجي ته مولانا روميءَ 672 هه/1274ع ۾ وفات ڪئي ۽ هيءُ متن گويا ڇهن صدين کان وڌيڪ عرصي بعد مرتب ڪيو ويو. نڪلسن نه رڳو اهي ڇهه دفتر ايڊٽ ڪيا، بلڪ اُنهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو به ڪيو ۽ ٻن جلدن ۾ ضروري تشريح ۽ حوالا ڏنا. اڄ علمي دنيا ۾، ويندي ايران سوڌو، نڪلسن جو تصحيح شده ايڊيشن هڪ ’ڪلاسڪ‘ جي حيثيت رکي ٿو ۽ اُن جو حوالو معتبر ليکيو وڃي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ساڳئي ايران مان مثنويءَ جا اهڙا ايڊيشن به اچي رهيا آهن، جن ۾ هر قسم جا اشعار داخل ڪيل نظر ايندا. ساڳيءَ ريت  ننڍي کنڊ ۾ مثنويءَ جي جيڪا روايت رهي آهي ۽ ان جا جيڪي به ايڊيشن ڇپبا رهيا آهن، تن ۾ هزارين اشعار الحاقي يا اضافي آندل آهن. وڏي ڳالهه ته خود ايران مان مثنويءَ جو هڪ اهڙو ايڊيشن (محمد رمضاني) سال 1319 شمسي قمري کان شايع ٿيندو رهيو آهي، جنهن ۾ ڇهن دفترن جي بجاءِ ست دفتر آهن!

        اڳتي وڌڻ کان اڳ هن ڳالهه جي وضاحت ڪري ڇڏجي ته شاهه جي رسالي جو هيءُ متن انڪري جامع آهي ڇاڪاڻ ته ڪل اٺهٺ رسالا مطالعي هيٺ آندا ويا، جن مان ڇائيتاليهه قلمي ۽ ٻاويهه ڇاپي رسالا آهن. ٻيو ته اُنهن جون اختلافي پڙهڻيون به ڏنيون ويون آهن. ان لحاظ کان جنهن شخص وٽ هي ڏهه جلد آهن، ان وٽ گويا اُهي سڀ اٺهٺ رسالا موجود آهن، جيڪي گذريل ٻن صدين دوران لکيا ويا يا ڇاپيا ويا، جنهنڪري هو انهن رسالن جي تقابلي مطالعي کان پوءِ پنهنجي راءِ پڻ قائم ڪري سگهي ٿو.مستند انڪري، ڇاڪاڻ ته جيڪا پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ ٻي جنهن کي ڇڏي ڏنو ويو آهي، ان جي شاهدي يا سَند ڏني وئي آهي. معياري انڪري، ڇاڪاڻ ته هر بيت کي مقرر ڪيل معيار يا ڪسوٽيءَ تي پرکيو ويوآهي  ۽ ڪنهن پڙهڻيءَ کي اختيار ڪرڻ وقت اهو سبب يا سمجهاڻي ڏني وئي آهي ته اها پڙهڻي ڇو اختيار ڪجي ٿي يا هي بيت ڪهڙي معيار جي لحاظ کان شاهه جو بيت نه آهي.

تحقيق جا ڪي مثالي نتيجا:

(1) هن تحقيق کان اڳ عام طور تي اهو سمجهيو ٿي ويو ته شاهه جو رسالو’سُرڪلياڻ‘ سان شروع ٿئي ٿو. پر هن تحقيق جي نتيجي ۾ معلوم ٿيو ته اوائلي رسالا، جيڪي شاهه جي وفات کان پوءِ ۽ تيرهين صديءَ جي شروع تائين لکيا ويا، اُهي سڀ ’سُرسسئيءَ‘ سان شروع ٿيندڙ هئا. 1207هه ۾ لکيل ”گنج“ هن سلسلي جو آخري رسالو هو.

(2) شاهه عبداللطيف بابت پهريون دفعو سائنسي انداز ۾ کوجنا ڪري معتبر سوانح عمري مرتب ڪئي وئي، جيڪا ڏندڪٿائي انداز کان پاڪ آهي. پهريون دفعو شاهه لطيف جي ڄمڻ جي صحيح هنڌ جي نشاندهي ڪئي وئي، ڇو ته هن کان اڳ سڀئي سوانح نگار شاهه جي امڙ جي باري ۾ غلط فهميءَ جو شڪار هئا. اُهي هالا پراڻا جي مخدوم عربي يا شاهه دياڻي کي شاهه لطيف جو نانو قرار ڏين ٿا، جيتوڻيڪ اُهو بزرگ شاهه لطيف کان لڳ ڀڳ هڪ صدي اڳ ٿي گذريو.

