منهنجي پُٺي هوريان هوريان هُن جي لُڙڪن مان ڀِڄي
رهي هئي. ٻئي ڏينهن مان آفيس مان ائين ڀڳو هئس
جيئن ٻار اسڪول مان ڀڄندا آهن. بنان ساهه کڻڻ جي
هڪڙي ئي ڊوڙ ۾ گهر وڃڻ بدران پنهنجي پناهه گاهه ۾
وڃي لڪندا آهن، جيسين اسڪول جو ٽائيم ختم ٿئي. ٽاڪ
منجهند جو آسمان ۽ ڌرتي ٽامي جيان تپي رهيا هئا.
مسجد ۾ اڳين نماز جي آخري رڪعت پڙهجي رهي هئي. مان
به ٻانهون ٻڌي وڃي بيهي رهيس. منهنجيون اکيون بي
چينيءَ مان نمازين جي هُن پار خدا کي ڳولهي رهيون
هيون. دل جيڪا رات کان ڦٿڪي پئي، انهيءَ کي اڄ
سندس تسليءَ جي ٻن ٻولن جي ڏاڍي ضرورت هئي. الاءِ
ڇو اڄ هُو ڪونه آيو هو. نماز ختم ٿي. مان به اُداس
دل سان نمازين سان گڏ ٻاهر نڪري آيس. جُتي پيرن ۾
پائي مسجد جون ڏاڪڻيون لٿس ئي پئي ته ڏٺم هُو مسجد
جي ٻاهر بيٺو هو. مون اُتاولائيءَ مان کيس سڏڻ
لاءِ چپ کوليا. هُن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ
هٿ به مٿي کنيم ۽ ڏانهس ڊوڙ پائڻ لاءِ نمازين جي
رش کي وچ تان چيريندي رستي به ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيم ئي
پئي، جو عين ان پل سامهون
کان ڪو شخص نمازين کي ڌڪيندو الله اڪبر جو نعرو
هڻندو مسجد ڏانهن ڌوڪيندو پئي آيو ۽ مون سان
ٽڪرائجي ويو ۽ بم بلاسٽ ٿي ويو.“
هاڻي هُو به چُپ هو ۽ مان به چُپ هئس.
مان ته رنس ئي پئي پر هو به هاڻي روئي رهيو هو.
کاري سمنڊ ڪناري ڪيتري دير اسين ٻئي پنهنجا پنهنجا
لُڙڪ لاڙيندا رهياسين.
پوءِ هُن پڇيو، ”تنهنجو لاش ڪٿي آهي؟“
چيم، ”گهاٽي ٻيلي جي پيٽ ۾ اڇلي ڇڏيئون مون کي.
اڃا تائين ته منهنجن وارثن کي ڪونه لڌو آهي. ڳولها
ته هلي پئي وارثن طرفان. پر الاءِ چچريل ۽ ٽڪر ٽڪر
ٿيل لاش کي هو سڃاڻي به سگهندا يا نه!“
پُڇيومانس ”تنهنجو لاش ڪٿي آهي؟“
هو اُداسيءَ مان کِلي پيو.
چيائين، ”منهنجو ڪهڙو لاش! مان ته پُرزا پرزا ٿي
ويس. اڃا تائين خبر ڪانه پئجي سگهي آهي ته خودڪش
حملي آور سان گڏ ٻيو ڪير هو. منهنجي زال چرين جيان
اسپتالن ۾ پيل زخمين ۽ مڙداخانن ۾ مون کي ڳولهيندي
وتي.“
هُو به ٿڪجي چڪو هو ۽ مان به ٿڪل ئي هئس. هو به
سمنڊ ڪناري واريءَ تي، لهرن ڏانهن پير ڪري ليٽي
پيو. مان به هُن جي ڀر ۾ ليٽي پيس. هُن به اکيون
ٻوٽي ڇڏيون. مون به اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
”قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ“ ۾ ڪجهه نظم عورتازاد
جي باري ۾ آهن، جي مرد جي ظلم خلاف عورت جو سراپا
احتجاج آهن. اهڙي شاعري آمريڪا ۽ يورپ ۾ ارڙهين
صديءَ جي آخر ۽ اڻويهين صديءَ ۾ ڪئي ويندي هئي.
