مير عبدالرسول ”مير“
ڀيڙو ڀنڀراڪو (وايون)
دنيا مون کي راس،
آئي ناهي، نيٺ ته ايندي.
جنهن جو اوسيئڙو اٿم، جنهن لئه جيءُ اُداس،
آئي ناهي، نيٺ ته ايندي.
ايندي بوءِ بهار جي، ناهي نينهن نراس،
آئي ناهي، نيٺ ته ايندي.
آزادي انسان جي، آهي مون احساس،
آئي ناهي، نيٺ ته ايندي.
سوچ سندم ساڻيهه کي، واسي ڏيندي واس،
آئي ناهي، نيٺ ته ايندي.
سُرت سموري سنڌ کي وڌي ٿو وشواس،
آئي ناهي، نيٺ ته ايندي.
•
پرهه پنهنجا پَر پکيڙيا،
ڏينهن ٿي ويو، رات وئي.
جيئن ئي تو وار ويڙهيا،
ڏينهن ٿي ويو، رات وئي.
جنڊ جو آلاپ ڇيڙيا،
ڏينهن ٿي ويو، رات وئي.
ٻير ٻارن جهول ميڙيا،
ڏينهن ٿي ويو، رات وئي.
کيت کاهوڙين جو کيڙيا،
ڏينهن ٿي ويو، رات وئي.
سنگ ڪنهن سونا سهيڙيا،
ڏينهن ٿي ويو، رات وئي.
•
ڀيڙو ڀنڀراڪو،
اونداهي اڌ رات وئي.
اچي آزاديءَ سندو،
وڻ وڻ مان واڪو،
ڀيڙو ڀنڀراڪو،
اونداهي اڌ رات وئي.
اڄ به آهي اڳ جيان،
ڌارين تي ڌاڪو،
ڀيڙو ڀنڀراڪو،
اونداهي اڌ رات وئي.
لڳي ويندو واهه جو،
ٽُٽيءَ کي ٽاڪو،
ڀيڙو ڀنڀراڪو،
اونداهي اڌ رات وئي.
جاٿي ڪاٿي مون ڏٺو،
ماڻهن – ميڙاڪو!
ڀيڙو ڀنڀراڪو،
اونداهي اڌ رات وئي.
اٿم آجياپي سندو،
اُڻتڻ اولاڪو!
ڀيڙو ڀنڀراڪو،
اونداهي اڌ رات وئي.
ڪَهي پُڄبو ڪيچ کي،
ڏونگر هڪ ڏاڪو!
ڀيڙو ڀنڀراڪو،
اونداهي اڌ رات وئي.
مون سين اُسري ماڳ ڏي،
ڀائو، آهي ڪو،
ڀيڙو ڀنڀراڪو،
اونداهي اڌ رات وئي.
نصير مرزا
ڪٿي آهين او …
ويراني ۾
واٽَ سُجهي ٿي
ڪانه مون کي ڪا يار!
تيز هوا
ٻيو تنهائي
ٽيون دلبر دل کان ڌار.
ڪيڏي گُگهه
اُونداهي چوڏس
تارا آر نه پار.
ڪيڏا سَڏَ ڪيا مون هُن کي
ڪونه ٻُڌا پرَيار.
بادل ٿورو
بيهه گهڙي کن
روئون گڏجي يار.
ڪٿي آهين او
سيوهڻ وارا
سارَ اچي لهه سار!
•
ماءُ جو پورٽريٽ
جهُوني ڪنهن بَڙ جي وڻ جان
سَريرُ آهي
ماءُ مِٺيءَ جو،
بيوهه اکيون
جنهن جون ڄڻ ٻه،
صدين کان
ڪنهن ڀڙڀانگ
حويليءَ جي
دَر – جاري ۾
ٻرندڙ ديپ!
اُجڙيل سينڌ!
پئاسي ڌرتيءَ
جهڙا ڦٽل
سيرون سيرون
هيڊا چپ
جن ۾ ڪوئي، رنگ نه واس.