(3) شاهه لطيف جي راڳ جي باري ۾ پهريون دفعو تحقيقات مڪمل ڪئي وئي ته 1144هه کان ڀٽ شاهه تي راڳ جو باقاعده سلسلو شروع ٿيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. شاهه جي راڳ کي سائنسي انداز ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اهو نتيجو قائم ڪيو ويو ته اهو راڳ هندوستاني موسيقيءَ جو حصو ناهي، بلڪ شاهه لطيف پنهنجي راڳ واري روايت جو پاڻ موجد آهي، جيڪا هڪ قسم جي لوڪ موسيقي آهي، جنهن ۾ آوازن جي موسيقيءَ جي بجاءِ لفظن جي موسيقي بنيادي حيثيت رکي ٿي.

(4) سنڌ جي مختلف علائقن ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ سامونڊي علائقي يا کاري جي سڄاڻ ماڻهن سان ملاقاتن کان سواءِ شاهه جي ڪلام جي ڄاڻو فقيرن ۽ سگهڙن سان وقتاً فوقتاً رهاڻيون ڪري شاهه جي ڪلام ۾ آندل ڪيترن انوکن لفظن ۽ اصطلاحن جي صحيح معنيٰ ۽ مطلب معلوم ڪيو ويو آهي، جيڪو لغت جي ڪتابن ۾ قطعي موجود نه هو. انهيءَ قيمتي معلومات هٿ ڪرڻ جو عرصو لڳ ڀڳ اڌ صديءَ تي ڦهليل آهي. علمي تحقيق جو هيءُ نئون انداز هن کان اڳ سنڌيءَ ۾ ناپيد هو.

(5) هن تحقيق ذريعي پهريون ڀيرو شاهه جي رسالي جي تاريخ کي اجاگر ڪيو ويو آهي ته رسالن لکڻ جي شروعات ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿي، جدا جدا هنڌن ۽ وقتن تي جيڪي رسالا لکيا ويا، تن مان ڪهڙا اصل ۽ ڪهڙا نقل آهن، گويا شاهه جي وفات کان پوءِ اسان جي دور تائين اها رسالي جي ٻن سو سالن جي تاريخ آهي، جنهن سان رسالي کي سمجهڻ جو هڪ نئون باب کلي ٿو.

(6) شاهه جي رسالي ۾ ڪيترن لفظن ۽ مڪانن جي نالن جي پهريون ڀيرو درست پڙهڻي قائم ڪئي وئي، جيڪي هن کان اڳ حيرت انگيز نموني ۾ غلط طور رائج ٿي چڪا هئا. هتي فقط چند مثالن تي اڪتفا ڪجي ٿي. سر يمن ڪلياڻ جو هڪ بيت آهي:

اوقابيل، اکين ۾ ، توکي باري بان،
اُڀو اڳرايون ڪرين، ماڳ هڻيو مستان،
جانب تون زيان، اکين سين ايڏا ڪرين.

لاڳيتو چئن بيتن ۾ اهو ساڳيو لفظ ’اوقابيل‘ آيو آهي ۽ ان جي معنيٰ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ حضرت آدم جو پٽ قابيل ورتي آهي، جنهن پنهنجي ڀاءُ هابيل کي قتل ڪيو هو، يعني هتي شاهه صاحب محبوب کي قابيل يعني قاتل سڏي ٿو.

اها ساڳي پڙهڻي ۽ ساڳي معنيٰ غلام محمد شاهواڻيءَ، ڪلياڻ آڏواڻيءَ ۽ عثمان علي انصاريءَ جي رسالن ۾ ملي ٿي، جن گهڻي ڀاڱي گربخشاڻيءَ جو تتبع ڪيو آهي. دراصل اهو لفظ ’عقابيل‘ يعني عقابي اکين جي معنيٰ ۾ آيل آهي ۽ بمبئيءَ واري ڇاپي ۾ ائين آيل آهي. ڪاڏي عقابي اکيون ۽ ڪاڏي ’قابيل‘!

ٻيو مثال سُر سامونڊيءَ جو هيٺيون بيت آهي:

بندر ديسان ديس، مُلهه نه ملي واريئين،
فقيراڻي ويس، امُلهه ڏين اَتورئا.

ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهواڻي، آڏواڻي ۽ انصاري ’ملي واريئين‘ جي معنيٰ ڪئي آهي ته واري سان نٿو ملي يا واريءَ جي داڻن يعني ڪوڙي ڪچ تي نٿو ملي. جڏهن ته اصل لفظ جيئن ڊاڪٽر صاحب پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اهو ملي بار يا مالا بار جو ٻيٽ آهي. شاعر جو مطلب آهي ته هر ملڪ ۾ بندر آهن، پر مالابار جهڙو بندر ڪو ٻيو ناهي. اهو بندر شايد ان زماني ۾ وڌيڪ نفعي ڪمائڻ لاءِ مشهور هوندو.

(7) مثنوي روميءَ سان هم آهنگي - اها حقيقت تسليم شده آهي ته شاهه لطيف کي مثنوي روميءَ ۽ ان جي فڪر سان وڏي مناسبت آهي. مولانا رومي دنيا جو اهو واحد شاعر آهي، جنهن جو ڇهه دفعا نالو کڻي شاهه لطيف حسن ۽ عشق بابت سندس خيالن کي ساراهيو آهي.

طالب قصر، سونهن سر، ايءَ روميءَ جي رهاڻ،
پهرين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرين کي.

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ توڙي کانئس پوءِ شاهواڻي، آڏواڻي ۽ انصاريءَ سُر يمن ڪلياڻ ۾ شاهه جي رسالي جو هيٺيون مشهور بيت آندو آهي:

عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا،
منجهان سڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو.

ڊاڪٽر صاحب هن بيت کي شاهه جو ڪلام نٿو سمجهي، تنهنڪري ان کي ’رسالي جي ڪلام‘ ۾ داخل ڪيو اٿس ۽ ان لاءِ سبب اهو ڄاڻايو اٿس ته اهو بيت اوائلي دور جي گهڻن رسالن ۾ ڪونهي. ٻي وضاحت اها ڪئي اٿس ته عزازيل دراصل تڪبر ڪيو هو، انڪري پوءِ ملعون ٿي ويو. بهرحال ڊاڪٽر صاحب جي راءِ آهي ته هي بيت ڪنهن پڙهيل شاهه صاحب کان پوءِ چيو.

اچو ته هن بيت کي مثنوي روميءَ جي فڪر جي روشنيءَ ۾ ڏسون، ڇو ته شيطان کي مثنويءَ ۾ ڪيترا ڀيرا بحث هيٺ آندو ويو آهي. دفتر چوٿين ۾ رومي چوي ٿو:

داند او ڪو نيڪبخت و محرم است
زيرڪي ز ابليس و عشق از آدم است

 يعني ”جيڪو نيڪبخت ۽ محرم راز آهي اهو ڄاڻي ٿو ته هوشياري يا چالاڪي ڪم شيطان يا عزازيل جو آهي، پر عشق ڪم انسان جو آهي“. گويا روميءَ جي فڪر مطابق عشق انسان جي خصوصيت آهي ۽ نه ابليس جي، جنهن پنهنجي خالق سان اهو بحث ڪيو هو ته آءٌ انسان کان بهتر آهيان، ڇو ته آءٌ باهه جي پيدائش آهيان ۽ انسان مٽيءَ جي پيدائش آهي. اها ئي ته سندس هوشياري هئي، جنهنڪري تڙيل بنجي ويو. حقيقت ۾ سڀني صوفين انسان کي ئي عشق جو محور قرار ڏنو آهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته شاهه لطيف اهڙو شعر ڪيئن ٿي چئي سگهيو، جيڪو صوفين جي عام مڃيل تعليمات جي خلاف هجي. اهو وري انڪري به ته شاهه لطيف جو ڪلام شطحيات کان پاڪ آهي. هاڻي ڏسو ته ڊاڪٽر صاحب جيڪو نتيجو صرف بيروني شاهدين جي آڌار تي قائم ڪيو آهي، اهو شاهه جي ڪلام جي فڪري يا اندروني شاهدين تي ڪيئن پورو بيهي ٿو.

سُر يمن ڪلياڻ ۾ شاهه لطيف جو هڪ ٻيو مستند بيت آهي، جنهن ۾ عزازيل جو نالو ورتل آهي ۽ اهو بيت سڀني رسالن ۾ هن ريت موجود آهي:

اکر پڙهي  ڀاڳيا، قاضي ٿئين ڪئاءُ،
جئن ڀيرئين ۽ ڀائيين، ايڏنهن ايئن نه آءُ،
اُن سُرڪيءَ ساءُ، پڇج عزازيل کي.