هاڻي اتي عورت اقتصادي آزادي حاصل ڪري، مرد سان
ڪلهوڪلهي سان ملائي هلي رهي آهي. اُتي عورتازاد جي
شاعري ختم ٿي چڪي آهي ۽ مشرق ۾ به صنعتي دؤر جي
ترقيءَ سان ختم ٿي ويندي. بهرصورت هندستان ۽
پاڪستان ۾، جتي عورت بيحد مظلوم آهي، ان شاعريءَ
جي افاديت اڃا ڪيتري وقت تائين هلندي. باقي
نورالهديٰ شاهه جي مجموعي جو ٽيون حصو پايندگيءَ
جو اهل ٿي سگهي ٿو. ان ۾ هن جي ذاتي احساس جي شدت
۽ پنهنجي زندگيءَ سان واسطو آهي. زندگيءَ جي تجربي
مون کي انهيءَ نتيجي تي پهچايو آهي ته ادب سياست
جو آلئه ڪار يا ذريعو نه آهي. سياست ادب جي الئه
ڪار آهي ۽ هن کي تخليق لاءِ سازگار ماحول مهيا ڪري
سگهي ٿي.
مون سئفو کان وٺي هن وقت تائين جيڪي به شاعرائون
پڙهيون آهن. اُنهن ۾ موضوع جي گوناگوني آهي، فقط
هڪ رنگي نه آهي. شاعري به موسيقيءَ وانگر آهي. ان
کي ڪئي موزراٽ يا بيڊوون واري اَمرتا ڏي يا پولش
موسيقار شاپن وانگر قومي آزاديءَ لاءِ ڪم آڻي ۽
اُن ۾ پنهنجي امرتا سمجهي. ڇو ته هو پنهنجيءَ
ڌرتيءَ جي امرتا کي پنهنجي امرتا ڀانئي. نورالهديٰ
شاهه شاعريءَ جي ان پوئين زمري ۾ اچي ٿي، جنهن نه
رڳو پنهنجي دؤر تي ڪاري ضرب هنئي آهي ۽ گهٽ ٻوساٽ
۾ آواز اُٿاريو آهي، پر وقتي شاعريءَ سان گڏ
پاينده شاعري به ڏني آهي.
نورالهديٰ شاهه جو هيءُ مجموعو اها شعريت، اها
جذبات جي جوارڀاتا ۽ اهو مجموعي تاثر پيدا ڪري ٿو.
جا اعليٰ پابند شاعري پيدا ڪندي آهي. مان
نورالهديٰ شاهه کي تحسين جو مستحق سمجهان ٿو. وقت
نثري شاعريءَ کي ڪيترو وقت برداشت ڪري سگهي ٿو. ان
جو گواهه ته مستقبل ئي ٿي سگهي ٿو، پر مان ڀانيان
ٿو ته مستقبل جي گواهي نورالهديٰ شاهه جي حق ۾
ويندي.
- شيخ اياز
پيڙهيءَ جي تند
محمد صديق منگيو
چاچي لالڻ جي جوڳ ڇُڙي وئي هئي. وهيءَ جو سج موٽ
کائي اچي نيرڙيءَ وچينءَ تي ويٺو هوس، جنهن ۾ اُهو
تاب ۽ تک تائي نه رهي هئي. کَهي سا چڱي هيس، انڪري
ڏسڻ ۾ ته ڀڙڳ ۽ جوپ ٿي لڳو، پر زندگيءَ جي لڳ ڀڳ
سمورين توانائين کان وانجهيل هو. سُڪي ٺوڙهي ٿيل
ان وڻ وانگر جنهن جي ٻيهر سائي ٿيڻ جا ڪي به امڪان
نه هجن. هو وهيءَ جون هستيءَ مستيءَ واريون مُندون
لتاڙي عمر جي اُن حصي ۾ پهتو هو، جنهن ۾ ماڻهوءَ
جو رَتُ ولهه تي رکيل دلن جي پاڻيءَ وانگر ڳڱر جي
ويندو آهي ۽ جذبا آفيم جي مواليءَ وانگر ساڻا ۽
خواهشون کيريون ٿي وينديون آهن. هو هنياءَ جي ڏڍ
تي نه رڳو چانديءَ جهڙن وارن کي خضاب جو مَکُ ڏئي
پاڻ کي سِڱ ڀڃائي گابو بڻايو وتيو، پر رڳن ۾ ڄمي
ويل رت کي وٽيرڻ ۽ گرم رکڻ لاءِ حڪيمن جا ماريل
ڪَک ۽ ڪُشتا به استعمال ڪرڻ لڳو هو. هو مئل ڦر
واري مينهن وانگر ڪکن ۽ ڪشتن جي ڀاڙي تي جوان ته
ٿيو پئي وتيو، پر جواني ته جواني هوندي آهي، جيڪا
سنڌوءَ جي سير ۾ لهواري لڙهندڙ ٻانڊ وانگر وڃي
ڪڏهن به موٽ نه کائيندي آهي. هن کي پنهنجي پوهائين
حال ۽ موڪلاڻيءَ وارا سنئون ٻولائيندڙ وهيءَ جي
ڳڻتيءَ جهوري وڌو هو. ڏسڻ ۾ ٿلهو ٿنڀرو ۽ مواڙ ٿي
لڳو، پر ڪڻڪ جي گهُڻي وانگر اندران کاڌل ۽ پورو
هو. ائين به نه هو ته کيس موت کان ڀَو ٿي لڳو.
