ڇا آغا سليم، محمد ابراهيم جويو، تاج جويو، انور
پيرزادو، بدر ابڙو يا ٻيا ڪيترائي شاهه لطيف جا
شيدائي ۽ لکڻ وارا، پارکو ڪو جواب ڳولي سگهن ٿا؟
ڇا هينئر شاهه لطيف اهي جيڪو اڄ جي دَور جي ڪنهن
به پارکوءَ جي پرک مان مطمئن هئڻ جي حامي ڀري؟ هن
يار ته پنهنجي سڄي شاعري، شاعراڻين خوبين سميت
تمثيل ڪري ڇو پيش ڪئي؟ هن ڇو نه شيخ اياز وانگر ان
دَور جي نوجوانن لاءِ علي الاعلان چئي ڏنو ته:
ڳاءِ ڳاءِ نوجوان!
جيئن زمين آسمان،
جي کُلي پوي زبان-
چؤنڪ چؤنڪ ڳوٺ ڳوٺ،
شهر شهر اُٿي ڏئي جواب،
انقلاب انقلاب ڳاءِ انقلاب.
انڪري هن ڪتاب جا ٻئي عنوان ’ڪنور پاڙون پاتار ۾‘
۽ ’ناهن جو سفر‘ يا ته آغا سليم ڄاڻي ٻجهي ائين
ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪري، لطيف کي اياز جي فلاسافيءَ
سان ٽڪر ڏيکاريو آهي. جيتوڻيڪ مون کي ايتري پڪ آهي
ته آغا سليم ايترو ڀورڙو به ناهي. جو ڀٽائيءَ جي
فلسفي ۽ شيخ اياز جي فلسفي ۾ فرق کي محسوس ئي نه
ڪري سگهي.
اهڙيءَ طرح ساميءَ جي شاعريءَ ’ادويت‘، ’مايا‘ ۽
’اوديا‘ سان شيخ اياز جي ڀيٽ ڪري، هروڀرو ساميءَ
جي فلاسافيءَ کي ڪمتر ڄاڻائڻ، آغا سليم جهڙي اديب
کي نه ٿو سونهي. خبر ناهي ته آعا سليم جهڙو ڏاهو
ڪهڙين ڳالهين جي مونجهارن ۾ منجهي پيو آهي ۽ رڳو
شيخ اياز جي هڪڙي ڪتاب ’ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري‘ جي به
فقط بيت واري ڀاڱي کي بنياد بڻائي هي ڪتاب لکيو
آهي. ان ڪتاب ۾ ڪجهه جيل جي ڊائري به آهي ۽
شاعراڻيون ٻيون صنفون به آهن، پر انهن کي ڇُهيو به
نه اٿس.
مڃان ٿو ته ’مايا‘ يا دولت وقت جي ضرورت اهي، پر
جنهن لحاظ کان ساميءَ مايا کي ننديو آهي، شيخ اياز
ان جي ابتڙ ڳالهه ڪئي آهي، پر شيخ اياز پاڻ ئي
لکيو آهي ته: ’مڃان ٿو ته پيسو ڪافي مسئلن جو حل
آهي، پر هر مسئلي جو نه. (هي لفظ به جيئن جو تيئن
ناهن.) ’مايا‘ جي موهه، لوڀ ۽ لالچ ته دنيا کي هن
دَور ۾ داخل ڪيو آهي. خود شيخ اياز لکيو هو ته:
”هيءَ صدي رديءَ ۾ ردي صدي آهي.“ اهوئي ’مايا‘ جو
موهه آهي، جنهن افغانستان، عراق، فلسطين ۽ اهڙن
ٻين ملڪن سان ڇا ڇا نه ڪرايو آهي. ٿل ڪئنال ۽
ڪالاباغ به اهڙو ئي مايا جو موهه آهي! سو منهنجا
سائين! ٻولي ۽ سنڌ جي حامي سڄڻن کي ڪجهه ڌيان ۽
گيان کان پوءِ لکڻ کپي، جو هي به نڪتل تير آهي، جو
ڪمان ۾ واپس اچي نه سگهندو.
