سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1967ع

مضمون:

صفحو :5

وايون

عبدالڪريم پلي

 

تنهنجي توه تڳي ٿي دلڙي، ڇڏ نه ڇني ياراني ڍولڻ،

ڇڏ نه ڇني ياراني ڍولڻ!

جيئڙي جو جنسار به تون ۽، تون ئي ڳچيءَ جي ڳاني ڍولڻ!

ڇڏ نه ڇني ياراني ڍولڻ!

رمزن ساڻ بڻايئي بيشڪ، ڏيهه سمورو ڏاني ڍولڻ،

ڇڏ نه ڇني ياراني ڍولڻ!

جڳ ۾ سهڻا ٻيا به سوين پر، تنهنجو ڪونهي ثاني ڍولڻ،

ڇڏ نه ڇني ياراني ڍولڻ!

اچ ته گهڙي ڪا گڏجي گهاريون، آخر سڀڪجهه فاني ڍولڻ،

ڇڏ نه ڇني ياراني ڍولڻ!

ڪنهن کي سور ”ڪريم“ سڻائي، توريءَ ناهه ڪو جاني ڍولڻ!

ڇڏ نه ڇني ياراني ڍولڻ!

حافظ ”احسن“ چنا

دل ۾ دائم آ دلدار_ دوست پرين ڪو دور نه آهي!

”وَنَحنُ آقرَبُ“ پاڻ چيائين، دلبر ناهي ڪو دم ڌار،...دوست...

”وَفِي انفُسِڪُم“ ويجهڙو آهي، ناهه وِٿِي ڪو هڪڙو وار،...دوست...

”فَاذ ڪُرُونِي آذڪُرڪُم“ جو، قرب سندو قرار،...دوست...

دل ۾ ديرو دوست جو آهي، ووڙيان ڇو وندر وڻڪار...دوست...

پاڻ سڃاڻج پاڻ ۾ پيهي، غافل ڪنهن ڏي ڪيم نهار...دوست...

جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏس تون، ”احسن“ اندر الف اُچار،...دوست...

’استاد‘ بخاري

 

جنهنکي هُجي ڪجهه سُور_ اسان سان سُور سَلي سو!

سوريءَ اُڏو مُرڪي بيٺو، مرد هجي منصور،

اسان سان سُور سَلي سو!

زور اڳيان شهزور هجي جو، منت اڳيان مجبور،

اسان سان سُور سَلي سو!

محتاجيءَ جي جاڙ جيئڻ کان، موت ڪري منظور،

اسان سان سُور سَلي سو!

حسن پرستي، فاقه مستي، ۾ جو هجي مخمور،

اسان سان سُور سَلي سو!

ياري لائڻ توڙ نڀائڻ، شاهي شان شعور،

اسان سان سُور سَلي سو!

عشق بنا ”استاد“ انڌارو، نينهنَ مڃي جو نُور،

اسان سان سُور سَلي سو!

”وفا“ ناٿن شاهي

 

پلپل تُنهنجا پُور پون ٿا، دم دم تُنهنجون وايون يار؛

اکڙين ۾ آکيرو تُنهنجو، جيءَ ۾ تنهنجون جايون يار؛

پلپل تُنهنجا پُور پون ٿا،

قسمت کي منظور اِئين هو، تنهنجون منهنجون جدايون يار؛

پلپل تُنهنجا پُور پون ٿا،

تون ته وڃڻ لاءِ وئين ۽ تُنهنجون يادون موٽي آيون يار،

پلپل تُنهنجا پُور پون ٿا،

اڱڻ ”وفا“ جي نيٺ ته ايندين، ٿينديون سڀ سَڻايون يار،

پلپل تُنهنجا پُور پون ٿا،

”آثم“ ناٿن شاهي

 

رڙهندي آئي رات، تون نه اڃا آئين پِرين!

ٽارين کي ڳَهڻا وڌا، نَچِي نَچي برسات_

تون نه اڃا آئين پِرين!

لاٽ اُجهاڻي واءَ تي، پرهه ڦُٽي پرڀات_

تون نه اڃا آئين پِرين!

تنهنجي لاءِ لُڇي پئي پلپل، مون وٽ تنهنجي تات_

تون نه اڃا آئين پِرين!