بن چوڙين جي
ٻُٽيون ٻانهون
ڄڻ سنسان
جزيري ڏي
ويندڙ راهون.
اَڻڀن اڻڀن
وارن جو
ويڙهوٽو
ڄڻ چانديءَ جي
تارن جو.
پنڇيءَ بن
خالي آکيرو.
سدا ملوڪ
وڻندڙ چهرو
هاڻي آ ڄڻ
ننڍي کنڊ جو
ڦاٽل نقشو!
[لکيل 1974]
نصير مرزا
Walk
تان موٽندي
•
پري پري تائين
خالي رستا
مان ۽ شام.
ڊگهن وڻن جا
پاڇولا …
مان ۽ شام.
نيل – گگن تي
پنڇي پيارا
مان ۽ شام
ڦولَ مِٽيءَ تي
تارا تارا
مان ۽ شام.
ٿر – ياترا
•
چوڌاري ها ٿوهر
وچ ۾ جهونو گوڙي مندر
ڪجهه سماڌيون
اُونداهيءَ ۾
تارا تارا انبر
انتر يامِي
ٻائي هڪڙي
پُوڄي پئي ڪا مورت!
مَنت ڀاسي
مان به اُتيئي
ڀت – جاري ۾
ڏيئو ٻاري آيس.
چار هزار
پراڻي ٿر جي
مندر اندر
رات اُجاري آيس!
منزل
•
ڪُنڍي ڪليُن ۾،
آ - ڄار منزل.
دُکيل آ سگريٽ،
ڇارُ منزل.
نه گهوٽ خواهش،
نه ڪنوار منزل.
فقط اوهان جي،
نهار منزل.
نه جيت چاهيان،
نه هار منزل.
آ سِر اَڏيءَ تي،
ترار منزل.
اسحاق سميجو
تو کان سواءِ!
هر آس اُڃي منهنجي
هر رات سُڃي منهنجي
ناهين ته ائين آهي!
خوابن ۾ چُڀِن ڪاوا
نيڻن ۾ ٻرن لاوا
ناهين ته ائين آهي!
سنسُان گهٽي گهرجي
وئي وَلِ سُڪي درجي
ناهين ته ائين آهي!
ٿي آڳَ ٻران ڪڏهين
ٿيان رَک، ٺران تڏهين
ناهين ته ائين آهي!
ڪا ريک ڪجل ساري
ڪو پاڻ پيو ڳاري
ناهين ته ائين آهي!
هر بات ٺٺولي ٿي
برسات ٺٺولي ٿي
ناهين ته ائين آهي!
هڪ هار کلي مون تي
ديوار کلي مون تي
ناهين ته ائين آهي!
ڪو زخم اُٿيل آهيان
ڪو هَڏُ ڀڳل آهيان
ناهين ته ائين آهي!
هڪ نانءُ چپن ۾ آ
هي هانءُ هٿن ۾ آ
ناهين ته ائين آهي!
سا ڇانو نه ٽالهين ۾
سا ڳالهه نه ڳالهين ۾
ناهين ته ائين آهي!
هر داءُ اٿم هاريو
خود کي به لڳان ڌاريو
ناهين ته ائين آهي!
غزل
پنهنجيءَ ذات ۾ ميلا ٻئي،
آهيون پوءِ به اڪيلا ٻئي.
وچ ۾ ڪانهي ڪابه ندي،
رِڻ ۾ بيٺل ٻيلا ٻئي.
لهندو سج وڇوڙي جو،
ٻکجي ويندا ويلا ٻئي.
ننڊ وٺي وئي ڳالهين ۾،
جاڳياسين مُنهن- ڀيلا ٻئي.
لوڻياٺو سر روڳ ’اسحاق‘،
ڳرندا نيٺ ڳهيلا ٻئي.