ستار
روپوش محبت
”زندگي، خواب، خودڪشي“ چندر ڪيسواڻيءَ جي شاعريءَ
جو پهريون مجموعو هو، جيڪو 1998ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو
هو، جنهن ۾ هائيڪو سميت مختلف صنفن تي مشتمل شعر
هئا. سندس نئون شعري مجموعو ”روپوش محبت“ هڪ ئي
صنف نظم (نثري نظمن) تي مشتمل آهي. سندس هڪ نظم جو
عنوان آهي ”خبرن جي رش ۾ ڦاٿل ماڻهو“. اها موجوده
دور جي صورتحال آهي. اڄ جو ماڻهو نه رڳو خبرن جي
رش، پر ڪوڙن سچن اشتهارن ۽ معلوماتن
(Information)
جي به ور چڙهيل آهي. هر شيءِ / لقاءَ تي ڌنڌ چڙهيل
آهي. اعتبار ۽ بي اعتباريءَ جي وچ ۾ فرق
Relative
بڻجي ويو آهي. اِها آهي پوسٽ ماڊرن
(Post Modern)
صورتحال، جنهن جو عڪس / اظهار چندر جي نظمن ۾ ملي
ٿو:
سياستڪار |
وڏي ۽ ويڪري سيڙپ |
چالاڪ واپاري، |
ڪري ٿو. |
جيڪو |
نظريو، آدرش ۽ اُتساهه |
عوام ۾ |
سياست جا |
هنري اوزار آهن |
ڪاغذي ڪيميا گري آهي |
جيڪي |
اسان جو اعتماد |
لفظن جي لچڪ ۽ وڌاءَ کي |
ڇو، اجايو |
واسطيدار بڻائين ٿا |
عمر کان اڳڀرو |
منشور ۽ متا |
رهي ٿو. |
ته، رڳو |
|
وڏن نعرن، وڏين ڪٿائن
(Metanarratives)،
تحڪمانه
(Authoritative)
نظرين
(Ideologies)
لاءِ موهه گهٽجي ويو آهي يا گهٽجندو پيو وڃي:
مذهب |
نظرين جي عجائب گهر ۾ |
ماڻهن جو |
ته پاڻ کي ڳولي ٿڪا آهيون |
تمدني ضرورت تحت |
اسان جا نعرا هاڻي |
پيدا ڪيل |
اسان تي ئي کِلي رهيا آهن |
اختلاف آهي |
۽ اسين |
جيڪو، بنان جواز جي |
گلف جي شيخن جي شوق ۾ |
اسان جي هستيءَ مٿان |
وڪامجندڙن ٻارن جيان |
حاوي رهي ٿو … |
ڪنهن واڪ جا منتظر آهيون |
* * * |
آئيندي کان بي خبر آهيون. |
اُسرندڙ ملڪن جي وڏن شهرن ۾ سرمائيدارانه ثقافت پڻ
اُهي اثر ڇڏيا آهن، جيڪي اُسريل سرمائيدار ملڪن ۾
آهن. وڏن شهرن جي زندهه مشينن جي صورت ۾، ڪايا پلٽ
ٿي چڪي آهي. نتيجي ۾ فرد / ماڻهو به احساس کان
عاري ٿيندو پيو وڃي. فرد جي اها صورتحال تنهائي /
اڪيلائپ واري صورتحال کان بنهه مختلف ۽ وڌيڪ
خطرناڪ آهي:
ماڻهو |
انساني قدر |
رڳو |
بي چيني |
هجوم ته آهي |
۽ فاقا ڪشيءَ |
پر |
جي مَنڊيءَ ۾ |
حواس ڪونهي |
واڪ لاءِ |
زندگي |
رکيا ويا آهن |
رڳو |
ثقافت ۽ تهذيب جي |
ضرورت ته آهي |
پاتال ۾ ڪِري پيل |
پر |
معاشرو |
ويساهه ڪونهي. |
اڻڄاڻائيءَ جي بدصورتيءَ ۾ |
* * * |
گم ٿي ويو آهي. |
اهڙي گهٽنا ۽ ڳنڀير صورتحال جي باوجود ماڻهو پيار
جي رشتن جو قدر ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ محبت جو طلبگار رهي
ٿو:
نيري سمونڊ ۾ |
مان سوچيان ٿو ڇا |
مون مُرڪن جي |
هن ڀيري |
انڊلٺ ڏٺي |
محب تواقعي به باقي رهي سگهندي |
آءٌ کن پل لاءِ |
يا منهنجي دل |
گم ٿي ويس |
وري ڦاٽي پوندي |
رڳو توکي سوچڻ لڳس |
ڪير ٻڌائي؟ |
۽ اُهي سُور |
محبت ڪا ماجرا آهي |
جي اسان کي جدا ڪيو. |
يا هڪ ڀوڳ. |
* * * |
|
دريدا
(Derrida)
سچ چيو آهي ته هر شيءِ جي ڊيڪنسٽرڪشن
(Deconstruction)
ٿي سگهي ٿي، پر دوستي، انصاف ۽ پيار جي ڊيڪنسٽرڪشن
ڪري نٿي سگهجي. دوستي، انصاف ۽ پيار هر طرح جي ڪٿ
۽ ڀڃ ڊاهه کان مٿاهان آهن، جيتوڻيڪ چندر ڪيسواڻي
متضاد خيال به اظهاريو آهي:
مثالي محبت
ماڻهوءَ
جي وس کان ٻاهر
محض افواهه
آهي.
