سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (4)

 

صفحو :1

مهراڻ 2005ع (4)

ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ

هيءَ جا لات ”لطيف“ جي

 

جُہُ سي لوڙائوُ ٿِئا،

جَني سَندِي ڌِيرَ،

ماروئڙا فَقيرَ،

ڪنهن دَرِ ڏيندا دانهِڙِي!

*

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن طبقي کي سڀ کان گهڻو ساراهيو آهي سو هو سنڌي عوام جو. اِهو اُهو طبقو هو جنهن جا افراد سنڌي ڳوٺاڻا، خانه بدوش، مال چاريندڙ، ڏٿ تي گذران ڪندڙ، پلا ۽ مڇيون ماريندڙ، کٿا ۽ لويون پهريندڙ، اڌ اُگهاڙا، اڌ ڍڪيل، ٻيلن ۽ جهنگن ۾ رهندڙ هئا. انهيءَ عوام ۾ سنڌ جو حقيقي روح سمايل ڏٺو اٿس. انهن جي مفلسي، خانه بدوشي، جهالت ۽ مصيبت ۾ گرفتاري ۽ قيد ڏسي هنجون هاريون ۽ نير وهايو اٿس. سنڌ جي مستقبل کي عوام جي آئنده سان وابسته ٿي سمجهيائين. انهن جي مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي سنڌ جي تڪليف ڪري ٿي ڄاتائين. انهن جي آزادي ۽ ترقيءَ ۾ سنڌ جي ڀلائي ۽ بهتري ٿي ڏٺائين. هر قوم کي دنيا جي تعمير نو ۾ پنهنجو حصو پيش ڪرڻو آهي. هن جي خيال موجب سنڌين کي به انهيءَ ڏس ۾ خاص پارٽ ادا ڪرڻو آهي. اهو مقصد تڏهن حاصل ٿي سگهندو جڏهن سنڌي پنهنجي هزارن ورهين جي تهذيب کي- جا هنن صدين جي تجربي بعد حاصل ڪئي آهي- ترقي ڏياري اوج تي آڻين. هن کي معلوم هو ته سنڌي دنيا جي ٻين قومن جي بسنبت پٺتي پيل هئا. هنن جي سڀ حاصلات بدويانه نموني جي هئي ۽ ٻين جي مقابلي ۾ پٺتي هئي. ليڪن باوجود ان جي هن هر پنهنجي شيءِ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو. کيس معلوم هو ته جيستائين قوم ۾ خودشناسي ۽ خودداري پيدا نه ڪئي ويئي آهي. ان وقت هن ۾ پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۽ پنهنجي پيغام ڏيڻ جي طاقت پيدا نه ٿيندي ۽ سنڌي ٻين جي سياسي، اقتصادي ۽ ذهني غلاميءَ ۾ ڦاٿا پيا هوندا. مارئيءَ جي سُر ۾ هن انهيءَ مضمون کي تفصيل سان ورجائي پيش ڪيو آهي. ان سُر ۾ سنڌي عوام کي مارن سان تشبيهه ڏني اٿس. ڌارين جي حڪومت کي عمرڪوٽ جي بند ۾ قيد ڪري شمار ڪيو اٿس. حڪمران طبقي کي عمر سومري جي نالي سان ياد ڪيو اٿس. آزاديءَ جي حياتيءَ کي ملير ۾ موڪ ميها چونڊڻ واري زندگي ڪري ليکيو اٿس. سنڌي عوام جي سچن عيوضين ۽ محب وطنن کي- جن کي آزاد زندگيءَ جو قدر ۽ پنهنجي قوم جي پستيءَ جو درد آهي- ”مارئيءَ“ جي نالي سان ڪري ظاهر ڪيو اٿس.

 

 جي. ايم. سيد

(”پيغام لطيف“، 1955ع، ص 126 – 127)

 

ڀرسان تنهنجي ڀٽ ڌڻي! جهلي بيٺس جهول،

ڏنئه ٻه ٽي ٻول، سخي! منهنجي ساهه کي!

شيخ اياز

28- ڊسمبر 2005ع تي سندس اٺين ورسي گهڻي احترام سان ملهائي ويئي

سائين! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪارَ،

دوست تون دلدارَ، عالم سڀ آباد ڪرين!