طارق عالم
غزل
راند روند ۾، ٻار جو بال، ويو گُم ٿي،
ٻاروتڻ جو هڪڙو سال، ويو گُم ٿي.
شهر ۾ آيل، سنڌي ٻار جي ٻوليءَ مان،
هارونن جي گوڙ ۾ ڏال*
ويو گُم ٿي.
موهن ’ماضي‘، ’مستقبل‘، درياءُ بڻيو،
مينهن اوسيئڙي ۾ ’حال‘ ويو گُم ٿي.
وسريل گهر جي، دروازي تان آخر ۾…
ڳريل سَڙيل، گهوڙي جو نال، ويو گُم ٿي.
سال اڳي، ديوار مٿان، دِل لکيو هوم،
تيز لُڪن ۾، دل جو دال**،
ويو گُم ٿي.
هُوءَ هلي وئي، رستا وڇڙيا، نيڻ ڀِنا،
هوريان هوريان، ماه ۽ سال، ويو گُم ٿي.
غزل
شهر هوندي ڄڻ ته بَرَ ۾ آهيان،
گهور انڌيارو سفر ۾ آهِيان.
آرسيءَ ۾ عڪس ڌنڌلو ٿي ويو،
يا خدا، هي ڪهڙي گهر ۾ آهِيان.
ڳوٺ منهنجو هو، مگر ناهي رهيو،
اجنبي ڳلين جي وَرَ ۾ آهِيان.
ڀِٽَ تي تاري جي ڀرسان ڪير آ؟
بارشن کان پوءِ ٿَر ۾ آهِيان.
چار ڪمرا، نم جو وڻ، خالي اڱڻ،
مان اڪيلو پنهنجي گهر ۾ آهِيان.
سنڌ يونيورسٽي
سنڌ يُونيورَسٽي سنڌ يُونيورَسٽي،
او- سکيءَ جيان سندم، سنڌ يونيورَسٽي.
تنهنجي پيچرن مٿان، مان جي ميتَ پارِئيا،
چنڊ راتڙيون رُلي، جن لئه گيت ڳائيا،
سي وڇوڙي مُند ڏس، ڪيئن اڄ اُڏائِيا.
جي به خواب پوکيم، رات جي زمين ۾،
سي اَڃا کِڙيا نه ها، ڪنهن ٻَڌل ربين ۾،
تنهن کان اڳ ٽنگي ڇڏيئي يقين بي يقين ۾.
مان ته اَڄُ وڃان پيو، تنهنجا در دَريون چُمي،
وک وک ياد کي، ايئن کڻان پيو نمي،
تيز مينهن ۾ پوي، جيئن جهوپڙي جهمي.
تنهنجي شام لام تي مان به ڪو پکي هيس،
*
مرتضيٰ جي ڳوٺ جو ڄڻ جبل لڪي هيس،
جاڳ ۾ لڌل ڪوئي، خواب او سکي هيس.
تون سندم چُميءَ سندو آخري سرور آن،
تون سندم ونيءَ سندي سينڌ جو سندرو آن.
مان هجان ڪٿي به پر، تون نه مون کان ڏور آن.
او سکيءَ جيان سندم، سنڌ يونيورسٽي،
سنڌ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي.
انيتا شاهه
روشنين جي لهر
هُو روشنين جي لهر ۾
ڳاڙهين سِرُن جي شهر ۾
ايئن اوچتو توسان مِلڻ
ڄڻ وقت جو رُڪجي وڃڻ
سي خواب سارا سچ ٿيا
جي تو ۽ مون گڏجي ڏٺا
يا خواب جي هئي ابتدا
پر پاڻ سمجهيو سَچ هيو؟
- چانڊوڪيون چؤواٽڙين جي
روح ۾ رلنديون رهيون
۽ پاڻ ٻئي پياسا پکي
ايئن ملياسين اوچتو …
هِن حياتيءَ جي پٿر
ٻيهر ٿيڻ کان اڳ ۾
پاڻ ٻئي گڏجي ٽڙياسين
موتئي مکڙين جيان
گجرن گلابن جي ڏٺا
وڻڪار ۽ رستن ڏٺا
منهنجو ڪڏهن سُڏڪا ڀرڻ
۽ تنهنجي نيڻن مان سدائين
پيار جو ڇُلڪي پوڻ
سي خواب سارا سچ ٿيا
جي تو ۽ مون گڏجي ڏٺا.