محبت ڀل ماجرا ڇو نه هجي، ڪڏهن ڪڏهن محبت جو ڊرامو
ڀوڳ جو رُوپ به وٺندو آهي. چندر چواڻي:
عشق
ڪو گرامر ڪونهي
نه ئي
جذبن جو ڪو
برٿ سرٽيفڪيٽ
ٿئي ٿو.
پر مثالي محبت (پيار پيار هوندو آهي، مثالي يا غير
مثالي نه هوندو آهي.) تي ويساهه نه ڪرڻ، اُن کي
افواهه سمجهڻ شاعر جي ذهني تضاد کي ظاهر ڪري ٿو.
جڏهن ته هو ٻئي هنڌ پاڻ چوي ٿو:
تون مون کي ايڏي ويجهي آهين
جيڏي اُها هوا،
جنهن ۾ مان ساهه کڻان ٿو.
مون کي ته توکي ڇهڻو به ناهي پوندو،
تنهنجي رس ڀريل محبت کي محسوس ڪرڻ لاءِ
تون ته هتي ئي آهين
هميشہ منهنجي ويجهو
منهنجي دل ۾.
شاعر جا اتفاقي متضاد خيال سندس مختلف حالتن ۽
وقتن جي ڪيفيتن ۽ اُمنگن کي ظاهر ڪن ٿا. ڇو ته
جديد نفسيات جي جاچنا موجب
Personality
(شخصيت) لاطيني لفظ
Persona
مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ ٿيندي ماسڪ / نقاب.
انساني ماسڪ جو پهريون يا مٿاهون تهه / حصو شعور
(Consciousness)
آهي، جنهن جي هيٺان پر شعور کان بلڪل ڪٽيل نه،
لاشعور
(Unconscious)
وجود رکي ٿو. فرائيڊ چواڻي ماڻهن جي وچ ۾ اصل
لاڳاپا (نفسياتي سطح تي) لاشعور ۾ جُڙن ٿا. تخليقي
عمل کي لاشعوري عمل کان ڌار ڪري نٿو سگهجي.
ماڻهوءَ جا متضاد خيال ۽ جذبا ۽ رويا پڻ ان ڳجهه
واري عمل جو حصو آهن، جنهن تي اڪثر حالتن ۾ شعور
جو ڪوبه عمل دخل ڪونه هوندو آهي. شاعر يا اديب جي
تخليقي عمل کي بيان ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ جي
ضرورت آهي، جنهن جي هتي گنجائش بنهه ڪانهي. البت
مارس بلانشو
(Maurice Blanchot) جي ان نڪتي تي اڪتفا ڪبي ته ”ڪلنهن به تخليقي متن
(Text)
جا ٻه حصا هوندا آهن. هڪ حصو جيڪو اسان جي ثقافت
سان لاڳاپيل هوندو آهي، ان جي تشريح ته ڪري سگهجي
ٿي، پر ٻيو حصو جيڪو تخليق جو مرڪز / ڳر هوندو
آهي، مخفي ۽ ڌُنڌ ۾ هوندو آهي، ڪڏهن به گرفت ۾ اچي
نه ٿو سگهي. تنهنڪري ڪنهن به متن کي وضاحت سان
بيان
(Define)
ڪري نٿو سگهجي. تخليقي ادب کي سمجهائي
(Explain)
نٿو سگهجي. متن جي هر الڳ الڳ پڙهڻي الڳ الڳ معنيٰ
ظاهر ڪندي.“ چندر ڪيسواڻيءَ جي شاعريءَ جي هڪ
پڙهڻي ممتاز مهر بيان ڪئي آهي، ٻيو ڪو دوست پنهنجي
پڙهڻيءَ جا ٻيا نتيجا ڪڍندو، چندر ڪيسواڻيءَ جا
پنهنجي شعرن بابت پنهنجا ويچار هوندا. پر ڪوبه
تخليقي عمل جي پوري تشريح نٿو ڪري سگهي. ان هنڌ
نقاد جو عمل محدود ٿي وڃي ٿو.
چندر ڪيسواڻيءَ جي شعرن ۾ گهڻو ڪري بيباڪي، نواڻ،
تازگي ۽ اظهار ۾ اُڇل محسوس ڪري سگهجي ٿي، پر ڪٿي
ڪٿي سندس اظهار پيچيدو پڻ لڳندو ۽ ڪي قدر اوپرو –
ڄڻ ته موزون لفظ دستياب ٿي نه سگهيا. هجنس. ٿي
سگهي ٿو ته مان غلط هجان، پر شاهوڪار سنڌي ڪلاسيڪي
شاعريءَ سان لاڳيتو شغف رکندڙ کي هڪ کان وڌيڪ
متبادل لفظن جو ڀنڊار ميسر هوندو آهي. اظهار ۾
پيچيدگيءَ جو هڪ اهم ڪارڻ خيالن جي انتشاري ڪيفيت
به ٿي سگهي ٿي.