”راز“ ناٿن شاهي

 

پنهنجي پاسي تاڻي ويٺو،

منهنجي ساهه جي ڏوري،

ڪير ته آهي.......

آڌيءَ ويلي زخمي کيتن،

منهنجن کي ڏئي لوري،

ڪير ته آهي.......

ويڻا چوري، من تڙپائي،

ننڊ ڪري ويو چوري،

ڪير ته آهي.......

خوابن ۾ ڀي مرڪي مرڪي،

روڪي رات سموري،

ڪير ته آهي.......

”فراق“ ناٿن شاهي

 

سچ تي سر ڏئي سرها ٿيندا، جوڌا جنگ جوان،

سچ تي سر ڏئي سرها ٿيندا...

ڪاڪ تي ڪاهي راڻا ٿيندا، مومل جا مهمان، او يار،

سچ تي سر ڏئي سرها ٿيندا...

سوريءَ کي سينگار ته سمجهي گهوٽ گهڙيا گهمسان، او يار،

سچ تي سر ڏئي سرها ٿيندا...

مَرڪي جهوليءَ ماءُ جهليندي ماريا جي ميدان، او يار،

سچ تي سر ڏئي سرها ٿيندا...

”خالدي“ ٺٽوي

منهنجو توسان ڪم، او جاني!

منهنجو توسان ڪم،

ڌار نه ٿي هڪ دم.

Text Box: 58

 

ڌار نه ٿي هڪ دم، او جاني!

 

منهنجو توسان ڪم،

ڌار نه ٿي هڪ دم.

اکيون تولي نم، او جاني!

منهنجو توسان ڪم،

ڌار نه ٿي هڪ دم.

ماري تنهنجو غم، او جاني!

منهنجو توسان ڪم،

ڌار نه ٿي هڪ دم.

گيت

شيخ ”اياز“

 

مون وٽ ڪيئي گيت گگن جا،

پنڇي بَن جا،

سانگ سُپن جا!

پر اي وَڍّ_ وهاٽيل سَرتِي!

گهايل ڌَرتي!

توکي پَرتي،

منهنجي ڪَوتا، جاپَ جُڳن جا،

اڻ_ ڳاتل آلاپَ جُڳن جا،

شال ڌئان مان پاپَ جُڳن جا،

جَنَ گَنَ مَنَ جا،

جَنَ گَنَ مَنَ جا!

لطف الله بدوي

ڪو ته ڪريون ويچار!

پريم جو پائي هار، جوت جاڳائي ممتا مار،

منش، منش کي کائي ويٺو، چوڏس اَنڌڪار،

ساڌن ۾ ڪو رس نه آهي، پاڻ آهي بيزار،

راجا وٽ ڦرمار......

ڦول تي ڀوُنر ڦيرا ڏئي ٿو، رنگ تي اُن جي ريجهه،

ڪنول ڪوماڻو ڀوُنري جي ڪا، وري نه آ گونجار،

ڪوڙو آ سنسار......

هردي ۾ آ جنهن جي هر دم، ڪام، ڪروڌ ۽ ڪوڙ،

اُن ۾ ڪهڙي آشا رکجي، دوکو آهي پيار،

لنو بنا للڪار......

نيڻ نه جنهن جا روئي ڄاڻن، مايا اُن جي آڳ،

آڳ جي اندر ڪين لنگهي وڃ، ساڙڻ اُن جي ڪار،

جيءُ نه وجهه جنجار......

جنهن ڪويءَ جي ڪوتا اندر، آتم رس جو ڪالُ،

اُن جو شيشو سمجهي وڻجين، ماڻڪ کي ڪر ڌار،

جي آهين وڻجار......

آءُ ته ساٿي ڳوليون ويهي، ڀرم جي ڪائي واٽ،

جڳ دُکي آ آٿت گهرجي، اُن جو ٿي آڌار،

ڪو ته ڪريون ويچار......

”عارف المولا“

ملهار

اڄ ڳايو مورَ ملهار.

ڪُوڪو ڪوئل جي سُڻ ڪيفي، تاڙي ڪئي ته تنوارا...