[شاهه]

سوچ – لوچ

 

سنڌي ٻولي ۽ اسان جون ذميواريون

 

سنڌي ٻولي نه رڳو سنڌ ۾ ڳالهائي، سمجهي، پڙهي ۽ لکي وڃي ٿي، بلڪ سنڌ سان دنگئي علائقن ۾ پڻ ڳالهائي، سمجهي، پڙهي ۽ لکي وڃي ٿي، جهڙوڪ: ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ، راجستان، بلوچستان، سرائڪي خطو …… انهن علائقن سان سنڌ جا نه رڳو مذهبي/ڌرمي، تجارتي، سياسي، سماجي، ثقافتي، تاريخي، جاگرافيائي لاڳاپا رهيا آهن، بلڪ انهن مان ڪجهه علائقا ته سنڌ جو ڀاڱو پڻ رهيا آهن، جيئن: ڪڇ، سرائڪي خطو يا بلوچستان جا ڪجهه علائقا سرائڪيءَ جي عظيم شاعر خواجه غلام فريد سنڌيءَ ۾ به ڪلام چيو آهي. رکيل شاهه، ڪبير شاهه، شيخ ابراهيم ۽ قادر بخش گولو بلوچستان ۾ سنڌيءَ جا ناميارا شاعر ٿي گذريا آهن. ميران ٻائيءَ جي ڀڄنن ۾ ”لوئيءَ“ جو اهڃاڻ (Symbol) موجود آهي. بابا گرونانڪ جي واڻي ۽ بابا فريد شڪر گنج جا دوها سنڌي شاعريءَ جي اتهاس جو حصو آهن. بلها شاهه جي ڪلام ۾ به ”لوئيءَ“ جو اهڃاڻ (Symbol) موجود آهي. بلها شاهه سنڌ ۾ به اوتروئي مقبول آهي، جيترو پنجاب ۾. انهن دنگئي علائقن جا ڪيترائي لفظ، ڪردار، ڪهاڻيون، ريتون رسمون، رانديون رونديون، ساز ۽ راڳ مشترڪ آهن.

عرب ۽ ايران سان به سنڌ جا لاڳاپا اسلام کان گهڻو آڳاٽا آهن. وڻج واپار، راڳ ۽ سنگيت وسيلي به سنڌي ٻولي ايران، عرب ۽ اُن کان اڳتي يورپي ڏيهن تائين پهتي. ”سنڌ – ورڪين“ وسيلي به سنڌي ٻولي ڏورانهن ڏيهن تائين پهتي.

”برهانپور جا سنڌي اولياءَ“ مان ثابت آهي ته سنڌي ٻولي ورهاڱي کان صديون اڳ هِند پهچي چڪي هئي. قاضي قادن جو واڌو ڪلام به هندستان جي هڪ پراڻي مَٺ مان ئي هٿ آيو آهي.

ورهاڱي کان پوءِ ڳچ تعداد ۾ سنڌي لڏپلاڻ ڪري هِند پهتا ۽ هيڏي وڏي ملڪ جي مختلف پرانتن ۾ ٽڙي پکڙي ويا. اُتي هنن پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ سخت محنت ڪئي. ان سان گڏوگڏ هنن پنهنجي ٻُوليءَ ۽ سڀيتا کي ساهه سان سانڍيو ۽ اُنهن کي قائم دائم رکڻ ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ جتن ڪيائون. اسڪول ۽ ڪاليج برپا ڪيائون. سنڌي پارهڻ لاءِ ڪلاس هلايائون ۽ اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب ڇپايائون. ائينِ هند ۾ سنڌيت جو اُهاءُ ٿيو- پر سنڌين جو اِهو اُهو نسل هو، جيڪو سنڌ ۾ ڄائو هو. ان کان پوءِ وارا نسل، جن سنڌ رڳو پنهنجن وڏڙن جي روح ۾ ڏٺي هئي، اُهي هن مادي دنيا ۾، مختلف پرانتن جون مختلف ٻوليون، انهن ٻولين جون مختلف لِپيون، عام ڪاروهنوار/تعليم/ نوڪرين ۾ انهن ٻولين جي اهميت - ۽ سڀ کان وڌيڪ پنهنجي ماتر ڀاشا ڏانهن جذبي جي سچائيءَ جي اڻهوند- جي ڪري سنڌي ٻوليءَ کان پري ٿيندا ويا.

