سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1967ع

مضمون:

صفحو :9

شوڪت حسين

گونگي ڌري، ٻوڙو آڪاس

هو فلم جي پوئين شو تان موٽيو آهي. گهر جا سمورا ماڻهو سمهي چڪا آهن. هو زال جي ننڊ ڦٽائڻ مناسب نه سمجهي، پاڻ ئي ماني ڪڍي ٿو. اهو ڏسي خوش ٿو ٿئي، ته اڄ دال جي بدران پڪوڙا آهن. سڪل مانيءَ کي زور سان چٻاڙيندي سوچي ٿو، ’سيما ڏاڍي سياڻي آهي. سوچيو هوندائين ته مهيني ۾ هڪ ڀيرو مس فلم ڏسڻ ٿو وڃي، موٽي اچي روز روز واري دال کائيندو ته فلم جي خوشي ڪافور ٿي ويندس؛ هن کي دال کان سخت چِڙ آهي، تڏهن به روز اهائي دال کائيندو آهي. هو ماني کائي، چپ_ کٽ تي زال جي پاسي ۾ ليٽي ٿو پئي. چنڊ ڏانهن نهاريندي نهاريندي سوچي ٿو، رات ڪيڏي نه حسين آهي. هر طرف ڄڻ کير جهڙي چانڊوڪي هاريل آهي...‘ کير واري ڳالهه تي هن کي وري دال ياد اچي ٿي. دال کي وسارڻ جي لاءِ هو فضا ۾ گم ٿي وڃڻ چاهي ٿو.

’ٿڌي ٿڌي هير جي جهوٽن ۾ ڪو نشو رچيل آهي. هر شئي سڪون جي چادر ۾ ويڙهي پيئي آهي. ايترو سڪون، ايتري خاموشي، مون اڳي ڪڏهن به محسوس ڪانه ڪئي آهي_ مون کي سڪون ئي ڪٿي نصيب ٿيو آهي جو ڪنهن چانڊوڪيءَ رات جو حسن ماڻي سگهان ۽ زندگيءَ جي سمورين تلخين کي وساري ڇڏيان. سڄي ڏينهن جي بيزاري ۽ ٿڪ، اڌمئو ڪري، موت جهڙي ننڊ جي گهيرٽ ۾ اڇلايو ڇڏي. صبح جو اک کلڻ شرط، ڏينهن جو شور ڪنهن ڌماڪي جيان ڪنن ۾ ڌوڪي ايندو آهي ۽ مان آفيس ڏانهن وڃڻ ۾ دير ٿيڻ جي ڊپ کان تياريءَ ۾ لڳي ويندو آهيان... وري ڊزن کن ٻار ننڊ مان اُٿي پنهنجين رڙين سان ڏينهن جي شور ۾ وس آهر اضافو ڪندا آهن...‘ هن کي ٻارن جي روئڻ کان سخت چِڙ آهي، کيس ٻارن جو روئڻ اصل ڪونه وڻندو آهي. ’توبهه، سيما اڃا هڪڙي کي مَسَ ماٺ ڪرائيندي ته وري ٻيو شروع ٿي ويندو، يا ڪٿي پاڻ ۾ وڙهيا پيا هوندا ۽ رڙيون پيون پوندن! سيما هنن کي ماٺ ڪرائي يا مون کي ڪجهه ڪري ڏئي...‘ پوءِ تڙتڪڙ ۾ سڄا گرهه ڳڙ ڪائي، سيما کي ڇڙٻون ڏيندي، ٻن ٽن ٻارن تي هٿ ٺاريندي، ٻاهر نڪري بازار جي ڀيڙ ۾ گم ٿي ويندو آهيان. ڪيتريءَ به ڪوشش ڪندي، آفيس پهچڻ ۾ دير ٿي ويندي آهي، ۽ صاحب دڙڪن. سان گڏ وارننگ ڏيندو آهي. ان وقت دل چاهيندي آهي ته استعفا لکي، صاحب جي منهن تي هڻي هليو وڃان؛ پوءِ جڏهن سيما ۽ ڊزن کن ٻار اکين اڳيان ڦري ويندا آهن، تڏهن هوندي آهي ڪاغذن جي سرسر ۽ ٽائپ جي کٽ کٽ... آفيس مان اُٿڻ وقت پاڻ کي ورهين جو ٿڪل ۽ بيمار ڀانئيندو آهيان، تڏهن خودڪشي ڪرڻ جو خيال ايندو آهي. خودڪشي جي ڪنهن موزون طريقي تي سوچيندي سوچيندي گهر پهچي ويندو آهيان، ۽ پهچڻ سان ٻارن جي رڙواڪ کان ڊڄي سمورا خيال ڀڄي گم ٿي ويندا آهن. رات جو ماني دال ۾ پسائي، زوري ڳڙڪائيندي؛ سيما کان مهانگائيءَ جون شڪايتون، ٻارن جي ڦاٽي ويل ڪپڙن جون خبرون؛ ٻارن تان، ڪنهن پاڙي واري سان جهيڙي جو احوال_ وچ وچ ۾ ڪي مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌندو رهندو آهيان، تان جو ننڊ اچي ورائيندي آهي. صبح جو وري ساڳي ڪار_ اهوئي چاڪيءَ جي ڏاند وارو چڪر!