مِينهَنِ جي مُند آئي موٽي، جرجهنگ ٿيو جنسار،

هِيرَ وٺي جي وري ٿڌيري ٿَرَ بر ٿيا ٿڌڪار.

ڪاروين ڪجليون ڪڪريون آيون نيليون ٿيون نروار،

اُتران ڏکڻان اولهه اوڀر ڪڙڪڙ ڪارونڀار.

ڪڻ ڪڻ ٽڻ_ ٽڻ ٽم_ ٽم، ڇم ڇم، ڇوهن جا ڇڇڪار،

گگ_ گگ ڌڌ _ ڌڌ، ڌڌڪا لايا اگوڙين جي گجگار.

ساوا گاهه گَسن تي ٿيڙا سونهن ڪئي سنسار،

ڳم ڳنڍير ڳمولا ڳانا گولاڙن گلڪار.

لاڻا لنب لُلر لاکيڻا لوهيڙا ۽ ليار،

ڦُٽڙا ڦوهه ڏئئ ڦڙتيءَ سان ڦڙڦڙ ڪن ڦڙڪار.

مَکڻيون موٺَ منگها مانڌاڻا مُرٽ مٺا موچار،

کِهُه کُنڀيُن کِيرولي سانئين جا ٿيا سهنج سُڪار.

خوش ٿي مال ڇٻيلا ڇوڙن مهل مِٺيءَ ميهار،

ڪاريون ڪُنڍيون ڀُوريون ڀيٺيون چونريون ڌونريون ڌار.

ٻهڳڻ ٻاڻ هڻن ٻک پائن ٻُوريون ڪن ٻڪرار،

ڊريون ڪاموريون ۽ ڪُريون ڪاڇيلين ڪڏڇار.

هڪ جيڏيون سرتيون ۽ سهيليون سهسين ڪن سينگار،

ڏونرا ڏٿ وراهن، پائن پُسين جا     ڳل هار.

گهڙا کڻي ڏس گهيڙ تي هليون چوڙيليون چوڌار،

چنبا چنبن ۾ ڪُلهو ڪلهي سان ڪونجن جي ته قطار.

گڏجي گيت خوشيءَ جا ڳائن جوان ٻُڍا ۽ ٻار،

 

ڏک ڏولاوا ڏور ڪيا سڀ ڏيهه منجهان ڏاتار.

پاڪستان سڄو ٿيو سائو سنڌ ڪيا سينگار،

عالم ٿيو آباد مهاجر ۽ خوش ٿيا انصار،

”عارف“ احمد ڄام جي صدقي ٿيڙا سهنج سڪار،

’شاهنواز‘ پڙهو شڪرانا يارو گڏ يڪيار،

ادا، اڄ ڳايو مورَ ملهارا......

”استاد“ بخاري

دنيا

ڪوريئڙي جي ڄار، هي دنيا، ڪوريئڙي جي ڄار!

جيڪو اُڏري سو ٿو ڦاسي،

تڪڙو اڏري تڪڙو ڦاسي،

جيڏو ڦٿڪي تيڏو ڦاسي،

ڪوريئڙي جي ڄار، هي دنيا، ڪوريئڙي جي ڄار!

اونهِي ڪاري غار، يه دنيا، اونهِي ڪاري غار!

لقمان، اڪبر، دارا سڀ گُم،

رستم، طارق، گاما، سڀ گُم،

مومل، شيرين، ليليٰ، سڀ گُم،

اونهِي ڪاري غار، هي دنيا، اونهِي ڪاري غار!

گِدري واري ڦار، هي دنيا، گِدري واري ڦار!

اڻ کُٽ گهُرجون، ٿوري دنيا،

وڌندڙ بَستيون، سوڙهي دنيا،

آربين آدم هڪڙي دنيا،

گِدري واري ڦار، هي دنيا، گِدري واري ڦار!

کُوهاڏي تي نار، هي دنيا، کُوهاڏي تي نار!

هڪڙا ڇَٽجن ٻيا پيا لُڻجن،

لوٽا، اِرڙيون ٻيا ٻيا ٻڌجن،

ساڳيا پِڙ پر جوڳون مَٽجن،

کُوهاڏي تي نار، هي دنيا، کُوهاڏي تي نار!

ماکيءَ جي آ لار، هي دنيا، ماکيءَ جي آ لار!