جيتوڻيڪ هِند جي سنڌين جاکوڙ ڪري، هند جي آئين ۾، سنڌي ٻوليءَ کي ”قومي ٻوليءَ“ جو پد ڏياريو آهي، مرڪز توڙي صوبائي سطح تي سنڌي ڀاشا وڪاس لاءِ اڪئڊميون ۽ سڀائون برپا ٿيل آهن ۽ انهن کي سرڪار مالي امداد پڻ ڏئي رهي آهي. هند ۾ هر سال ٻن سون کان مٿي ڪتاب ڇپجي رهيا آهن، جن تي سرڪار پاران چڱي روڪ رقم انعام طور ڏني وڃي ٿي، پر انهن ڪتابن پڙهڻ وارا ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن- ۽ اها سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي! انهيءَ صورتحال تي سوچ ويچار لاءِ سنڌ جي اديبن، شاعرن، عالمن ۽ راڳين کي هند جي دوري جي ڪوٺ ڏني وئي. ورهاڱي کان پوءِ، 17- سيپٽمبر کان 15- آڪٽوبر 2005ع تائين هند- سنڌ جي ساهتڪارن جو اهو وڏي ۾ وڏو ميڙ هو. ان دوري دوران مختلف شهرن ۾ ادبي سيمينار ۽ مشاعرا ٿيا، راڳ رهاڻيون رچايون ويون، جن ۾ سنڌي ڪٽنبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري، سنڌي ٻوليءَ سان پنهنجي اٿاهه چاهه جو ثبوت ڏنو. سنڌي نه رڳو سنڌ ۽ هند ۾، پر سڄي دنيا ۾ رهن ٿا. سنڌي ساهتڪارن جي ان عظيم اجتماع وسيلي سڀني سنڌين تائين اهو سنيهو پهچايو ويو آهي ته اُهي پنهنجي ٻوليءَ کي درپيش خطرن کي ٽارڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون نڀائين. اُن ڏس ۾ سنڌ، هِند ۽ دنيا ۾ رهندڙ سنڌين وٽان هاڪاري موٽ ملي آهي.

ڏکيون حالتون، ڪن لاٽار، فرض ادائگيءَ ۾ ڪوتاهي، ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ، احساس ڪمتري، لاپرواهي، سازشون، غفلت، هيڻائي … ڪنهن به ٻوليءَ لاءِ اهڙا خطرا آهن، جن کي پريندي ئي پروڙڻ ۽ منهن سَمهون ٿيڻ جي ضرورت هوندي آهي؛ ڇاڪاڻ ته ائين ئي انهن خطرن کي ٽارڻ جا امڪان پڻ پيدا ٿي پوندا آهن.

ٻڌڻ؛ ڳالهائڻ، پڙهڻ ۽ لکڻ- ڪنهن به ٻوليءَ کي رائج رکڻ ۽ ان جي واڌ ويجهه جا مکيه مرحلا آهن. ٻولي ڳالهائيندڙ، لکندڙ ۽ پڙهندڙ جي ذميواري آهي ته هو نه رڳو ٻوليءَ کي خطرن کان بچائي، بلڪ اُن کي ترقي پڻ ڏياريندو رهي. ڳالهائيندڙ، لکندڙ ۽ پڙهندڙ مان بنيادي ذميواري وري به لکندڙ جي آهي- ڇاڪاڻ ته هو اُن ٻوليءَ جو ڳالهائيندڙ به آهي، ته پڙهندڙ به – ساڳئي وقت هو اُن ٻوليءَ جو لکندڙ پڻ آهي- ۽ هڪ لکندڙ، ٻوليءَ ڏانهن، پنهنجي ان انتهائي اهم ذميواريءَ کي پاڻ ارپڻ واري جذبي سان ئي نڀائي سگهي ٿو.

جيجي زرينه بلوچ، ڊاڪٽر غلام قادر سومري، پوپٽي هيراننداڻي، عنايت الله عباسيءَ ۽ محمد شريف طالب جو وڇوڙو.

2005 جو سال، ويندي ويندي، اسان کان علم، ادب ۽ سنگيت جي حوالي سان اهم شخصيتون کسي ويو. انهن شخصيتن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو ۽ اسان لاءِ هڪ مثال ڇڏيائون. اڄ اهي شخصيتون اسان ۾ نه آهن، پر انهن جو ڪم موجود آهي، جيڪو انهن جي نالن کي زندهه رکندو. اسين سندن وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ٿا ڪريون ۽ سندن ڪم تي کين خراج تحسين پيش ٿا ڪريون.