هن بيت ۾ شاهه لطيف انهيءَ انسان کي نڀاڳو قرار ڏئي ٿو جيڪو ٿورو پڙهي، پاڻ کي ’عقل ڪل‘ يعني فيصلي ڪرڻ واري حيثيت ڏئي ٿو يا قاضي سمجهي ٿو. هو هدايت ڪري ٿو ته پاڻ کي صحيح سمجهڻ ۽ ان تي غرور ڪرڻ واري عادت جي ويجهو به نه وڃڻ کپي. آخري سٽ ۾ واضح ڪري ٿو ته انهيءَ پاڻ کي صحيح ڀانئڻ واري سزا جو مزو عزازيل چکيو، تڏهن ته ابليس ۽ شيطان جو لقب مليس، توکي به ان مان سبق سکڻ کپي.  هاڻي ظاهر آهي ته  هن بيت ۾ عزازيل يعني شيطان جي عمل جي سخت مذمت ڪيل آهي ۽ ٻين کي ان کان  بچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. عام رسالن ۾ هيءُ بيت مٿي ڄاڻايل ’عاشق عزازيل‘ واري بيت سان گڏ رکيل آهي(ڏسو گربخشاڻي، شاهواڻي، آڏواڻي ۽ انصاريءَ وارا رسالا) هينئر واضح ٿي ويو ته ٻنهي بيتن جي معنيٰ ۾ سڌو سنئون تضاد آهي. ائين ٿي نٿو سگهي ته هڪ بيت ۾ شاهه صاحب جهڙو اعليٰ شعور رکندڙ شاعر شيطان جي عمل جي مذمت ڪري ۽ ٻئي بيت ۾ وري ان کي اصل عاشق قرار ڏئي.

(8) ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق جي نتيجي ۾ ڇاپي رسالن ۾ ڪي اهڙيون فاش غلطيون نظر آيون آهن، جن جي هن کان اڳ ڪنهن به نشاندهي نه ڪئي آهي. مثلاً: هيٺ ڄاڻايل اٺ وايون، جيڪي شاهه جي نالي ۾ ڏاڍيون مقبول آهن، سڀ کان پهريائين ٽرمپ جي ڇاپي رسالي ۾ آيل آهن.

(I) منڌ پيئندي مون ساجن صحيح سڃاتو(سرڪلياڻ)

(ii) ٿيندو تن طبيب، دارون منهنجي درد جو (سرڪلياڻ)

(iii) دوست پيهي در آيو، ٿيو ملڻ جو سعيو(سر يمن ڪلياڻ)

(iv) يار سڄڻ جي فراق ڙي جيڏيون آءٌ ماري(سر يمن ڪلياڻ)

(v) ڇوري ڇڏ م ڇپرين، ٻاروچل ٻانهي(سر ديسي)

(vi) آءُ راڻا رهه رات، تنهنجي چانگي کي چندن چاريان (مومل راڻو)

(vii) ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان مون کي سوڍو سجهه نه ڏي (مومل راڻو)

(viii) جيڪس جهليا مڇ، گهاتو گهر نه آئِيا(سرگهاتو)

اهي اٺ ئي وايون پهريون دفعو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ٽرمپ جي رسالي تان پنهنجي رسالي ۾ شامل ڪيون، جنهن کان پوءِ شاهواڻي، آڏواڻي ۽ انصاريءَ جي مرتب ڪيل رسالن ۾ پڻ اچي ويون. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اهي وايون ٻئي ڪنهن به اڳئين قلمي رسالي ۾ موجود نه آهن، بلڪ بمبئيءَ مان ڇپيل رسالن ۾ به ناهن. ڊاڪٽر صاحب جي لکڻ موجب اهي وايون دراصل اُنهيءَ منشيءَ جون ٺاهيل آهن، جنهن کان ٽرمپ صاحب رسالي جو متن تيار ڪرايو هو. هن جڏهن ڏٺو ته باقي ٻين سڀني سُرن جي آخر ۾ وايون موجود آهن، پر ڪن سُرن ۾ ڪونهن ته هن اهي پاڻ ٺاهي ڪسر پوري ڪري ڇڏي! اهڙيءَ طرح اندزاً  ٻاهٺ واين جي آخر ۾ ”اديون عبداللطيف چئي“ واريون مصراعون به وڌائي ڇڏيائين، جيڪي هن کان اڳ ڪنهن به رسالي ۾ ڪونه هيون.