مکين وانگر ميڙيون چونڊيون،

سَرديون، گرميون، لوچون لوڙيون،

دونهون.... ڀون ڀون.... بيوس اڏريون،

ماکيءَ جي آ لار، هي دنيا، ماکيءَ جي آ لار!

آه عجب اسرار، هي دنيا، آه عجب اسرار!

آئي ڪٿان ۽ ڪيڏي ويندي،

ڇا مان ٿي آ ۽ ڇا ٿيندي،

”استاد، آهي عبرت ڏيندي،

دنيا جي هر ڪار، هي دنيا آه عجب اسرار!

”دادا“ سنڌي

جوڀن ڏينهڙا چار!

 

جوڀن ڏينهڙا چار، او سائين، جوڀن ڏينهڙا چار!

هت نه رهندين آخر ويندين،

ناز ۽ نخرا ساڻ نه نيندين،

گوليءَ ساڻ گذار، او سائين، جوڀن ڏينهڙا چار!

گلڙا مهڪن، چيها چهڪن،

Text Box: 64

قمريون ڪوئل قـﮧ قـﮧ قـﮧ ڪن،

 

آئي آهي بهار، او سائين، جوڀن ڏينهڙا چار!

رات ڀني ۽ بادل برسيا،

وڇڙيل مارو نيٺ ته مليا،

وه وا مينگهه ملهار، او سائين، جوڀن ڏينهڙا چار!

لوڪ گيت

شيخ ”اياز“

انبڙيون ڳول نه ڇورا،

ڏينهن تتي ۾!

ڄيٺ_ ٻه پهرِي،

ٽارِ ٽارِ آ ڳوري ڳهري،

ڪانڀ ڪانڀ کي ڦول نه ڇورا،

ڏينهن تتي ۾!

انبڙيون ڳول نه ڇورا،

ڏينهن تتي ۾!

ساوَڻَ _ وَسَ ۾،

انبّ انبّ آ ايندو رَسَ ۾،

مُند ماسَ بِن مولُ نه ڇورا،

ڏينهن تتي ۾!

انبڙيون ڳول نه ڇورا،

ڏينهن تتي ۾!

”نياز“ همايوني

 

ڍوليا...!

ساهه کي ويا ايئن سُور وٺي، ڄڻ چنڊ گرهڻ ڙي ڍوليا!

هاءِ، اسان جي جندڙي ٿي وئي، پنڊ_ پَهڻ ڙي ڍوليا!

ساٿ نه تنهنجو رهيوته ڇا جي هيج ته ڇا جا هيئا،

آس نه ڪائي هجي ته ڪنهن لئي دَر ۾ پايون ليئا:

راس نه آيو روح کي توريءَ ڏيهه ڏسڻ ڙي ڍوليا!

هاءِ اسان جي جندڙي ..........!

کام اندر ۾، چپ تي سوٽي، حال جنين جا ههڙا!

ڏاڍ_ ڌڻي سي توسان ويهي سينا ساهن ڪهڙا:

راهه گناهه ڇڏي ڏي تن سان هام هڻڻ ڙي ڍوليا!

هاءِ اسان جي جندڙي ..........!

شام جو ڪنهن گهر ڏيئو ٿي جرڪين، ڪنهن گهر ڪرين اونداهي،

ڪنهن لئي تو وٽ جيءَ ۾ جايون، ڪنهن لئه کوٽيل کاهي:

ڇاهه اهو کٽراڳ ته سڀ ڪجهه باب بڻڻ ڙي ڍوليا!

هاءِ اسان جي جندڙي ..........!

گهمين ته بادل گهور ٿي توتان، کلين ته بجلي ڇرڪ ڀري،

اچين ته سڀ جون اکيون ٺرن، جي وڃي ته سڀ جو هانءُ ڏري:

اسان مڃيو سي وهه واهه تنهنجا رعب رکڻ ڙي ڍوليا!

هاءِ اسان جي جندڙي ..........!

جهُڪين ته ٽاري ڏاڙهونءَ جي ڪَر کڻي ته هرڻي هِرکي،

تڪين ته تارا پاڻ لڪائن، لڪين ته مکڙي گل ٿئي:

روح ٿيو رابيل ڏسي هيءَ راند رمڻ ڙي ڍوليا!