سا سونهن جي درياهه ۾
گڏجي لهڻ جي چاهنا
هو بارشن ۾ گڏ گهمڻ
۽ تنهنجو منهنجو پيار مان
ٻارن جيان روئي پوڻ
۽ هُو نئين هڪ گرهه تي
بي گهر هجڻ ڪيڏو وڻڻ
هُو وقت جي واسينگ جو
هر وقت بي وقتو ڏنگڻ
هُو شام ويلي ڪوَيلون
۽ سج جو اُلهي وڃڻ
هُو روشنين جي لهر ۾
ڳارهين سِرُن جي شهر ۾
سُنسان راهن جي مٿان
وڻڪار ڀرسان گذرندي
ايئن حسرتون پوريون ٿيڻ
۽ ميڻ بتين جي مٿان
نيڻ ٻن مان چار ٿيڻ
پاڻ سمجهيو سچ هيو
پر خواب جي هئي ابتدا
- سي وڻ هُيا واٽون هُيون
سيارو هُيو پارو هُيو
۽ پاڻ ٻئي گڏجي ٺرياسين
ڏاڪڻين جي جيءَ ۾
هيٺان وڻن جي سيءَ ۾
۽ زندگيءَ جي ويس پاتل
سا چاندني وڻندي هئي
هوءَ روشني وڻندي هئي
جا پاڻ کي ڏسندي هئي
۽ پاڻ سمجهيو سچ هيو
جا خواب جي هئي ابتدا.
مان ڪيئن وساريان
خواب جهڙو وقت سو
تون ئي چئو …؟
جو پاڻ سمجهيو سچ هيو
پر خواب جي هئي ابتدا …
پر خواب جي هئي ابتدا …
وسيم سومرو
ڌراڙ پئي ڳاتو!
(هائيڪو)
ان کي ڇا چئجي؟
آهي وَلِ ڍڪي ڇڏيو-
گندي پاڻيءَ کي!
ڏٺم پيار منجهان،
ها پر ڪهڙي وَلِ هئي-
ڪنيءَ کڏ مٿان!
سامونڊي پاڻي،
ڇا ڪو ٻُڌندو لاڙ جي-
ٻُڏندڙ ڪهاڻي!
ڪهڙا وَڻَ هئا،
هو جي تارن جا منجهن-
ويندڙ ڌَڻَ هئا!
گذري ڪنڊن تان،
ڪيئي پوپٽ پنڌ ۾-
ڇڏي آيس مان!
چارڻ جو ”سُرندو“،
هيلوڪي اتهاس ۾-
ڪنهن کان سِر گهُرندو!
ٿيندو ڇا سوچيو؟
بُک به ڪوئي بم آ-
ها پر جي ڦاٽو!
ماني رُکيءَ تي،
کائي، هاريءَ پئي ڏٺو-
سورج مُکيءَ تي!
ٽُٽل ساٿ سڏي،
آهي گذري ريل وئي-
پويان ڌُوڙ ڇڏي!
ڌراڙ پئي ڳاتو،
پريان ٻڪريءَ کي پِئي-
ڇيلڙي ڌاتو!
ڇا جو سانگُ هيو،
هو جو آلي گاهه تان-
گذري نانگ ويو!
توکي ساريو مون،
انبن ساڻ جهُڪي پيون-
ٽاريون انبن جون!
پنهنجا ٻچڙا سار،
طوطي کي زيتون تان-
مالهي ڪيئن اُڏار!