ٽِه – ماهي ”مهراڻ“ جو گولڊن جُبلي نمبر

ٽِه- ماهي ”مهراڻ“ جو ايندڙ، نئين سال 2006ع جو پهريون پرچو ”گولڊن جُبلي نمبر“ هوندو، ان جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ان خاص نمبر ۾ پنجاهه سالن ۾ مهراڻ ۾ ڇپيل لکڻين جي چونڊ ڏني ويندي. ان سان گڏوگڏ مهراڻ گولڊن جُبلي نمبر لاءِ لکيل خاص ليک ۽ تاثر ڇپيا ويندا. مهراڻ بابت ڪا اهڙي ياداشت، جيڪا توهين رڪارڊ تي آڻڻ چاهيندا هجو ۽ مهراڻ بابت ڪا راءِ جيڪا توهين ٻين سان شيئر ڪرڻ چاهيندا هجو- ٽِه – ماهي مهراڻ جا مختلف دور – تخليق، تحقيق ۽ ترجمي جي حوالي سان مهراڻ جو رول توهان جي نظر ۾. مهراڻ لاءِ ڪي اهڙيون رٿون، جيڪي اسان لاءِ توڙي لکندڙ لاءِ سُونهيون ٿي سگهن- اسان ڏانهن موڪلي ڏيو ته جيئن ٽِه – ماهي مهراڻ گولڊن جُبلي نمبر کي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان هڪ يادگار دستاويز جي صورت ڏيئ سگهجي.

ادارو

 

وکر سو وِهاءِ …!

 

”مختلف دورن ۾ گهڻي ترقيءَ جي باوجود به برطانوي دور ۾ سنڌي شعر کي وڏو نقصان سهڻو پيو. ان کان اڳ سنڌي شاعري خالص مقامي عوامي ماحول جو عڪس هوندي هئي. دوها، بيت ۽ ڪافيون – جن ۾ ٻولي خالص، تشبيهون ۽ استعارا مقامي، جذبات ۽ تخيل گهريلو، توڙي تصورات جي حد تائين به وابستگي ’سنڌ‘ سان ئي هوندي هئي. ليڪن هن دور ۾ هي خوبيون بلڪل ختم ٿي ويون. بيدل ۽ بيڪس تائين ته اهائي پراڻي ريت قائم رهي. ليڪن مير حسن علي خان، مير عبدالحسين خان، غلام محمد شاهه ’گدا‘، ماتم، سيد فاضل شاهه ۽ مرزا قليچ بيگ روايتي عوامي شاعريءَ جي جاءِ تي نئين راهه ڪڍي ۽ ايراني ماحول ۽ فارسي روايتن کي سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ڪيو. دڪانءُ، ڪٻر، ڪرڙ، ڪنڊي ۽ پٽن ڀاڻن جي بجاءِ گل ۽ بلبل توڙي سرو صنوبر کي اهميت ڏني وئي، جنهنڪري ٻولي خالص نه رهي. تصور ۽ خيال جي مطابقت ماحول موجب نه رهي. تشبيهون، استعارا ۽ ترڪيبون وغيره اهڙي ملڪ مان آندا ويا، جيڪو سنڌي ماڻهن ڪڏهن ڏٺو به ڪونه هو ۽ انهن لاءِ هيءَ صورتحال (شاعري) بلڪل کِل جهڙي بنجي پيئي. سنڌي شاعريءَ جو ناتو پنهنجن ماڻهن کان ٽٽي ويو ۽ شاعري صرف تعليم يافته ۽ شهري ماڻهن جي ذهني عياشيءَ لاءِ مخصوص ٿي وئي. ان دؤر ۾ سنڌيءَ جي غزليه شاعري اهڙي پئي معلوم ٿئي ڄڻ ڪو گار ڏئي رهيو آهي.“

 سيد حسام الدين راشدي

[”سنڌي ادب، 1951ع“]

شاهه لطف الله قادري

 

بيت

عقل اِتِ اوڇون ٿئو، ڪا جا ڏِسي ڀَت،

پَسئو پَرِ پرينِ جي، مُنجهيو وَڃي مَت،

اِنَ وائيءَ ڀيرُ ٻِئو، آت اُبتي ڀَتِ،

نڪو ڳاڄُ نه ڳَتِ، حيرت هَنيو سَڀڪو.