هاءِ اسان جي جندڙي ..........!

ڪجل اکين ۾، مساڳ چپن تي، ميندي هٿن ۽ پيرن تي،

وار کُنڊيريل ڇاتيءَ تي ۽ سُرمي جو تِر ڳل تي:

ڪهڙي جادوگر کان سکئين سَو ڀيد ڪرڻ ڙي ڍوليا

هاءِ اسان جي جندڙي ..........!

اسان ڇڏياسي ڀنور جان ڀيرا، ڪوريئڙي جان تانيون،

مڻيو مڻيو ڪري، ڇني ڇڏيون سين، ڳڻتين جون سڀ ڳانيون:

پاڻ ئي آهيون ماڳ ته ڇا جا پنڌ پُڇڻ ڙي ڍوليا!

هاءِ اسان جي جندڙي ..........!

”تنوير“ عباسي

ڪنهن جا ڪنهن جا لڙ اُگهان!

ڪنهن جا ڪنهن جا لُڙڪ اُگهان؟

هر ڪنهن جي اک آهي آلي!

اهڙي ڪابه نه دل سنڀران،

جيڪا آ دردن کان خالي!

هر ڪو هانءُ چپيل چيڀاٽيل،

Text Box: 68

هرڪو روح ٻُٽيل ٻوساٽيل،

 

سُک جو نڪري، سج ڪٿان:

چئني پاسي آهي جهُڙيالي!

ڪڏهن نه دل جي باهه وساڻي،

سينو سينو آ سانداڻي،

ڀڙڪي ڀڙڪي باهه منجهان:

سَر جي پيئي سوچ نرالي!

سهندي سهندي سامت ايندي،

ڏکندي ڏکندي ڏاهپ ٿيندي،

اُٿندو اهڙو ڪو طوفان:

ولها ٿيندا وارث والي!

دل دل قطرو، دل دل قلزم،

اک اک شعلو، اک اک شبنم.

جرڪي پيئي، جمال منجهان:

جوت جلالي، جوت جلالي!

ڪنهن جا ڪنهن جا لُڙڪ اُگهان،

هر ڪنهن جي اک آهي آلي!

نظم

”خواب“ حيدرآبادي

رفيق_ حيات

دامنِ بحرِ سخن مان چونڊ موتي آبدار،

ڪر وڃي عورت جي مٺڙي نام تان ماڻڪ نثار!

عصمت و عفّت جي ديوي نيڪ فطرت نامدار،

پاڪ داماني سندس عالم ۾ آهي آشڪار،

جنهن نپايو خون پنهنجي سان عروس_ دهر کي،

گلشن_ عالم کي رسيو تنهن منجهان رنگ_ بهار.

پهرين پهرين پير جنهن جا زينت_ جنت بڻيا،

جنهن جي قدمن سڀ لتاڙيا جنتن جا رهگذار.

نرگسي نوخيز نيڻن ۾ بهارون ٿيون نچن،

پَئي ڪري ڄڻ رقص سنڌوءَ ۾ ستارن جي قطار.

نرگسي نوخيز نيڻن ۾ نچن ٿيون پُتليون،

ڄڻ ته آکاڙي ۾ اِندر جي پَرين کي ٿي پڪار.

ناز ۽ انداز، شوخي، پڻ شرارت، دل ڪشي،

ڪيئن نه هڪ تصوير ۾ صانع چِٽيا نقشا هزار.

زندگيءَ جون تلخيون هڪ مُرڪ سان مٽجيو وڃن،

صنعت_ صانع، لب_ لعلين مان آهي آشڪار.

ابروئي محراب، جنهن جي لاءِ لک سجدا سڪن،

ٿي ويا تن جي اشاري ساڻ ڪافر ديندار.

Text Box: 70

رشڪِ_ جنت رحمتن جو گهر انهيءَ کي ٿا چون،

 

جنهن کي هوءَ چاهي بنائي تنهن کي پنهنجو شهر يار.

فلسفو، علم و تمدن، جنهنجي جُهوليءَ ۾ جُهليو،

جنهن جي لولين مان زبان دانن ڪيون لغتون تيار.