’جيڪو ٺڪر ٺهيو آهي، ان کي ته اَوس ڀُرڻو آهي‘، پر
ڦُٽڻ ڦاٽڻ بنان نپٽو آنئٽو ئي مرڻ جي خيال ڏڪائي
ٿي ڇڏيس.
سٺ جي ڏهاڪي ۾ پير گهليندڙ چاچي لالڻ جي اڻ تڻ ۽
هورا گورا اجائي به ته نه هئي. رب جو ڏنو سڀڪجهه
هوس. ٻنيون ٻارا، مال رزق، پيسو پنجڙ- ڌڻيءَ ايترو
ڏنو هوس، جو سندس ٽن پيڙهين جي به کائي کُٽائڻ کان
گهڻو هو. مالڪ ڪنهن به شيءِ کان نه سڪايو هوس. ڀل
ڀائي ۽ هڙ جو حرج سهڻ واري چاچي لالڻ جي سُکئي
جيون ۾ رڳو هڪڙي ڪمي هئي. سندس وڏي ۽ عاليشان گهر
۾ پينگهو لوڏڻ واريون ته هڪ کان وڌيڪ هيون پر
پينگهي ۾ لُڏڻ وارو ڪونه هو. پيڙهيءَ جي لپ مٽيءَ
لاءِ هن ٽي شاديون به ڪيون، پر سندس ڀاڳُ ٻٻر جي
چوٽيءَ تي ماکيءَ جي ماناري وانگر هو. اولاد لاءِ
مڙس ڏئي وٺي بيٺو هو. جيڪي جُهد پٽيا هئائين، سي
خدا جي ڪاڳر ۾ لکيل هئا. ڇا ڇا نه ڪيو هئائين؟
اوري پري جا ننڍا وڏا پير به ڀيٽي چڪو هو، ته
بزرگن ۽ اوليائن جون چانئٺون به چمي ڏٺيون هئائين.
ڌاڳا، ڦيڻا به آزمائي ويٺو هو، ته ساٺ سَوڻ ۽ ڏس
پنڌ به ڪري ٿڪو هو. خير خيراتن، نذر نيازن، صدقن ۽
باسن جو ته ڪاٿو ئي نه هو، پر سندس اونداهي اڱڻ تي
ڪوبه چنڊ نه جهُليو هو. هو اُجڙيل آکيري جي ڪکن
وانگر وکري ويو هو. آس ۽ ويساهه جي جنهن سيڻهه تي
هو جيون جي تار ۽ تانگهي پاڻيءَ ۾ تريو پئي، ننڍڙي
ناڪاميءَ اُن سيڻهه ۾ مايوسين جا سوراخ ڪري وڌا
هئا. پراڻي سنگتي ۽ حال ڀائي سيٺ نوردين جي زور
ڀرڻ تي هو ڪومايل من جي پڌر تي آس جا ديپ ٻاري وڏن
ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ لاءِ ڪراچي ويو. مختلف ٽيسٽن
کان پوءِ وڏن ڊاڪٽرن اهو چئي سندس زهن جي ڪنڊ پاسي
۾ رهي کهي اميد تي به پاڻي ڦيري ڇڏيو ته ”تو ۾
اولاد پيدا ڪرڻ وارا جزا ئي نه آهن، انڪري اولاد
ٿيڻ جو ڪوبه چانس نه آهي!“
هو ڳوٺ موٽي آيو، پراڌ به نه رهيو هو. ساهه کڻندڙ
بوتو هو، جنهن مان جياپي جا رنگ روڙجي ويا هئا.
ڍِڱ مڙس چند ڏهاڙن ۾ درياهه وانگر پٽا ڏئي لهي ويو
هو. مايوسيون مٺاڻ جي مکين وانگر ورائي ويون هوس.