 

واحدت سڀ وجود ۾، هيڪا هيڪ پَسن،

اُوء ٻِئايان ٻَهار ٿيا، دَعوي دَم نه ڪَنَ،

سي منجهه حيرتَ رَهَن، ”ڪِينَ“ ڪيائون تَڪيو.

 

حَقائين حق ٿئا، حقان ٿئن حق،

عقلُ وياچ ۾ اُنِ سين، جِنِي ذات مطلقُ،

لا موجود شيءٌ غيرالله، اي ساري پڙهيائون سبق،

سي واري وَحدتَ وَرَقُ، اُوءِ نِسوروئي ناهِ ٿِئا.

 

جِتي ”ڪونَ“ نه ”مڪان“ ڪو، تِتِ ڪيائون سيرُ،

اُتي عالمَ عاقل ڪيترا، پروڙئو پائين پيرُ،

اي ڳُجها ڳُجهه جي ڳالهڙي، ڪمتر پروڙي ڪيرُ،

اَڻ- پيرَ ۾ پيرُ، ڪَني پاتو پيريين.

 

[سنڌي رسالو/ڊاڪٽر بلوچ، ص 5]

 

غالباً نائين صدي هجري (15 صدي عيسوي) کان وٺي سنڌ جي ڀلارن بزرگن، عالمن ۽ عارفن انساني اخلاق ۽ معاشري جي اصلاح واسطي پنهنجي تلقين ۽ تبليغ کي سنڌي شعر ذريعي عام ڪرڻ شروع ڪيو. تزڪيہ نفس ۽ اخلاقي تربيت خاطر خالق جي شناس، مخلوق سان همدردي، حق ۽ حقيقت جي تلاش وغيره سندن شاعريءَ جا اهم باب بنيا، ۽ اهڙيءَ طرح سنڌي شاعريءَ ۾ محض ”ڳالهه ۽ بيان“ جي بدران ”فڪر ۽ معنيٰ“ جا پيوند لڳڻ شروع ٿيا. آسانيءَ خاطر قصن ۽ ڳالهين جي قالب کي تمثيل طور استعمال ڪري، حق ۽ حقيقت جي نڪتن کي نروار ڪيو ويو ۽ انساني اخلاق ۽ روحاني سربلنديءَ جي راهه کي روشن ڪيو ويو. فڪر ۽ خيال سان لبريز هن اخلاقي ۽ عارفانه شاعريءَ جي شروعات سان، ”سنڌي اساسي شاعري“ جو سلو سائو ٿيو جو اسان کي قاضي قادن (870 – 958هه) جي ڪلام ۾ نکرندو نظر اچي ٿو، ۽ بالاخر حضرت عبداللطيف جي شعر ۾ هڪ ميوي دار درخت جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو. شاهه لطف الله قادريءَ جي  ڪلام، قاضي قادن کان وٺي شاهه عبداللطيف تائين ”سنڌي اساسي شاعري“ جي انهيءَ اوسر ۽ عروج واري سلسلي جي وچين ۽ اهم ڪڙي آهي.

قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادريءَ جا پيشرو هئا. شاهه ڪريم چوڏهن سالن جو هو جو قاضي قادن وفات ڪئي، مگر سندس عارفانه بيتن کان شاهه ڪريم نه فقط پوريءَ طرح واقف هو پر گهڻي قدر متاثر ٿيو. شاهه ڪريم ئي قاضي قادن جا جيڪي بيت پڙهيائين تن مان ست بيت محفوظ رهجي ويا آهن، جن مان ٽن بيتن جي مضمون ۽ معنيٰ کان متاثر ٿي پاڻ پنهنجا بيت چيائين.

جڏهن شاهه ڪريم وفات ڪئي ته شاهه لطف الله چوويهن سالن کن جو هو. غالباً اگهم ڪوٽ جي شهر ۾ ڄائو ۽ اُتان جي عالمن ۽ عارفن وٽ تعليم ورتائين، انهيءَ ڪري شاهه ڪريم جي عارفانه مقام ۽ ڪلام کان پڻ کيس پوري واقفيت حاصل ٿي. ان جو ثبوت شاهه لطف الله جي بيتن مان ملي ٿو جي هن غالباً شاهه ڪريم جي بيتن کان متاٿر ٿي چيا. مثلاً شاهه ڪريم ”وحدت وجودي“ جي ماهيت کي پنهنجي هيٺئين بيت ۾ بيان ڪيو آهي:

پاڻ ئي سلطان، پاڻ ئي ڏي سنهيڙا

پاڻ ڪر پاڻ لهي، پاڻ سڃاڻي پاڻ.