’اسان نوڪري وارن جي لاءِ ’سنڊي‘ جهڙو پاڪ ۽ ڀلارو ڏينهن ٻيو ڪونهي. فقط ان ڏينهن اسان کي محسوس ٿيندو آهي ته اسين به ٻين انسانن جهڙا انسان آهيون... ههڙي رات ته سچ پچ ڀاڳن واري کي نصيب ٿيندي آهي. ڪُڪڙن جي کُڏيءَ جهڙي گهر ۾، گهڻن ڏينهن کان پوءِ اهڙي خاموشي ۽  اهڙو سڪون ڏٺو اٿم هونئن هي به ڪو گهر آهي! سچ پچ ڪُڪڙن جي کڏي آهي! انسانن جي لائق ته هر گز ناهي _ پر اسين ڪٿان ٿياسين انسان! اهڙن گهرن ۾ انسان ٿوروئي رهندا آهن. اونهاري ۾ هوا جو ڪوبه گذرنه، سياري ۾ وري ڄڻ ته برفخانو! شايد اهو اسان تي خدا جو فضل آهي جو اسان جو گهر سياري ۾ ايئرڪنڊيشنڊ بنجي ويندو آهي! ويڪرو به اهڙو آهي جو هڪٻئي مٿان سٿيا پيا هوندا آهيون... هيڏانهن ڊزن کن ٻار هڪٻئي سان سلهاڙيا پيا آهن_ هو ڪنڌ مٿي کڻي ٻارن کي ڏسي ٿو_ هينئر ڪيئن نه خاموش سُتا پيا آهن، ڪيڏا نه پيارا پيا لڳن، پر رڳو جاڳن... اصل شيطان جا به اَبا آهن، توبهه! ۽ انهن جي لاءِ ئي ته اسان پنهنجي جواني ڳاري ڇڏي، رت سڪائي ڇڏيو...‘.

اوچتو چانڊوڪي ڌنڌلي بنجي وڃي ٿي. هو ڏسي ٿو ته چنڊ کي هڪ وڏي ڪَڪر تي ڏاڍي ڪاوڙ ٿي لڳي. جڏهن ڪَڪر هٽي ٿو وڃي، تڏهن هو ٻارن وانگر خوش ٿي سوچي ٿو، ’چنڊ ۾ ڪيڏو نه حُسن آهي.... چنڊ مان سونهن ڇاٽون ڪري هيٺ ڇڻي رهي آهي.‘ سندس زال هن ڏانهن پاسو ٿي ورائي. هو زال جو چهرو ڏسي سوچي ٿو، ’منهنجي سيما هينئر ڪيتري نه بدلجي ويئي آهي....‘ سوچ، هن جي ذهن ۾ پراڻيون يادون کڻي ٿي اچي. کيس انهن يادن سان بيحد پيار آهي. جڏهن هو سيما سان پنهنجي شاديءَ واري زماني جون ڳالهيون ڪندو آهي، تڏهن هوءَ شرمائجي ويندي آهي، ۽ هو خوش ٿيندو آهي ته سيما اڄ به نئين ڪنوار وانگر ٿي شرمائجي. ’ڪڏهن ته سيما به جنسي چانڊوڪي هئي، پر الا! اڄ هن جي چنڊ جهڙي صورت ڪاراٽجي ويئي آهي. هاڻي منهنجو ته حسن مان ئي ويساهه نڪري ويو آهي. هينئر سيما کي ڏسان ٿو، تڏهن هر حسين شئي کان نفرت ٿي ويندي اٿم. شايد ان ڪري جو منهنجا جذبا مري چڪا آهن. مشين جهڙي زندگيءَ ۾ پيڙجي ويا آهن_ پر نه، مان غلط آهيان: اڄوڪي حسين رات مون کي اهو سيکاريو آهي ته زندگيءَ ۾ دک درد جي باوجود حسن به آهي. جيستائين انسان جو روح سلامت آهي، تيستائين انسان جا جذبا نٿا مري سگهن. ا.ئين نه هجي ها ته جيڪر سهڻا شعر ۽ گيت، سهڻيون تصويرون ۽ مجسما وجود ۾ ئي ڪونه اچن ها. منهنجو روح به شاعراڻو روح آهي! اهو منهنجو ڏوهه هو، جو مون حالتن سان سمجهوتو ڪري ڇڏيو. پنهنجي چوڌاري هڪ خاص فضا کڙي ڪري ڇڏيم. مون پنهنجن هٿن سان ئي پنهنجن جذبن جو گلو گهٽي ڇڏيو آهي. پر ههڙين حسين گهڙين ۾ احساسن جي اُڏام ۽ جذبن جي اُڇل کي ڪيئن ٿو روڪي سگهجي! ڏينهن جي شور ۾ ته اهڙا احساس دٻجيو وڃن. جڏهن اها حالت لاڳيتي قائم رهندي آهي ته پوءِ هن انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي ڌرتيءَ تي اسان جا احساس به گونگا بنجيو وڃن....‘ هن کي اوچتو ڳالهه ياد اچي وڃي ٿي ته گهڻي دير ٿي ويئي آهي، صبح جو دير سان اک کلندي ۽ آفيس پهچڻ ۾ دير ٿي ويندي. ان ئي ساعت کيس ياد ٿو اچي ته سڀاڻي ’سنڊي‘ آهي، ۽ هو پنهنجو پاڻ تي کلي ٿو.