هو ماٺ جي امر ۾ هليو ويو هو. مُرڪون ۽ ٽهڪ ڪٺور
محبوب وانگر رُسي ويا هوس. وارن کي خضاب هڻڻ به
ڇڏي ڏنو هئائين. ائين ته ٿيڻو ئي هو. زندگيءَ جي
ڏور آس جي ڳنڍين سان ٻڌل هوندي آهي. زندگيءَ مان
آس جا رنگ اُڏامي وڃن ۽ اکيون خوابن کان خالي ٿي
وڃن ته، نه رڳو جيئڻ تان ارواح کجي ٿو وڃي پر جيون
جو هر پل ڀاري پٿر بڻجي پوي ٿو، جيڪو کڄي ئي نٿو.
هو يارن دوستارن ۽ ڳوٺ جي ماڻهن سان ملڻ سِلڻ جي
واٽ ڀڃي، سامايل نينگريءَ وانگر گهر جي ديوارن
اندر قيد ٿي ويو هو. هو پنهنجن گهاٽن يارن شاهو
ڊکڻ، عدلو حجم ۽ ڦتو لوهر جي دکاڻن تي ٿيندڙ
ڪچهرين مان به گسائڻ لڳو. ان اوچتي تبديليءَ تي
ڳوٺ ۾ سندس باري ۾ ڀانت ڀانت جون ڳالهيون ۽ ڇڙواڳ
تبصرا ٿيڻ لڳا. واتوڙي ۽ منهن ڦاڙ ماڻهو ته هٿ
ٺوڪيا قصا ۽ ڪهاڻيون گهڙي مرچن مسالن سان ڪهرين ۾
بيان ڪرڻ لڳا هئا. سندس زندگيءَ جي ڪتاب جي ان باب
کي ڪو وقت ته ماڻهن وراڻا ڏئي پئي پڙهيو ۽ پوءِ ڪڪ
ٿي ٺپي ڇڏيو.
ٽاڪ منجهند هئي. ڪڻڪن جي لابارن جا ڏهاڙا هئا.
ڌرتي کورو ٿي وئي هئي. لُڪَ ۽ جهولن جي جهڙپ ماحول
کي ڪوساڻ جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو. سج جي تنور ۾
ڌرتي مانيءَ وانگر پچي سوڪ ٿي رهي هئي. ڪانءُ جي
اک پئي نڪتي. ڦتو لوهر جي دکاڻ تي ڏاٽا ٺپائيندڙ
آهتين کان سواءِ ڳوٺ جا پڪا پوڙها ۽ نوجوان پٽ تي
وڇايل ڳوڻين ۽ منجين تي ويٺل هئا. ٻرندڙ ٻيلي جهڙي
جهولي جي مڇريل هوا دکاڻ جي سرن جي ڀٿين سان
ٽڪرائجي ڪوساڻ ماري وٿين مان اندر پئي آئي. ڪچهري
متل هئي. ڳالهه جي پيٽ مان ڳالهه نڪري ڪچهريءَ جو
ڪانٽو اچي چاچي لالڻ تي اٽڪي پيو هو. ڦتو لوهر اڱر
باهه ۾ وڌا ۽ ڳوڻ جي ٽڪري سان سنڌاڻ کي اُگهندي
چيو:
”هائو …… يار ……! مڙس ته ماکيءَ لار آهي، پر
مايوسيءَ جي مَم گوڏا چَٽي وئي اٿس.“
”ابا…! لکئي جا ليک آهن. ريجهي ٿو ته اڇن مٿن
واريون به پُٽ پيون ڄڻين.“ چاچي دينل وراڻيو.
”ادا…! پٽ مٽيءَ جا به ڀلا. اولاد کان سواءِ به
ماڻهو آهي ڄڻ بُنڊ جو بُنڊ.“ پيرل ڳالهايو.
”مٺا…! رنگيءَ جا به رنگ آهن! ڪٿي ته اولاد ٿيلهجي
پيو ۽ ڪنهن کي لپ مٽيءَ لاءِ به سِڪائي پيو ماري.“
خميسي سُر جهلايو.
”بس… يار …! بيوس اُٺن بار ڇڏيا. رهي کهي اميد
هئس، ان تي به ڊاڪٽرن پاڻي ڦيري ڇڏيس.“ ڪرڙ ڪوريءَ
وراڻيو.
”ابا…! ماڻهوءَ ول ڊگهي آهي. ماڻهو جو دم جيئي، بي
همٿو ٿي آس نه لاهي. دوا جا در ڀلي بند ٿين، پر
دعا جا در ته سرير ۾ اٽڪيل آخري ساهه تائين بند نه
ٿيندا آهن. ڊاڪٽرن جا لادوا ڪيل کوڙ بيمار، دعائن
سان نَوبنا ٿيندي ڏٺا اٿئون.“ چاچي دينل ورندي
ڏني.