شاهه لطف الله پنهنجي بيت ۾ انهيءَ مضمون کي ساڳئي اسلوب بيان ۾ مگر وڌيڪ دليلن ۽ مثالن سان ورجايو:

سوئي سلطان شاهه سو، سوئي پيڙهي راء

سوئي حڪم هلائي عالم ۾، سوئي ڏيکاريندڙ راه

 

- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

[”شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“، مقدمو، ص 21، 23]


 

صوفي مراد فقير

 

بيت

جي اچين تان اچ، اَٿي اڄ ”مراد“ مشاهدو،

پَئي پروانن جان، رنگ پريان جي رَچ،

پَسي موٽ مَ مچُ، اَٿي سِرَ جي ساٽي سُپرين.

 

جي ٻارين تان ٻار، اندر باهه برهه جي،

مٿي مچ، ”مراد“ چئي، ڪئي پتنگن پچار،

ته جيئري جانب نه مِڙي، توڻي حيلا ڪرين هزار،

دوساڻيءَ درٻار، ٿا مُواڪن مشاهدو.

 

جي اچين تان آءُ، اَٿي اڄ ”مراد“ مشاهدو،

پئُه تون پروانن جان، مٿي عشق اُهاءُ،

ترس مَ پَسي تاءُ، اَٿي سِرَ جي ساٽي سُپرين.

 

محبت جي ميدان ۾، ڏيڻ سر ثواب،

جو آڏو عجيبن کي، آهي هئڻ جو حجاب،

مَرُ ته ٿئين، ”مراد“ چوي، محبوبن جو باب،

جئن سو گُل گلاب، ٿي پيش چُڪايو پاتشاهه.

 

مراد فقير جو شمار سنڌ جي مشهور صوفي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. مراد فقير روحل فقير جي قريبي صحبتين مان آهي. فقير صاحب جي والد جو نالو محمد حيات هو، جو روحل فقير جي سوٽن مان هو. فقير صاحب زنگيجو بلوچ هو. مراد فقير ۽ روحل فقير جي عمرين ۾ قريباً ڏهن سالن کن جو تفاوت هو. جيڪڏهن زباني روايت تي اعتبار ڪجي، ته مراد فقير سن 1742ع يا 1743ع ۾ ڄائو هو.

ننڍي هوندي فقير صاحب جي تعليم چڱيءَ ريت ٿي. هو هندي، فارسي، سرائڪي ۽ سنڌي زبانن جو پوريءَ ريت ڄاڻو هو. سندس جوانيءَ جو عرصو ڪيئن گذريو. اُنهي بابت ڪابه معلومات نٿي ملي. فقط هيتري خبر ملي ٿي ته فقير صاحب، ننڍي ئي هوندي روحل فقير جي صحبت ۾ وڇي پهتو. اُن وقت جڏهن هو پدمات جي پَٽَ تي وڃي گوش: نشين ٿيو هو، تڏهن مراد فقير به ساڻس گڏ هو.

مراد فقير پنهنجي دور جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. هن نه فقط سنڌيءَ ۾ شعر چيو آهي، پر فارسي، هندي ۽ سرائڪيءَ ۾ به سندس ڪلام موجود آهي. فارسيءَ ۾ سندس هڪ ننڍڙو ديوان آهي. هنديءَ ۾ سندس تصنيف جو نالو ’پريم گيان‘ آهي.

سنڌي شعر ۾ هو پنهنجي پيشرو شاعرن، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ ميين عنايت شاهه رضويءَ جي نقش قدم جو تابع نظر اچي ٿو. سندس ڪلام جو گهڻو حصو سنڌ جي قديم قصن ۽ ڪهاڻين تي ٻڌل ٿو نظر اچي. سندس سنڌي ڪلام جو ذخيرو ڪو ايڏو وڏو نه آهي، مگر روحل فقير جي ڀيٽ ۾ ڪي قدر زياده نظر اچي ٿو. سندس ڪلام ۾ پختگي ۽ رواني آهي. سندس عشقيه شاعري اَٿاهه درد سان ڀريل آهي.

مراد فقير جو هندي شاعريءَ ۾ به وڏو درجو آهي. هن ان زبان ۾ ٿورا شبد ۽ ”پريم گيان“ نالي گرنٿ لکيو آهي، جنهن ۾ عشق اِلاهي جي ذڪر کي نهايت عمدي پيرايي ۾ ڏنو آهي.