پنهنجا ڀِنل انگ،
سرتين پاڻيءَ ۾ ڏسي-
ساريا مورن رنگ!
مُرڪيو مُهاڻي،
پيئي گهاگهر ۾ ڀري-
چانديءَ جو پاڻي!
ٻرندس اُلا اُلا،
پر پوءِ پنهنجي پيار ۾-
ٽِڙندس ڦُلا ڦُلا!
تو مُرڪيو راڻا،
منهنجي پوتي ٿي وئي-
ڏاڙهونءَ جا داڻا!
دروازو پُوري،
اکيون ميڙي ڇوڪري-
ڪنهن کي پئي گهوري!
ذهن آ سوالي،
اڄ هوءَ سامهون ڪانه آ-
ڪُرسي آ خالي!
عزيز ڪنگراڻي
غزل
درد لڳي ٿو جَر جهڙو،
روح ڪکائين گهر جهڙو.
هڪڙي مُرڪ ته بُوند برابر،
من آ ڪاڇي ٿر جهڙو.
تنهنجو گهر ۽ پاڙو مون کي،
پيارو پنهنجي تَر جهڙو.
من جي سِپ ۾ سپنو موتي،
اُجرو سنڌوءَ جَر جهڙو.
سنڌ تي کڄندڙ هِت آ لڳندو،
ڪاريهر جي ڪَر جهڙو.
دشمن جي بندوق به چُهنڊي،
دوست جو ڪَکُ به خنجر جهڙو.
تاريخ چيم ڪنهن ڏاڍ سَٺو؟
آهي تنهنجيءَ ڌَر جهڙو!
ڏات ڏيي جي جوت پئي جلندي،
وقت اچي ڀل اوٿر جهڙو.
توئي ’عزيز‘ بَهاريو آهي،
منهنجو جيون بَر جهڙو.
بخشل باغي
موسمون ڪيڏيون مَٽيون ۽
ڪيترا سورج لَٿا-
درد جي ساڳي ڪَٿا.
دل جي تهه خاني ۾ آهن،
يادگيرين جا سَٿا-
درد جي ساڳي ڪَٿا.
اڄ به اُکري لال ساڳي،
هيٺ مُهرين جي مَٿا-
درد جي ساڳي ڪَٿا.
بادلن وانگر چڙهن ٿا،
هيڪلائن جا جٿا-
درد جي ساڳي ڪَٿا.
ٻُڌ ستارن جي زباني،
آسمانن جي ڪَٿا-
درد جي ساڳي ڪَٿا.
پُشپا ولڀ
هڪ ڀيرو ته مُڙي ڏس ……!
ڪناري تي ويهي طوفان جو نظارو ڏس
ڪيڏو سُڪون آهي تنهنجي چهري تي
رُڳو، بس، منهنجي بي وسيءَ ۽ بيتابيءَ جو نظارو
ڏس.
ڪوئي ڪجهه به وڃي
بي معنيٰ بي مطلب ڳالهيون ڪري
ڪجهه سمجهه ۾ اچڻ جهڙيون
ڪجهه سمجهه کان ٻاهر ڳالهيون،
پر پاڻ کي ڇا آهي؟
پنهنجي چهري تي اُهائي خوبصورت مُرڪ پکيڙي ڏس.
سمجهه ۾ اچي نه سگهيو
ڪافي دفعا ڪافي ڳالهين جو مطلب
ڇا پُڇان هر هر …
ڇا چيو … ڇا مطلب …
ڪهڙي ڳالهه
اڳيان اڳيان ڏسندو هل،
قسمت ۾ ڇا آهي لکيل، ڏس.
مون کي خبر آهي ته
شين ۾ ۽ ڳالهين ۾، ڪمن ۾،
منهنجي حصيداري گهٽ ۾ گهٽ آهي
پر وڃڻ کان اڳ ۾
هڪ ڀيرو ته مُڙي ڏس!
|