”چاچا …! ڳالهه ڀلي … پر دعا جو ڪهڙو در آهي، جيڪو
نه ڀيٽيو اٿس. باسن جون ڳنڍيون ٻڌي ٻڌي چپٽيون سور
ڪرڻ لڳيون اٿس.“ پيرل ڳالهايو.
”ابا…! هر ڳالهه امر جي محتاج آهي. هر ڪم پنهنجي
مُداءَ تي ئي ٿيڻو آهي، پوءِ ڪڏهن هٿان ته ڪڏهن
مٿان! هونئن به اوندهه کي پاراتا ڏيڻ ان چڱو آهي
ته سوجهري سان اوندهه کي تڙجي.“ چاچي دينل وراڻيو.
”ادا…! جيڪو واءُ لڳي، ان کي سامهون ٿجي. مرد جو
ڪم آهي ته مايوسين جي ڦلهيار مان به زندگيءَ جي ڪا
چڻنگ ڳولي وٺي. لالڻ وانگر صفا تار کان نڪتل ماڻهو
به ڪونه ٿو ٺهي!“ ڦٿو لوهر چيو.
ڪرڙ ڪوريءَ جي ڌيان ڇڪائڻ تي ويٺلن جون نگاهون ڳوٺ
جي ٽِه – واٽي ڏانهن کڄي ويون. سڀ حيرت مان اکيون
ڦاڙي سالڻ موچيءَ کي ڏسي رهيا هئا، جيڪو ڀلي گهوڙي
وانگر مينهن واچ ڪندو واڪيندو پئي آيو.
”خدا خير ڪري … چنڊي جي وِک خير ناهي،“ چاچي دينل
ڳڻتي ظاهر ڪئي.
”همراهه جو پير پَٽ تي کپي ئي نٿو. ڌڻي منهنجا …!
تون خير ڪجانءِ…! نورل ڳالهايو.
سالڻ سهڪندو دکاڻ ۾ داخل ٿيو ۽ سِرَ هيٺان ڏئي،
مَنهه جي ٿوڻيءَ کي ٽيڪ ڏئي ويٺو. پوتڙو مٿي تان
لاهي منهن تان پگهر اُگهڻ لڳو. موالي مڙس هو، ڇُو
هي هلڻ ڪري اُڀساهي وڍي وئي هوس. ويٺلن جون نگاهون
هن ۾ کتل هيون ۽ حيرت مان اکيون ڦاڙي ڏٺائونس پئي.
ڦتو لوهر چمٽي سان ڏاٽا باهه ۾ وڌا ۽ ٽنگن کي
ويڙهيل ڳوڻ جي ٽپڙي لاهي ٽنگون ڊگهيريندي چيو.
”سالڻ …! ڏي حوال … خير ته آهي؟“
سالڻ ڪابه ورندي نه ڏني، رڳو هٿ جي اشاري سان کيس
ترسڻ لاءِ چيو ۽ ٻئي هٿ گوڏن تي رکي اکڙيل ساهه
جائيتا ڪرڻ لڳو. رکي رکي بلان واريون ڦوڪون به
ڏنائين پئي. ساهه سُڌير ٿيس ته سڌو ٿي ويٺو. ڀرسان
رکيل دلي مان ٺڪر جي کنجيءَ ۾ پاڻي اوتي ٽن ساهين
۾ پيتائين ۽ ويٺلن جي اتاولن چهرن تي تکي نظر وجهي
اونهو ساهه کڻي چيائين:
”ڪجهه ٻُڌو ته اَٿوَ…؟“
سمورن وائڙن وانگر کيس ڏٺو ۽ گڏيل آواز ۾ وراڻيو.
”نڪو ……! ڇا ٿيو آهي…؟“
”ابا … ڏيو منهن …! وڏو جهان لڳو پيو آهي.“ هن مام
۾ ڳالهايو.
”پر … نيٺ به …! اسين به ته ٻُڌون…!“ ڦتو لوهر
وراڻيو.
”سائين … قصو واهه گروءَ کان چڙهيل آهي …!“ هن
اينگهه ڪئي. چاچو دينل جنهن گهڻي دير مٿس ڪٽڪيون
پئي کاڌيون، سجيهه ڦوڪيل ڦوڪڻي وانگر ڦاٽي پيو. هن
ڪاڀ کولي ڪاوڙ مان کيس گهروڙي ڀونڊو ڏيندي چيو.