هن ايڏي ساري ڊيگهه يا تقرير ڪرڻ جو مقصد صرف اهو واضح ڪرڻ هو ته شاهه جي رسالي تي ٿيل هيءَ تحقيق سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي تاريخ ۾ هڪ شاهڪار علمي ڪارنامو ۽ بيش بها اضافو آهي، جنهن جي جيتري به پذيرائي ڪجي، اوتري گهٽ آهي.علمي دنيا ۾ اهڙا ڪارناما گهٽ ملن ٿا، ڇو ته قدرت جي مهرباني کان سواءِ اهي سرانجام نٿا ڏئي سگهجن. سنڌي ادب جي اها وڏي خوشقسمتي آهي، جو ڊاڪٽر بلوچ جي صورت ۾ سنڌ کي اهڙو محقق مليو جنهن سالن جا سال پيار جو پورهيو ڪري علمي ۽ اعليٰ تحقيق جو اهڙو شاهڪار سنڌ وارن کي پيش ڪيو.

انهيءَ پس منظر ۾ جڏهن اسان ٽه- ماهي ”مهراڻ“ (سيارو 2004ع) ۾ ”شاهه جو رسالو  معياري متن: جلد پهرئين جو تحقيقي جائزو“ جي عنوان تحت محترم ناسف علي شيراز جو مقالو ڏسون ٿا ته نهايت افسوس ٿئي ٿو، ته هن هيڏي ساري ڪيل تحقيقي ڪم بابت ڪهڙو عجيب نقطئه نظر، بلڪ ان جي اهميت کي گهٽائڻ وارو رويو اختيار ڪيو ويو آهي. مثلاً: هو چوي ٿو: ”ڪابه تحقيق حرف آخر ناهي. نوان بيت لڀجن ٿا، نوان فڪر وجود ۾ اچن ٿا، ڪي نيون پڙهڻيون آڏو اچن ٿيون، جن سان پراڻين پڙهڻين کي بدلائڻو پوي ٿو.“

مٿي ڄاڻايو ويو ته موجوده تحقيق دوران ڇائيتاليهه قلمي نسخن ۽ ٻاويهه ڇاپي رسالن کي استعمال ڪيو ويو ۽ انهن کي ئي بنيادي ماخذ قرار ڏيئي، بيتن جو معياري متن مقرر ڪيو ويو. هتي مقرر ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته محقق پنهنجي طرفان ٺاهي مقرر ڪيو، بلڪ انهن سڀني رسالن يا ماخذن ۾ جيڪي مختلف پڙهڻيون ڏنل هيون، انهن مان ڪنهن هڪ پڙهڻيءَ کي- جيڪا مقرر ڪيل معيارن تي منطقي طرح  پوري بيٺي- ان کي اختيار ڪيو ويو. ان لحاظ کان چئبو ته هيءَ تحقيق پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي يا مڪمل ٿي. باقي فاضل نقاد دنيا ۾ ٿيل ڪنهن به تحقيق کي ’حرف آخر‘ نٿو سمجهي ته اها سندس راءِ آهي.

هتي اها ڳالهه به سمجهه ۾ نٿي اچي، ته نوان بيت ڪيئن لڀجن ٿا،ڪي نيون پڙهڻيون ڪيئن آڏو اچن ٿيون، جن سان پراڻين پڙهڻين کي لازمي طور بدلائڻو پوي ٿو. موجوده صورتحال ۾ ته يعني ڇائيتاليهن قلمي ۽ ٻاويهن ڇاپي رسالن ۾ جيڪي پڙهڻيون مليون، انهن تي غور ۽ فڪر ڪيو ويو ۽ اُنهن مان ئي بهتر پڙهڻيون اختيار ڪيون ويون. اهو عمل آخر مسلسل ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ نين پڙهڻين لاءِ اسان کي انهن ڇائيتاليهن قلمي ۽ ٻاويهن ڇاپي رسالن کان علاوه ٻين رسالن جو انتظار ڪرڻو پوندو؟ بالفرض، هڪ ٻه يا وڌيڪ رسالا ملي به پون ٿا ته، ڇا اُهي رسالا انهن ڇائيتاليهن رسالن ۾ آيل پڙهڻين کان علاوه بلڪل نين پڙهڻين وارا هوندا، جو موجوده پڙهڻين جي جاءِ تي انهن کي اختيار ڪرڻو پوندو؟ ڀلا جيڪڏهن کڻي فرض ڪجي ته ويهه ٻاويهه ٻيا قلمي رسالا ملي پون ٿا، جن جو بظاهر ڪوبه امڪان ناهي، ته ڇا اهي واقعي اهڙا مختلف هوندا جو هنن ڇائيتاليهن قلمي رسالن ۾ آيل پڙهڻين کي رد ڪري ڇڏيندا؟ ها، پر اصولي طور ته اسان کي موجوده تعداد کان وڌيڪ رسالن جي موجودگيءَ جو انتظار ڪرڻو پوندو يا هيل تائين هٿ آيل رسالن کان قديم ۽ وڌيڪ بهتر رسالن کي هٿ ڪرڻو پوندو. اهل علم ۽  تحقيق ڄاڻن ٿا ته ان جو ڪيترو امڪان آهي. هاڻي جڏهن اها صورتحال آهي ته سواءِ ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ جي ٻيو ڪو چارو ڪونهي، ته موجوده تحقيق ئي ”حرف آخر“ جي حيثيت رکي ٿي.