هڪ طرف غالب، طرف ٻئي آيو سعديءَ جو سخن،

ڪيف ڪٿ حافظ جو، ڪٿ خيام جو آهي خمار.

هر اشارو جنهن جو فردوسيءَ جي آهي مثنوي،

هر ادا جنهن جي نياري، انوريءَ جو يادگار.

سوز جو آهي سچل جو، صاف ساميءَ جو سلوڪ،

شاهه جي حسن_ بيان ۾ تَنهنجي عظمت جو شمار.

جنهن جي آمد نظم چئجي، ۽ وڃڻ کي مرثيو،

گفتگو ڄڻ شاعريءَ جو بحر آهي بيڪنار.

روح روحل، جان وارث، ۽ زبان بيدل سندي،

بيڪس و باهوءَ جي هر تخليق ۾ تنهنجي تنوار.

منهنجي فرسوده خيالي، ڏورون، ڏوهيڙا، ۽ بيت،

ان جي جدّت آهه سعديءَ جي گلستان جي بهار.

جنهن جي ڪاوڙ ۾ نهان، طوفان، باران، برق و شور،

طنز جنهن جي حالي و اڪبر جي آهي يادگار.

”خواب“ کي تنهنجي بدولت شاعري ويئي وٺي،

شعر جي دنيا سڄي آهي، سندس منت گذار.

 

عبدالڪريم ”گدائي“

نذر_ عقيدت

تنهنجي تربت کي ڪري سنڌ ٿي سؤ وار سلام،

مارئي، تون ته اُها ديس جي دولت آهين:

تنهنجي ست سِيل اڳيان زور عمر جو نه هليو،

سيلونتي، تون وطن_ سنڌ جي غيرت آهين!

 

تو اباڻن جي کٿيءَ کي نه لڳايو ليڪو،

لڄّ لوئيءَ جي رکڻ لاءِ تو سينگار سٽيا؛

سنڌ جي نياڻي، سدا توکي هجي جس، رحمت،

سون چانديءَ جي عوض تونه مگر سيڻ مَٽيا.

 

تو اباڻن جي محبت ۾ ڪڙا قيد سَٺا،

سيلونتي، تو مگر عصمت و غيرت نه وِڪي:

توکي موهي نه سگهي سون رُپي جي لالچ،

عزم تنهنجي جي اڳيان نيٺ ويو ظلم جهُڪِي!

 

ڏاڍ، ڏاڍي جو پشيمان ٿيو تنهنجي آڏو،

زور ظالم جو ڀڃي تو ڪيو ڀورا ڀورا:

پنهنجي عزتّ جي حفاظت ۾ ڪڙا ڪوٽ ڀڃي،

ڀيڻ مٺڙي، تو ڪيا ديس تي سهسين ٿورا!

 

قيد ۽ بند ڪَٽي ڪاٺ ڪڙولن کي ڀڃي،

پنهنجي ساڻيهه جو سومانُ بچائي آئينءَ:

منهنجي ادڙي، مان سندءِ نانوَ تي قربان وڃان،

لڄ لوئيءَ جي رکي، ماڳ ملهائي آئينءَ!

 

مارئي، شال تون جنّت جي هندورن ۾ لُڏين!

لوڙهه تنهنجو آ سندم ديس جي غيرت جو نشان.

شال سنڌي به اهو سڱ سڃاڻن پنهنجو،

ڀالوا جون هي ڀٽون شال ٿين رشڪ جَنان!

 

پنهنجي ساڻيهه جي سَت سيل ۽ عظمت جي امين!

داستان تنهنجو سڄو حبَ وطن جو حامل.

تنهنجي هن قبر جي مٽيءَ جي مهابي، صدقي،

شال اڄ سنڌ جون نياڻيون به سبق ڪن حاصل!


·  گگن _ آسمان، فلڪ، سُپن _ سپنو، خواب. جاپ _ جپئڻ مان اسم آهي، جيئن مالها جپڻ وغيره، جَنَ _ ڄڻو، فرد، انسانذات. گَن _ ميڙ، انبوهه، هجوم.

*  ماس_ مهينو (سنڌيءَ ۾ ’مهينو ماس‘ مرڪب لڀظ مستعمل آهي. مول_ ملهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com