 

- لطف الله بدوي

[”ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام“، مقدمو.]

 


 

صاحبڏنو شاهه

 

ڪافي

 

اکڙيون عجيبن سين اڙيون-

بيشڪ، لاشڪ لڙيون!

 

اکڙيون عجيب ڏسڻ لئي آهين اُداسي- الو…

سوز انهيءَ ۾ سڙيون!

 

وينديس، وي ميان، وندر سامهين- الو …

مون مَ جهليو اَهين اديون، ٻڙيون!

 

ساريو سپرين کي، منهنجي دل ڪري دانهون- الو…

روز اچن ٿيون، روح مان جي رڙيون!

 

”صاحبڏنا“ سور پرين جا، سِر مون سانڍيا- الو …

جن سان هيم، جيءَ جون جڙيون!

 

[”مهراڻ“ 1/1956ع، ص 15]

 

سيد صاحبڏنو شاهه سنڌ جي عظيم بزرگ ۽ شاعر حضرت شاهه عبدالڪريم رح جي نسل مان هو، جنهن کي ”سنڌي ادب جو وِهائو تارو“ ۽ ”سنڌي ادب جو چاسر“ جو خطاب ڏنو ويو ۽ جنهن جي نسل مان ئي شاعرن جو سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح پيد اٿيو – سو اهو ممڪن ئي ڪونهي ته هن خاندان جي ٻين ماڻهن ۾ ادبي ذوق ۽ شاعراڻو مزاج نه هجي ۽ انهن ڪو ڪلام نه چيو هجي يا شاعري نه ڪئي هجي. خانداني روايتن مان خبر پوي ٿي ته ڪريمي خاندان ۾ ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا پر سندن ڪلام محفوظ نه رکيو ويو. ان خاندان ۾ سيد صاحبڏني شاهه جو نالو بزرگيءَ ۽ مان مرتبي جي لحاظ کان ادبي دنيا ۾ ڪي قدر محفوظ رهيو آهي.

سيد صاحبڏنو شاهه انگريزن جي دور ۾ درگاهه بلڙي شاهه ڪريم جا سجاده نشين هئا. پاڻ مير عبدالحسين سانگيءَ جا همعصر ۽ مرشد هئا ۽ سانگيءَ وٽ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. سيد صاحبڏني شاه جو بياض سندس وفات کان پوءِ گم ٿي ويو. سندس ڪلام پوءِ سندس ننڍي فرزند سيد غلام شاهه ڪريميءَ جهونن مريدن کان ٻڌي قلمبند ڪيو. ان ڏس ۾ پاڻ لکي ٿو:

اولذڪر ذاتي مشڪلن ۾ اها هئي جو والده مرحومه ايران جي شاهي صفوي خاندان شهزاده محمد رضا آصف صفوي جي نياڻي هئي جنهن جي مادري زبان فارسي هئي. جڏهن والد مرحوم وفات ڪئي ته آءٌ فقط ستن مهينن جو هوس. مون کي ماءُ ۽ ناناڻن ڪراچيءَ ۾ پاليو، تنهنڪري سنڌي النسل هوندي به 20 – 21ورهين تائين پوري سنڌي ڪانه ايندي هئم. والد مرحوم جو هڪڙو ۽ شايد پهريون ڪلام زباني والده مرحومه کان ٻڌم، گهڻو سمجهي ڪونه ٿي سگهيس، تاهم دل کي آساس پئي آيو. ڪافي هئي:

عمر ياد آيا مون کي اڄ اباڻا

وَهَن نيڻ جن لءِ نِيرَ ۾ نماڻا.

اباڻي محبت ۽ پيءُ جي وڃايل ڪلامَ کي سمجهڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ آءٌ سنڌي سکڻ کي جنبي ويس.“

سيد غلام شاهه ڪريميءَ، سيد صاحبڏني شاهه جي وفات جو سال 1914ع ڄاڻايو آهي. هتي ٽه – ماهي ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن کي به گذارش آهي ته سيد صاحبڏني شاهه جي سوانح بابت وٽن ڪا معلومات هجي يا ڪو ڪلام هجي ته ڏياري موڪلين.

 

- شگفته شاهه

[اڻ ڇپيل مقالي تان کنيل]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com