Text Box: 125

چنڊ ڏانهن نهاريندي هو وري سوچ جي لهرن تي لهي ٿو وڃي. ’ڏاڍا ڏک آهن هن ڌرتيءَ تي. منهنجو وس لڳي ته جيڪر هتان اڏامي چنڊ جي حسين دنيا ۾ هليو وڃان. ڌرتيءَ کان چنڊ جي دنيا سؤ درجا بهتر هوندي. پر سائنس ته ان خيال کي غلط ثابت ڪيو آهي. مون کي سائنس کان به نفرت آهي. مون کان چنڊ جو حسين تصور ڪير به کسي نٿو سگهي. پر جيڪڏهن چنڊ ۾ دنيا آباد ناهي ته ڪن تارن ۾ ته ضرور هوندي! تارا اڃا سائنس جي پهچ کان پري آهن. تارن جي دنيا، هن ڌرتي کان ضرور مختلف ۽ حسين هوندي. مان به جيڪر ڪنهن تاري ۾ ئي هليو وڃان. پکيءَ وانگر اڏامي، ڌرتي جي ڏکن کان دور، هن ڪال ڪوٺڙيءَ مان آزاد ٿي.... هن گهر کان ته جيلَ وڌيڪ ويڪرا آهن. ڀتيون ڪهڙيون نه غليظ آهن. گهر جو هر سامان غليظ آهي_ ۽ هر وقت، اٿئي ويٺي، اهو سڀ ڪجهه ڏسندي روح کي ڪيتري نه تڪليف ٿي پهچي. ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجو پاڻ کان ئي نفرت ٿي ويندي آهي، ۽ مان پاڻ کي هڪ غليظ ڪيڙو سمجهڻ لڳندو آهيان.... مان آهيان ته انسان، ٻين انسانن جهڙو! ڪي ماڻهو عيش ۽ راحت پيا ماڻين، مان انهن جهڙو ڪونه آهيان ڇا! منهنجو به جيڪر هڪ سٺو گهر هجي. گهر ۾ هڪ سهڻو سينگاريل ڊرائنگ روم هجي، جهڙو منهنجي صاحب جو آهي_ پر جي ان جهڙو نه هجي ته ان کان ڀلي گهٽ هجي. ها، ان ۾ سٺا پردا ٽنگيل هجن، سٺا صوفا ۽ ميزون پيل هجن. ميزون خاص سامانن سان سينگاريل هجن. ماني کائڻ جو ڪمرو به جدا هجي؛ اهو سوچي هن جون اکيون چمڪڻ لڳن ٿيون. ’ميز تي طرحين طرحين جا لذيذ ۽ سڻڀا طعام رکيل هجن_ اُچين پليٽن ۾... هڪڙو ڪُڪُڙ ته روز هجي، ۽ ڪجهه مٺاڻ ۽ ميوو پڻ..

گهرجي اڳيان هڪ ننڍو پارڪ هجي، جنهن تي منهنجا ٻار سُٺا ڪپڙا پائي کيڏندا هجن ها، هڪ ڪاربه هجي، شيورليٽ ته تمام مهانگي آهي؛ ڀلا اوپل ڪارئي هجي... يا کڻي واڪس ويگن هجي... نه ته ڪو ٽانگوئي هجي... نه نه، ڪار هجي... شام جو مان، سيما ۽ ٻار تمام اُچا ڪپڙا پائي، ڪار ۾ چڙهي گهمڻ وڃون. وڏن ماڻهو سان ملون، انهن سان گڏ وڏين دعوتن ۾ شرڪت ڪريون. پر سيما اهڙيءَ حالت ۾ ٿوروئي هلندي. ڏاڍي ڪمزور ٿي ويئي آهي. سيما جو ڪنهن وڏي ڊاڪٽر کان علاج ڪرايان، طاقت جون سيون هڻايان، ۽ قيمتي دوائون ۽ سڻڀا کاڌا کارايان. ٻارن جي خفي کان جند ڇڏائڻ جي لاءِ ٻارن ڪاڻ هڪ خاص نوڪرياڻي رکي ڏيانس. گهر جي ڪم ڪار ۽ رڌ پچاءَ جي لاءِ هڪڙي ٻي نوڪرياڻي هجي. مان آفيس مان اچان ته سيما رڳو مون وٽ ويٺي هجي... هو مرڪي، ستل سيما ڏانهن نهاري ٿو، ۽ سندس منهن تان هٿ ڦيري ٿو. هو تيستائين هٿ نٿو کڻي، جيستائين هوءَ جاڳي هٿ هٽائي ننڊا کڙي آواز ۾ چوي ٿي:

”اڃا پيا جاڳو! ڪيڏي رات ٿي آهي. هاڻي ته سمهي رهو..“

هوءَ ٻانهن مٿس رکي وري سمهي پئي ٿي. هو سوچي ٿو، ’سچ پچ رات گهڻي گذري چڪي آهي. انهن خيالي پلائن پچائڻ جي ڪري ته ننڊ سڄي رات ڪانه ايندي. نڪو وري اسان جو اهڙو نصيب آهي...‘ هو ٿڌو شوڪارو ڀري، سيما جي ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائي سمهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

هڪڙو پکي، تمام گهڻيءَ تيزيءَ سان هڪ چمڪندڙ تاري ڏانهن اڏامندو پيو وڃي. ترت ئي تاري ۾ اندر پهچي ٿو وڃي. تاري جي دنيا ڏسي هن جون اکيون ڦاٽي ويون آهن: ’اهڙي حسين دنيا! ههڙي حسين دنيا جو ته ڪو خيال به نٿو آڻي سگهي. چوڌاري روشني ئي روشني_ ٿڌيءَ ٿڌيءَ، چانڊوڪيءَ کان به زياده وڻندڙ.... سنئين زمين تي ساوڪ جي چادر وڇايل آهي. هر طرف رنگا رنگ گل ۽ ٻوٽا آهن. ڪٿي به مٽي ۽ ڌوڙ جو نشان به ڪونهي. چوڌاري حسن آهي، خوبصورتي آهي. ڪيڏي نه حسين آهي چنڊ جي دنيا! هو خوشيءَ وچان ساوڪ ڀري زمين تي ليٿڙيون پائڻ ٿو لڳي. هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي ٿو. اتساهه وچان هن جي رڳ رڳ ڦونڊجي ويئي آهي. پريان ڪو اچي پيو. ڪجهه عجيب شڪل جو آهي، پر لڳي ته ماڻهن جهڙو ٿو، ۽ شايد ماڻهن کان زياده حسين آهي. اوچتو هو اڏامڻ ٿو لڳي. تڏهن هتي جي ماڻهن کي پَرَ به آهن! ڪهڙو نهَ سُٺو... هن کي پکين جون مٺيون لاتيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ’شايد پرڀات ٿيڻ واري آهي. مان ٿڪجي پيو آهيان. ڪو گهر نظر اچي ته اتي ويهي ٿورو آرام ڪريان ۽ ڏسان ته هتي جون جايون ڪهڙي قسم جون آهن.‘ هن کي جايون نظر ٿيون اچن جايون تمام سهڻيون آهن. ڌرتي جا شاندار بنگلا به انهن جي اڳيان ڪجهه ناهن. هو هڪ جاءِ ۾ گهڙي ٿو وڃي. جاءِ اندر به تمام سهڻي نموني سينگاريل آهي. ماڻهو هاڻي اٿيا آهن. ٻار به اٿيا آهن. اٿي چپ چاپ صفائي م لڳي ويا آهن. هي ٻار ڪيڏا نه ماٺيڻا، سمجهدار ۽ پيارا آهن. اٿڻ سان نه رُنا، نه گوڙ ڪيائون. گهر ۾ گوڙ ته اصل آهي ئي ڪونه. شايد هيءَ چنڊ جي دنيا ئي جنت آهي! ڪيڏو نه آرام ۽ سڪون آهي. هتي جي ساري دنيا اهڙي هوندي! هتي جا ماڻهو ڏکن ۽ سکن ۽ تڪليف اهنجن کان ته بنهه اڻڄاڻ هوندا. مان سڄي ڄمار هتي رهندس....! گهرجا ماڻهو ماني کائڻ جي ڪمري ۾ اچي گڏ ٿيا آهن. صفائي ته ڪهڙي آهي! ميز تي قسم قسم جا طعام رکيل آهن، جي ججهي سڻڀ وچان ڄڻ ته پيا چمڪن! ٻار ڪيئن نه چپ چاپ فضيلت سان ويٺا کائين:

’ٻارسٺا ڪپڙا پائي، پيءُ سان گڏ ٻاهر پيا وڃن. شايد اسڪول ۾ ويندا. پيءُ هنن کي اسڪول ۾ ڇڏي پوءِ ڪم تي ويندو. هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڪم ڪار نه هجي ها ته ڏاڍو سٺو. پر هتي جي ماڻهن کي ڏک سور به ته ڪونهي. کاڌو پيتو، ڪپڙا ۽ جايون ته سڀني کي هڪجهڙيون ۽ تمام سٺيون آهن. ٺلهو بيڪار ته ماڻهو ويهي ڪونه سگهندو. مان هنن جي پٺيان پيو وڃان. هو هڪ تمام وڏي جاءِ ۾ پيا وڃن. جاءِ جي چوڌاري هڪ عاليشان باغ آهي. باغ ۾ ڪئين ٻار پيا کيڏن. رڳا ٻارئي آهن. ٻارن کي اوچا اوچا ڪپڙا پيل آهن. سڀئي نهايت پيارا ٻار آهن_ منجهن ڪوبه غريب، ڪمزور ۽ بيمار ٻار نظر ڪونه ٿو اچي. هيءَ جاءِ شايد ٻارن جي وندر جي لاءِ آهي، ۽ هتي هرڪو ٻار اچي سگهي ٿو!‘ هو ان جاءِ مان ٻاهر نڪري ٿو اچي. هلندي هلندي بازار ۾ اچي ٿو نڪري بازار ۾ وڏا وڏا دڪان آهن، جن ۾ قسمن قسمن جا سامان رکيل آهن. هو ڏسي ٿو هرڪو ماڻهو بنا ڊپ ڊاءُ ۽ هٻڪ جي، جيڪا شئي وڻيس ٿي، کڻي ٿو وڃي_ نڪا جهل نه پل. هو خوش ٿو ٿئي ته ماڻهو هڪجهڙا آهن، ۽ هتي ڪنهن به شئي جي قيمت ڪانهي. جنهن کي وڻي، پنهنجي مرضيءَ سان کڻي وڃي! بازار ۾ ڪئين عورتون گهمي رهيون آهن. عورتون اهڙيون سهڻيون آهن، جهڙيون حورون. هتي جون عورتون شايد بيمار ۽ ڪمزور ٿينديون ئي ڪونه هونديون!‘

پوءِ هو هڪ شاندار قسم جي عمارت جي اڳيان اچي بيهي ٿو. اندران سازن جا سريلا سريلا آواز اچي رهيا آهن. هو ويجهو ٿي جهاتي پائي ٿو: ’ڪهڙو نه دل ڇڪيندڙ نظارو آهي! ماڻهو خوشيءَ وچان ٽهڪ پيا ڏين. مان به اندر وڃي ساڻن گڏ ويهان. پر ٻين سڀني کي ته ڪپڙا تمام سٺا پيل آهن، منهنجا ڪپڙا ته بنهه خراب آهن...‘ هو ڊڄي ٿو ته متان ماڻهو کيس لوڌي نه ڪڍن! هو ڏسي ته ان عمارت ۾ ماڻهو ائين بيپرواهيءَ سان پيا وڃن، ڄڻ ته سندن پنهنجو گهر آهي. اهو ڏسندي به هو دل جهلي نٿو سگهي ۽ اڳتي روانو ٿي وڃي ٿو. سوچي ٿو، ’هتي جي ماڻهن کي ته رڳا مزائي مزا آهن. نه ڪم ڪار، نه ڪو ڏک سور...‘ هو اوچتو ڏسي ٿو ته شهر کان ٻاهر اچي نڪتو آهي. هو هاڻي تمام ٿڪجي پيو آهي. چاهي ٿو ته ڪٿي آرام ڪريان. هن کي پريان ڪي ننڍڙيون ننڍڙيون جايون نظر اچن ٿيون. ’شايد هتي جي ماڻهو جانورن جي لاءِ اهڙيون ٺهرايون هونديون. هتي جا ماڻهو پاڻ اهڙين سهڻين جاين ۾ ٿا رهن، ته سندن جانورن کي به ضرور گهر هوندا. ڪيڏي نه سٺي آهي هيءَ چنڊ جي دنيا! گهر اُچا ۽ سٺا ته ڪونه آهن، پر غريبن جي گهرن جهڙا ته آهن. هتي مٽي ۽ ڌوڙ پڻ آهي، ساوڪ ڪانهي؛ پر جانورن کي ان ڳالهه جي ڪهڙي ضرورت. رهڻ لاءِ پنهنجا گهر ته اٿن. هيڏانهن هوڏانهن رلندا ۽ ڀٽڪندا ته ڪونه هوندا. هن دنيا جي جانورن کي به ايڏي سمجهه آهي جو پنهنجا گهر ٺاهي ويٺا آهن!‘ هو هڪ گهر جي ويجهو پهچي ويو آهي.