”اڙي … ٿُڪن جا پها ٻڌئين …! هاڻي ڀونڪندين به سهي
يا …؟“
سالڻ هيڊا ڏند ڪڍي ڦڪائيءَ واري کل کلندي ڳالهائڻ
لڳو:
”گلڻ مرهيات جي ڌيءَ آهي نه ڀاڳان … ! ان ماسي بل
هٿان چاچي لالڻ کي چوائي مڪو آهي ته ’هوءَ ساڻس
شاديءَ لاءِ تيار آهي.‘ ماسي بچل ته ايتري تائين
به چيو اٿس ۽ سينڌ به ڏني اٿس ته ’ڌيءَ پٽ خدا جي
وس آهي، باقي ٻن سالن ۾ ڀاڳان جي پيٽان اولاد نه
ٿيو ته منهنجي سينڌ آهي. جيڪا چور جي سزا سا
منهنجي …!“
همراهن جا ٺپ ٺري ويا. تپرس ۾ ويڙهجي سوال جهڙين
نگاهن سان هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا. ڪا مهل سوچن ۾ گم
رهڻ کان پوءِ ڪرڙ ڪوريءَ ماٺ کي ٽوڙيو:
”نينگري ته ڏنيل آهي، جنهن جو جواڻ جماڻ مڙس دُرو
شاديءَ کان مهينو پوءِ گذاري ويو هو.“
”توبهن ڪبي…! ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي. رونون به
مڊمن وانگر گهريو پيون مڙس وٺن.“ خميسي ڳالهايو.
”بکن ۾ کل رڱائڻ کان وئي اٿس، سو کل سائي ڪرڻ لاءِ
جهٽ پئي هڻي.“ پيرل ڳالهايو.
”ابا …! شراع ۾ شرم ڪونهي. ويچاري غريب ۽ ڏکويل
آهي. ماءُ کان سواءِ ڪو اوهي واهي ڪونه اٿس. جواڻ
جماڻ آهي، جي گهري مٿي ڇانءَ ڪيائين ته ڪهڙي اربعا
خطا ٿي پئي!“ چاچي دينل ورندي ڏني.
”چاچا …! ڏائڻ اٿئي ڏائڻ …! ڪڏن جهڙي مڙس کي
ڳڙڪائي وئي.“ سالڻ موچيءَ ڳالهايو.
”اڙي…! تنهنجي جو زال مري وئي، پوءِ تون به ته
آدمخور ٿئين نه …؟“ نورل ڇنڊ پٽيندي وراڻيس.
”پيرن فقيرن ۽ وڏن ڊاڪٽرن کان ڳالهه چڙهي وئي،
باقي هيءَ سوکڙي مٿان لٿي آهي، جيڪا چاچي لالڻ کي
پُٽ ڄڻي ڏيندي.“ ڪرڙ ڪوريءَ منهن کي موڙو ڏيندي
چيو.
”ابا …! پنهنجين ڄاين وارا آهيو. پرائي ڄائيءَ
لاءِ ائين نه چئجي. پنهنجي پُٺ ورائي ڪنهن به ڪانه
ڏٺي آهي. حق گهريو اٿس، ڪو چگهه ته ڪونه ڪيو اٿس؟
نڪو ڪنهن سان ڀڄي نڪتي آهي، جو سڀني جي واتان گڦ
پئي ڳڙي!“ چاچي دينل جو لهجو سخت هو.
”ٻيلي …! خدا سان ڪم پوندو. نينگري غريب سو آهي،
پر آهي همت ڀري ۽ ماڻهپي واري…! نورل ڳالهايو.
”ابا …! غريبيءَ ۾ سو عيب آهن. ڪنهن غريب مان وڏون
ڪڍڻ ته سولو ڪم آهي، پر ڪنهن ڏکويل تي هٿن جي
ڇانءَ ۽ همدردي ڪرڻ کان سڀني کي ٻَرو ٿو چڙهي. مڙس
مُئي کان پوءِ ويچاري بکن، ڏکن ۽ بيمارين ۾ ماءُ
سان گڏ حياتيءَ جا ڏينهن پئي گهاري. ڳوٺ وارن ڪڏهن
ٻه پير ڀري سندس سار به لڌي آهي ته ’مُئي يا بچي؟‘
ڪڏهن ڪنهن کيس اَن جي پاٽي به ڏياري موڪلي آهي، جو
وڏا پڳڙ ٻڌي عيب ڪڍڻ ويٺا آهيو؟“ چاچي دينل سڀني
کي ڇنڊ پٽيندي چيو.