هاڻي اچو ته ڏسون ته فاضل نقاد نين پڙهڻين يا نئين مواد هٿ ڪرڻ لاءِ ڪهڙي راءِ رکي ٿو. ان سلسلي ۾ هو هيٺين ٽن ڪتابن جي نشاندهي ڪري ٿو:

(1) فارسي خطي نسخو”حڪايات الصالحين“، جيڪو 1168هه ۾ اُتاريو ويو، ان جي حاشئي تي لکيل 98 بيت.

(2)آخوند عبدالرحيم جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”هرگُنيو“.

(3) ليلي رُچنداڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌي نظم جي تاريخ.“

سڀ کان پهرين اهم ڳالهه اها آهي ته علم تحقيق جي اصولن موجب ’ماخذن‘ يا ’ماخذاتي مواد‘ (Sources or Source Material) جي سڃاڻپ ڪئي وڃي. ”حڪايات الصالحين“ جو نسخو، جنهن جو بنيادي مواد ڀلارن انسانن بابت حڪايتن وارو آهي، سن 1060 هه ۾ لکيو ويو، پر 1168هه ۾ ان جي حاشين تي ڪنهن سنڌيءَ ۾ بيت لکي ڇڏيا. ياد رکڻ گهرجي ته شاهه لطيف جي وفات  1165هه ۾ ٿي، يعني اهي بيت جن جو ڪل تعداد لڳ ڀڳ سو کن آهي، پر لکندڙ ڪٿي به اهو نه لکيو ته اهي بيت ڪنهن جا آهن. اهي بيت پهريون دفعو ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ مهراڻ 4/1991ع ۾ فوٽو ڪاپيءَ سميت پنهنجي طرفان پڙهڻين سان ڏنا، ڇو ته حڪايات الصالحين جو نسخو وٽس ئي هو. اسان جي فاضل دوست جو خيال آهي ته ”حڪايات الصالحين“ جي حاشين تي لکيل گهڻا بيت شاهه لطيف جا آهن.

بنيادي سوال اهو آهي ته ”حڪايات الصالحين“ جي حاشين تي لکيل چند بيتن کي، جن ۾ ظاهر ظهور قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جا بيت شامل آهن، شاهه جي ڪلام جو معتبر  ماخذ ڪيئن قرار ڏجي؟ دراصل اُنهن بيتن جي ٻولي ۽ هيئت مان ظاهر آهي ته اُهي شاهه کان اڳ جي شاعرن جا آهن. باقي جيڪڏهن ڪن بيتن ۾ ڪي فقرا يا عبارتون اهڙيون آيل آهن، جيڪي شاهه لطيف جي بيتن ۾به آيل آهن، ته انهيءَ سان اُهي بيت شاهه جا ڪونه ٿي پوندا. اهو ائين آهي جيئن قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري ۽ ميين شاهه عنات جي ڪن بيتن ۾ ڪي فقرا يا عربي عبارتون يا ڪي تخيل اهڙا آهن، جيڪي شاهه صاحب وٽ پڻ  ملن ٿا. بهرحال اصل ڳالهه آهي ته شاهه لطيف جي شائقن يا ڄاڻن شاهه جي ڪلام کي شاهه جي رسالي جي صورت ۾ گذريل ٻن صدين کان پئي لکيو ۽ لکرايو، ته ان صورت ۾ شاهه جي ڪلام جو ماخذ ڪنهن کي قرار ڏبو. ظاهر آهي ته اهڙن رسالن کي ئي بنيادي ماخذ قرار ڏبو ۽ نه اهڙن مجموعن کي، جيڪي شاهه جي نالي ۾ لکيا ئي نه ويا. ڀلا جيڪڏهن ٿوري دير لاءِ تسليم به ڪجي ته اهڙن مجموعن ۾ شاهه جو ڪو بيت آيل هوندو ته فيصلي ڪرڻ وقت ترجيح ڪنهن کي ڏبي؟ هڪ طرف ڇائيتاليهه قلمي نسخا آهن جن ۾ نه اهو بيت آهي نه پڙهڻي آهي، پر ڪنهن ٻئي مجموعي ۾ ڪو ملندڙ جلندڙ بيت ملي وڃي ته آخر ڪهڙي شاهدي يا سَند جي آڌار  تي اُن کي شاهه لطيف جو بيت قرار ڏبو!