’ڏسان ته سهي، جانور ڪيئن ٿا گهرن ۾ رهن...‘ هو هڪ گهر جي ڀِتِ تي ويهي، هيٺ ڏسي ٿو. هيٺ نهارڻ سان هن کان هڪ ڀوائتي رڙ نڪري وڃي ٿي، ’يا خدا! هنن گهرن ۾ ته ماڻهو ٿا رهن_ ڪهڙا نه ڪوجها، ڪمزور ۽ بيمار ٿا لڳن... شايد ننڊ مان هاڻي اٿيا آهن. ٻار به ڊزن کن آهن. اٿڻ شرط روئڻ راڙَو شروع ڪري ڏنو اٿن. ڪيڏو نه شور آهي هن گهر ۾. ٻار هڪٻئي سان وڙهي رهيا آهن. ڪو مانيءَ جي لاءِ روئي رهيو آهي، ته ڪو ’امان امان‘ جي رٽ لڳائي دانهون رڙيون ڪري رهيو آهي. ڪپڙا گندا ۽ پراڻا ڦاٽل پيل اٿن. صفائي ته رهي پري. گهر ڪيڏو نه سوڙهو آهي... هن ۾ ماڻهو ڪيئن ٿا رهن! ڀتيون ڪهڙيون نه ڪنيون ۽ غليظ آهن_ گهر جو هر سامان ڪِنو آهي... ۽ هنن گهرن ۾ رهندڙ ماڻهو به ڪِنا ۽ بدفضيلت آهن.. هوءَ بيمار ۽ ڪمزور عورت، ٻارن جي ماءُ آهي. اڙي... سيما! هان! هي ته منهنجو گهر آهي... گهر جي ڀِتِ لُڏي پيئي! اِجها ٿي ڪري... مان ته ڀڄي نٿو سگهان_ مان هيٺ پيو ڪران... ڪران ٿو... الا... الا ڪران ٿو...‘

هو اوچتو ڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهيو آهي. هن کي محسوس ٿو ٿئي ته شايد پاڻ کٽ تان هيٺ ڪري پيو آهي. پڪ ڪرڻ جي لاءِ هو نِوِڙي هيٺ نهاري ٿو. غور سان ڏسڻ کان پوءِ هن کي لڳي ٿو ته رات نهايت ئي اونداهي ۽ ڪاري آهي. هو سوچي ٿو: ’جهڙ ڪيڏيءَ مَهل ٿيو آهي_ آسمان ڇو جهُڙ پٺيان لڪي رهيو آهي... ۽ هو تارو...‘ ٻاهران ڪنهن ڪتي جي هڪ ڊگهي ۽ اداس اوناڙَ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. وري هن کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ مٿس ڪو ٽهڪ ڏيئي رهيو آهي. هلڪو مينهن پڻ پوڻ شروع ٿي ويو آهي_ ٻار جاڳي پيا آهن، ۽ روئڻ لڳا آهن. هن جي زال به ڪِنجهندي اٿي آهي. هوءَ اوٻاسيون ڏيئي چوي ٿي:

Text Box: 131

”مينهن کي به رات جو وسڻو هو. قدرت جا به انڌير آهن، جي ڏينهن جو وسي ته ڇا ٿي پئي ها!... هڪڙو گهر سوڙهو، ٻيو وري گهُٽ ۽ ٻوساٽ... رات جو مينهن ويل آهي....!“

هو جواب ۾ چئي ٿو، ”آسمان اسان تي ٽوڪون ٿو ڪري!“ سيما وائڙي ٿي هن کي ڏسي ٿي. هن ڳالهه سمجهي ڪانهي.

مينهن تيز ٿي وڃي ٿو. هو جلدي هنڌ اندر ڪن ٿا. هڪڙي کٽ ريڙهي ورانڊي ۾ وجهن ٿا. ٻار اڃا به زور سان روئڻ ٿا لڳن. سيما هڪڙي ٻار تي ڪاوڙ وچان هٿ الاري ٿي. ٻار ڊڄي چپ ٿي وڃي ٿو، ۽ ٿوري دير کان پوءِ وري روئڻ شروع ڪري ٿو. هو ٻارن کي چُپ ڪرائي سوڙها سنگڙا ڪري سمهاري ٿي. مينهن جيئن پوءِ تيئن زور سان وسي رهيو آهي. زال ۽ مڙس، گوڏن ۾ ڪنڌ لڪايو، سوڙها ٿيو، ڪڪڙن وانگر ويٺا آهن. سيما ننڊ وچان او جهڙاٽيون کائي رهي آهي. هو اونداهيءَ ۾ نهاريندي سوچي ٿو: ”اڄوڪي رات وڏي مصيبت واري رات آهي، ڪڏهن گذرندي! صبح ڪڏهن ٿيندو!“

عبدالقادر جوڻيجو  

 