سڀ ماٺ ٿي ويا. ڪنڌ هيٺ جو ڪيائون ته ڄن ڪنڌ تي
ڳري پڃري رکي ڇڏي هونِ. ڦتو لوهر سوچن جي اوٽارن
مان ڪنڌ کڻي ڳالهايو:
”هائو …… پر، ان ڳالهه جي ڪهڙي خاطري آهي ته کيس
چاچي لالڻ مان اولاد به ٿيندو؟“
”مٺا…! آدم جو دم، کنيو نه کنئي جهڙو! پنهنجو ساهه
به پرائو آهي. توکي ڪهڙي خاطري آهي ته هتان جيئرو
جاڳندو گهر به ويندين يا …؟“ نورل ورندي ڏنيس.
”اهو ته ٺيڪ، پر ماسي بچل ڪڏهن کان ڪرامت واري ٿي
آهي، جو ايتري پڪ سان سينڌ جو وچن پئي ڏئي …؟“
خميسي ڳالهايو.
”ابا …! ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ کي سؤڻ ٻولائيندو آهي.
ٻڌو ڪونه اَٿو ته مرڻ واري ماڻهوءَ کي به چاليهه
ڏينهن اڳ پسڻ پوندا آهن. متان ان ۾ به ڌڻيءَ جي ڪا
ڀلائي هجي!“ چاچي دينل وراڻيو.
ڀاڳان، چاچي لالڻ سان شاديءَ جي ڳالهه ڇا ڪئي، ڄڻ
ڪنهن حرڪتي ٻار ککر ۾ کڙو وهائي ڪڍيو هو. لوڪ
سمورو ٻوڪ بڻجي ڦاٽوڙي دهل وانگر وڄڻ لڳو هو. ڄڻي
ڄڻي کي ڳالهين جي اوڳر ورائڻ جي وچڙندڙ بيماري لڳي
وئي هئي. گهر گهر ۾ ڏني نه ورتي ويچاريءَ تي ڦٽ
لعنت جا وسڪارا پئي ٿيا. ڳوٺ جي ڪن ٿورڙن ماڻهن کي
ڇڏي. زالين مڙسين ماڻهن جي ڀاڳان تي اهڙي ته ڪاوڙ
چڙهي هئي جو لاٿي به نه پئي لٿي. ڄڻ ڪبيرو گناهه
ڪيو هئائين، جنهن جي بخشش هئي ئي ڪانه! چي، ’ڇوري
… منهن اگهاڙي …! ڌيجهان رنوٽيءَ جو ليڙو اچي لٿو
آهي …! هانءُ ٿو ڦاٽيس مڙس لاءِ …! مائي …! شرم
ڪونهي، ٻيو سڀڪجهه آهي …!“ ڪي ڏهاڙا ته ڀاڳان ۽
چاچي لالڻ جي شاديءَ جي ڳالهه کينهوڙي وانگر گهرن
کان اوطاقن ۽ دکاڻن کان هٽن تائين ٿيلهبي رهي. ان
سنسني واري ناٽڪ جو مرڪزي ڪردار ماسي بچل، گشتي
شادي دفتر وانگر سڻائو ماحول جوڙڻلاءِ سارو ڏينهن
هن گهر کان هُن گهر تائين جتيون گسائيندي رهي.
سندس ڪوششن نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيو. چاچو لالڻ پهرين
ته اُٺَ پير ٺاهي بيٺو، پر مٽن مائٽن جي زور ڀرڻ ۽
پڳ مَٽ يارن چاچي دينل، ڦتو لوهر ۽ ٻين جي سمجهائڻ
تي ڪنڌ ڪڍائي نه سگهيو.
”ابا …! ماڻهوءَ ماڻهوءَ جو ڀاڳُ آهي. مَن اڇي مٿي
۾ راڻو ريجهي پوي ۽ ڀاڳان جي لکئي مان ڪا پيڙهيءَ
جي تند ٿي پوي …!“ چاچي دينل سمجهاڻي ڏيندي چيس.