سنڌي شاعريءَ جي روايت کي ذهن ۾ رکندي مون ندر جي
شعرن ۾ ”سنڌ جي سار“ ڳولڻ پئي چاهي. مون کي سندس
هيٺئين هڪ شعر ۾ فقط سنڌو نديءَ جو حوالو تشبيهه
طور ملي ٿو. ممڪن آهي ته سڃاڻپ
(Identity)
۽ ثقافت
(Culture)
جا موضوع ۽ معاملا چندر جي لاشعور ۾ اڃا دٻيل هجن
۽ اظهاري اُڇل لاءِ فضا ۾ گرميءَ ۽ شدت جو انتظار
ڪندا هجن، يا ڪن مخصوص داخلي ڪيفيتن ۽ حالتن جو!
هونئن ڪنهن شاعر کان ڪنهن به مخصوص موضوع تي شعر
چوڻ ۽ لکڻ جي تقاضا ڪرڻ يا اُميد رکڻ تخليقي عمل
کي ڇوٽ ڇڏڻ واري
Process
جي خلاف آهي. اهڙا هاڃا ادبي دنيا ۾ ٿيندا رهيا
آهن، نتيجي ۾ سگهڙ ۽ لنگها شاعر به پيدا ٿيا.
آزادي ۽ حقن جي جدوجهد لاءِ ڪئي ويندڙ مزاحمتي
شاعري ”آزاد“ تخليقي عمل سان سرجڻ ۾ اچي ٿي ۽ رچنا
جو رُوپ وٺي ٿي. پر جيتوڻيڪ شعوري سطح تي تخليقڪار
پاڻ کي ”آزاد“ سمجهي ٿو. پر ڇا هو واقعي ”آزاد“
آهي؟ لاشعور جي عمل دخل کان اسين سڀ ناآشنا آهيون،
تنهنڪري پاڻ کي آزاد سمجهون ٿا. انساني وهنوار
جيان تخليقي عمل کي سمجهڻ لاءِ علم نفسيات ڏانهن
رجوع ٿيڻو پوندو، يا فلاسافيءَ ڏانهن. تخليقي عمل
ڪو مٺائي کائڻ وارو عمل ڪونهي، بلڪ ڪربناڪ عمل
آهي، ويامڻ واري پروسيس جهڙ. ويم کان پوءِ جيئن
ويامل عورت خالي خالي محسوس ڪندي آهي، رچنا کان
پوءِ رچناڪار پڻ اندر ۾ خالي خالي محسوس ڪندو آهي.
بلانشو ادبي تخليقيت واري عمل کي موت سان همڪنار
صورتحال ڪوٺيو آهي. اڃا ٿورو واضح ٿي چئجي ته
(بقول بلانشو) رچنا جي رچجڻ کان پوءِ شاعر / اديب
جو (وقتي طور تخليقي سطح تي) موت واقع ٿئي ٿو.
جهڙيءَ ريت جسماني طور مئل ماڻهوءَ ۾ ڪا حرڪت
(Movement)
نٿي رهي، تهڙيءَ ريت رچنا جي اشاعت کان پوءِ
رچناڪار
(Author)
جي ان تي ڪا دسترس نٿي رهي. مصنف خود ٻين پڙهندڙن
وانگر پنهنجي رچنا جو هڪ عام پڙهندڙ رهجي وڃي ٿو.
ضروري ڪونهي ته مصنف جي راءِ، ٻين پڙهندڙن جي راءِ
يا مختلف پڙهندڙن جي راين ۾ مماثلت پيدا ٿي سگهي،
يا مماثلت هجي. مصنف هر تخليق کان پوءِ ڄڻ ته
”مري“ وڃي ٿو ۽ خالي بوتو رهجي وڃي ٿو. جڏهن وري
”جيئرو ٿئي ٿو يا جيئڻ لڳي ٿو“، تڏهن ٻيءَ تخليق
واسطي، تخليقي ڪرب کي سهڻ ۽ ٻيهر ”مرڻ“ واسطي.
تنهنڪري جيئن اڳ ۾ چئي چڪو آهيان ته ”روپوش محبت“
تي ڪيئي رايا ٿي سگهن ٿا، خود چندر ڪيسواڻيءَ جي
پنهنجي تخليق ”روپوش محبت“ تي راءِ فقط هڪ شخصي
راءِ سمجهي ويندي. مون پاڻ هڪ پڙهندڙ جيان هڪ راءِ
ڏني آهي، جيڪا حرف آخر ناهي.
- ممتاز مهر |