رت جو رنگ

ٻنپهرن جو وقت هو. ڇوڪرن کي مانيءَ لاءِ موڪل ڏنمِ. آءُ انب جي وڻ هيٺان اچي ويهي رهيس. ڪاڙهو به ذل يعني ذلت جهڙو هو. وڻ مٿي ويٺل ڪانوَن مٿو کائي ڇڏيو: ’ڪان... ڪان... ڪان!‘ شايد ڪاڙهو لڳو هئن، يا مون کي تنگ ڪرڻ جو ارادو هئن. ٻه_ ٽي سروٽا هڻي، وري بينچ تي ٽنگون لڙڪائي ويهي رهيس. ڇوڪرا ماني کڻي آيا_ ڪڻڪ جي ماني، جَهڻِ جو وٽو_ کائي پي مست ٿي ويهي رهيس. جَهڻِ به هئي گهاٽي، اصل نشو ڏيئي ڇڏيائين. ننڊ جون گهيراٽيون پئي آيون، بينچ تي ڦرهو ٿي، سمهي رهيس. بينچ پاسا ڪڍي ڇڏيا. پاسو ورايم، هڏن مان ٽڙڪاٽ نڪري ويا. سامهون نهاريم. پنهونءَ تي نظر پيئي. سامهين ٻاري ۾ گاهه پئي ڪيائين. ههڙي گرمي خدا پيو ڏئي پناهه. چڱيءَ طرح نهاريم. انسان هو، هائو، ڪهڙي خبر!؟ ته به شڪ، نه! هو ته انسان، محنتي انسان: محنتي ڪهڙو، محنت به ڍنگ جي هجي، ڪين نه، چوويهه ئي ڪلاڪ ڪم جي پيهوپيهه. رَئِيءَ ۾، جهڙو گڏهه، نه نه ... گڏهه کي ته آرام لاءِ وقت ملندو آهي. جي ها... ته اهو به انسان هو!

گُهٽ به ڏاڍي هئي. باغ ڏانهن نظرون ڊوڙايم. اتي به ماڻهو ويٺو هو، ٻن ٽنگن، ٻن هٿن ۽ ٻن اکين وارو ٿلهو متارو، جهڙو هاٿي. ڏندن تي ڪَٽُ چڙهي ويئي هيس. مٿي پيٽ ائين معلوم ٿي رهيو هو، جهڙو گوندل واريءَ ڀٽ جو مٿيون دڙو. هيٺ مٿي... هيٺ مٿي، نانگ واريون ڦوڪون پئي پييون_ پيرانديءَ کان هڪڙو همراه زور ڏيئي رهيو هئس. سيرانديءَ کان ٽيبل تي ريڊيو وڄي رهيو هو. مزو لڳو پيو هو!

”اڙي گرمي ٿي آهي، پنکو هڻ!“ زوردار مشين آواز ڪڍيو، آءُ ڏڪي ويس.

”جي... جي... ها..... ها، حاضر سائين، اجهو..... اجهو“ همراه ڇرڪ ڀريو، چوٽي وڃي کتيس.

”اڙي سنڀال!“ مشين وري گُڙي.

همراه ڪالرن کي ٺاهڻ لڳو. ڪپڙن ڏانهن نهاريائين ۽ کٽ تي ويهڻ وقت مون ڏانهن رعب وارين نظرن سان ڏٺائين. ڄڻ مون کي چئي رهيو هو، ”هون! توکي اهڙي سعادت ڪڏهين نصيب ٿي آهي؟“

مون مرعوب ٿي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ٽوپي، جا ماسترن جو ورثو آهي، لاهي مٿو کنهڻ لڳس_ پڇاڙيءَ جو کُٿل ڳيريءَ جهڙي ڪنڌ تي هٿ ڦيرايم.

”ماستر... او... ماستر“.

”ڪهڙو؟... پنهون!“

”ماستر... گاهه ته کڻائج!“

”ادا، آيس“ گوڏن تي هٿ ڏيئي اٿيس. زورن ڏيڻ واري همراه مون ڏانهن نفرت مان نهاريو. آءُ بيوس ٿي ڪنڌ جهڪائي، پنهونءَ ڏانهن هليس. انب جي هيٺان لنگهي جڏهين اُس ۾ آيس، تڏهن جهڙو ڪَرَ انڌو. سج جي زوردار ڪِرڻن منهنجون اکيون جَهڪيون ڪري ڇڏيون.

”ماستر! ڀلا ٺهيو، توکي اُس لڳندي. آءُ ٿورو ٿورو ڪريو ٿو کڻانس.“

”جي.... جي!“ جهوٽو اچي ويم. کُٿل ٽوپي پيرن ۾ وڃي ڪِري. کڻي ڇنڊيومانس، ۽ وري مٿي تي اٽڪائي ڇڏيم.