ڀاڳان جي ڳڻتي ڏينهون ڏينهن وئي پئي وڌندي. ڳالهين
ڳالهين ۾ شاديءَ کي سال اچي ٿيو هو، پر سندس ڪُک
سائي نه ٿي هئي. ٿئي به ڪيئن؟ ٻني ته نهور هئي پر
ٻج ۾ ڦوٽهڙي جي صلاحيت نه هجي ته …! ماسي بچل به
حيلا هلائي ڇڏيا هئا، پر ٻنهي جون دعائون اگهامڻ
بدران عرش ۾ اٽڪي پيون هيون. وينڍن جي مُنڌل چڳن
جهڙيون سوچون ورائي ويون هونِ. ڀاڳان کي پاڻ تي
جَڪ پئي آيا. ماسي بچل جي چاڙهن ۽ پٻين تي هوءَ
وڏو فيصلو ڪري ته ويٺي هئي، پر لوڪ جي طعنن تنڪن
جي ايندڙ طوفان جو سوچي پنهنجي پگهر ۾ ٻڏي ٿي وئي.
ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاٿل ننڍڙي جيت وانگر کيس ٻاهر
نڪرڻ جو ڪوبه ڳٿو نظر نه پئي آيو. ماسي بچل کي به
پڪ ٿي وئي هئي ته ڊاڪٽرن جي ڳالهه سچي هئي. ڦير
ڦودني ۾ نه هو پر وٽ کوٽا هئا، پر هوءَ به آڻ مڃڻ
واري نه هئي. هوءَ سينڌ جي وچن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ
آزمائش جي هر اوڙاهه کي اورانگهڻ لاءِ پاڻ کي تيار
ڪرڻ لڳي. ڪجهه ڏينهن ۾ ئي هن سوچن جي ڌٻڻ مان پاڻ
کي ٻاهر ڪڍي ورتو هو. سندس چهرو آٺريل پاڻيءَ
وانگر پرسڪون هو. کيس مُنڌل سٽ جي ڦوري جو سرو هٿ
لڳي ويو هو. کيس ڀاڳان کي اولاد ٿيڻ جو رات کان
پوءِ ڏينهن ٿيڻ جيترو يقين ٿي ويو هو. ڳوٺ وارن
جون اکيون ڀاڳان ۾ هيون. ٻڏتر جي شڪار ڳوٺاڻن کي
رڳو ان ڳالهه جو انتظار هو ته ’ڊاڪٽرن جو چيو سچ
ٿو ٿئي يا ماسي بچل جي ڏنل سينڌ ۽ ويساهه ٿو کَٽي
…!‘
رات دير سان جڏهن ڳوٺ جا ماڻهو ننڊ جي ڀاڪرن ۾
هئا. چنڊ جي اٺاويهين رات ماحول جي پڌر تي
وانداهيءَ جا تنبو کوڙي ڇڏيا هئا. رات لڙي چڪي
هئي. اُڀ تي ٽم ٽم ڪندڙ تارا ڳاهه تان موٽندڙ
ڪڙمين وانگر ٿڪل ٽٽل پئي لڳا. گهرن جي اوڏڪين ڀتين
۽ وڻن جي ڏارن تي پنڪيون کائيندڙ غير سرڪاري ٻانگا
آرس ڀڃي اُٿيا هئا ۽ اُڀ مان وسندڙ ماڪ مان وضو ڪر
يوڏي اسر جو اعان ڪري رهيا هئا. ٿڌا مٺا سيءَ هئا.
ماڻهو گهرن جي اڱڻن تي ماڪ ۽ مڇرن کان بچڻ لاءِ
رليون تاڻي ستل هئا. چاچي لالڻ جي گهر جي پُٺ کان
ايندڙ گدڙ جي اونائيءَ جهڙي آواز تي ماسي بچل ڇرڪ
ڀري کٽ تان اُٿي. هن ساهه جهلي پڌر تي ستل گهر
ڀاتين تي نظر وڌي ۽ اطمينان ٿيڻ کان پوءِ پيرُ پير
۾ ڏئي ننڊ ۾ ستل ڀاڳان کي ٻانهن مان وٺي هلڪو لوڏو
ڏئي سجاڳ ڪيو. ٻئي ڄڻيون اجرڪون اوڍي گهر جي پُٺ
ڏانهن وڃڻ لڳيون. پريان گدڙن جي اوناين جي آواز
پئي آيا. هو گهر جي پُٺ جو وڏو ميدان اُڪري مڙسان
تار لوڙهي جي ڀرسان وڏي ڪالر وٽ بيهي رهيون. هڪ
قداور پاڇولو جيڪو گگه اوندهه ۾ مس ڏسڻ ۾ ٿي آيو.
لوڙهي تي پاڃاري رکي، لوڙهو ٽپي، هوريان هوريان
هنن ڏانهن وڌڻ لڳو. ٽن پاڇولن مان ٻه پاڇولا پاڻ ۾
مليا ۽ گهاٽي ڪالر ۾ گم ٿي ويا. |