”حڪايات الصالحين“ کان پوءِ  فاضل نقاد جو خيال آهي ته آخوند عبدالرحيم جو ترتيب ڏنل ڪتاب ’هرگُنيو‘ وڏي اهميت رکي ٿو ڇو ته هن ڪتاب ۾ شاهه جا ڪي نوان بيت ۽ ڪي نيون پڙهڻيون شامل آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن ماخذ ۾ ناهن. عجيب ڳالهه آهي ته مقالي نگار ’هرگُنيو‘ کي شاهه جي ڪلام لاءِ اهم ماخذ جو درجو ڏئي ٿو. هاڻي اچو ته ڏسون ته ’هرگُنيو‘ ڇا آهي؟ ”هرگُنيو“ ڪتاب ۾ مختلف شاعرن جا بيت ۽ سگهڙن جا جوڙيل منظوم سنڌي قصا شامل آهن. اهو ڪتاب خود ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق جو نتيجو آهي. هن ڪتاب کان سواءِ ڊاڪٽر بلوچ آخوند عبدالرحيم جي سنڌي فارسيءَ ۾ ترتيب ڏنل لغت پڻ ڳولهي هٿ ڪئي ۽ ان کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان شايع ڪرايو. ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق مطابق آخوند عبدالرحيم پنهنجو ڪتاب ”هرگنيو“ ماهه رمضان 1273 هجريءَ ۾ لکيو. هن پاڻ ڪل سورنهن سُرن جا نالا لکيا ۽ بيتن جو ڳاڻيٽو 827 ڄاڻايائين. آخر ۾ ٽي  منظوم قصا ”قصو پنهونءَ سسئيءَ جوءِ، ”قصو جمجما سلطان جو“ ۽ ”قصو ٻلي ۽ ڪئن جو“ پڻ شامل ڪيائين.

اها حقيقت آهي ته ”هرگنيو“ ۾ شاهه لطيف جا ڪيترا ئي بيت موجود آهن. پر اُهي ساڳيا بيت گهڻي ڀاڱي شاهه جي رسالي جي ڪيترن ئي قلمي رسالن ۾ آيل آهن. ليڪن ڪٿي به آخوند عبدالرحيم اهو ظاهر نه ڪيو  ته اهي شاهه جا بيت آهن. ان کان سواءِ ٻين سگهڙن جا جيڪي بيت آهن انهن ۾ حسب دستور سگهڙن پنهنجا نالا آندا آهن. ائين به ڪونهي ته ڪو شاهه جا بيت الڳ ڏنا ويا آهن. انهن ئي بيتن جي ڀران سگهڙن جا پنهنجي نالي وارا بيت ڏهن ويهن سٽن وارا شامل آهن. انهن سگهڙن ۾ جلال، ڪبير شاهه، دوس محمد، يوسف، سليمان ۽ ٻيا ڪيترا آهن.

هتي به اسان جو اهو ئي اصولي اعتراض آهي ته شاهه لطيف جي وفات کان هڪ سو اٺ سال پوءِ لکيل هڪ متفرقو مجموعو، جنهن جي گڏ ڪندڙ کي اها حتمي ۽ واضح خاطري به نه هئي جو ڪٿي اها نشاندهي ڪري ها ته ڪهڙا بيت ڪنهن جا آهن، انهيءَ مجموعي کي اهڙو معتبر قرار ڏجي جو ان مان ڪي بيت کڻي شاهه ڏانهن منسوب ڪجن، پوءِ ڀلي اهي هڪ سَو سال اڳ باقاعدي مرتب ٿيل شاهه جي ڪنهن به رسالي ۾ نه هجن!