”هي ڇا!“ پاڻ سويري کان ههڙي اُس ۾ گاهه پئي ڪيائين، وري ٻي مصيبت مٿي تي کنيائين. ٿورو ٿورو ڪري ايترا ڀيرا اُس ۾ گاهه کڻندو. آئون ڇانءُ هيٺان نڪتو آهيان ته کيس منهنجي تڪليف محسوس ٿي ويئي، باقي.... پاڻ! نه نه... لوه جو ته ٺهيل ڪونهي. اها ساڳي چمڙي، ساڳيو رت، ڳاڙهو ڳاڙهو، لعل رت! جي ها، انهيءَ ڏينهن ڏانٽي وڍيو هوس، رت ته ڳاڙهو هئس_ ۽ هُو... هُو ٿُلهڙ، انهيءَ جو به رت ڳاڙهو هوندو، ۽ منهنجو... نه نه... منهنجو ته رت اڇي رنگ جو هوندو، ماستر جو رهيس. قميص ۾ ٻِيڙن بدران ٽاچڻي لڳل هيم، قميص مان ڪڍندي شرط، ٿوري آڱوٺي ۾ هنيم، رت نڪري آيو، ڳاڙهو لعل!

”ڪان.... ڪان“ ڪانوَن باهه ٻاري ڏني هئي. ايهين سروٽو کڻي هنيومانس. سروٽو به انب جي وڻ مان مَٽي، ٺا... باغ ۾ ويٺل ڪمدار جي مٿي ۾ وڃي لڳو. وڏيري کي پئي زور ڏنائين. ”اڙي... گهوڙاڙي....!“

ڊوڙ ڪيم، ڌو باغ ۾، ”ڇا آهي...ڇا؟“

”ماستر! ماڻهو جو خيال ئي نٿا ڪريو؟“ مشين گڙگاٽ ڪيو.

ڪمدار ڏانهن نهاريم. اڙي! ڳاڙهو رت، صفا ڳاڙهو، مون جهڙو، ۽ پوءِ آءُ سوچ ۾ غرق ٿي ويس. پوءِ... پوءِ، هي ڪمدار... آءُ... پنهون... زميندار، پوءِ وري... هيءُ هونئن ۽ آءُ هونئن... هيٺ مٿي، گهٽ وڌ، جهڙي تازي کيڙيل زمين. ننڍا وڏا ناهموار ڀتر. بس، قدرت جو ئي رواج اهو آهي ته زمين کي هر ڏنل هجي ته پوءِ اها زمين سڌريل آهي. اڙي! نه نه، سڌريل زمين ته اها هوندي جنهن کي ڪِيڻ لڳل هجي. زمين جا ڀتر ڀنجا ڀڳل هوندا ۽ بلڪل هموار هوندي ته اها وڌيڪ سڌريل آهي. زمين کي ڪيڻ جي ضرورت آهي.

 

”ها... ڪيڻ هڻجيس!“ مون کان آواز نڪري ويو.

”هان!“ وڏيري عجيب نظرن سان مون ڏانهن نهاريو. شايد منهنجي دماغي حالت تي شڪ ٿي رهيو هئس.

”ڪجهه نه آهي، ڪجهه نه آهي“ ڦِڪي ڦِڪي ڪمزور کل سان خفت مٽائڻ لڳس.

پنهنجي ڪپڙن ڏانهن نهاريم، وڏيري ڏانهن نهاريم، ڪمدار ڏي نهاريم، پنهون، ڏانهن نهاريم_ جو ٿورو ٿورو گاهه گهر پهچائي رهيو هو.

”اڙي ها! سائين معاف ڪجو، مون کان غلطي ٿي ويئي!“  

”ها، بابا!“ وڏيري مڇن تي هٿ رکي، رعب مان مون ڏانهن نهاريو ۽ مشڪيائين به. آءُ پٺيرو ٿي، اسڪول وٽ آيس ۽ انب هيٺان ويهي رهيس.

”سائين، مون کي موڪل ڏيو، مال ۾ وڃان، بابا چيو آهي!“ هڪڙو ڇوڪرو هٿ ٻڌي منهنجي سامهون بيهي رهيو.

”هل ڙي هل، مال ۾ ٿو وڃي، ويهي رهه!“

”ها سائين“ ڇوڪري جو ڪنڌ جُهڪي ويو.

ڪنڌ مٿي کنيم. منهنجو رت زور زور سان دورو ڪرڻ لڳو. شايد اڳئين کان وڌيڪ ڳاڙهو ٿي رهيو هو. ڪلاس ۾ ويس، جوش اچي ويو.

”اڙي واگها، توکي موڪل آهي، وڃي مال چار!

”اڙي کمون، وڃ، وڃي ٻنيءَ تي پڻهين کي هٿ ڪرائي!

”اڙي جمن، تون وڃ، وڃي ڦٽيون چونڊ!“

آءُ خاموش ٿي وري ٻانهن ڪنڌ هيٺان رکي، بينچ تي سمهي رهيس، جا عادت ازل کان وٺيو اچان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com