هن بحث ڪرڻ جو مقصد هو ته اسان کي فن تحقيق بابت نهايت سنجيدگيءَ وارو رويو اختيار ڪرڻ کپي ۽ تحقيق جي معين ۽ مستند  اصولن ۽ لوازمات کي پوريءَ ريت ڌيان ۾ رکڻ گهرجي. اسان کي خطرو آهي ته فاضل نقاد وٽ تحقيق ان شيءِ جو نالو آهي ته شاهه جا اهڙا بيت ڳولي هٿ ڪجن، جيڪي هن کان اڳ شاهه جي ڪنهن به رسالي ۾ نه هجن ۽ نڪي وري ٻئي ڪنهن محقق انهن بابت نشاندهي ڪئي هجي ته اُهي شاهه جا بيت آهن. آخر هن لکڻ جو ڇا مقصد ٿي سگهي ٿو ته  ”آخوند(عباسيءَ) جو ڏنل بيت شاهه جي معيار تي پورو آهي ۽ ٻئي ڪنهن ماخذ ۾ مون کي نظر نه آيو آهي. هن بيت کي سُر آسا ۾ رکڻ گهرجي“ (ص - 35). هڪ ٻئي بيت لاءِ به مقالي نگار ائين لکيو آهي، ”آخوند صاحب(عباسي) وارو بيت به پنهنجو مَٽ پاڻ آهي ۽ پڙهڻي به تمام سهڻي ڏنل آهي. آخوند جو ڏنل بيت شاهه جي معيار تي پورو آهي ۽ ٻئي ڪنهن ماخذ ۾ مون کي نظر نه چڙهيو آهي.“ (ص - 34) هي جملو ظاهر ٿو ڪري ته مقالي نگار جي ذهن ۾ شاهه جي بيت جو جيڪو معيار آهي، اهو بيت ان سان پورو آهي، باقي ان لاءِ ڪنهن ٻي خارجي شاهدي يا سَند جي  ضرورت ناهي! ڀلا صرف هڪڙي ماخذ جي بنياد تي، جنهن جي حيثيت خود مستند ماخذ واري ناهي، ان ۾ آيل بيت يا ان جي هڪڙي سٽ کي، ٻي ڪنهن سند يا شاهديءَ کان سواءِ شاهه جو ڪلام ڪيئن تسليم ڪجي!

ماخذ ۽ حوالا

(1) شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام (جلد 1، 2، 3، 4، 5، 6، 7، 8 ۽ 9)

(2) شاهه جو رسالو- رسالي جو ڪلام- جلد ڏهون.

      محقق ۽ شارح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

(3) شاهه جو رسالو- گربخشاڻي- ڀٽ شاهه ڪلچرل ڪاميٽي

(4) شاهه جو رسالو- غلام محمد شاهواڻي

(5) شاهه جو رسالو- ڪلياڻ آڏواڻي

(6) شاهه جو رسالو- عثمان علي انصاري

(7) مضمون ۽ مقالا- ڊاڪٽر دائودپوٽو-  1978ع

(8) هرگُنيو- آخوند عبدالرحيم وفا عباسي

        محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ- 1993ع

(9) رسالو مهراڻ، آڪٽوبر- ڊسمبر 1991ع

(10) رسالو مهراڻ، سيارو 2004ع

(11) مثنوي معنوي از قوام الدين خرمشاهي- ڪتابخانه ملي ايران.

(12) The Mathnawi of Jalaluddin Rumi, Luzac & Co, 1925-1940, 8 vols.


[1] خيرو خان کوکر نوجوان هو، جو ميين شاهه عنات (ف 1131هه) کيس دعا ڪئي ته:

’خيرا‘ خير ٿيو وڃي چر ٿر، توکي ڪونه وجهندو ور،

جو کسندو سو کسندو، جو گسندو سو وسندو.

هالاڻيءَ جي جنگ وقت خيرو خان پير مرد هو، پر سندس ڪٽنب وارا مير فتح خان جي اڳواڻيءَ هيٺ وڙهيا. اُنهن مان بهادر خان ۽ ٻيڙو خان، مير محمد نصير خان جي وقت ۾ امير هئا. سندس سوٽ وڃي نئين ڪوٽ لڳ (۽ اُن کان پوءِ مٺڙيي ۾) ويٺا، جن مان مانجهي خان ميرن صاحبن پاران ٿر جي مهراڻي جو امير هو. حيات خان نون ۽ مناوا جي پهراڄ سيدن جو ’مِهر راڻيءَ جي ڏهر‘ واري زمين تي جڏهن تڪرار ٿيو، تڏهن پيرسن خيرو خان کوکر به مدد لاءِ چڙهي آيو ۽ زمين حيات خان کي ملي.

[1] ”پني پنج ڪڻي“، يعني ڪو بيت ڪٿان ته ڪا ڳجهارت ڪٿان هٿ ڪري.

[2] ”نُونن“ يعني ٻن نون جي اکر وارن، ’نبي بخش‘ ۽ ’نون‘.

[3] وزن، ماڻ، ماپ، تسو، ذرا يعني، ڪچهرين ۾ ڳالهين جي وزن کي ذرو ذرو ڪري توريائون (پرکيائون).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com